سماجي لسانيات

سماجي لسانيات: هيءَ لسانيات جي علم جي هڪ شاخ آهي، جنهن ۾ سماج ۽ لسانيات جو ترتيبوار مطالعو ڪيو وڃي ٿو. ٻوليءَ جي علم جي هن شاخ ۾ سماج ۽ ٻوليءَ جي لاڳاپي متعلق مطالعو ڪري ماڻهن جي هڪٻئي سان رابطن، روين، اثرن ۽ انهن جي پيش نظر پيدا ٿيندڙ باهمي عمل ۽ سمجهه کي پرکيو وڃي ٿو. لسانيات جي علم ۾ سماجياتي پهلوءَ تي سڀ کان پهريائين هندستان ۽ جپان جي لسانياتي ماهرن 1930ع ڌاري لکيو ۽ سماجي لسانيات کي جديد علم طور پڙهائڻ طرف ڌيان ڇڪرايو، جڏهن تہ سوئٽزرلينڊ جي هڪ لسانياتي ماهر Gauchat 1900ع ۾ سماجي لسانيات متعلق پنھنجي لکڻين ۾ اظهار ڪيو، پر ان دوران يورپ توڙي ٻين هنڌن تي هن مضمون ڏانهن ڪو خاص ڌيان نہ ڏنو ويو. هن اصطلاح جو پهريون ڀيرو استعمال Thomas Callan Hodson پنھنجي تحقيقي مقالي ۾ ڪيو، جيڪو 1939ع ڌاري پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ سماجي لسانيات اصطلاح Cursi نالي ماهر 1952ع ۾ ڪتب آندو. هن شاخ ذريعي مختلف سماجن مان ڌنڌي، مقام، تعليمي معيار، الڳ جنس، جاگرافيائي ۽ سماجي واسطن بابت لسانياتي شاهديون گڏ ڪري، انهن ۾ ٻوليءَ جي استعمال ۽ ٻوليءَ مٿان ٿيندڙ اثرن جو مطالعو ڪرڻ وارو مقصد رکيو ويو. اوڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ڌاري لسانياتي ماهر هرلز سماجي لسانيات متعلق پنهنجا ويچار پيش ڪيا.
سماجي لسانيات جو باني وليم لابوف کي مڃيو وڃي ٿو، جنهن 1960ع ڌاري عملي طور سماجي لسانيات متعلق سائنسي انداز سان تحقيق ڪئي ۽ نتيجا سامهون آندا. هن آمريڪا جي وڏن ڊپارٽيمينٽل اسٽورن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن توڙي انهن جي واهپي سان منسلڪ گراهڪن پاران ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جي لهجاتي ڦيرڦار جو مطالعو ڪري، سماجي سبب معلوم ڪيا. هن ڄاڻايو تہ دراصل ٻوليءَ جي ڦيرڦار يا هڪ ئي نسل توڙي قبيلي ۽ ساڳئي هنڌ تي رهندڙ ماڻهن جي ڳالهائڻ ۾ تبديليءَ جا سبب سماجي تعليمي، طبقاتي، عمر، ڌنڌن جي نسبت ۽ ڌار جنس هئڻ جي ڪري بہ پيدا ٿيندا آهن.
سماجي لسانيات کي ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ جيتوڻيڪ ڪو گهڻو مقام ڪونه ڏنو ويو، پر 1960ع جي زماني کانپوءِ سماجي لسانيات کي ’علم اللسان‘ جي مضمون ۾ مکيہ اهميت ملي. سماجي لسانيات تي گهڻو تڻو ڪم 1968ع کان 1986ع واري عرصي ۾ ٿيو آهي.
لسانياتي علم ۾ ٻوليءَ جي لهجن، محاورن بابت تحقيق ڪرڻ، ڪلچر، لفظن جي معنويت کي درست نموني سمجهڻ جھڙا مکيہ پهلو سماجي لسانيات جا جزا آهن، جن تي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ جي ڊگهي روايت ملي ٿي، تڏهن بہ هن علم کي ڌار مکيہ مضمون جي حيثيت ويجهڙائيءَ واري دور ۾ ملي آهي.
ٻولي ڇاڪاڻ تہ سماجي حالتن ۽ سماجي طور گڏيل معاملن بابت آگاهيءَ جو اهم ذريعو آهي، تنهنڪري ان جي وسيع علم ۾ ٻين پهلوئن سان گڏ سماجي لسانيات جي اهميت بہ مکيہ حيثيت لهڻي ٿي.
سماجي لسانيات جي آڌار ڪنهن ٻوليءَ جي گرامر، صوتيات، اچارن جي فرق، لفظي ذخيري، لهجاتي خصلت وغيرہ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. ٻوليءَ جي سماجي ڪارج کي سمجهڻ ۽ سماجي ڪاروهنوار دوران ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ خصوصيتن ۽ ضرورتن کي سماجي لسانيات جي ذريعي ئي حل ڪيو وڃي ٿو. سماجي لسانيات متعلق جديد لسانيات جي علم ۾ ڪافي اڳڀرايون ٿيون آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پهرين هن موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڊاڪٽر الھداد ٻوهيي ڪئي ۽ ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ نالي مقالو لکي ڊگري حاصل ڪئي. ان کانسواءِ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي پڻ هن مضمون ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جي حيدرآباد ۽ هالا جي لهجن ۾ فرق‘ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي.
دنيا ۾ هن علم متعلق ڪيتري ئي تحقيق ٿي آهي. سماجي لسانيات جو دائرو ٻوليءَ ۽ سماج جي ڳانڍاپي ۽ ان جي استعمال جي صورتن تائين پکڙيل آهي.


لفظ سماجي لسانياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو