سماٽ

سماٽ: سنڌ جي اصلي سنڌي قبيلن کي سماٽ چوندا آهن. کين سماٽ ۽ ڄاموٽ چيو وڃي ٿو. سماٽ لفظ سنسڪرت ۾ ’سماتر‘ آهي، جنهن جو مفهوم آهي، اصل رهاڪو، جيڪو اشارو ڪري ٿو. سنڌ جي سنڌي ماڻهن ڏانهن، جيڪي هن سر زمين جا اصل ڄاوا (سَمُ) آهن، پوءِ اهي سنڌ ڄاوا مسلم هجن يا غير مسلم ڇو نه هجن. آڳاٽي وقت ۾ سنڌ ملڪ جون حدون تمام وسيع هيون، جيڪي ديري غازي خان، ملتان، ڪڇ ڀڄ، ڪاٺياواڙ، جهوناڳڙهه، سورٺيا، لسٻيلي ۽ مڪران تائين پکڙيل هيون، انهن حدن اندر سنڌي ماڻهو رهندڙ هئا، اهي سڀ ’سماٽ‘ سڏجن ٿا. اهي هتان لڏي ويا، وري ڪجهه سالن کانپوءِ انهن جا پونئير واپس اچي سنڌ ۾ ويٺا ته به اهي پاڻ کي ’سماٽ‘ ڪوٺائين ٿا. اهڙيءَ ريت ٻين علائقن جا ماڻهو، قبيلا يا ذاتيون، جن کي سنڌ ۾ رهندي صديون گذري ويون آهن، سي به چون ٿا ته اسان ’سماٽ‘ آهيون ۽ سماٽ اهي ئي آهن، جيڪي بنيادي طور سنڌ ڄاوا آهن، جن ۾ صرف سنڌي شامل آهن. سماٽ، اصل ۾ سمي جو اولاد آهي، جيڪي پوءِ مختلف ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهائجي ويا. سما قبيلو اصل ۾ سنڌ جو قبيلو آهي، جنهن جي هڪ جداگانه حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي. سما، سنڌ جا حڪمران رهيا آهن، جن ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي حڪمرانيءَ وارو دور سنڌ لاءِ بهترين دور هو. ان کانسواءِ مخدوم بلاول، جيڪو سنڌ جو هڪ ناليوارو بزرگ ٿي گذريو آهي، سو پڻ سمو هو. اهڙيءَ طرح اڳتي هلي جڏهن هي قبيلو وڌيو، ٽڙيو پکڙيو ته ان جي ذاتين، قبيلن ۽ پاڙن ۾ ورهاست ٿي، پر سڀني گروهن کي مجموعي طـور ’سـماٽ‘ جو گڏيل نالو ڏنو ويو. سمـي جي اولاد مان انڙ جـي اهـا دعويٰ آهي ته سماٽ جا اصل وارث اسيـن آهيون ۽ انڙ پنهنجي پاڻ کي ڄـام پـڻ سـڏائيـن ٿا. اهـڙيـون ڪجهه سگهڙن جون چوڻيون پڻ مشهـور آهن: ڦل مناهي ٻه ڄڻا انڙ اٺاويهه، ڪو پڇي ته سمڪا گهر ٽيهه، ٻارهن ٻاري ڌڻي، ارڙهن آهن آهير، ٻارهن مان به چار چند، اٺ ٿيا اهڙا سنڌ سمو، ڪڇ ڇنو، ڀاٽي جيسلمير، چوٿون ڀائي چغدو، جنهن جو پيڙهيءَ مٿي پير. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت‘ (ص: 172) ۾ لکيو آهي ته: ”سنڌ سمون، اُڀي ڀاٽي، جيسلمير، چوٿون ڀاءُ چندو چون، جنهن جو پيڙيءَ پير.“


لفظ سماٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو