سما (ذات): سما سنڌ جو پراڻو قبيلو آهن. ’سما‘ سورج ونسي توڙي چندر ونسي آهن. 1333ع کان 1520ع تائين سنڌ تي سمن جي حڪمراني رهي.
عام راءِ موجب ’سما‘ راجپوتن مان آهن، هنن جي مؤرثِ اعليٰ جو نالو سرمان چندر هو، جنهن جي پُٽ جو نالو جوڙچندر هو. هي ’شري ڪرشن‘ جي اولاد مان هئا ۽ ’دوارڪا‘ کان هجرت ڪري بلوچستان ۾ آيا. راجا سرمان جو اولاد سما ۽ راجا جوڙ جو اولاد جاڙيجا سڏيو. اڳتي هلي هنن جون ٻه شاخون ٿيون، هنن مان ڪن حڪمرانيءَ دوران ’ڄام جاڙا‘ يا ’سما‘ ۽ جهوناڳڙهه وارن ’جوڙ سما‘ سڏرائڻ شروع ڪيو.
سنڌ ۾ سما خاندان جو بنياد راجا انڙ وڌو. هن راجا کانپوءِ به سندس پيڙهي 1520ع تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي. هن خاندان جي آخري حڪمران جو نالو ڄام فيروز سمو هو، جيڪو سما قبيلي جو پندرهون حڪمران هو. 1333ع ڌاري سما خاندان پنهنجي حڪومت برپا ڪئي ۽ سندن دور ٻه صديون هليو.
هڪ راءِ اها به آهي ته سما عرب جي قريشي قبيلي مان آهن. ’آئينه قديم سنڌ‘ ۾ لکيل آهي ته حضرت اسماعيل جي نياڻيءَ (بشامه) مان هڪ پٽ ’رعوايل‘ هو، جنهن کي چار پٽ نحت، زراح، مزه ۽ سمه نالي هئا. سما ان ’سمي‘ جو اولاد آهن. اهو قبيلو سنڌ، پنجاب، ڪڇ، جيسلمير، جوڌپور ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ هو.
ٽين راءِ موجب سما، ’سام‘ جو اولاد آهن ۽ انهن جو واسطو حضرت نوح نبيءَ سان آهي.
’تحفة الڪرام‘ جي مصنف، سام جا چار پٽ رام، سنگا، همسر ۽ ڀاگرت لکيا آهن، جن مان ’سما‘ قوم آهي. عربي تاريخ سبائيڪ ذهب ۾ لکيل آهي ته ’سام‘ کي پنج پٽ اشور، الام، ارم، لاند ۽ افرخشاد هئا، جن مان ’سما‘ آهن. ’سما‘ خاندان جو سرواڻ ڄام جوڻو هو.
راجپوت هجڻ جي باوجود ڪي سما پنهنجي پاڻ کي ايران جي بادشاهه جمشيد جو اولاد سڏائين ٿا.