بخارا ۽ سمرقند جي منگولن جي هڪ شاندار طرز تعمير جو ڏيک

بخارا ۽ سمرقند جي منگولن جي هڪ شاندار طرز تعمير جو ڏيک

سمرقند

سمرقند: وچ ايشيا ۾ موجود هڪ قديم شهر، جيڪو ازبڪستان جي صوبي اوبلاسٽ (Oblast) ۾ واقع آهي. هن شهر کي ازبڪستان جي انتظامي مرڪز طور تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. چوٿين صدي ق. م کانپوءِ هيءُ شهر مرڪانڊا (Marcanda) نالي سان سوگديانا جي راڄڌاني طور مشهور هو. 329 صديءَ ڌاري سڪندراعظم هن شهر کي فتح ڪيو، ڇهين صديءَ ۾ هيءُ شهر وچ ايشيا جي ترڪن جي حڪومت هيٺ رهيو. اٺين صديءَ ۾ عرب، نائين صديءَ کان ڏهين صديءَ تائين ساماني ۽ يارهين کان تيرهين صديءَ دوران ترڪ هن شهر تي قابض رهيا. تيرهين صديءَ ۾ خوازم سلطنت ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ 1220ع ۾ منگول چنگيز خان هن شهر کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو هو. 1365ع ۾ هيءُ شهر منگول حاڪمن سان بغاوت جو مرڪز بڻيو. 14-13 صديءَ عيسويءَ ۾ سمرقند شهر تيمور (Tamerlane) جي سلطنت جي راڄڌانيءَ طور سامهون آيو. تيمور جي دور ۾ هن شهر کي وچ ايشيا جي اقتصادي ۽ ثقافتي مرڪز جي حيثيت حاصل ٿي. 1500ع ۾ ازبڪ سمرقند کي فتح ڪري خانات، بخارا جو حصو بڻايو. ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ هي شهر زوال پذير ٿيو. 1720ع کان 1770ع دوران هي شهر مڪمل طور غير آباد رهيو. 1887ع ۾ روسي سلطنت جي قيام دوران صوبائي راڄڌاني ۽ ريلوي نظام جي مرڪز طور اڀريو، جنهن سان هن شهر جو مالي استحڪام ٻيهر بحال ٿيو. 1924ع کان 1930ع تائين ازبڪ سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي راڄڌاني ۽ ان کانپوءِ 1938ع ۾ ازبڪستان جي صوبي اوبلاست ۾ انتظامي مرڪز پڻ رهي چڪو آهي.
هن پراڻي شهر ۾ عوام جي تفريح لاءِ ريگستان اسڪوائر قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ تيمور جي پوٽي الغ بيگ (Ulaugh beg) ڪيترا اسلامي درسگاهه ۽ مدرسا تعمير ڪرايا. 1619ع کان 1635ع تائين شيرڌر ۽ سترهينءَ صديءَ جي اڌ ڌاري تلڪاري ريگستاني اسڪوائر تي ٽن هنڌن تان سرحدون ڏئي اسڪوائر کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. سمرقند ۾ پندرهينءَ کان سترهين صديءَ تائين جا ٻيا به ڪيترائي مقبرا، مدرسا ۽ مسجدون آهن، پر انهن جي ساخت ۽ بناوت تيمور جي دور ۾ تعمير ٿيل عمارتن جهڙي ڪانهي.
سمرقند ۾ موجود قديم يادگار عمارتن ۾ عاليشان وڏا دروازا، ماربل، سون، رنگا رنگي شيشي ۽ پٿر جي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن سان ٺاهيل چٽ، چمڪدار ڌاتوئي رنگن سان سينگاريل ظاهري نقش ۽ بي تحاشا رنگن جي امتزاج ۽ مختلف ڊزائينن جا تيار ڪيل گنبذ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. روسي دور حڪومت ۾ سمرقند ۾ نين عمارتن جي تعمير 1871ع کان شروع ٿي. هيءُ دور خاص ڪري سوويت يونين واري دور تائين پکڙيل هو. هن ئي دور ۾ عوامي ادارن (عمارتن)، گھرن، تفريح گاهن جو وڌ کان وڌ بنياد پيو. 1933ع ڌاري ازبڪ ۽ روسي ٿئيٽرن جو قيام ۽ زراعت، دوائن ۽ تجارت سان لاڳاپيل اعليٰ تعليمي اداري (يونيورسٽيءَ) جو قيام پڻ ٿيو. سمرقند ڪاروباري ۽ تجارتي حوالي سان قديم ۽ وچئين زماني کان هندستان ۽ چين جي وچ ۾ تجارتي شاهراهن جي سيلي ٻنهي ملڪن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو.
سمرقند شهر جو تعلق قديمي دور جي وچئين زماني سان آهي. اڻويهين صديءَ ۾روسين جي فتح کانپوءِ هيءُ شهر باقاعده تعمير ڪرايو ويو. هن شهر جي ڪل ايراضي 6،300 چورس ميلن (سورنهن هزار، چار سؤ چورس ڪلوميٽرن) تي پکڙيل آهي، جنهن جي ڏکڻ ۾ زرافشان (Zarafishan) نالي درياهه، وادي، اتر ۾ نوراٽو ۽ اڪاٽو (Nuratau & Akatu) جبل، ڏکڻ-اولهه ۾ گاهه جو وسيع ميداني علائقو ڪرنا بچل ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ زيراوشان جبل جون قطارون شامل آهن. سمرقند ۾ آڳاٽي دور ۾ قائم ڪيل شهر جا آثار اڃا چڱيءَ حالت ۾ آهن. وچئين زماني ۾ تعمير ٿيل هن شهر جي خاڪي تحت يارهين صديءَ جون گھٽيون 5 ميلن (8 ڪلوميٽرن) جي ڊگھين ڀتين ۾ 6 داخلي دروازا نصب ٿيل هئا، جيڪي هڪٻئي مان ٿيندا هڪ هنڌ وڃي مرڪوز ٿيندا هئا. روسين جي حملي وقت قديم دور جون ديوارون مڪمل طور تباهه ٿي ويون، پر وچئين زماني جي هن شهر جو خاڪو اڃا تائين محفوظ آهي، جنهن ۾ هن سموري شهر جي بناوت ڏنل آهي. ان کانسواءِ هن شهر ۾ چوڏهين کان ويهين صدي عيسويءَ تائين وچ ايشيا ۾ ٿيل بهترين فن تعمير جي شاهڪارن جا آثار موجود آهن، جن مان ڪجهه عمارتن جو تعلق ان دور سان آهي، جڏهن سمرقند تيمور جي سلطنت ۾ راڄڌانيءَ جي حيثيت رکندڙ هو. فن تعمير جي حوالي سان هڪ اسلامي تعمير تيمور جي چيني گھرواريءَ جي حڪم سان بيبي خانم نالي مسجد (1404ع- 1399ع) ۽ خود تيمور جو تمام وڏو مقبرو گؤر امير 1450ع شامل آهن. پندرهين صديءَ جي ٻئي اڌ حصي ۾ بيشمار مزارون تعمير ٿيون، جيڪي ان وقت جي آلي پلستر تي آبي رنگن جي زيبائش جو بهترين مثال آهن. هن شهر جي خوشحاليءَ کي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري مختلف سببن جي ڪري ڪافي نقصان رسيو ۽ بعد ۾ 1896ع ۾ ريلوي نظام جي قائم ٿيڻ سان هن شهر جي تجارت، درآمد ۽ برآمد ۾ اضافي ٿيڻ سان سمرقند جي خوشحاليءَ ۾ نئين سر اوسر ٿي. سمرقند جي اهم تجارتي شين ۾ مشروبات، تازو ۽ خشڪ ميوو، ڪپهه، چانور، ريشم، تماڪ جي پيداوار ۽ چمڙو وغيره شامل آهن. هن شهر جي معيشت 75 سيڪڙو زراعت سان وابسته آهي. ان کان سواءِ هيءُ شهر ٽريڪٽرن ۽ ٻين موٽر گاڏين جي مصنوعات جي صنعتڪاريءَ جو اعليٰ مرڪز آهي ۽ هتي سئنيما سان لاڳاپيل اوزار به جھجھي انداز ۾ تيار ڪيا وڃن ٿا. موجوده وقت ۾ سمرقند جو شهر واديءِ زيرافشان ۾ قائم ازبڪستان جو ٻيو وڏو شهر، تمر لين صوبي جي راڄڌاني ۽ ازبڪستان جي تجارتي مرڪز طور سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ شهر پنهنجي تاريخي حيثيت، اهميت ۽ فن تعمير جي ڪري عالمي اداري يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج جي فهرست ۾ شامل آهي، جنهن تحت هن شهر جي موروثي عمارتن ۽ روحاني قدرن جي سار سنڀال بين الاقوامي سطح تي ڪئي وڃي ٿي. عربن جي قديم قلمي نسخن ۾ هن شهر کي سائنسدانن جي سر زمين شاعرن ۽ مورخن جو مرڪز ۽ اوڀر جو روم سڏيو ويو آهي. مشهور فاتح سڪندر اعظم هن شهر جي تعريف ۾ لکيو هو ته: ”مون ٻڌو هو ته هيءُ شهر خوبصورت آهي، پر مون هرگز نه سوچيو هو ته سمرقند ايتريقدر خوبصورت ۽ شاهاڻو شهر هوندو.“ مؤرخن ۽ سياحن جي راءِ مطابق سمرقند حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي تعليمات ۽ طرز تعمير جو مرڪز رهيو آهي. شاهه لطيف هن شهر جو ذڪر وِڄن جو ذڪر ڪندي هيٺينءَ ريت ڪيو آهي:
’ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندن سار
اهو ان حوالي سان آهي جو سنڌ ۾ صوفي ازم جو گهڻو تڻو ڦهلاءُ قنڌار ۽ سمرقند کان ٿيو آهي. ان کانسواءِ سنڌ تي ارغونن ترخانن ۽ ٻين جون ڪاهون پڻ سمرقند ۽ قنڌار کان ٿيون. آڳاٽي دور ۾ سنڌ جو ڪپڙو پڻ سمرقند ۽ افغانستان ۾ وڪرو ٿيڻ لاءِ موڪليو ويندو هو.


لفظ سمرقندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو