
بخارا ۽ سمرقند جي منگولن جي هڪ شاندار طرز تعمير جو ڏيک
سمرقند: وچ ايشيا ۾ موجود هڪ قديم شهر، جيڪو ازبڪستان جي صوبي اوبلاسٽ (Oblast) ۾ واقع آهي. هن شھر کي ازبڪستان جي انتظامي مرڪز طور تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. چوٿين صدي ق. م کانپوءِ هيءُ شھر مرڪانڊا (Marcanda) نالي سان سوگديانا جي راڄڌاني طور مشھور هو. 329 صديءَ ڌاري سڪندراعظم هن شھر کي فتح ڪيو، ڇهين صديءَ ۾ هيءُ شھر وچ ايشيا جي ترڪن جي حڪومت هيٺ رهيو. اٺين صديءَ ۾ عرب، نائين صديءَ کان ڏهين صديءَ تائين ساماني ۽ يارهين کان تيرهين صديءَ دوران ترڪ هن شھر تي قابض رهيا. تيرهين صديءَ ۾ خوازم سلطنت ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ 1220ع ۾ منگول چنگيز خان هن شھر کي مڪمل تباھہ ڪري ڇڏيو هو. 1365ع ۾ هيءُ شھر منگول حاڪمن سان بغاوت جو مرڪز بڻيو. 14-13 صديءَ عيسويءَ ۾ سمرقند شھر تيمور (Tamerlane) جي سلطنت جي راڄڌانيءَ طور سامهون آيو. تيمور جي دور ۾ هن شھر کي وچ ايشيا جي اقتصادي ۽ ثقافتي مرڪز جي حيثيت حاصل ٿي. 1500ع ۾ ازبڪ سمرقند کي فتح ڪري خانات، بخارا جو حصو بڻايو. ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ هي شھر زوال پذير ٿيو. 1720ع کان 1770ع دوران هي شھر مڪمل طور غير آباد رهيو. 1887ع ۾ روسي سلطنت جي قيام دوران صوبائي راڄڌاني ۽ ريلوي نظام جي مرڪز طور اڀريو، جنهن سان هن شھر جو مالي استحڪام ٻيهر بحال ٿيو. 1924ع کان 1930ع تائين ازبڪ سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي راڄڌاني ۽ ان کانپوءِ 1938ع ۾ ازبڪستان جي صوبي اوبلاست ۾ انتظامي مرڪز پڻ رهي چڪو آهي.
هن پراڻي شھر ۾ عوام جي تفريح لاءِ ريگستان اسڪوائر قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ تيمور جي پوٽي الغ بيگ (Ulaugh beg) ڪيترا اسلامي درسگاھہ ۽ مدرسا تعمير ڪرايا. 1619ع کان 1635ع تائين شيرڌر ۽ سترهينءَ صديءَ جي اڌ ڌاري تلڪاري ريگستاني اسڪوائر تي ٽن هنڌن تان سرحدون ڏئي اسڪوائر کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. سمرقند ۾ پندرهينءَ کان سترهين صديءَ تائين جا ٻيا بہ ڪيترائي مقبرا، مدرسا ۽ مسجدون آهن، پر انهن جي ساخت ۽ بناوت تيمور جي دور ۾ تعمير ٿيل عمارتن جهڙي ڪانهي.
سمرقند ۾ موجود قديم يادگار عمارتن ۾ عاليشان وڏا دروازا، ماربل، سون، رنگا رنگي شيشي ۽ پٿر جي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن سان ٺاهيل چٽ، چمڪدار ڌاتوئي رنگن سان سينگاريل ظاهري نقش ۽ بي تحاشا رنگن جي امتزاج ۽ مختلف ڊزائينن جا تيار ڪيل گنبذ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. روسي دور حڪومت ۾ سمرقند ۾ نين عمارتن جي تعمير 1871ع کان شروع ٿي. هيءُ دور خاص ڪري سوويت يونين واري دور تائين پکڙيل هو. هن ئي دور ۾ عوامي ادارن (عمارتن)، گهرن، تفريح گاهن جو وڌ کان وڌ بنياد پيو. 1933ع ڌاري ازبڪ ۽ روسي ٿئيٽرن جو قيام ۽ زراعت، دوائن ۽ تجارت سان لاڳاپيل اعليٰ تعليمي اداري (يونيورسٽيءَ) جو قيام پڻ ٿيو. سمرقند ڪاروباري ۽ تجارتي حوالي سان قديم ۽ وچئين زماني کان هندستان ۽ چين جي وچ ۾ تجارتي شاهراهن جي سيلي ٻنهي ملڪن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو.
سمرقند شھر جو تعلق قديمي دور جي وچئين زماني سان آهي. اڻويهين صديءَ ۾روسين جي فتح کانپوءِ هيءُ شھر باقاعدہ تعمير ڪرايو ويو. هن شھر جي ڪل ايراضي 6،300 چورس ميلن (سورنهن هزار، چار سؤ چورس ڪلوميٽرن) تي پکڙيل آهي، جنهن جي ڏکڻ ۾ زرافشان (Zarafishan) نالي درياھہ، وادي، اتر ۾ نوراٽو ۽ اڪاٽو (Nuratau & Akatu) جبل، ڏکڻ-اولھہ ۾ گاھہ جو وسيع ميداني علائقو ڪرنا بچل ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ زيراوشان جبل جون قطارون شامل آهن. سمرقند ۾ آڳاٽي دور ۾ قائم ڪيل شھر جا آثار اڃا چڱيءَ حالت ۾ آهن. وچئين زماني ۾ تعمير ٿيل هن شھر جي خاڪي تحت يارهين صديءَ جون گهٽيون 5 ميلن (8 ڪلوميٽرن) جي ڊگهين ڀتين ۾ 6 داخلي دروازا نصب ٿيل هئا، جيڪي هڪٻئي مان ٿيندا هڪ هنڌ وڃي مرڪوز ٿيندا هئا. روسين جي حملي وقت قديم دور جون ديوارون مڪمل طور تباھہ ٿي ويون، پر وچئين زماني جي هن شھر جو خاڪو اڃا تائين محفوظ آهي، جنهن ۾ هن سموري شھر جي بناوت ڏنل آهي. ان کانسواءِ هن شھر ۾ چوڏهين کان ويهين صدي عيسويءَ تائين وچ ايشيا ۾ ٿيل بھترين فن تعمير جي شاهڪارن جا آثار موجود آهن، جن مان ڪجهہ عمارتن جو تعلق ان دور سان آهي، جڏهن سمرقند تيمور جي سلطنت ۾ راڄڌانيءَ جي حيثيت رکندڙ هو. فن تعمير جي حوالي سان هڪ اسلامي تعمير تيمور جي چيني گهرواريءَ جي حڪم سان بيبي خانم نالي مسجد (1404ع- 1399ع) ۽ خود تيمور جو تمام وڏو مقبرو گؤر امير 1450ع شامل آهن. پندرهين صديءَ جي ٻئي اڌ حصي ۾ بيشمار مزارون تعمير ٿيون، جيڪي ان وقت جي آلي پلستر تي آبي رنگن جي زيبائش جو بھترين مثال آهن. هن شھر جي خوشحاليءَ کي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري مختلف سببن جي ڪري ڪافي نقصان رسيو ۽ بعد ۾ 1896ع ۾ ريلوي نظام جي قائم ٿيڻ سان هن شھر جي تجارت، درآمد ۽ برآمد ۾ اضافي ٿيڻ سان سمرقند جي خوشحاليءَ ۾ نئين سر اوسر ٿي. سمرقند جي اهم تجارتي شين ۾ مشروبات، تازو ۽ خشڪ ميوو، ڪپھہ، چانور، ريشم، تماڪ جي پيداوار ۽ چمڙو وغيرہ شامل آهن. هن شھر جي معيشت 75 سيڪڙو زراعت سان وابستہ آهي. ان کان سواءِ هيءُ شھر ٽريڪٽرن ۽ ٻين موٽر گاڏين جي مصنوعات جي صنعتڪاريءَ جو اعليٰ مرڪز آهي ۽ هتي سئنيما سان لاڳاپيل اوزار بہ جهجهي انداز ۾ تيار ڪيا وڃن ٿا. موجودہ وقت ۾ سمرقند جو شھر واديءِ زيرافشان ۾ قائم ازبڪستان جو ٻيو وڏو شهر، تمر لين صوبي جي راڄڌاني ۽ ازبڪستان جي تجارتي مرڪز طور سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ شھر پنھنجي تاريخي حيثيت، اهميت ۽ فن تعمير جي ڪري عالمي اداري يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج جي فهرست ۾ شامل آهي، جنهن تحت هن شھر جي موروثي عمارتن ۽ روحاني قدرن جي سار سنڀال بين الاقوامي سطح تي ڪئي وڃي ٿي. عربن جي قديم قلمي نسخن ۾ هن شھر کي سائنسدانن جي سر زمين شاعرن ۽ مورخن جو مرڪز ۽ اوڀر جو روم سڏيو ويو آهي. مشھور فاتح سڪندر اعظم هن شھر جي تعريف ۾ لکيو هو تہ: ”مون ٻڌو هو تہ هيءُ شھر خوبصورت آهي، پر مون هرگز نہ سوچيو هو تہ سمرقند ايتريقدر خوبصورت ۽ شاهاڻو شھر هوندو.“ مؤرخن ۽ سياحن جي راءِ مطابق سمرقند حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي تعليمات ۽ طرز تعمير جو مرڪز رهيو آهي. شاھہ لطيف هن شھر جو ذڪر وِڄن جو ذڪر ڪندي هيٺينءَ ريت ڪيو آهي:
’ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمرقندن سار‘
اهو ان حوالي سان آهي جو سنڌ ۾ صوفي ازم جو گهڻو تڻو ڦهلاءُ قنڌار ۽ سمرقند کان ٿيو آهي. ان کانسواءِ سنڌ تي ارغونن ترخانن ۽ ٻين جون ڪاهون پڻ سمرقند ۽ قنڌار کان ٿيون. آڳاٽي دور ۾ سنڌ جو ڪپڙو پڻ سمرقند ۽ افغانستان ۾ وڪرو ٿيڻ لاءِ موڪليو ويندو هو.