
سمنڊ کي سوچي ته ڏس
سمنڊ کي سوچي تہ ڏس (ڪتاب): هي ڪتاب نئين ٽهيءَ جي شاعر فراق هاليپوٽي جو شعري مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ فراق هاليپوٽي جا دل کي ڇهندڙ نثري نظم شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ اعجاز منگيءَ لکيو آهي، جيڪو هڪڙي هنڌ لکي ٿو تہ: “مان جڏهن فراق جي نظمن سان اکيون ملايان ٿو تہ سندس نظمن مان مون کي اهي اکيون گهوري رهيون آهن، جن کي ڏسڻ يا شام جي حسين شفق ۾ پيهي وڃڻ هڪ جهڙو ئي هوندو آهي، هن ڪتاب ۾ شاعر بابت احمد آزاد جو رايو پڻ شامل آهي. ڪتاب جي پٺئين ٽائيٽل تي شاعر جي تصوير سان گڏ لياقت رضوي، خليل ڪنڀار ۽ اعجاز منگيءَ جون سٽون ڏنل آهن. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.