
سمنڊ ۽ ڪنارو
سمنڊ ۽ ڪنارو (ڪتاب): هي ناول، هند سنڌ جي نامياري ليکڪا ڪلا پرڪاش جو آهي، جنهن جو مهاڳ نامور ڪهاڻيڪار اندرا واسواڻيءَ لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي تہ: ”انساني من سمنڊ کان ڪٿي الڳ آهي؟ اهو تہ ان کان بہ اونهو آهي، جنهن جو نہ انت نہ پار، ڪير اهڙي جرئت سان چئي سگهندو تہ مون تنھنجي من کي سڃاتو آهي، من تہ پيو کن کن بدلجندو آهي، جي ائين ئي هو ٻئي کي سمجهي سگهي ها تہ ڪنهن بہ رشتي کي نہ ڏارون پون ها ۽ نہ ئي ڪو بدلاءُ اچي ها.“ هوءَ وڌيڪ لکي ٿي تہ: ”اڄ جي پڙهيل ڳڙهيل، استري (عورت)، نوڪري ڪندي، گهر جي مالي حالتن کي سنڀاليندي، مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گهڻي تڪليف بہ سھي ٿي، اڄ جي ڀڄندڙ زندگيءَ ۾، دماغي تاڻ ۽ مانسڪ (ذهني) پريشانين ۾ انسان، جي ننڍا وڏا سک ڳولي بہ ٿو يا کيس ملي بہ وڃن ٿا تہ استري (عورت) چاهي پرش (مرد) اخلاقي ٻنڌڻن کان پاڻ آجو ڪري، جي انهن جو مزو ماڻي ٿو تہ ان کي هروڀرو گهڻو خراب بہ نہ ٿو مڃيو وڃي. سک تہ کپي نه، اهو چاهي من جو هجي يا تن جو، نئون زمانو گهڻيئي نوان ناتا جوڙائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.“ هن ناول ۾ ان ئي قسم جي ڪهاڻي آهي، جيڪا شرميلا ۽ سيتل ۽ ٻين جي ڪردارن تي ٻڌل آهي، جيڪي من ۽ تن جي سک ماڻڻ لاءِ اخلاقي ٻنڌڻن کي ٽوڙين ٿا.
ڊيمي سائيز جي 129 صفحن تي مشتمل هي ناول، جيون ڪلا پرڪاشن، آديپور، 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 75 روپيا آهي.