سمن شاھہ (پهلوان): سيد سمن شاھہ ’رستم پاڪستان‘، 1947ع ۾ ڳوٺ پليجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي قديمي راند ملھہ جو پهرين جوڙ جو سگهارو ملھہ هو. سمن شاھہ کي ملھہ جو شوق پنھنجي وڏڙن ۽ بزرگن کي ڏسي ٿيو، هُن پنھنجي وڏڙن جي روايت کي قائم رکندي ملھہ جي تربيت استاد ملھہ سومر مرکنڊ کان ورتي ۽ استاد جي اجازت سان 1967ع ڌاري ٽئين جوڙ جي ملھہ طور ملاکڙن ۾ شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ سمن شاھہ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ملھہ جا مقابلا ڪندو رهيو ۽ ٽن سالن جي محنت ۽ جاکوڙ کانپوءِ سال 1970ع ۾ پهرين جوڙ جي ملهن ۾ شامل ٿي ويو. سندس پهريون مقابلو جمعي ماڇي صادق آباد واري سان ٿيو. ان کانپوءِ سندس ڪيترا يادگار مقابلا ٿيندا رهيا. سمن شاھہ اٽڪل ويھہ سال ملھہ جي ميدان ۾ پنھنجي پهلوانيءَ جو ڌاڪو ڄمايو. هن قلندر لال شهباز، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سمن شاھہ ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ميلن ۾ ملاکڙا ڪري وڏو داد ڪمايو. سمن شاھہ کاٻي توڙي ساڄي جو وارو ڪندو هو. گهڻا پهلوان کانئس وڙهڻ کان اڪثر ڪيٻائيندا هئا، هو پنھنجي دور جو شهنشاھہ ملھہ رهيو آهي. هن وقت ڪراڙپ ۽ عليليءَ سبب ملھہ گهٽ ٿو وڙهي. سندس ذريعہ معاش زمينداري آهي.
سمن شاھہ نهايت کلمک ۽ يار ويس ماڻهو آهي، کيس مڃتا طور ڪيترائي انعام ۽ اڪرام ملي چڪا آهن.