سمه بن ديوائچ

سمه بن ديوائچ: عرب دؤر اچڻ کان پهرين بن ديوائچ'>سمه بن ديوائچ ديبل جو گـورنر هو. ديبل تي سڀ کان پهريون حملو عمـان جي گـورنـر عثـمـان بن ابي العاص الثقفي ڪرايو هو، جنهن پنھنجي ڀاءُ مغيره بن ابي العاص الثقفيءَ کي ديبل خلاف فوجون ڏئي سمنڊ رستي موڪليو هو. اهو ٻڌي بن ديوائچ'>سمه بن ديوائچ پنھنجي فوج وٺي اچي ديبل جي قلعي کان ٻاهر مغيره جو مقابلو ڪيو. انهيءَ جنگ ۾ مغيره ديبل جي گورنر بن ديوائچ'>سمه بن ديوائچ جي هٿان مارجي ويو ۽ سمه بن ديوائج کي فتح ٿي. بن ديوائچ'>سمه بن ديوائچ ڪيترائي عرب سپاهي مارائي ڇڏيا ۽ باقي جيڪي بچيا، تن عُمان جو رخ ڪيو. اهڙيءَ طرح بن ديوائچ'>سمه بن ديوائچ پنھنجي دؤر ۾ عربن جي ڪيل پهرين حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.


لفظ سمه بن ديوائچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو