سمون خليفو ابن اوڙاھہ

سمون، خليفو ابن اوڙاھہ: صوفي شاھہ عنايت شھيد جي مريدن ۽ خليفن ۾ نامور مريد ۽ خليفو ٿي گذريو آهي. هي خليفو سدائين صوفياڻي رنگ ۾ رهندو هو ۽ تمام وڏي مرتبي وارو هو. هن جو اصل ڳوٺ ٽنڊي الهيار ويجهو آهي، جتي اڄ بہ سندس گادي نشين ٿيندا اچن. هن خاندان جا اڄ بہ هندو مريد ۽ معتقد آهن. ابن اوڙاھہ سمي جي قبر جهوڪ شريف ۾ شاھہ عنايت شھيد جي مقبري جي اوڀر، اتر ۾ آهي، جتي هر سال ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. شاھہ عنايت شھيد جي ميلي وقت بہ هن خليفي جو گادي نشين پنھنجي مريدن سميت سندس قبر تي اچي ٻاري ٺاهي ويهندو آهي، جتي صوفياڻو راڳ هلندو رهندو آهي ۽ انهيءَ موقعي تي هندو توڙي مسلمان مريد فقير ڏاڍي محبت، نياز ۽ نوڙت سان گڏ ويهندا آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو