سميري لپي
سميري قوم: تاريخ نويس ڄاڻائن ٿا ته دجله، فرات دوآبي ۾ ڪافي هزارين سال ق. م. کان، هي نسل مصر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري آباد رهندو آيو. کين پنهنجي الڳ ٻولي پڻ هئي. ڪن تاريخدانن جي چوڻ مطابق سميري قوم جو وجود 4000 ق. م سال اڳ جو آهي ۽ سميري ٻولي ڳالهائيندڙ جنهن زمين تي پهرين رهيا، ان کي سمي سڏيو وڃي ٿو. فرات ندي جي ڇيڙي تي اغاض/ اڪاد جو شهر سميري تهذيب جو مرڪز هو. هنن جون بادشاهتون اتر ۾ ڪش ۽ ڏکڻ ۾ ڪينيگي تائين هيون، جن مان ڪينيگي جو بادشاهه اينشاخ ڪشا سامي نسل مان هو. هن ڪش فتح ڪري اتان جي مال غنيمت کي پنهنجي ديوتا بعل جي مندر تي ڀيٽا (نذر) ڪري ڏني.
3000 ق. م. ۾ جڏهن اڪاد ۾ سميري تهذيب عروج تي هئي، تڏهن بابل تي عربستان جي سامي قبيلن قبضو ڪيو. سميرين ان شهر جو نالو مٽائي باب ايلو معنيٰ الله جو دروازو رکيو. جيڪو بعد ۾ بابل سڏجڻ لڳو. بابل جو پهريون سامي بادشاهه سمو آبي 2295 ق. م تخت نشين ٿيو. سميرين جي باري ۾ مؤلف هٽي لکي ٿو ته: سميري هندستان جي غير آريا نسل مان هئا. اهي سنڌو ماٿريءَ مان نڪري، ٻن دريائن جي ماٿري ۾ خشڪي ۽ بحري ٻنهي رستن سان اتي داخل ٿيا.
اوڀر جي تاريخ ڄاڻائي ٿي ته: هجرتن ۽ آبادڪارين جي هر دؤر ۾ سميري زبان ۽ تهذيب باقي رهي آهي. سميري قوم زراعت ۽ آبپاشي جي نظام ۾ سڌارا آندا ۽ ڪيترائي شهر پڻ آباد ڪيا. 3400 ق. م کان 2000 ق. م تائين سميري زبان ۽ رسم الخط جو عام دؤر هو. 2000 ق. م سامي قبيلن جي زبان اغاضي آسوريا بابل ۾ عام ٿي، اهڙيءَ طرح سميري لپي (رسم الخط) خود لفاظي زبان جي خاتمي تائين جاري رهي. ماهرن جي راءِ مطابق سميري قديم زبان آهي ۽ سيمري زبان جا چار دؤر چيا وڃن ٿا.
قديم دؤر 2500، 3100 ق. م، جنهن جي لپي، قديم سنڌي لپي وانگر اڃا پڙهڻ ۾ نه آئي آهي، پر اندازي مان سمجھجي ٿو ته ان ۾ انگن ۽ اکرن جا ڌار ڌار نشان، جدولون، ليکا چوکا۽ درسي مواد شامل آهي.
پراڻو ڪلاسيڪل دؤر 2300، 2500 ق.م، دستياب رڪارڊ ۾ خاص طور تي لاگاش جي اوائلي بادشاهن جو احوال ملي ٿو. ان کانسواءِ تجارتي، قانوني ۽ اتنظامي معاملن، خانگي احوالن ۽ دعائيه اڪيرن ۾ سميري زبان جو ڪثرت سان استعمال ٿيل آهي. هن رسم الخط جو نه صرف پڙهڻ آسان آهي، پر مضمون جي حرفي نحوي صورتن کي پڻ سمجهي سگهجي ٿو.
سارغون اول 705 کان 722 ق. م، سندس شاهي خاندان جي دؤر ۾ اغاضي سامي زبان کي سياسي سرڪاري درجو ڏنو ويو، پر تمام تحريرون سميري رسم الخط ۾ آهن. ان دؤر ۾ سميري زبان صرف سمر جي شهر ۾ ڳالهائي ويندي هئي.
نئون سميري رسم الخط جو دؤر: 200 ق. م ڌاري نئون سميري دو رختم ٿيو. جڏهن عربستان مان ٻيا سامي قبائل ڪاهي آيا. ٽيون شاهي خاندان زوال پذير ٿيو ۽ ٽي سامي بادشاهتون وجود ۾ آيون. آئيزن، لارسا ۽ بائبلان. انهيءَ زماني ۾ سميري قوم، سياسي پس منظر تان هٽي ويئي. هاڻي سندن زبان دنيا ۾ ڪٿي به ڳالهائي نه ٿي وڃي. ڪوفي رسم الخط جي ايجاد تائين سميري لپي استعمال ٿيندي رهي.
سميري لپي (Sumerian): هيءَ لپي ’تصويري خط‘ جو نمونو آهي، جنهن ۾ هڪ تصوير پوري ماحول جو پتو ڏئي ٿي. سميري دنيا جي قديم لپي آهي، جنهن مان ’خط ميخي‘ يا ڪُنڊن وارو خط (جنهن کي ڪوني فارم (Cuni form) چون ٿا) ايجاد ٿيو. هيءَ صورتخطي ڪاني جي تيليءَ جي گهڙيل قلم سان مٽيءَ جي ٺهيل ڦرهي تي لکي ويندي هئي ۽ قلم کي هيٺ، مٿي پاسيري ڪرڻ سان ڪنڊون پيدا ٿينديون هيون.
سميري دنيا جا پهريان ماڻهو آهن، جن ’تصويري خط‘ جي جاءِ تي Logo phonetic خط ايجاد ڪيو، جو ڪيترين صدين تائين وچ اوڀر جي ملڪن جي اڪثر قومن وٽ رائج رهيو. هيءَ صورتخطي بابلي، اشوري، ڪلداني، ڪنعاني ۽ امورو قومن وٽ مقبول هئي. آرين ۾ ڪشاتي (Kushite)، مِٽاني (Mitani) ۽ هخامنشي/ اڪادي (Achaemanias) خاندان به هن صورتخطيءَ مان فائدو ورتو. 5000 سال اڳ هن صورتخطيءَ جا نشان ميسوپوٽيما مان مليا آهن، جتان ويهه هزار ڪونيفارم ڦرهيون لڌيون ويون، جن تي ڪي واپارڪا نشان دريافت ٿيا، اهي ننڍيون ننڍيون ڦرهيون جنسن جي نالن ۽ ڳڻپ جا نشان ٻڌائين ٿيون. حساب ڪتاب لاءِ انهن جا ڌار نمونا ٺاهيا ويا. اشور بني پال جا دستاويز به هن لکت ۾ نينوا جي کنڊرن مان لڌا ويا. حـمـورابـي قانـون به هن خـط ۾ اڪـريـل صـورت ۾ ملـيـا هئا.
هـيءَ ٻولـي 3300 ق. م کان شروع ٿي ۽ 100 صدي عيسويءَ تائين رواج هـيـٺ رهي.
سميرين وٽ ڳڻڻ جو به شاندار سرشتو هو. هُو هڪ کان 60 تائين ڳڻـندا هئا ۽ ضرب ڪندا هئا. وٽن ڏهائي سرشتو به موجود هو. اڄ تائين سميرين جو ايجاد ڪيل ڪئلينڊر استعمال هيٺ آهي، جنهن ۾ 355 ڏينهن هئا، جنهن کي هاڻي ٿورو سڌاريو ويو آهي.
توڙي جو هيءَ لپي ڏکڻ ايشيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي لکڻ ۾ ڪانه ٿي اچي، پر ڏکڻ ايشيا جا خاص ڪري سنڌ جا، ’اُر‘ سان قديم ماضيءَ ۾ گهاٽا ناتا رهيا هئا، ان ڪري هيءَ لپي سنڌ ۾ ضرور معتارف ٿي هوندي. توڙي جو ان جا ڪي نمونا نه مليا آهن.