
سميع بلوچ
سميع بلوچ: ناميارو شاعر، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سميع بلوچ، 19 آڪٽوبر 1955ع تي ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سندس پورو نالو سميع ﷲ بلوچ ولد حاجي غلام مرتضي لُنڊ آهي. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ سيٺارجا هاءِ اسڪول مان، انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ فيڊرل ڪاليج اسلام آباد مان ۽ ايم. اي (انٽرنيشنل رليشنز) جي ڊگري شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان حاصل ڪئي.
سميع بلوچ، ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچيءَ سينٽر تان، 16اپريل 1984ع ۾ سنڌي ڊرامن ۽ سنڌي موسيقيءَ جي پراڊڪشن ۽ ڊائريڪشن سان پنھنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي.
سميع بلوچ، پي. ٽي. وي ڪوئيٽا سينٽر تان 1988ع کان 1992ع ۽ اسلام آباد سينٽر تان 1992ع کان 1994ع تائين ڪافي تعداد ۾ اردو، بلوچي، براهوي، پنجابي ڊراما ۽ مختلف موسيقيءَ جا پروگرام پيش ڪري چڪو آهي. ان دوران 1990ع ۾ جپان بہ ويو ۽NHK جپان ٽيليويزن تان هن پراڊڪشن جي ٽريننگ بہ حاصل ڪئي.
سميع بلوچ، 1977ع کان شاعريءَ جي حوالي سان پنھنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي. سندس ڪيترا ڪلام سنڌ جي مشھور فنڪارن ڳايا آهن، جن مان ’تنھنجي ياد جي وري آ وير‘ ۽ ’هوءَ ڪيڏي نہ بي چئي آ‘ ۽ ٻين ڪافي ڪلامن بيحد مقبوليت ماڻي. کيس شاعريءَ سان گڏ فوٽوگرافيءَ سان بہ دلچسپي آهي.
سميع بلوچ، پي. ٽي. وي تي ڪيترن ئي فنڪارن کي متعارف ڪرايو، جن ۾ سرمد سنڌي، احمد مغل، راجا مدثر هاليپوٽو، صنم ماروي، شبانه پروين، ممتاز ڪنول، شبنم نواز ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي اڄ بہ سنڌ جا مشھور فنڪار آهن.
سميع بلوچ جي شاعريءَ جو ڪتاب ’خوابن جا خواب‘ عنوان سان ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي، کيس بھترين ڊراما هدايتڪار ۽ موسيقيءَ جي بھترين پروڊيوسر جا چار پي ٽي وي اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. اڄڪلھہ سميع بلوچ پي ٽي وي نيشنل تي پروگرام مئنيجر جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
1955.10.19 عيسوي
هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سميع بلوچ، 19 آڪٽوبر 1955ع تي ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.