سناگاگ

سناگاگ

سناگاگ

سناگاگ (Synagogue) (يهودي عبادتگاھہ): عبراني ٻوليءَ ۾ هن کي بيت حطفله يعني عبادت جو گهر چوندا آهن. يهودي عبادتگاهن جي شروعات بابت تاريخ خاموش آهي، پر اندازو آهي تہ 586 ق. ۾ ’بيت الاول‘ جي ڀڄڻ کانپوءِ اهڙين عبادتگاهن ٺاهڻ جو رواج پيو. يهوديت جي روحاني تاريخ ۾ انهن عبادتگاهن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. شروعات کان اهي عبادت کانسواءِ عام گڏجاڻين ۽ درس تدريس جي مقصد لاءِ استعمال ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان اڪثريت ۾ ٻارن لاءِ مذهبي تعليم جا مدرسا ’تلموذ توريت‘ نالي هلندا آهن. انهن عبادتگاهن ۾ هڪ وڏي ٿلهي سان گڏ هڪ محراب ۾ توريت جا ويڙهيل پنا رکيا ويندا آهن ۽ اتي ئي هڪ روايتي بتي ۽ ٻہ شمعدان بہ هوندا آهن. قديم عبادتگاهن ۾ عورتن ۽ مردن لاءِ ڌار ڌار حصا هوندا آهن، پر هاڻي اهي هڪ ئي هنڌ گڏ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو