سنبوهي/ سانڀوئي: سنبوهي/ سانڀوئيءَ جي ذريعي ميربحر پلي جو شڪار ڪندا آهن. ’سنبوهي‘، ’سنڀئي‘ يا ’سانڀوئي‘ ڪاٺين جي ڄار کي چئبو آهي. هڪ ڪاٺي ، جنهن جي هڪ پاسي کان ٻيانيءَ وانگر ٻيڙ ٿيندو آهي. مهاڻا ان ٻيڙ ۾ هڪ ڄاريءَ جي ڳوٿري ٻڌندا آهن، جيڪا جهول ڪري بيهندي آهي. پوءِ اُهي تنبو يا سوڙهي منهن واري وڏي چاڏي ۽ سوئو کڻي درياھہ ۾ گهڙي پوندا آهن. سنبوهيءَ جو ٻڇانگو پاسو درياھہ ۾ اونهو ڇڏيندا آهن ۽ ان ڄار جي ڏور آڱر ۾ ويڙهي پيٽ هيٺان تنبي يا چاڏي ڏئي لڙهندا ويندا آهن، جتي کين پلو سجهندو آهي تہ اتي رڳو ڏور کي ڇڪ ڏيندا آهن تہ پلو وڃي سنبوهيءَ واري ڄار ۾ پوندو آهي، پوءِ مهاڻو لڙهندي ئي ان سنبوهيءَ مان پاڻي ڪڍي، پلي کي قابو جهلي، سوئو هڻي ڏور ۾ لڙڪائي ڇڏيندو آهي يا وري چاڏيءَ ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ وري سنبوهيءَ کي پاڻيءَ ۾ وجهندو آهي. اهڙيءَ ريت ملاح پلي جو شڪار ڪندا آهن.