سنتل

سنتل: شاعر ۽ مترجم سنتل جو اصل نالو سنڌاس پنهون مل ڪشناڻي هو. 29 اپريل 1902ع تي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. ورهاڱي واري دؤر ۾ وڏن سان گڏ لڏي وڃي هندستان جي پوني شهر ۾ رهيو. هن تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪئي. هن کي چوڻيون ۽ اصطلاح گڏ ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي هئي. چار دفعا جيل ياترا ڪيل سنتل ڪجهه ڪتابن جو ترجمو ڪري شايع ڪرايائين. جهڙوڪ: يوگ آسڻ (پنج ڇاپا 1935ع کان 1975ع تائين، ليکڪ: ديوتا سروپ ڀاڻي پرمانند)، آزاديءَ جي ٻڌ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي اسهيوگ هلچل (1921ع)، ستياگرهه هلچل (1930ع) ۾ حصو ورتائين.


لفظ سنتلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.04.29  عيسوي

شاعر ۽ مترجم سنتل جو اصل نالو سنڌاس پنهون مل ڪشناڻي هو. 29 اپريل 1902ع تي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. ورهاڱي واري دؤر ۾ وڏن سان گڏ لڏي وڃي هندستان جي پوني شهر ۾ رهيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد باغ علي شاهه لکوي
خٽڪ اجمل
روحل گائنچو
مخدوم محمد صالح سيوهاڻي
پشڪن اليگزينڊر
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
رجب آزاد
بردو سنڌي
خضراڻي ميان بيگ انڍڙ
بشير سيتائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون