سنتور سر منڊل
سنتور/ سر منڊل (ساز ڪلاسيڪي موسيقي): سنتور، سَؤُ تارن وارو ساز آهي، جنهن کي ’شاتا-تانتري-وينا‘ يا سو تارن وارو ساز چوندا آهن. هي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڄايو وڃي ٿو. هن کي چين ۾ ’يانگ چن‘، هنگري ۾ چنبيلن، رومانيه ۾ زمبيلين، يونان ۾ سنتوري، فنلينڊ ۾ ڪينتلي (Kentele)، جرمني ۾ ’هيڪ برڊ‘ جي نالي سان وڄايو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. مصر ۽ عراق جو هي پراڻو سا ز اڄ مغربي ساز ’هارپ‘ جو جدامجد چيو وڃي ٿو. ڪنهن سبڪ ڪاٺي جون ٻه سنهيون ٽڪنڊيون تختيون، جن تي هڪ ٽڪر (عام طور تي ڏيڍ فوٽ) º90 ڊگري تي بيهارجي، ٻيو ٽڪرو سوا ٻن فوٽن، ٽيون ٽڪرو ٽي فوٽ ڊگهو بيهاربو آهي ۽ انهن ٽن ڪنڊن جي مٿان کان، ساڄي پاسي کان ٻئي ڪنڊون 5 يا 6 انچ ڪٽي سڌيون ڪري ڇڏبيون آهن، ائين پنجن ٽڪرن جي شڪل ٺهي بيهندي آهي. انهن جي ٻنهي ڪٽيل حصن کي ٽن ٽن انچن جون تختيون هڻي ڊٻي وانگر ٺاهبو آهي. مٿي واري تختي جي هيٺئن حصي مان 2.5 انچن جو اڌ گول ڪٽبو آهي ته جيئن ان ڊٻي ۾ گونج پيدا ٿئي. انهيءَ منڊل يا ڊٻي جي مٿان ۽ ساڄي پاسي 25 ڳيون هنيون وينديون آهن، جن ۾ تارون ٻڌي هيٺ ٽڪرن ۾ لڳل ڪلين يا ڪوڪن ۾ ٻڌبيون آهن. اٺين منڊل ۾ مٿان، ساڄي کان کاٻي ڊگهائي ۾ درجي به درجي گهٽ ڊگهين تارن جو جهنگلو ٺهي پوندو آهي. ساڄي پاسي هڪ ئي ڊيگهه جون چار پنج ٿلهيون تارون لڳل هونديون آهن. ان سان گڏ ساڳي ڊيگهه جون چار پنج سنهيون تارون به هڻبيون آهن. اهڙيءَ طرح هيٺين ۽ مٿين سُرن جا ٽي ستڪ تيار ڪيا ويندا آهن. تارون جيئن جيئن ڊيگهه ۾ ننڍيون ٿينديون وينديون تيئن تيئن انهن جو آواز سنهو ٿيندو ويندو، جڏهن ته ٿلهين ۽ ڊگهين تارن جو آواز به ٿلهو هوندو آهي. اهڙي نموني کي ڍلو يا ڇڪي انهن تارن مان مڌ ۽ مندر آستان جا سُر ورتا ويندا آهن.
سر منڊل اسان جو تمام قديم ساز آهي، پر اسان وٽ ان جو رواج به ختم ٿي ويو هو. ڪجهه سال اڳ هن ساز کي وري قصور گهراڻي جي گوين رواج ۾ آندو. هن ساز جو ذڪر ’آئينِ اڪبريءَ‘ ۾ به آهي ۽ ان زماني ۾ رواج هيٺ هو. استاد بڙي غلام علي خان سُر منڊل تي ڳائيندو هو. هن ساز ۾ وڏي سهولت اها به آهي جو هي قد بت ۾ ننڍو ٿئي ٿو. بجاءِ جو ماڻهو تانپوري کڻي. ان کان علاوه هن مان گهربل آس به آساني سان مليو وڃي. هن ۾ آروهي امروهيءَ جا به سُر ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. مطلب ته گهڻين حالتن ۾ هڪ گويي لاءِ بهتر آهي. هن ساز کي آڱرين سان وڄائبو آهي. ماضي قريب ۾ پنڊت شِو ڪمار شرما، هن کي 91 تارن ۽ 31 بند ڏئي جديد بنايو آهي، جنهن جي ڪري هن جي لاڳيتي وڄت (Continuity) برقرار ٿي پئي آهي. هي ساز پاڪستان ۾ مهدي حسن پاڻ سان رکندو هو. ڪشمير جا سڀ راڳي هن ساز کي وڄائين ٿا. هي ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيقي ۽ غزل جي گائيڪيءَ ۾ گهڻو استعمال ٿئي ٿو.