سنتو ڀڳت

سنتو ڀڳت: سنتو ڀڳت 1912ع ڌاري ڳوٺ ڇني، تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. هي پنھنجي دؤر جو مشھور ڀڳت هو. سندس آواز بہ سريلو هوندو هو. ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو ڀڳتي طرف هو. هيءُ پندرهن سالن جو ٿيو تہ سندس والدين ڇني مان لڏي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيا، جتي هيءُ گڏ رهڻ لڳو. هن پنھنجي دؤر جي وڏن ڀڳتن جي صحبت ۾ رهي ڀڳت وجهڻ جي سکيا ورتي. ٿوري عرصي ۾ فني مهارت سبب ڀڳتن جو مهندار سڏجڻ لڳو. کيس ٻيا ڀڳت گهڻي عزت ڏيندا هئا. حيدرآباد ۾ جتي بہ ست سنگ يا ڪا ٻي هندو مذهب جي محفل ٿيندي هئي تہ سنتي ڀڳت کي خاص طور گهرايو ويندو هو. سنتو ڀڳت طبلي وڄائڻ جو بہ وڏو ماهر هو. کيس ناچ جي پڻ مهارت حاصل هئي. حيدرآباد توڙي ٻين علائقن جا ڪيترائي ماڻهو وٽس ناچ جي سکيا وٺندا هئا. پاڻ پيرسنيءَ ۾ سيٺ وشن داس جي وشن نگر (ڦليلي) ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.


لفظ سنتو ڀڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو