سنت بابا گوبندرام: بابا گوبندرام جو جنم 1886ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ٿيو. سندس والد ڀائي گيانچند کير، مکڻ ۽ ڏڌ وڪڻندو هو. کيس ٻہ پُٽ هئا، وڏي جو نالو لعلو هو ۽ ننڍي جو ڄيٺو، جيڪو اڳتي هلي ڀائي گوبندرام جي نالي سان مشھور ٿيو. ٻالڪ ڄيٺو پنجن ڇھن سالن جو ٿيو تہ سندس والد کيس ڀائي امولڪرام جي ٽِڪاڻي ۾ وديا (علم) پرائڻ لاءِ ويهاريو. امولڪرام ودوان ۽ ڌرماتما هو. ڄيٺو جڏهن 10 کان 11 سالن جو ٿيو تہ سندس پيءُ کيس پنھنجي اباڻي ڪرت ڏڌ کير واري ڌنڌي ۾ لڳايو. پر ان واپار ۾ پوءِ جيڪا ملاوٽ ٿيڻ لڳي سا هن کان نہ پـُڳي تنهنڪري اهو ڪاروبار ڇڏي ڏنائين. ڪجهہ عرصي بعد هڪ ويراڳي ساڌ سان صحبت ٿي ويس، جنهن کيس ڌارمڪ شاستر پڙهايا، جنهن سبب هن جي من ويراڳ ورتي، ان ڪري کيس من اندر ڪنهن اهڙي ڪامل شخص لاءِ طلب جاڳي جيڪو هن کي سچي راھہ ٻڌائي. آخر درويش سائين قطب علي شاھہ وٽ آيو، جتي ڀائي گوبندرام جي ڏيٺ ويٺ صوفي درويش ڊاڪٽر روچلداس سان پڻ ٿي.
ڪجهہ عرصو قطب علي شاھہ وٽ گهارڻ بعد هو واپس موٽي روهڙيءَ آيو. هو اڃا ننڍوئي هو تہ سندن ماءُ راھہ رباني ٿي. هن جي والد کيس پرڻائڻ لاءِ گهڻو زور ڀريو، پر هنن بنھہ انڪار ڪيو. آخر سندس والد کيس پنھنجي ملڪيت مان هڪ جاءِ رهڻ لاءِ ٺهرائي ڏني جتي هو اڪيلو رهڻ لڳو. اُهائي جڳھہ سندس ٽڪاڻو ۽ مندر هئي. هو ان ڪوٺيءَ ۾ ويهي هردم پنھنجي اڀياس ۾ محو رهندو هو. سواءِ پنھنجي هم خيال ساٿين جي ٻئي ڪنهن کي اندر اچڻ ئي نہ ڏيندو هو.
رات ڏينهن جفائون، اوجاڳا ۽ بکون ڪڍندي بابا گوبندرام جو جسم نٻل ٿي ويو جنهن سبب هو انتهائي ڪمزور ٿي ويو. آخر تاريخ 21 مارچ 1921ع، هوليءَ جي ٻئي ڏينهن تي بابا گوبندرام پرلوڪ پڌاريو. ان وقت سندس عمر فقط 35 ورهيہ هئي. سندن پوئلڳن سندس جسم کي جل سماڌي ڏني.
بابا گوبندرام جي شرير ڇڏڻ بعد سندن جڳھہ جيڪا ٽڪاڻي جي نالي سان ڪوٺبي هئي سا ڪجهہ عرصي تائين خالي رهي. سائين روشن علي شاھہ ڊاڪٽر روچلداس تي تمام گهڻي قدر زور ڀريو تہ اها گادي تون پاڻ سنڀال. پر ڊاڪٽر صاحب بنھہ انڪار ڪندي چيو تہ اهڙي مهاپرش جي گاديءَ تي ويهڻ جي مان لائق ناهيان. ٻئي سال بابا گوبندرام جي ورسيءَ تي سائين روشن علي شاھہ ڊاڪٽر روچلداس کي گاديءَ تي ويهاري پنهنجن هٿن سان پڳ پهرائي. اڄ ڏينهن تائين هر سال ڌوڙئي جي ڏينهن تي بابا گوبندرام جي ورسي سندس شرڌالا ڪلياڻ ۾ ملهائيندا آهن.