سنت تلوڪارام جو ميلو: هي ميلو هر سال 14 مارچ تي خيرپور ميرس شھر ۾ لڳي ٿو. هن ميلي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن کان ياتري شريڪ ٿنيدا آهن. ميلي ۾ ٻن ڏينهن تائين لنگر ۽ ڀڄن ڀاؤ جاري رهن ٿا. ميلي جي موقعي تي مندر ۾ سکن جي ڌرمي پستڪ گروگرنٿ جو ورد بہ ڪيو ويندو آهي. هن ميلي ۾ شوِ منڊليءَ طرفان اسٽيج ڊراما بہ پيش ڪيا ويندا آهن. هن ميلي ۾ اتر سنڌ مان ’سنت سترام ڌام‘ آشرم (S.S.D) رهڙڪيءَ واري جا پوئلڳ بہ گهڻي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا آهن.