سنت شري مامئي ڏيو

سنت شري مامئي ڏيو

سنت شري مامئي ڏيو

سنت شري مامئي ڏيو: هي سنت، شري ماتئي ڏيو جو ننڍو پٽ هو. هڪ اندازي مطابق سندس جنم 16هين ڪارتڪ سود 1387 وڪرمي سنبت مطابق 1330ع ڌاري ڪڇ ۾ ماترائي نالي هڪ مقام تي ٿيو. سندس پيءُ ماتئي ڏيو جڏهن سنڌ ۾ تلهار لڳ ڀاڌرا ڍنڍ جي مقام تي رهڻ لاءِ آيو تہ مامئي ڏيو بہ گڏ هو ۽ هو سنڌ ۾ گهڻو عرصو رهيو. ٻارمتي پنٿ جي گيانن/ گنانن مان اخذ ڪيل سندس زندگيءَ جي احوال مان خبر پوي ٿي تہ هن ڄام موڙاجيءَ سميت جاڙيجا سما راجائن کي راڄ تلڪ ڪيو هو. سندس لاءِ مشھور آهي تہ هيءُ چندرو ڏونگر (ڪڇ) ۽ گرنار ڏونگر (جهوناڳڙھہ) تي يوگ پوڄا (رياضت) لاءِ ويندو هو. هن جي گهڻن چمتڪارن (معجزن) مان هڪ جهوناڳڙھہ شھر تي مينهن وسائڻ ۽ ڏڪار جو خطرو مٽائڻ وارو معجزو بہ آهي.
هن پرکن کان هلندڙ ٻارمتي پنٿ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪري مهيشوري ميگهواڙن لاءِ ان ۾ آسانيون پيدا ڪيون ۽ پنٿ ٻارمتيءَ جي تمام مذهبي طريقن کي گنانن ۾ پنھنجي پوئلڳن کي سمجهائڻ خاطر محفوظ ڪيو، جن ۾ هن پرکن جي ساڳئي روحانيت واري فلسفي کي بيان ڪيو. هن پنھنجي سڄي زندگي ٻارمتي پنٿ جي پرچار لاءِ سنڌ، ڪڇ، هالار، مارواڙ ۽ ٻين علائقن ۾ رهندي گذاري. ٻارمتي پنٿ جو سمورو مذهبي گيان (علم) شري مامئي ڏيو جي نالي سان منسوب آهن، جنهن کي ’مامئي ڏيو جو گنان‘ يا ’گيان واڻي‘، ’مامئي ڏيو جي ڀوشيه واڻي‘، ’مامئي ڏيو جا ويڌ‘، ’اٿرامن ويد‘ ۽ ’گيان گنگا‘ چيو ويندو آهي. اهي گيان مائسري/ مهيشوري ميگهواڙن، سندن پرکن جي باري ۾ انهن جا چيل ويد، زماني، روحانيت، زندگي، موت، سماجي زندگي، سندس ذاتي ذندگي ۽ ٻين معاملن تي ڪڇي، سنڌي ۽ ڍاٽڪي زبانن ۽ لهجن ۾ ملن ٿا. انهن مان گهڻن گنانن کي ڪڇي ۽ مهيشوري ميگهواڙن گجراتي زبان ۾ پڻ لکي محفوظ ڪيو آهي.
ڊاڪٽر موهن ديوراج ٿونٺيا جي ڪتاب Shrines of the Maheshvari Meghwar saints in Sindh جي سنڌي ڀاڱي ۾ لکيل سنڌي مقالي ’ستن ماموئي فقيرن جي حقيقت ۽ سنڌ ۽ ڪڇ جي عظيم تاريخي ۽ روحاني شخصيت شري مامئي ڏيو‘ جي صفحي 9 تي بيان ڪيل هڪ تاريخي روايت موجب سندس دور ۾ فيروز شاھہ تغلق ٺٽي تي حملو ڪري ڄام تماچيءَ کي قيدي بڻائي دهلي وٺي ويو، چيو وڃي ٿو تہ سندس ننڍو پٽ ٻانڀيڻو بہ گڏ هو، ڪجهه سالن کانپوءِ دهلي جي بادشاھہ، ٻانڀيڻي کان قول قرار ورتو تہ هو بادشاھہ کي خراج ادا ڪندو، ان بعد ٻانڀڻيئو سمو، حڪومت جي تخت تي ويٺو. ٻانڀيڻي جي تخت تي ويهڻ کانپوءِ هن پنھنجي حڪومت ۾ وڏيون تبديليون آنديون، جنهن سبب ڪمزور طبقي، خاص طور شري مامئي ڏيو جي پوئلڳن جي لاءِ سنڌ ۾ آزاديءَ سان رهڻ ۽ مذهبي رسمن تي عمل ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. اهي ئي محرڪات هئا، جن جي ڪري ٻانڀيڻي سمي ۽ شري مامئي ڏيو جي وچ ۾ سخت اختلاف ٿي پيا ۽ ٻانڀيڻي، شري مامئي ڏيو کي پنھنجي محل ۾ گهرائي کيس قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيو وڃي ٿو تہ جيئن ئي سندس سر ڌڙ کان جدا ڪيو ويو تہ شري مامئي ڏيو پنهنجو سر پنهنجن هٿن سان جهلي هڪ ٿانءَ ۾ رکيو ۽ انهيءَ مھل هن زبان مان سنڌ، ڪڇ، گجرات، هالار، ڪشمير، ڪابل، ڪنڌار، دهلي، آگري، ماروي (مالوه، جو اجيڻي شھر) جي باري ۾ اڳڪٿيون اچاريون.
هن تحقيق مطابق ڄام تماچي ۽ ٻانڀيڻي سمي جو زمانو مامئي ڏيو جي زماني ۽ حالتن سان مطابقت رکن ٿا. ساڳيءَ ريت ڪڇ جي ڄام وهڻ ۽ موڙو جي جاڙيجا حاڪمن جي زماني (1338) جي لڳ ڀڳ ثابت ٿئي ٿو. ٻارمتي پنٿ جي مقدس گيانن مطابق مامئي ڏيو جو اهو واقعو ويساک مهيني جي اونداهي چار تٿ (تاريخ) تي وڪرمي سنبت 1472 مطابق 1338/ 1415ع ۾ ٿيو. ٻارمتي پنٿ جي روايتن ۾ ان ڏينهن کي ’سڪنٽ چؤٿ‘ جي نالي سان ياد رکيو وڃي ٿو. ٻارمتي ڌرم گروئن جي هڪ ٻي روايت مطابق ان واقعي وقت سندس پٽ پير متيو، ميگهاڻند، امرچند (مرچند)، ڀاڳونت، ماڏيو ۽ لالڻ پڻ موجود هئا، جن سندس سر ۽ ڌڙ کي مڪليءَ ۾ دفن ڪري پاڻ گهڻن ميگهواڙن سان گڏ سنڌ کان نڪري ڪڇ ڏانهن وڃي رهيا. مامئي ڏيو جي سماڌي اڄ تائين مڪليءَ جي ٽڪري جي اتر-اولھہ ڏانهن موجود آهي، جتي مهيشوري ميگهواڙ سون جي تعداد ۾ اچي ياترا (زيارت) ڪندا آهن.
ڊاڪٽر موهن ديوراج ٿونٺيا، پنھنجي تحقيقي مقالي ’ستن ماموئي فقيرن جي حقيقت ۽ سنڌ ۽ ڪڇ جي عظيم تاريخي ۽ روحاني شخصيت شري مامئي ڏيو‘ ۾ نتيجي طور ڄاڻائي ٿو تہ سنڌي ادب ۾ ستن ماموئي فقيرن جي نالي سان ملندڙ ست بيت دراصل شري مامئي ڏيو جا چيل گنان (اڳڪٿيون) آهن، جيڪي تاريخ جي ڦير ڦار سبب ماموئي فقيرن سان منسوب ٿي ويا آهن، جڏهن تہ سنڌ ۾ ستن ماموئي فقيرن جو ذڪر برٽن جي تحريرن ۾ ڏندڪٿا طور ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو