سنت لوڙنگ ڏيو: هي سنت، ٻارمتي پنٿ جي باني سنت ڌڻي ماتنگ ڏيو جو وڏو پٽ هو. هن جو جنم گوهل وار، پاٽڻ (گجرات، ڀارت) ۾ وڪرمي سنبت 1172 (1038ع) ڌاري ٿيو. ننڍپڻ کان پنهنجي والد جي صحبت ۾ رهڻ ڪري سندس لاڙو اڇوت قومن ۾ سُڌارو آڻي کين معاشري ۾ برابريءَ جي حيثيت ڏيارڻ طرف رهيو. سندس پيءُ جڏهن ڪارونڀي جبل (پاٽڻ، گجرات) ۾ پنهنجي فڪري نظريي ’ٻارمتي پنٿ‘ جو بنياد وڌو. ان وقت لوڙنگ ڏيو، پنهنجي پيءُ سان نه صرف گڏ هو، بلڪه ٻارمتي پنٿ جي رسمن ۾ نمايان رهيو. سندس پيءُ جڏهن گجرات ڇڏي سنڌ لڏي آيو، تڏهن هن مستقل طور ٺري (هاڻوڪي تعلقي ماتلي، ضلعي بدين) ۾ رهائش اختيار ڪئي. ٻارمتي پنٿ جي روايت موجب چيو وڃي ٿو ته ٺريءَ (ماتلي) جو علائقو لوڙنگ ڏيو اچي آباد ڪيو، جتي سندس سرپرستيءَ ۾ سومرا ۽ ميگهواڙ امن، ڀائپي ۽ دوستاڻي نموني سان گڏجي رهندا هئا. ان حوالي سان هڪ روايتي چوڻي ’لوڙنگ ٺري جوٽ ڪرم‘ به مشهور آهي، جيڪا مهيشوري ميگهواڙ اڄ به ياترا دوران چوندا ايندا آهن. هن گهڻو ڪري سنڌ ۽ ڪڇ جي سومرن ۽ پوئتي پيل ذاتين ۾ پنهنجي فڪر جو پرچار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ’ست وشو سومرا‘ سندس پوئلڳ ٿيا.
پارمتي گنانن جي لکتن مطابق هن سنت طبعي موت مرڻ بدران سماڌ ورتي. ان واقعي جو سن وڪرمي سنبت 1252 مطابق 1118ع بيان ڪيل آهي. ٻارمتي پنٿ جي تاريخ ۾ ان واقعي کي اڄ تائين ياد ڪيو ويندو آهي.
هر سال وڪرمي سنبت جي چيٽ مهيني جي چوٿين تٿ (تاريخ) تي مهيشوري ميگهواڙن جا قافلا هن سنت جي ياترا لاءِ سندس علامتي سماڌيءَ تي ويندا آهن، جيڪا ضلعي بدين (اڳوڻي ٺري) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي سانوڻ ۾ هڪ دڙي تي واقع آهي.