سنت ماڌو داس

سنت ماڌو داس: سنت ماڌو داس ولد اوڌوداس ڀمڀاڻي 1890ع ڌاري هالاڻي، تعلقي محرابپور ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو نوتن هو. کيس پنجن سالن جي عمر ۾ درٻار ۾ وٺي وڃي سنتن جي حوالي ڪيو ويو، جتي سندس نئون نالو ماڌو داس رکيائون. ماڌو داس سنتن جي خدمت ۽ ٽھل سان گڏ ڌڪڙ ۽ باجو وڄائڻ پڻ سکيو. هن جو آواز پڻ سريلو هو. سندس سڀاءُ ڏاڍو سٺو هو. جڏهن سنت سروپداس رحلت ڪئي تہ ماڌوداس کي گادي ي ويهاريو ويو. ماڌو داس مختلف شهرن جي درٻارن جا سفر ڪيا. بمبئي جي درٻار ۾ اڪثر ويندو هو. سنت ماڌوداس 15 آگسٽ 1953ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس گاديءَ تي سنت گوبند داس ويٺو.


لفظ سنت ماڌو داسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.08.15  عيسوي

سنت ماڌوداس 15 آگسٽ 1953ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس گاديءَ تي سنت گوبند داس ويٺو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلطان محمود خان بکري
ظھير مهدي
جوکيو اياز
شادي خان کوسو
رحمت ﷲ خليفو
چوڌري رحمت علي
آسودارام سَنت
جلال محمد مخدوم
افتخار محمد چوڌري جسٽس
ٽريور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون