سنت وسڻ شاهه: هندو جاتيءَ جي مشهور سنت وسڻ شاهه جا وڏا اصل خيرپور ميرس جا رهاڪو هئا، جتان پوءِ روهڙيءَ جي آسائو تڙ تي اچي ويٺا. هو ورڻ ديو جا پوڄاري هئا. سندس ماءُ جو نالو هاسي ٻائي ۽ والد جو نالو شري گيانچند هو. کين سنتن جي دعا سان فيبروري 1847ع ۾ هڪ ٻالڪ ڄائو، جنهن جو نالو ويڙهو رکيائون. اهو ٻالڪ وڏو ٿي وسڻ شاهه جي نالي سان مشهور ٿيو. ٻالڪ جو مزاج ننڍپڻ کان ڪومل هو. ويتر سنت پارو شاهه جيڪا مٿس مهر جي نظر ڪئي ته سندس دل انساني خدمت، نمرتا، ڀڳتي، سادگي، ڌيرج، حوصلي، توڪل ۽ ٻين انيڪ گُڻن جو گلدستو بڻجي پئي. سنت چيٽورام، ڀڳت جاڙارام، سندن فرزند سنت مولارام برهمچاري، ڀائي امرداس ۽ ٻين ڪيترن وسڻ شاهه کان روحاني فيض پرايو.
وسڻ شاهه پنهنجي درٻار انڌن، منڊن، لولن، لنگڙن، بيوس توڙي لاچار ماڻهن لاءِ کُليل رکي. هن ڪڏهن به ذات پات جو ڀيد ڪونه رکيو. هڪ دفعي هڪ مسڪين عورت وٽس آئي ۽ پنهنجو جسم ڍڪڻ لاءِ پيشگير لاءِ سوال ڪيائين. وسڻ شاهه پنهنجي گهر واريءَ کي نياپو موڪليو، پر هن وٽ به فقط هڪ ئي پيشگير هو جو بدن تي پيل هو. هن پنهنجي مڙس جي خواهش جو احترام ڪندي، چادر جيڪا مٿي تي ڪيل هئس تنهن سان پنهنجو سمورو بدن ڍڪي پنهنجو پيشگير لاهي ان ضرورتمند عورت کي ڏئي ڇڏيو. مالڪ جي رمز ڏسو! ٻن ڪلاڪن بعد هڪ سيٺ وسڻ شاهه وٽ زنانا ڪپڙا سبيل کڻي آيو ۽ هٿ جوڙي قبول ڪرڻ لاءِ وينتي ڪيائين، جيڪي وسڻ شاهه پنهنجي گهرواريءَ کي ڏياري موڪليا. اهڙا تياڳ، خدمت ۽ سخا جا انيڪ مثال سندن حياتيءَ جي اڀياس سان ڏسڻ ۾ ايندا.
وسڻ شاهه جي وفات بابت روايت آهي ته سندس هڪ شرڌالو لعلو سخت بيمار ٿي پيو ۽ وسڻ شاهه سندس حال پڇڻ ويو ته ڏٺائين لعلوءَ جي گهر واري ۽ مائٽ روئي رهيا هئا. هنن هٿ ٻڌي وينتي ڪئي ’سچا ستگرو! هن لعلوءَ کي جيئدان ڏيو.‘ سنت وسڻ شاهه پنهنجون اکيون ٻوٽي فرمايو ’ٻچا لعلو! تون اُٿ ۽ شيوا ڪندو رهه، اسين ٿا برهم لوڪ جي تياري ڪريون‘. ان بعد لعلو چاڪ چڱو ڀلو ٿي پيو، پر ستت ئي آڪٽوبر 1894ع ڌاري وسڻ شاهه پرلوڪ پڌرايو.