
سنج
سنج: سنج، گهوڙي تي سواري ڪرڻ لاءِ رکبا آهن. جيئن گڏھہ جا آٿر ۽ اٺ لاءِ پلاڻ لفظ ڪتب آندو وڃي ٿو. ائين گهوڙي کي تيار ڪرڻ لاءِ مٿس سنج رکبا آهن. سنجن ۾ هنو، ٿڙها، تل، دبنجي، تنگ ۽ لغام اچي وڃن ٿا. هنر، لوھہ يا پتل جي جي پترن کي خوبصورت انداز ۾ ڪاٺ جي فريم تي مڙهي ٺاهبو آهي. ڪاريگر ان تي گلڪاري بہ ڪندا آهن. پويان کان اڳ تائين هني ۾ جيڪو چمڙو سوار جي ويهڻ لاءِ لڳايو ويندو آهي، انهيءَ کي ڇل يا مڙدو چئجي ٿو. جڏهن تہ هني ۾ ٻنهي پاسن کان ٻہ ٻيڻا چمڙي جا مضبوط پٽا وجهبا آهن، جن کي دوال چيو ويندو آهي. انهن تي پير رکڻ لاءِ لوھہ جا فريم وجهبا آهن، جن کي رڪيب چئبو آهي. تل ۽ هني جي وچ ۾ يعني تل جي مٿان ۽ هني جي هيٺان تڙها رکبا آهن. هي چمڙي ۽ ڪپڙي جي مدد سان ٻن الڳ الڳ حصن تي مشتمل ٿين ٿا. تڙهن جي ڪپڙي ۽ چمڙي جي ڏور سان پاڻ ۾ ٻنهي طرفن کان ملائي ڳنڍجي ٿو. ڪپڙي ۽ چمڙي جي وچ ۾ ڪپھہ، ڪاٺ جو ٻورو، بھہ يا ڪاغذ ۽ گتي جي ڪتر ڀريل هوندي آهي، جيئن اهي هلڪا ۽ نرم رهن. گهوڙي تي سنج رکڻ بابت ماضيءَ جي ٻاراڻي نصابي ڪتاب ۾ هڪ ٻاراڻي گيت ’مٺڙا گهوڙا اوري آءُ‘ ۾ بہ ذڪر هو، جنهن کي ٻار ڏاڍي چاھہ سان پڙهندا هئا:
جڏهن شام جا وڄندا پنج،
توتي رکندس سھڻا سنج،
ٻـالـڪـ چـــونـدا ڊوڙو ڊوڙو،
ڏسو ڪڪي جو سھڻو گهوڙو!
جڏهن تہ شيخ اياز جي هڪ ٽيڙوءَ ۾ بہ سنجن جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:
اچ ويھہ گهڙي ڀرسان،
مـون سـنج وڌا گهـوڙي،
تو لاءِ پيـو تـرسـان.
تل: گهوڙي جي سنجن ۾ هي سڀ کان وڌيڪ اهم شيءِ ٿئي ٿي، جيڪا وڌيڪ محنت سان ٺاهي ويندي آهي. تل ڏاس، پشم، يا اٺ جي ملس مان ڏاڍي محنت سان ٺاهين ٿا. ڪاريگر هڪ قسم جو کونئر ڄمائي، ٻنهي پاسن سان (ٺونٺ کان ڪرائيءَ واري حصي جي زور سان) ان کي ملين ٿا، جنهن سبب سندن جي ٻانهن جا وار بہ لھي پوندا آهن ۽ کل ڦاٽي پوندي آهي. تل جو ڪم سنڌ ۾ اڳي بہ تمام گهٽ ڪاريگر ڄاڻندا ۽ ڪندا هئا، تل جي مٿئين پاسي پشم سان خوبصورت گلڪاري پڻ ٿيندي آهي. آخر ۾ تل جي مٿئين حصي کي ڪاٺيءَ جي سخت مترڪي سان گهڻو سٽبو آهي، جيئن تل پنھنجي جاءِ تي ڄمي وڃي.
تنگ: هني مان ڇل مڙدي هيٺان ٻاڙي کن ويڪر وارو پٽو، جيڪو چمڙي ۽ ڪپڙي سان ٺاهيو وڃي ٿو، مٽائي ٿڙن ۽ تل مٿان گهمائي هڪ طرف کان لوھہ جي ٻن هڪن ۾ چمڙي جي پٽيءَ سان ٻڌي، سنجن کي مضبوطيءَ سان جهلڻ واري ان پٽي/بئلٽ کي تنگ چيو ويندو آهي. سنڌ جي عظيم شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ تنگ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
تنگ، مهارون، توٻرا، بيٺا جت جوڙين
يا وري:
تنگن ڏيئي تاڻ، پنھون نيائون پاڻ سين.