سنجاق

سنجاق (جهنڊو) شريف: حضور نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن جو علم (جهنڊو) مبارڪ، جيڪو اڄ تائين استنبول (قسطنطنيه) ۾ حفاظت سان رکيل آهي. ان جي ڊيگهہ 12 فوٽ آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ چؤڪُنڊو چانديءَ جو خول رکيل آهي. ان ۾ قرآن مجيد جو هڪ قلمي نسخو رکيل آهي، جنهن لاءِ مشھور آهي تہ اهو نسخو حضرت عثمان رضہ جي هٿن جو لکيل آهي. ان علم تي هڪ ٻيو جهنڊو (رايت نالي) ويڙهيل آهي، جنهن کي حضرت عمر فاروق رضہ ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو. ان سنجاق تي پٽ جي چمڪندڙ ڪپڙي جا چاليھہ غلاف چاڙهيل آهن. اهو سڀڪجهہ وري هڪ سائي رنگ جي غلاف ۾ ويڙهيل آهي. انهن سڀني غلافن ۾ هڪ ننڍڙي سائيز جو قرآن مجيد پڻ پيل آهي، جيڪو حضرت عمر رضہ جو آهي. ان کان سواءِ هڪ چانديءَ جي ٺهيل ڪعبة شريف جي ڪُنجي بہ انهن غلافن ۾ ويڙهيل آهي. اها ڪنجي مڪي شريف جي گورنر سلطان سليم اول کي ڏني هئي. اهو (سنجاق/ جهنڊو) مختلف دورن ۾ مختلف بادشاهن جي قبضي ۾ رهيو. اُهي اُن کي مختلف مهمن ۾ پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا ۽ فتح ٿيڻ کانپوءِ ان کي آبنوس (وڻ) جي لٺ سان لاهي گهڻيون ئي رسمون ادا ڪري، دعائون گهُري، عنبر ۽ عود جي خوشبو مکي نهايت خوبصورتيءَ سان سينگاري صندوق ۾ بند ڪري رکندا هئا. انهيءَ صندوق ۾ حضور پاڪ صلي عليہ وسلم جن جا ٻيا تبرڪان يعني لباس وغيرہ بہ رکيو ويندو هو.


لفظ سنجاقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو