سنجراڻي (ذات): ’سنجراڻي‘ مزاري بلوچن جي رستماڻي قبيلي مان هڪ پاڙي جو نالو آهي، لغارين جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ ’سنجراڻي‘ آهي. لعلڻ خان لغاري ڏورن، بيتن ۽ ڳجهارتن جو سگهڙ پڻ سنجراڻي هو. اها ڳالھہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب ’ڏور‘ ۾ لکي آهي تہ سراواني سنجراڻي خالص بلوچ آهن. 1911ع ۽ 1931ع واري آدمشماري رپورٽ موجب ’سنجراڻي‘ ميرجتن ۽ جت قبيلي مان هئا، جن بعد ۾ پاڻ کي بلوچ سڏرايو. هن وقت بہ جتن جي ذاتين ۽ پاڙن تي نظر وجهبي تہ انهن ۾ ’سنجراڻي‘ نظر اچن ٿا. جتوئيءَ جي هڪڙي پٽ جو نالو ’سنجر‘ هو. ان جي اولاد کي پڻ ’سنجراڻي‘ چون ٿا. ٻرڙن ۾ پن ’سنجراڻي‘ آهن، جيڪي جيڪب آباد طرف رهندڙ آهن. سنجراڻي پاڙي/ ذات جو مورث اعليٰ سنجر خان هو، جنهن جي نالي پٺيان ’سنجراڻي‘ سڏجن ٿا. سنڌ جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري، اسلم سنجراڻي پڻ هن ذات مان هو.