سنجر ڪاشاني

سنجر ڪاشاني: سنجر ڪاشاني، سنڌ جي ترخان گهراڻي جي ٻن حاڪمن مرزا جاني بيگ ترخان ۽ مرزا غازي بيگ ترخان جو درٻاري امير ۽ شاعر هو. هي ڪيترا سال ٺٽي ۾ رهيو. سندس پورو نالو مير محمد هاشم طباطبائي تخلص ’سنجر‘ سيد خاندان سان هو. ’تذڪرة ميخانه‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”مير سنجر جا سڀئي غزل ۽ قصيدا فصيح ۽ بليغ آهن ۽ عرفيءَ کانپو ءِاستعارن جي صحيح استعمال ڪرڻ ۾ هن کانسواءِ ٻيو ڪو به نظر نٿو اچي.“ مير سنجر ڪاشاني اصل ۾ ايران جي شهر ڪاشان ۾ ڄائو. سندس والد مير رفيع الدين حيدر معمائي سڄي ايران ۾ مشهور هو ۽ اتي جا نامور عالم ۽ شاعر محتشم عاشق، مولانا وحشي يزدي، غيرتي شيرازي، فهمي ۽ حاتم ڪاشي سندس همعصر ۽ دوست هئا. مير معمائيءَ تي جڏهن ايران جي شهنشاهه شاهه عباسي صفويءَ
(985هه/ 1577ع- 1038هه/ 1628ع) جي هجوگوئيءَ جو الزام لڳو، تڏهن مجبور ٿي کيس وطن ڇڏڻو پيو ۽ هندستان ۾ اچي اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ شامل ٿيو.
مير سنجر ڪاشاني به پيءُ جي پٺيان اچي اڪبر جي درٻار سان منسلڪ ٿيو ۽ سندس گذرسفر لاءِ هڪ سوني اشرفي روزينو مقرر ڪيو ويو ۽ اڪبري دور جو هڪ ممتاز شاعر ڪوٺجڻ لڳو. مير سنجر اڪبري درٻار کي ڇڏي، ٺٽي ۾ پهچي ميرزا جاني بيگ جي درٻار سان وابسته ٿيو. هي ميرزا جاني بيگ ۽ ان جي پٽ ميرزا غازي بيگ مان اهڙو ته متاثر ٿيو، جو ٻنهي پيءُ پٽ جي شان ۾ الڳ الڳ قصيدا چيائين، پر جلد سنڌ تي 1000هه/ 1591ع ۾ اڪبر بادشاهه حملو ڪيو. اڪبر بادشاهه جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ 1002هه/ 1593ع ۾ مير سنجر ڪاشاني، ميرزا جاني بيگ سان گڏ اڪبري درٻار ۾ پهتو. اڪبر جي درٻار مان تڪليف ملڻ کانپوءِ مير سنجر بيجاپور پهتو، جتي هن بيجاپور جي حاڪم ابراهيم عادل شاهه جي مدح ۾ هڪ طويل قصيدو چيو، اتي جي وڏي وزير مولانا ملڪ قمي، مير سنجر کي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏئي پنهنجو ناٺي ڪيو. انهيءَ عرصي دوران هن جي پيءُ کي ايران جي شهنشاهه شاهه عباس صفويءَ وٽ ساڳيو مان ۽ شان حاصل ٿيو ۽ شاهه عباس صفوي هڪ فرمان تحت خلعت ۽ راهه جو خرچ موڪلي ايران اچڻ جي دعوت ڏني، پر سنجر جيستائين تياري ڪري، تيـستائيـن سندس طبيعت تمام خراب ٿي وئي ۽ هو ايران وڃڻ بدران 41 سالن جي عمر ۾ 1023هه/ 1614ع ۾ پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو.
وقت جي نامور شاعر باقر خورده سندس وفات تي هيٺين قطعه تاريخ چئي:
سنجر زسر نهاد تمنائي سروري،
بي بادشاهه ماند جهان سخنوري،
تاريخ اُو به تعميه گفتم بوالدش،
افگنده ’بادشاهه سخن‘ چتر سنجري.
1023= 2+ 1021
مير سنجر ڪاشانيءَ جو سڄو ڪلام ’ديوان سنجر‘ ۾ موجود آهي. هن جو ڪلام مثنوي، قصيدي، غزل ۽ رباعيءَ تي مشتمل آهي. ميرزا غازي بيگ جي شان ۾ چيل قصيدي ۾ هو پاڻ لاءِ هيئن چوي ٿو ته:
من بلبل گلستان تته
من راوي داستان تته
(ترجمو: آءٌ ٺٽي جي گلستان جي بلبل ۽ ٺٽي جي داستان جو راوي آهيان.)
حب وطن ازدلم بدر برد
مهر گل و مهربان تته
(ترجمو: ٺٽي جي محبت واري گل ۽ مهربانين وطن جي حب دل مان ڪڍي ڇڏي آهيان)
پرورده آب و نان سندهم،
آبادان خان و مان تته
(ترجمو: آءٌ سنڌ جو نمڪ خوار آهيان ۽ ٺٽي شهر جو رهاڪو آهيان.)


لفظ سنجر ڪاشانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو