سنجوڳي

سنجوڳي: ايس. ايم. چنا موجب سنجوڳيءَ هيٺئين ڪلاس جا ڀڪشو يا پينو فقير آهن. سنجوڳي لفظ سنياسي ۽ جوڳي لفظ جي ميلاپ مان ٺهيل آهي. هي هندن جا هيٺئين ڪلاس جا پينو فقير آهن، جيڪي لنگوٽيءَ ۾ گذارين ٿا. اهي پاڻن (Ponas) يا ٻين هيٺئين ڪلاس جي هندن وٽ مقدس پير جو درجو رکن ٿا. هي ماڻهو لانگوٽي ٻڌا آهن يعني سندن عهد ٿيل آهي ته هو جنسي عمل نه ڪندا. هو تلسيءَ جي وڻن مان مڻيا ٺاهي انهن مان تسبيحون تيار ڪري کپائيندا آهن. جيڪي اوريا ذات جا ماڻهو ڳچيءَ ۾ پائيندا آهن.
سنجوڳين مان ڪي هارپو به ڪندا آهن پر گهڻن جو گذران پنڻ تي آهي. جڏهن هو پنڻ ويندا آهن ته سندن گوڏي ۾ گهنٽي ٻڌل هوندي آهي. جڏهن ته ڪلهي جي هڪ پاسي زنبيل کڻندا آهن. ڪي سنجوڳي ڪن اوريائي مذهبي عبادت گاهن ۾ ملازمت به ڪندا آهن. سندن اتي ڪم هوندو آهي ته فقيرن کي کاڌو کارائين. کاڌو کارائڻ کان پوءِ اتي ڪريل پنن مان ٺهيل باسڻ ۽ ٻيون شيون هٽائين ۽ بچيل کاڌو کائين.
خير محمد ٻرڙي لکيو آهي ته اهي مسلمان شيخ آهن، سندن عادتون ريتون رسمون اڃا تائين هندن جهڙيون آهن. سندن هڪ پاڙو سنجولي لاڙڪاڻي ۽ ۽ دادوءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ سنجوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو