سندراڻي

سُندراڻي (ذات): سنڌ ۾ اڪثريت سان رهندڙ هڪ ذات. سندراڻي هڪ قبيلو آهي، جيڪو بڙدي قبيلي مان نڪتل آهي. نامور محقق رحيمداد مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ’تاريخ بلوچستان‘ ۾ هن ذات وارن کي پيروزاڻي بگٽين بلوچن جي شاخ مان ڄاڻايو آهي. اهڙيءَ طرح جامع سنڌي لغات ۾ پڻ مصنف هن ذات وارن کي بگٽي قبيلي مان ڄاڻايو آهي. گورچاڻي بلوچن جي لشاري شاخ مان هڪ پاڙي جو نالو پڻ سندراڻي آهي، جن کي سندلاڻي چون ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هنن کي لشارين ان لکيو آهي. چانڊيا هوت بلوچ جو اولاد آهن. هوت کي چار پٽ هئا، عجن مان هڪ پٽ جو نالو مير حسين هو. ان مان سندراڻِ آهن. هن سندراڻي چاندين جا خاص پاڙا بخشاڻِ، ڀوتاڻي، صوڀاڻي، ڪمالاڻي، کٽواڻي، گلاڻي، نداماڻي، ولياڻي ۽ هداڻي شامل آهن.
جامع سنڌي لغات ۾ جتوئي بلوچن جا ڪجهه پاڙا لکيل آهن، جن مان هڪ پاڙي جو نالو سندراڻي ڄاڻايل آهي. ايس. صادق موجب سندراڻي رندن جو پاڙو آهي ۽ جتوئين جي شر قبيلي مان پڻ سندراڻي آهن. بڙدين ۽ بليدين جي احوال ۾ لکيل آهي ته سندراڻي بڙدي ۽ بليدي آهن، جن جا خاص پاڙا: بابلاڻي، بجاراڻي، بهارخاناڻي، زيندياڻي، ميولداڻي ۽ هيسباڻي آهن.
سندراڻي قبيلي وارا پاڻ کي عرب نسل مان امير حمزه جو اولاد سڏرائين ٿا. سندن موجب حجاج بن يوسف، عرب نسل جي هڪ بلوچ محمد بن هارون کي مڪران جو حاڪم ڪري موڪليو. هن سنڌ تي حملي وقت لسٻيلي تائين ساڻس گڏ آيو ۽ اتي وفات ڪيائين. محمد بن هارون کي هڪ پٽ علي جو اولاد هو، جيڪو مير عاليءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. تنهنجي هڪ پٽ سندر مان سندراڻي بڙدي ۽ حاجي خان جي اولاد مان حاجي زئي بليدي سڏجي ٿو.
هن خاندان مان سردار امير واحد بخش سندراڻيءَ کي خانداني دٻدٻي سبب هندستان حڪومت طرفان خانبهادر جو لقب مليو، جيڪو چاليهن قبيلن جو سردار ۽ سئو ڳوٺن جو مالڪ هو. 1923ع ۾ سردار مير سندر خان سندراڻيءَ کي سردار بهادر جو لقب مليو، جيڪو 1925ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو. هن وقت هن قبيلي جو سردار مير عابد خان سندراڻي آهي. جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ آهي. هي ڪيترين ئي ٻين ذاتين، جاگيراڻين وغيره جو پڻ چڱو مڙس آهي، جن جي مٿس پڳ آهي.
هن قبيلي وارا ماڻهو ڪنڌڪوٽ ضلعي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهائش پذير آهن.


لفظ سندراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو