سندريءَ جو قلعو

سندريءَ جو قلعو: سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ لکپت کان ٽيھہ ميل ۽ علي پور کان ويھہ ميل پري سندري جو قلعو هو، جتي ڪڇ جي حڪومت هڪ سرحدي چونڪي ٺهرائي ڇڏي هئي. ڪڇ جي حاڪم راءِ لاکي ۽ سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي وچ ۾ جهاري جبل واري جنگ لڳي تہ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي ڪڇ ڏانهن ويندي رستي ۾ سندريءَ جي قلعي تي حملو ڪري اهو فتح ڪيو. ان فتح بابت مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”ميان غلام شاھہ، 28 آڪٽوبر 1762ع ۾ لشڪر ساڻ ڪري ڪڇ روانو ٿيو، ساڻس گڏ پونچو سيٺ پڻ هو، جنهن سان ڪڇ جي حاڪم گهڻي زيادتي ڪئي ۽ مٿس اهو الزام مڙهيائين تہ پونچي سيٺ جا، راءِ لاکي جي ماءُ سان ناجائز تعلقات آهن. پونچي سيٺ انهيءَ ظلم جو فرياد ديوان گدو مل جي توسط سان ميان غلام شاھہ تائين پھچايو ۽ ميان غلام شاھہ هڪدم ڪڇ تي حملي لاءِ تيار ٿي ويو. ميان غلام شاھہ ڪڇ ويندي رستي ۾ سندري جو قلعو فتح ڪيو ۽ اتي پنھنجي مضبوط چونڪي قائم ڪيائين.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو