سندر حشمتراءِ نيڀواڻي: هي 16 آڪٽوبر 1919ع ۾ حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. ميٽرڪ حيدرآباد پاس ڪيائين، ورهاڱي سبب هندستان هليو ويو، اتي هن 16 سال ادب جي مختلف صنفن تي ڪم ڪيو، جنهن ۾ ناول ۽ ڪهاڻي اهم آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ‘نراس ناري’ (1964ع) (2) ‘پيار جا سپنا’ (1967ع) (3) ‘سڌريل زمانو بگڙيل پيار’ (1968ع) (4) ‘ديوتا روئي ڏنو’ (1970ع) (5) ‘مڌر ملن’ (1977ع) وغيرہ شامل آهن، جڏهن تہ سندس 40 کن ڪهاڻيون ۽ ڪجهہ آزاد نظم مختلف رسالن ۽ اخبارن جھڙوڪ: ڪونج، سنگهٺن، هير، ڀارت جيون، سنڌي گلشن، هند واسي، ساهت ڌارا، آکاڻي، مارئي، مومل ۽ سوکڙي وغيرہ شايع ٿيل آهن. پاڻ سنڌي ڪالوني، بئنگلور ۾ ر هندو هو. سندس پوءِ جي زندگيءَ بابت مواد نہ ٿو ملي.