سندر ڀڳوانداس

سندر ڀڳوانداس: ڊرامه نويس، هدايتڪار ۽ اداڪار سندر ڀڳوانداس جو جنم، 27 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان جي علائقي ناگپور مهاراشٽر ۾ وڃي آباد ٿيو، جتي ڀارت جي هڪ سرڪاري اداري ۾ نوڪري ڪيائين، ادبي لحاظ کان سندس لاڙو ڊرامن لکڻ طرف رهيو. 1977ع کان 2000ع تائين هندستان ۾ سنڌو ڪلاڪيندر جي بينر هيٺ ڪيترن ناٽڪن ۾ حصو پڻ ورتائين، جن ۾: ’ياد ڪندا‘، ’سوريءَ سڏ ڪيو‘، ’هڪ عجيب داستان‘، ’فنا‘، ’رام اڃا بنواس ۾ آهي‘ ۽ ’هيءُ پياسو منهنجو من‘ شامل آهن. سنڌيءَ کان سواءِ هن ڪجهه هندي ناٽڪن ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيا، اسٽيج ڊرامن ۾ بہ ڪم ڪيائين، هن اداڪاريءَ سان گڏ ادبي تنقيد لکي ۽ شاعري بہ ڪئي. کيس مڃتا طور ڪيترا اوارڊ مليا، جھڙوڪ: (1) 1998ع ۾ راجسٿان سنڌي اڪيڊميءَ طرفان بھترين ناٽڪ ’فنا‘ لکڻ تي پهريون نمبر انعام، (2) 1978ع ۾ ’سوريءَ سڏ ڪيو‘ ۾ بھترين هدايتڪار طور ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ طرفان پهريون انعام، (3) 1985ع ۾ ’هڪ عجيب داستان‘ ناٽڪ ۾ سٺي اداڪاري ۽ هدايتڪاريءَ عيوض ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي‘ ۽ ’ساهت سڀا‘ بمبئي پاران پهريون انعام ۽ (4) مجموعي طور ڊرامه ۽ ثقافتي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ عيوض سنڌي اڪيڊمي مهاراشٽر طرفان ڪيترائي اوارڊ مليا.


لفظ سندر ڀڳوانداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.09.27  عيسوي

ڊرامه نويس، هدايتڪار ۽ اداڪار سندر ڀڳوانداس جو جنم، 27 سيپٽمبر 1933ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪمار ٿڌاڻي
فھميدہ رياض
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
جويو سيف ﷲ ڊاڪٽر
سيد شفقت حسين موسوي
دوست محمد هڪڙو
سيٺ نانڪرام
خانواڻي روچيرام تيرٿداس
خيرالنساءِ جعفري
چواين لاءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون