سنهالي لپي
سنهالي (Sinhali): هي پدي حرفي نموني جي لپي آهي، جيڪا اصل ۾ برهمي لپيءَ مان نڪتل آهي ۽ سريلنڪا ۾ لکي وڃي ٿي. هن لکت جا ڪجهه اوصاف ڪُڊمبا لپيءَ سان به ملن ٿا، جيڪا به اصل دراوڙي لکت آهي. سنهالي ٻولي پهرين سنسڪرت، سنهالي ۽ پالي سنهالي خط ۾ لکي ويندي هئي. سيلون لاءِ ماضيءَ ۾ ’سرانديپ‘ لفظ به مروج هو، جنهن کي هاڻي سريلنڪا چيو وڃي ٿو. سنهالي اتان جا مقامي ماڻهو آهن، جن جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو تامل ٻولي ڳالهائي ٿو. ڪي عالم سنهاليءَ کي دراوڙي ٻولي سمجهن ٿا، پر ڪي اُن کي هند- آريائي ٻولي سڏين ٿا. اصل ۾ هيءَ دراوڙي ٻوليءَ جي نک مان چئي وڃي ٿي، جنهن ۾ تامل ٻوليءَ جا کوڙ لفظ اڌارا ورتل آهن. سيلون جو وجود آرين جي پهرين لڏپلاڻ 500 ق. م ۾ ٿي هئي. اصل ۾ هي اوڏ لوڪ (اوڙيسائي) هئا، جيڪي اوڀر هندستان مان لڏي ويا هئا. اصلوڪن ماڻهن ۽ اوڏن جو هي مليل جليل نسل آهي. ٽين صدي عيسويءَ ۾ ٻڌ ڌرم جو گهڻو اثر پيو. ٻڌ جون تعليمات اتي پهتيون، جيڪي گهڻو ڪري پالي لکت ۾ سنسڪرت جون هيون، جن جو ماڻهن جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي گهرو اثر پيو. پالي ٻوليءَ جون برهمي لپيءَ ۾ لکتون سيلون ۾ ٽين صدي عيسويءَ ڌاري جون ملن ٿيون. ٻڌ ڌرم جي آمد کان اڳ جي ڪا به لکت پڪي ثبوت سان نه ملي آهي.
سنهالي لکت کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) پروٽو سنهالي دور: چوٿين پنجن صدي عيسوي کان اٺين صديءَ تائين، (2) وچيون سنهالي دور: نائين ۽ ڏهين عيسويءَ جي لکتن جو دور، (3) جديد سنهالي دؤر: تيرهين صديءَ کان حال تائين. هن دؤر ۾ سنهالي گرامر (Sangarava-Sidat) لکيو ويو، جيڪو پاڻيڻيءَ جي سنسڪرت جي گرامر سان ملندو آهي. 19 صديءَ جي شروعاتي لکتن ۾ ڪافي ترقي ۽ تبديلي نظر اچي ٿي.
سنهالي لکت ۾ ڪل 54 حرف (Letters) آهن، جن ۾ 18 سُر (Vowel) آهن، جڏهن ته 30 وينجن (Consonant) آهن، پر پراڻي سنهاليءَ ۾ صرف 33 حرف هئا، جن مان 12 سُر ۽ 21 وينجن هئا. پراڻي سنهالي، ديوناگريءَ ۾ لکبي هئي، جنهنڪري ان ۾ ديوناگريءَ جا 21 حرف شامل ڪيا ويا، اهو طريقو بعد ۾ ترڪ ڪري سنهاليءَ جي الڳ لپي جوڙي وئي، جنهن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.