سنهڙو (ديھہ): هي ديھہ تپي لانڍي تعلقي ڪراچي يونين ڪائونسل لانڍي ۾ آهي. هي زرعي علائقو آهي، ملير ۽ سڪڻ نئين جي ڪناري تي آهي. حاجي شيدي ڳوٺ ۽ ڄام ڪنڊو هن ديھہ ۾ شامل آهن. سڪڻ نئين جو کاٻو پاسو، لاشاري ڳوٺ کان وٺي موسيٰ جوکيي ڳوٺ تائين وارو علائقو هن ديھہ ۾ اچي ٿو. سنهي ليڪ وانگر هئڻ ڪري هن ديھہ تي ’سنهڙو‘ نالو رکيو ويو. ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ گهوٽڪي تعلقن ۾ بہ هن نالي سان ديهون موجود آهن.