سنياري: هي آبي گاھہ جو قسم آهي. سنياري گاھہ اڪثر ڪري سڀني ڍنڍن ۾ ٿيندو آهي. مڇي هن گاھہ کي کائيندي آهي. هي گاھہ پاڻيءَ ۾ وڌندو ويجهندو آهي ۽ گهاٽو ڄمندو آهي. سنياريءَ کي ’سينؤري‘ بہ چوندا آهن. هن کي سانگهڙ ۽ ٿر جي ڍنڍن ۾’سينهوڙي‘ سڏيندا آهن. ڀاڳيا سنياري گاھہ پاڻيءَ مان پٽي مال لاءِ کڻي ويندا آهن. مال بہ هيءُ گاھہ شوق سان کائيندو آهي.