سنياسي: هي اصطلاح سنسڪرت جي لفظ ’سنياس‘ مان ورتل آهي، جيڪي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ پنهنجون خواهشون ماري، دنيا تياڳيندا آهن. اي. ڊي ميڪليگن جي لکڻ موجب: جڏهن ڪو ماڻهو سنياس وٺندو آهي تہ پنهنجن مائٽن سان مشورو ڪندو آهي. پنھنجي جائيداد وارثن ڏي منتقل ڪندو آهي. ڪجهہ وقت ڳوٺ جي مندرن ۾ عبادت ڪندو آهي. سنياسي عام نموني ۾ شِوَ جي عبادت ڪري شڪتي وٺندو آهي، ڊينزل ابٽسن ڪتاب Castes of Punjab ۾ لکي ٿو تہ: سنياسي بيراگين وانگر وشنوءَ جا پوئلڳ آهن. پنجاب ۾ سنياسين کي شنڪر آچاريه جي پوئلڳن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سنياسي پاڻ سان ٺڪر جو پيالو پاڻي پيئڻ لاءِ، وڻن جون پاڙون کاڌي لاءِ کهرو لباس پائڻ لاءِ کڻندا آهن. ايس. ايم چنا جي لکڻ موجب سنياسين جا ڪيترا فرقا آهن، جن ۾ آڌوتي، نانگا، اليکايا، دنگالي، اگهوري، ارداباهو، اڪشا موکي، نکي، سهرا ديش واري، ارڌا موکي، پنچا ڌوني، تياگ سنياسي، مئونا براتي، جل شاهي، جلدارش پوسي، ڪرالنگني، ڦلهاري ۽ دوڌا ڌرني مشھور آهن. انهن فرقن ۾ ڪو خاص وڏو فرق ڪونهي. سنياسي پنھنجي جيئري ئي پنھنجي مرتئي جون رسمون پنهنجن هٿن سان پوريون ڪندا آهن. سنياسي بہ جوڳين وانگر مڙدي کي ’ويٺڙ‘ پوريندا آهن. جڏهن ڪو سنياسي مري ويندو آهي تہ کيس ڪلهن وٽ ڪاٺيون ڏئي کي ويهاريندا آهن. قبر ۾ مڙدي جو مُنهن اوڀر يا اتر ڏي ڪندا آهن. سنياسين کي جين ڌرم جي فرقن ۾ شامل سمجهيو ويو آهي، جھڙوڪ: جوڳي، مهيسي، ڪن ڪٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، سنياسي وغيرہ.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بہ سنياسين ۽ جوڳين سان ڪافي وقت گذاريو هو. هنگلاج ڏانهن سنياسين سان گڏجي سفر ڪيو هو. سندن ريتن رسمن ۽ زندگيءَ جا اولڙا شاھہ جي شاعريءَ ۾ موجود آهن.
شاھہ صاحب، سُر رامڪليءَ ۾ سنياسين جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو:
اڄ پڻ اوطاقن ۾ سندي جوڳين ذات،
ساري سنياسين کي، رنم ساري رات،
مون تنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.