سنٿال (قبيلو): هيءُ قبيلو ننڍي کنڊ جي دراوڙ قبيلن مان آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي قديم ۽ وڏن قبيلن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. سنٿال کي ’سنتول‘ ۽ ’سنتال‘ پڻ چيو وڃي ٿو. هن وقت هن قبيلي جي اڪثريت هندستان جي مختلف رياستن جهاڙ کنڊ (Jhar khand)، اولھہ بنگال (West Bangal)، بھار(Bihar)، اوڙيسا (Orissa) ۽ آسام(Assam) ۾ رهي ٿي. ان کان سواءِ اقليتي لحاظ کان سنٿال قبيلي مان ڪيترائي خاندان بنگال ۽ نيپال ۾ پڻ رهن ٿا. عام طور تي ڪولن، سنٿالن ۽ منڊلوڪن جي قبيلن سان تعلق رکندڙ ڀيل، ڪولهي، منڍا وغيرہ هندن جي طبقاتي نظام مطابق هندن جي تمام هيٺين طبقي ۾ شمار ڪيا ويندا آهن. سنٿال جو لفظ اڪثر ڪري ڀيل قبيلي لاءِ تصور ڪيو ويندو آهي، پر مجموعي طور تي سنٿال هڪ تمام وڏو قبيلو آهي، جنهن منجهان ڪيترائي قبيلا ۽ ذاتيون نڪرن ٿيون، جيڪي هڪٻئي کان ٿوري گهڻي ڦيرڦار سبب قبيلائي عيلحدگي رکن ٿيون. محققن موجب هن قبيلي جو تعلق پروٽو آسٽرا ليوڊ گروپ (Proto-Australoid Group) سان آهي. هي قبيلو ننڍي کنڊ ۾ آباد ٿيندڙ قبيلن مان سڀني کان پهريون قبيلو آهي، جنهن مختلف درواڙ قبيلن سان گڏجي سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تھذيب جو بنياد وڌو هو. هي قبيلو ڪاري جسامت سبب آسٽريليائي نسل سان تعلق رکي ٿو. ڪجهه اهڙيون شهادتون قبل مسيح زماني ۾ ملندڙ لاشن جي ڍانچن جي سڃاڻپ ڪندي پڻ معلوم ٿيون آهن. اهڙا ڍانچا هندستان جي ڪيترن ئي علائقن مان مليا آهن. نامور محقق ڪاڪي ڀيرومل مھر چند آڏواڻي جي تحقيق موجب سنڌ ۾ سيوهڻ جي آس پاس پڻ اهڙا ڍانچا ۽ کوپڙيون (Tertiary fossils) مليون آهن، جيڪي هاڻوڪن ڪولهين، سنٿالن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا.
قديم آثارن جي ڪن ماهرن جو خيال آهي تہ موهن جي دڙي مان ملين ناچڻيءَ جي مورتي چهري جي نقشن مان Austroloid نسل جي لڳي ٿي.
سنسڪرت ٻوليءَ جي پراچين ادب ۾ سنٿالن جي سڃاڻپ بابت نشاندهي ڪيل آهي. ان موجب سنسڪرت ۾ هن قبيلي کي ’نشادس‘(Nishads) ۽ ’اناش‘(Anash) چيو ويو آهي، جنهن مان مراد بني نڪ وارا يا گتل نڪ وارا آهن. ان کان علاوہ انهن جي منفرد مزاج، طبع، ٻولي ۽ ڪاري رنگت بابت بہ ڄاڻ ڏنل آهي. ماهرن جو خيال آهي تہ سنٿال جسامت جي لحاظ کان ننڍي ۽ پوري پني قد ڪاٺ جا ٿين ٿا، سندن نڪ بينو ۽ منهن ۾ گتل ۽ تمام ٿوري سطح تي اڀريل ٿئي ٿو. انهن جا وار لهردار تہ ڪڏهن گهنڊيدار ۽ وڪوڙيل صورت ۾ تہ ڪڏهن گهنڊي کان بغير تمام هلڪن ور وڪڙن ۾ ٿين ٿا. جيڪا انهن جي قديم نسل مان هئڻ جي علامت سمجهي وڃي ٿي.
هندستان ۾ آباد پروٽو اسٽراليوڊ گروپ (Proto Australoid Group) جي وڏي قبيلي سان تعلق رکندڙ ڪجهه اهڙا قبيلا اڄ بہ آهن، جنهن جي هر هڪ قبيلي کي پنھنجي مخصوص سڃاڻپ آهي. اهڙن قبيلين کي پنهنجو پنهنجو قبيلائي ڏيک يا نياتي نشان ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن قبيلي جي فرد جي خاص سڃاڻپ ۽ علامت سمجهيو ويندو آهي. ان کان علاوہ اهي جادو، منتر ۽ جن يا ڀوت ڀڄائڻ جا ٽوڻا، ڦيڻا بہ ڄاڻندا آهن. معجزاڻين ۽ مافوق الفطرت ڳالهين ۾ تمام گهڻو يقين رکن ٿا. ڪيترائي قبيلا مذهبي ۽ سماجي لحاظ کان گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي بہ رکن ٿا. هڪٻئي کان ٿوري ڦيرڦار سبب الڳ پڻ آهن. انهن ۾ ڪجهه اهڙا قبيلا بہ آهن، جيڪي مئل جانور جو گوشت يا شڪار وسيلي حرام قرار ڏنل جانور جو گوشت کائن ٿا. جنهنڪري سماج ۾ کين حقارت جي نگاھہ سان ڏٺو ويندو آهي.
سنٿالن ۾ قبيلائي لحاظ کان ڪمن ۽ عملن جي بنياد تي ذات پات جو نظام پڻ ملي ٿو. جيتوڻيڪ اهي جسماني ۽ نسلي لحاظ کان هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ آهن. پر رهڻي، ڪهڻي، ريتن ۽ رسمن، عملن توڙي ڪمن جي بنياد تي هن قبيلي ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون پڻ آهن. ڪمن ۽ عملن ۾ هڪجهڙائي رکندڙ قبيلن ۽ ذاتين وارا پاڻ ۾ رشتيداري يا شادي مرادي بہ ڪن ۽ هڪٻئي سان ڏيتي ليتي بہ ڪندا آهن. سنٿالن جي ٻئي ڪنهن بہ قبيلي يا ذات مان رشتيداري ڪرڻ کي غلط ۽ اصول جي خلاف سمجهيو وڃي ٿو. ظاهري طور تي هن قبيلي جي ڪجهه ذاتين جي عقيدن، حرام جانور ۽ مئل جانورن جي گوشت کائڻ سبب مهذب قومون کانئن نفرت ڪن ٿيون، جنهنڪري ڪجهه اهڙين ذاتين کي آرين، مليڇ يا پليد ڪري سڏيو آهي. سنٿالن ۾ ڪيترائي قبيلا سڌريل، مهذب، زميندار، پڙهيل لکيل ۽ جديد انداز ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. ماهرن جو خيال آهي تہ قومن جو هڪٻئي تي تسلط قائم رکڻ ۽ هڪٻئي کي ڌڪار سبب گذر معاش لاءِ ڪجهه اهڙا خيالات رونما ٿيندا رهيا آهن، جيڪي زوال بعد ڪنهن بہ قوم جي ڪريل اخلاقي حرڪتن ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. سنٿالن ۾ ڪجهه اهڙا اڳواڻ بہ پيدا ٿيا آهن، جن ٻي قوم جي تسلط ۽ حڪمراني کي مڃڻ کان انڪار ڪندي بغاوت ڪئي آهي. جن ۾ سڌو ۽ ڪانهو مرمو جا نالا اهم آهن، جن 30 جون 1855ع تي 30 هزار سنٿالن جي جٿي جي اڳواڻي ڪندي، انگريز سامراج خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو. انگريزن جي پيش قدميءَ سبب اهي ٻئي اڳواڻ مارجي ويا، جنهن بعد هندستان ۾ سنٿال قبيلا اڄ بہ سندن اڳواڻن جي ياد ۾ ڏهاڙا ملهائيندا اچن پيا.
سنٿالن ۾ ٻارنهن مکيہ قبيلا آهن، جيڪي سندن روايتي ڏند ڪٿائن ’پيلڪو هرام‘ ۽ ’پيلڪو ڀُودي‘ مطابق تقسيم ٿيل آهن، انهن ٻارنهن مکيہ قبيلن ۾ نجهاسڪ، مراندي، سورن يا سپاهي، هيم برام، تودو/توڙو، ڪسڪو، باسڪ، بيسرا، ڪور، پؤريئا، ڊونڪا يا ڀادولي ۽ مرمو شامل آهن. سنٿالن جو هر هڪ قبيلو پنھنجي پيشي جي لحاظ کان هڪٻئي کان الڳ آهي ۽ هر هڪ قبيلي کي پنهنجا پنهنجا اختيار ۽ اصول آهن. سنٿالن جي انهن مختلف قبيلن مان جيڪڏهن ڪنهن فرد پنھنجي قبيلي کان ٻاهر ٻئي سنٿال قبيلي مان شادي ڪئي تہ ان عمل کي سندن قاعدن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو آهي ۽ ڪن صورتن ۾ کيس برادري يا نيات مان ٻاهر پڻ ڪيو ويندو آهي. عام طور تي مراندي ۽ ڪسڪو قبيلن وارا پاڻ ۾ شادي نہ ٿا ڪري سگهن. ڇاڪاڻ تہ اهي قبيلا قديم وقت کان هڪٻئي جا دشمن قبيلا سمجهيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح تودو ۽ بيسرا بہ هڪٻئي سان سڱابندي يا مائٽي نہ ڪندا آھن. سنٿال قبيلن ۾ ذات پات ۽ قبيلائي نظام، عملن ۽ ڪمن جي بنياد تي قديم زماني کان وٺي تقسيم ٿيل ڏسجي ٿو ۽ هندو ذات پات واري نظام سان مطابقت رکي ٿو. سنٿالن ۾ مرمو هڪ اعليٰ ذات آهي. هي قبيلو برهمڻن ۽ پروهتن وانگر سنٿالن جي سمورن قبيلن جا مذهبي ڪم ڪار سرانجام ڏيندو آهي. سوهيه يا سپاهي ويڙهاڪ ۽ جنگجو قبيلو آهي، هي هندن جي ٻئي نمبر وڏي طبقي ’کترين‘ وانگر محافظ قبيلي طور ڪم سرانجام ڏئي ٿو. مراندي ذات وارن جو پيشو واپار آهي ۽ ڪسڪو قبيلي کي حڪمراني يا راڄائي جون ذميواريون سونپيل آهن. تودو ذات سان تعلق رکندڙ مڱڻهارڪو ۽ دهل وڄائڻ جو ڪم ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻين ذاتين وارا ڪڙمت، شڪار ڪرڻ سميت مختلف ڪم ڪار ڪن ٿا. ذات پات جو نظام يا هندن جو ورڻ سسٽم بہ سنٿالن جي ڪم ڪارن ۽ عملن جي بنياد تي ورهايل ڀائنجي ٿو. ڪن ماهرن جو خيال آهي تہ سنٿالن ۾ هي نظام تمام قديم زماني کان وٺي مروج آهي، پر ڪي ماهر چون ٿا تہ سنٿال هندن جي ذات پات واري نظام کان متاثر ٿيا هئا، جنهنڪري انهن اهڙو نظام اپنايو هجي. پر ٻنهي صورتن مطابق هندڪي سماج ۾ کين تمام گهٽ سماجي حيثيت ڏني وئي آهي. سنٿالن ۾ اڄ بہ سندس عادتون ۽ اطوار، ڪم ۽ فعل قبيلي جي بنيادي اصولن جي اثر هيٺ آيل آهن، جنهنڪري هو پنھنجي قبيلائي نظام ۾ تمام گهڻا مضبوط آهن. نجهاسڪ اڄ بہ پنھنجي قبيلائي نظام موجب پنھنجي نالي سان گڏ روايتي نالا بہ جوڙين ٿا. سندن نالا نر هنس ۽ مادي هنس پکي (هنج پکي) جي نالن سان مشابهت رکندا آهن. سندن عقيدو آهي تہ دنيا ۾ پهريون انسان انهن پکين جي معرفت پيدا ٿيو، جنهنڪري اهي پاڻيءَ جي پکين بدڪن، هنج ۽ قاز وغيرہ جو احترام وچان گوشت نہ کائيندا آهن ۽ نہ ئي وري انهن پکين جو شڪار ڪندا آهن. سنٿالن جو هي قبيلو (نجهاسڪ) پهريون ۽ بنيادي قبيلو مڃيو وڃي ٿو.
انهن ٻارنهن قبيلن کان علاوہ هر هڪ قبيلي جا ٻارنهن يا ٻارنهن کان وڌيڪ پاڙا يا نکون آهن، جيڪي سندن ابن ڏاڏن جي نالن جي بنياد تي پيدا ٿيل ڀائنجن ٿا. سنٿالن جو هر هڪ قبيلو پنھنجي انهيءَ نک/پاڙي کي پنھنجي مکيہ ذات تسليم ڪري ٿو. مثال طور: ڪسڪو قبيلي جي ڪيترين ئي ذاتين وارا پنھنجي ڪسڪو قبيلي جي ذاتين ۾ رشتيداري يا مائٽي ڪندا آهن ۽ ڪسڪو سندن مکيہ قبيلو سمجهيو وڃي ٿو. سنٿالن جي ٻئي مکيہ قبيلي سان ڪڏهن بہ مائٽي ڪرڻ پسند نہ ڪندا آهن، جيئن هندن ۾ عام رواج آهي. پر هڪ ڳالھہ ۾ سنٿالن جو قبيلائي نظام هندن جي طبقاتي نظام کان تمام گهڻو مضبوط، مٿانهون ۽ اعلى درجي جو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي پنھنجي سنٿال قبيلي سان رواداري ۽ برابريءَ وارو سلوڪ رکن ٿا. هي قبيلو ذات پات ۽ رنگ نسل جي ڪيترن ئي ناقص عنصرن کان آزاد ۽ آجو آهي. اهي پاڻ ۾ ڪنهن بہ قسم جو تفاوت يا ويڇو نہ ٿا رکن، بلڪہ پاڻ کي هڪ ئي نسل مان سمجهن ٿا. جيتوڻيڪ قبيلائي نظام مطابق سماجي ۽ رسمي طور تي اهي پنھنجي قبيلي کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا، تنهنڪري ڪجهه قدر منفرد پڻ آهن.
مذهبي عقيدي مطابق سنٿالن جو تمام وڏو ۽ اعلى درجي جو ديوتا ’ٺاڪر جي‘ آهي. جنهن جي سنٿال تمام گهڻي پوڄا ڪندا آهن. سنٿال روحن ۽ آتمائن ۾ تمام گهڻو يقين رکن ٿا. ان موجب سندن روحن جي عدالت بونگا آهي، جنهن ۾ سندن ابن، ڏاڏن ۽ پرکن جا روح ۽ پڻ ڪيترائي اعلى درجي جا روح آهن، جيڪي قدرتي نظام کي هلائي رهيا آهن. کين عبادت، نذر ۽ نياز جي ذريعي خوش ڪيو وڃي ٿو، اهي کانئن تمام براين کان بچائن ٿا. ان کان علاوہ اهي روح سندن گهرن، ڳوٺن، ٻارن، ٻڍن، جوانن ۽ جانورن مطلب تہ هر شيءِ جي حفاظت ڪن ٿا ۽ کين صحيح رستو ڏيکارين ٿا. هنن جي عقيدي موجب سٺن ۽ اعلى درجي جي روحن کانسواءِ ڪجهه خراب ۽ دشمن روح بہ آهن، جيڪي کين نقصان پهچائن ٿا ۽ بيماريون ڦهلائين ٿا. اهڙا خراب روح ڳوٺن کان ٻاهر جهنگن، جبلن، پاڻيءَ ۽ مختلف قسمن جي خطرناڪ جانورن جي وجود ۾ رهن ٿا. سٺا روح سندن آس پاس ۽ ڳوٺن ۾ رهن ٿا، جيڪي خراب روحن سان مهاڏو اٽڪائيندا آهن. سنٿال هر سال پنھنجي عظيم روحن جي ياد ۾ تهوار ملهائيندا آهن ۽ عبادت ڪري کين خوش ڪندا آهن. انهن روحن مان مارن برو يعني عظيم پهاڙ سندن اهم ۽ اعلى درجي جو مقدس روح آهي، جنهن روايتن موجب سنٿالن جي عبادت کان خوش ٿي، سڀ کان پهريائين کين جنسي ميلاپ ۽ چانورن جو شراب ٺاهڻ سيکاريو. سندس راڻي روح ’جاهرايرا‘ يعني وڻن جا گهاٽا جهڳٽا يا گهاٽو جهنگ بہ تمام هڏڏوکي ۽ مهربان آهي. اهي سال ۾ هڪ ڀيرو اهڙن خاص ڏهاڙن تي ڄمڻ، مرڻ ۽ شادي ڪرڻ جون ڪيتريون ئي مذهبي رسمون هڪ ئي وقت ادا ڪندا آهن. ان سان گڏوگڌ باسون بہ باسيندا آهن ۽ پنھنجي ڪڙم قبيلي، جانورن ۽ پکين جي حفاظت لاءِ دعا گهرندا آهن. سندن مذهبي پيشوا مرد ماڻهو هوندو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت پنڊت، پروهت سان گڏوگڏ تمام وڏو حڪيم ۽ ويڄ بہ هوندو آهي، جيڪو سندن مذهبي رسمن جي ادائيگي ڪرائڻ کان علاوہ کين اڳڪٿيون ٻڌائيندو آهي ۽ کين ڪيترائي ڪرشماتي عمل يا معجزا پڻ ڪري ڏيکاريندو رهي ٿو. سنٿالن کان علاوہ ڪجهه ٻين هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ مختلف قبيلن مان جھڙوڪ کاريا، منڊا ۽ اورائون بہ ساڳيا ئي عقيدو رکندا آهن.
پيشي جي لحاظ کان سنٿالن جو گذر معاش گهڻو ڪري زراعت تي آهي. اهي قديم زماني کان وٺي هارپي ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا آيا آهن. جهنگ ڪٽي، سخت زميني پورهيو ڪرڻ سندن جياپي ۽ روزگار جو ذريعو آهي. ان کان سواءِ اهي موجودہ وقت ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۾ بہ ڪم ڪن ٿا. زراعت کان سواءِ چوپايو مال بہ ڌارين ٿا. کين پراڻي دور کان وٺي ٻيڙيون ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ پڻ وڏي مهارت حاصل آهي. اهي شڪار ڪرڻ ۽ نشاني بازي جي فن ۾ بہ قديم زماني کان وٺي تجربيڪار رهيا آهن. سندن هٿيارن ۾ ڀالو ۽ تير ڪمان اهم آهن. مذهبي تهوارن ۽ هندستاني ثقافتي ڏهاڙن ۾ سنٿالن جي فن ڏيکارڻ لاءِ تير اندازيءَ جا پروگرام ڪيا ويندا آهن.
موجودہ وقت ۾ هي قبيلو تمام گهڻو اڳتي ترقيءَ ڏانهن اسري چڪو آهي. هن وقت سنٿال حڪومت جي هر هڪ شعبي ۽ کاتي ۾ ڏٺا وڃن ٿا. انهن مان ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سرڪاري ملازم آهن.
سنٿالي ثقافت ڪيترن ئي سالن کان عالمن ۽ اينٿروپالاجيءَ جي ماهرن جي ڌيان جو مرڪز پڻ رهي آهي. سنٿالي ثقافت جو هڪ حصو سنٿالي ٻولي آهي، جنهن ۾ ڪيترو ئي زرخيز ادب سمايل آهي. هن ٻوليءَ ۾ لوڪ شاعري ۽ لوڪ ڪهاڻين جو تمام وڏو حصو اچي وڃي ٿو. سندن روايتي ۽ مذهبي ڏندڪٿائون، جن ۾ سندن ابن ڏاڏن جي ڪارنامن جو ذڪر آهي، انهن جا نالا ’پيلڪو هرام‘ ۽ ’پيلڪلو ڀودي‘ آهن. سنٿالي چترڪاريءَ جي فن ۾ بہ ماهر آهن، سندن گهرن ۾ تمام خوبصورت نقش نگاري ٿيل هوندي آهي. چترڪاريءَ جو اهو فن قديم زماني کان وٺي هلندو اچي پيو.
سنٿال قبيلي ۾ سڀ کان اهم ناچ، راڳ ۽ ساز آهن، جنهن ۾ اهي فنڪاراڻي حيثيت سبب تمام گهڻا مشھور آهن. سندن لوڪ گيت ۽ ناچ، سندن خوشين جو اظهار ۽ تهوارن جي ريتن ۽ رسمن جو خاص پهلو آهن. سنٿال پنهنجا لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ گڏيل نموني سان ادا ڪندا آهن. اهڙا لوڪ گيت ۽ لوڪ رقص خاص مذهبي ڏهاڙن، موسمي تهوارن، خوشيءَ جي موقعن ۽ شادي مراديءَ جي وقتن ۾ پيش ڪيا ويندا آهن. راڳ ۽ ناچ کانسواءِ سنٿالي موسيقي بہ تمام گهڻي مشھور آهي، سنٿالي موسيقيءَ ۾ ٽن اعلى ترين خوبين وارا ساز استعمال ڪيا ويندا آهن. ان ۾ ٻہ خاص قسم جا دهل آهن، جن کي ’تمدا‘ ۽ ’تمڪ‘ چئبو آهي. ان کانسواءِ هڪ قسم بانس جي بانسريءَ جو ٿئي ٿو.
سنٿالي مرد توڙي عورتون گڏيل نموني سان ساز ۽ گيت جي سر ۽ تال تي گهيري جي صورت ۾ رقص ڪندا آهن. اهو چونڪ يا ڏونڪ سان وڄندڙ منفرد ۽ دل لڀائيندڙ موسيقي يا ترنم هوندو آهي، جنهن ۾ مرد ۽ عورتون گڏيل يا الڳ الڳ ٽولن جي صورت ۾، گول دائري ۾ پنھنجي فن جا ڪرتب ڏيکاريندا آهن. سنٿالي مرد ۽ عورتون گڏجي بہ رقص ڪندا آهن تہ سندن الڳ الڳ رقص بہ ٿئي ٿو. گهڻو ڪري ڪيترائي لوڪ رقص مرد ادا ڪندا آهن. انهيءَ ناچ جا ڪيترائي نمونا ۽ طريقا ٿين ٿا، جيڪي موقعي جي مناسبت سان ڪيا ويندا آهن.
سنٿال قبيلي جي خاص تهوارن تي ديسي ناچ ڪيو ويندو آهي، جيڪو مرد ڪندا آهن. ان ۾ وڏي پئماني تي سال ۾ هڪ ڀيرو ’گلوري‘ ۽ ’همٽي‘ ناچ ڪيا وڃن ٿا، جڏهن تہ ’بھا‘ ۽ ’سوهورائي‘ ناچ هر موسم جي پڄاڻي ۽ هر نئين موسم جي آغاز جي تهوارن ۾ ڪيا ويندا آهن. ان کان علاوہ ٻيا بہ ڪيترائي ناچ جا قسم آهن، جيئن: شادي مراديءَ جي موقعن تي ’ڊونگ‘ ناچ ڪيو ويندو آهي. اهو ناچ خاص ڪري ٻين سماجي رسمن ۽ خوشيءَ جي موقعن تي پڻ ڪيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ سنٿالي ناچ جا ٻہ مشھور قسم ’رنجها‘ ۽ ’جهڪا‘ آهن، جيڪي پڻ خوشيءَ جي موقعن تي ڪيا وڃن ٿا. عورتون خاص ڪري شادي مراديءَ جي موقعن ۽ مذهبي رسمن جي ڪن موقعن تي گڏجي رقص ڪنديون آهن.
سنٿالي ناچ وقت ڳائجندڙ گيتن کي عام طور تي ’سيرنگ‘ چيو وڃي ٿو. اهي لوڪ گيت ساز سان هم آهنگ ٿي ڳائبا آهن ۽ گڏوگڏ رقص بہ ڪيو ويندو آهي. هتي ڪولهي بہ اهڙو ناچ ڪندا آهن ۽ اهي ان ناچ سان گڏوگڏ دهل جي ٽاپ تي ’راسوڙا‘ بہ ڳائيندا آهن. ان کان سواءِ سنٿالن جا ڪجهه لوڪ گيت کيتي واهيءَ جو پڙلاءُ آهن، جيڪي ٻني ٻاري جي ڪم دوران ڳايا وڃن ٿا. اونهاري جي شام مھل ’گم سيرنگ‘ نالي لوڪ گيت ڳايو وڃي ٿو جيڪو پڻ سنٿالن جو راحت ڀريو ۽ سڪون ڏيندڙ گيت آهي.