سنٿالي ٻولي: سنٿالي ٻولي هندستاني ٻولين ۾ قديم ۽ واحد قبيلائي ٻولي آهي، جيڪا موجوده وقت تائين سالم ۽ محفوظ حالت ۾ بچي سگھي آهي. ننڍي کنڊ جي هر ٻوليءَ تي مختلف حملي آورن جي دورن جهڙوڪ: آرين هن سفيد پوش، مغل ۽ انگريز دورن جي پنهنجي ٻوليءَ جا ڪيترائي اثر ملن ٿا، پر سنٿالي ٻولي هر دور ۾ محفوظ پئي رهندي آئي آهي. هيءَ ٻولي سنٿال قبيلي جي قديم ماڻهن جي اظهار سبب وجود ۾ آئي هئي. لسانيات جي علم جي ماهرن هن ٻوليءَ جو تعلق آسٽرو ايشيئيٽڪ فئملي (Austro Asiatic Family) جي ٻولين سان ڄاڻايو آهي. سنٿالي ٻوليءَ جون ڪيتريون ئي قبيلائي ٻوليون ۽ محاورا جهڙوڪ: مندري، ڪورڪو، سوارا، گڊابا، ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن سان تمام ويجھي مطابقت رکن ٿا. انهن مان ڪي محاورا هوبهو وٽناميز ۽ کمير ٻولين جهڙا آهن. اهو اثر قديم زماني جي تعلقن، نسلي هڪجهڙاين ۽ ثقافتي هڪجهڙاين سبب سنٿالي ٻوليءَ تي واضع نظر اچي ٿو.
ويهين صدي عيسويءَ کان اڳ سنٿالي ٻولي لکت جي صورت ۾ موجود نه هئي، بلڪ اها ٻولي قبيلائي لحاظ کان عام طور تي ڳالهائي ويندي هئي.
موجوده وقت ۾ سنٿالي ٻوليءَ جي لپي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن موجب هيِءَ ٻولي لاطيني/رومن، ديوناگري، اوريا ۽ بنگالي ٻولين جي صورت موجب لکي سگھجي ٿي. هن ٻوليءَ جي آوازن ۽ اچارن کي ڏسندي لکڻ ۽ سمجھڻ لاءِ بلڪل نئين لپي جي چوند ڪئي وئي هئي. جنهن مطابق هندي ۽ رومن اکرن کي ملائي هڪ منفرد لپي ايجاد ڪئي وئي آهي. جنهن کي ’اول چڪي‘ لپي يا رسم الخط جو نالو ڏنو ويو. هي لپي هندستاني رياست جي اوڙيسا علائقي ’ميورڀنج‘ جي رهواسي پنڊت رگھو ناٿ مرمو 1925ع ڌاري تيار ڪئي. جنهن کانپوءِ ساڳئي علائقي سان تعلق رکندڙ اسڪالر شري پورڻ چندرا ڀنج ڏيو مهراج هن رسم الخط کان متاثر ٿي، سنٿالي ٻوليءَ جي شهرت ۽ سنٿالي معاشري جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هن رسم الخط جي ذريعي سنٿالي ٻوليءَ کي تحرير ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو. هن سنٿالي ٻوليءَ ۾ ڪل 150 ڪتاب لکيا، انهن ۾ سنٿالي ٻوليءَ جو گرامر، ناول، ڊراما، شاعري، ڪهاڻيون ۽ مختلف مضمون شامل آهن. ان سان گڏوگڏ ٻين ڪيترن ئي اسڪالرن سنٿالي ٻولي جي سماجي، اخلاقي ۽ تهذيبي ترقي ۽ بلنديءَ خاطر وسيع پئماني تي ڪوششون ورتيون. پنڊت رگھو ناٿ مرمو کي سندس خدمتن عيوض ’ميور ڀنج آدي باسي مها سبا‘ طرفان ’گرو گومڪ‘ جو خطاب ڏنو ويو. ڊاڪٽر بيومس چڪرابرتي بنگالي ۽ سنٿالي ٻولين جي مشترڪه ۽ هڪجهڙائيءَ وارين خوبين تي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس خيال ۽ تحقيق موجب بنگالي ٻولي سنٿالي ٻوليءَ کان تمام گھڻو متاثر ٿيل آهي. هن ٻنهي ٻولين ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون بيان ڪيون آهن، جيڪي هندستان جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ اڻ لڀ آهن. اول چڪي رسم الخط ۾ ڪل ٽيهه اکر ڏنل آهن ۽ 5 حرفي علامتون/اعرابون يعني زير، زبر، پيش وغيره جون نشانيون ڏنيون ويون آهن. ان سان گڏوگڏ هن ٻوليءَ ۾ ڇهه حرف علت ۽ اضافي حرف علت پڻ ڏنا ويا آهن.