سنٿالي ٻولي: سنٿالي ٻولي هندستاني ٻولين ۾ قديم ۽ واحد قبيلائي ٻولي آهي، جيڪا موجودہ وقت تائين سالم ۽ محفوظ حالت ۾ بچي سگهي آهي. ننڍي کنڊ جي هر ٻوليءَ تي مختلف حملي آورن جي دورن جھڙوڪ: آرين هن سفيد پوش، مغل ۽ انگريز دورن جي پنھنجي ٻوليءَ جا ڪيترائي اثر ملن ٿا، پر سنٿالي ٻولي هر دور ۾ محفوظ پئي رهندي آئي آهي. هيءَ ٻولي سنٿال قبيلي جي قديم ماڻهن جي اظهار سبب وجود ۾ آئي هئي. لسانيات جي علم جي ماهرن هن ٻوليءَ جو تعلق آسٽرو ايشيئيٽڪ فئملي (Austro Asiatic Family) جي ٻولين سان ڄاڻايو آهي. سنٿالي ٻوليءَ جون ڪيتريون ئي قبيلائي ٻوليون ۽ محاورا جھڙوڪ: مندري، ڪورڪو، سوارا، گڊابا، ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن سان تمام ويجهي مطابقت رکن ٿا. انهن مان ڪي محاورا هوبهو وٽناميز ۽ کمير ٻولين جھڙا آهن. اهو اثر قديم زماني جي تعلقن، نسلي هڪجهڙاين ۽ ثقافتي هڪجهڙاين سبب سنٿالي ٻوليءَ تي واضع نظر اچي ٿو.
ويهين صدي عيسويءَ کان اڳ سنٿالي ٻولي لکت جي صورت ۾ موجود نہ هئي، بلڪ اها ٻولي قبيلائي لحاظ کان عام طور تي ڳالهائي ويندي هئي.
موجودہ وقت ۾ سنٿالي ٻوليءَ جي لپي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن موجب هيِءَ ٻولي لاطيني/رومن، ديوناگري، اوريا ۽ بنگالي ٻولين جي صورت موجب لکي سگهجي ٿي. هن ٻوليءَ جي آوازن ۽ اچارن کي ڏسندي لکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ بلڪل نئين لپي جي چوند ڪئي وئي هئي. جنهن مطابق هندي ۽ رومن اکرن کي ملائي هڪ منفرد لپي ايجاد ڪئي وئي آهي. جنهن کي ’اول چڪي‘ لپي يا رسم الخط جو نالو ڏنو ويو. هي لپي هندستاني رياست جي اوڙيسا علائقي ’ميورڀنج‘ جي رهواسي پنڊت رگهو ناٿ مرمو 1925ع ڌاري تيار ڪئي. جنهن کانپوءِ ساڳئي علائقي سان تعلق رکندڙ اسڪالر شري پورڻ چندرا ڀنج ڏيو مهراج هن رسم الخط کان متاثر ٿي، سنٿالي ٻوليءَ جي شھرت ۽ سنٿالي معاشري جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هن رسم الخط جي ذريعي سنٿالي ٻوليءَ کي تحرير ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو. هن سنٿالي ٻوليءَ ۾ ڪل 150 ڪتاب لکيا، انهن ۾ سنٿالي ٻوليءَ جو گرامر، ناول، ڊراما، شاعري، ڪهاڻيون ۽ مختلف مضمون شامل آهن. ان سان گڏوگڏ ٻين ڪيترن ئي اسڪالرن سنٿالي ٻولي جي سماجي، اخلاقي ۽ تهذيبي ترقي ۽ بلنديءَ خاطر وسيع پئماني تي ڪوششون ورتيون. پنڊت رگهو ناٿ مرمو کي سندس خدمتن عيوض ’ميور ڀنج آدي باسي مھا سبا‘ طرفان ’گرو گومڪ‘ جو خطاب ڏنو ويو. ڊاڪٽر بيومس چڪرابرتي بنگالي ۽ سنٿالي ٻولين جي مشترڪه ۽ هڪجهڙائيءَ وارين خوبين تي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس خيال ۽ تحقيق موجب بنگالي ٻولي سنٿالي ٻوليءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿيل آهي. هن ٻنهي ٻولين ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون بيان ڪيون آهن، جيڪي هندستان جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ اڻ لڀ آهن. اول چڪي رسم الخط ۾ ڪل ٽيھہ اکر ڏنل آهن ۽ 5 حرفي علامتون/اعرابون يعني زير، زبر، پيش وغيرہ جون نشانيون ڏنيون ويون آهن. ان سان گڏوگڏ هن ٻوليءَ ۾ ڇھہ حرف علت ۽ اضافي حرف علت پڻ ڏنا ويا آهن.