سنڊن/ سنڌڻ: سنڌ جي قديمي ڪپڙي جو هڪ قسم، جنهن کي قديم زماني ۾ سڄيءَ دنيا ۾ ’سنڊن‘ يا ’سنڌڻ‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. چيو وڃي ٿو تہ هي سنڌي لفظ ’سنڌڻ‘ جو ٻين ٻولين ۾ تبديل ٿيل اُچار آهي، جيڪو سنڌڻ مان ڦري ’سنڊن‘ ٿيو. ’سنڊن‘ جو ذڪر بابل، مصر ۽ يونان جي تاريخن ۾ ملي ٿو. ’سنڊن‘ اصل ۾ سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ ’ململ‘ کي سڏيو ويو آهي. دنيا جا بادشاھہ ۽ امير امراءَ هن ڪپڙي کي وڏي شان سان پهريندا هئا. روايت آهي تہ حضرت عيسى عليہ السلام جيڪو ڪپڙو اوڍيندو هو، سو سنڊن جو هوندو هو. جڏهن حضرت عيسى عليہ السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو، تڏهن بہ سنڌ جو اهوئي ڪپڙو سندس تن تي پهريل هو.
بابل جي تهذيب، تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، اتان جا بادشاھہ بہ سنڌ جو هي ڪپڙو اوڍيندا هئا. يوناني مؤرخن بہ سنڌ جي اڻيل ڪپڙي ’سنڊن‘ جو ڪافي ذڪر ڪيو آهي. روم جو بادشاھہ آگسٽوس ’سنڊن’ ڪپڙو گهرائي بادشاهي ويس ٺهرائيندو هو. سنڌ جو هيءُ سوٽي ڪپڙو قسطنطنيه جون شهزاديون بہ پسند ڪنديون هيون، ڇو تہ هي ٻين ريشمي ڪپڙن کان وڌيڪ آرامده هو. مصر جون رقاصائون هن ڪپڙي کي پائي محفلن ۾ رقص ڪنديون هيون، کين مصر جي گرم ترين ريگستاني ملڪ ۾ هي سنهو ۽ ٿڌو ڪپڙو پائڻ بهتر ٿيندو هو. مصر جي بادشاهن جي لاشن کي ممي ڪرڻ وقت پڻ ’سنڊن‘ ڪپڙي جون پٽيون ڪتب آنديون وينديون هيون. ’سنڊن‘ ڪپڙو سنهو ۽ هلڪو هوندو هو. ٿڌي هجڻ ڪري گرم ملڪن ۾ گهڻو گهرايو ويندو هو. سنڌ جا صدين کان وٺي واپاري واسطا سڄيءَ دنيا سان رهيا آهن. بغداد، دمشق ۽ اسپين پاران سنڌ جي بندرگاهن تان هيءُ ڪپڙو وڏين ٻيڙين ذريعي ڀرجي ويندو هو. ايران ۽ افغانستان جيڪي ماضيءَ ۾ ’فارس‘ ۽ ’قنڌار‘ جي نالن سان مشھور هئا، اتي سکر ۽ روهڙيءَ جي رستي کان اٺن جي قافلن ۾ هي ڪپڙو ڀرجي ويندو هو. سنڌ جي هن ناياب ڪپڙي جو ذڪر ’توريت‘ ۾ بہ ملي ٿو. هندن جي ڌرمي ڪتابن ’رگ ويد‘ ۽ ’يجر ويد‘ ۾ ’سنڊن‘ جو احوال آيل آهي. ٻڌمت جا راجا ۽ مهاراجا ’سنڊن‘ ڪپڙو مھر لڳائي پائيندا هئا تہ جيئن ڪو گهٽ عهدي وارو امير، وزير يا ڪو ٻيو راجا اهو لباس نہ پائي سگهي. عرب سياح ۽ مؤرخ سليمان تاجر پنھنجي سفر نامي ۾ ’سنڊن‘ جو ذڪر ڪندي چيو آهي تہ: ”عرب ملڪن ۾ جيڪو ڪپڙو مشھور آهي ۽ شاهوڪار پائيندا آهن، سو سنڌ ملڪ جو آهي.“ خليفي هارون رشيد تہ سنڌ جي ڪپھہ عراق جي زمينن ۾ پوکائي ’سنڊن‘ جو ڪپڙو تيار ڪرايو هو، پر اهو معياري نہ بڻجي سگهيو، جيڪو سنڌ جي زمين جي ڪپھہ ۽ ماهر ڪاريگرن جي هنر سان تيار ٿيندو هو.
ارغونن، ترخانن ۽ منگولن بہ هن ڪپڙي کي پسند ڪيو ٿي. اهي ڌاريون حملي آور قومون جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿينديون هيون، تڏهن سون، چانديءَ ۽ هٿيارن جي ڦرلٽ سان گڏ هن ڪپڙي جي بہ ڦرلٽ ڪنديون هيون. هن ڪپڙي جو مرڪز لاڙ جا علائقا هوندا هئا ۽ بندرگاھہ بہ انهن ئي علائقن ۾ هوندا هئا، تنهنڪري هي ڦرلٽ جو سامان ٻاهر کڻي وڃڻ سولو هوندو هو. جوزف سالبئڪ لکي ٿو تہ: ايراني سنڌ جو ڪپڙو ۽ نير خريد ڪندا هئا، جيڪي پنھنجي ملڪن ۾ ٻيڻ تي وڪرو ڪندا هئا. نڪولس وٽنگٽن لکي ٿو تہ: مغل دور ۾ سنڌ سوٽي ڪپڙي ۾ شھرت رکندڙ ملڪ هو ۽ دنيا جي مارڪيٽ هوندي هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي دور ۾ هيءُ ڪپڙو يورپ تائين پهتو ۽ ساراهيو ويو. انگريزن جي دور ۾ برطانوي راڻيون ۽ انگريز فوجي آفيسرن جون عورتون هيءُ ڪپڙو شوق سان پائينديون هيون. مغليه سلطنت جي اهم ڪردار اڪبر بادشاھہ کي بہ ڄمڻ کانپوءِ ’سنڊن‘ ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويو هو.