
سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر
سنڌوءَ ڪناري وساريل شھر (ڪتاب): هي ڪتاب، جرمن ڪتاب جي انگريزي ترجمي (Forgotten Cities on the Indus) جو سنڌي ترجمو آهي. يونيسڪو، ’موهن جي دڙي‘ انسانذات جي لازوال ورثي، جي تحفظ لاءِ دنيا جي قومن کي 70 واري ڏهاڪي ۾ مدد جي اپيل ڪئي هئي. اهڙي طرح يونيسڪو ٻيهر 1983ع ۾ انسانذات جي هن عظيم ورثي جي بچاءَ وارين اهم ضرورتن کي نظر ۾ رکي، بين الاقوامي طور سڏ ڏنو ويو ۽ هن ماڳ جي بچاءَ واري رٿا جو ڪاٿو 19 ملين آمريڪي ڊالر لڳايو. موهن جي دڙي جي بچاءَ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ جي اعزازي صدر، جپاني شھزادي تاڪا هيٽو مڪاسا هٿ پير هڻي 9.3 ملين ڊالر هٿ ڪيا. اڳتي هلي موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي ڊي آنر (Committee the Hanover) جوڙي، جنهن جي پهرين گڏجاڻي 14-15 مارچ 1984ع تي ٽوڪيو ۾ ٿي، جنهن ۾ سڄيءَ دنيا جي ملڪن جا نمائندا شريڪ ٿيا. جون 1987ع تي جرمنيءَ جي آچين (Aachen) شھر جي ٽائون هال ۾ ”سنڌوءَ جي ڪنار سان ورسايل اٺين ق. م کان ٻيءَ ق. م تائين جي قديم سڀيتا“ عنوان سان هڪ نمائش ڪئي وئي. هن نمائش اهو موقعو فراهم ڪيو تہ سنڌو سڀيتا ۽ ان جي پيشرو ثقافتن تي دنيا جي مشھور عالمن جا مقالا گڏ ڪيا وڃن. ٽن عالمن- مائيڪل جانسن، ميري ميولا ۽ گونٽر اربن اهڙا اهم مقالا گڏ ڪري جرمن زبان ۾ ڇپرايا، جن ۾ ناياب تصويرون بہ هيون. بعد ۾ هن ڪتاب جو
Forgotten Cities on the Indus عنوان سان انگريزي ترجمو شايع ڪيو ويو. هن انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو نامور مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺين عالمن جا مقالا شامل آهن:
(1) سنڌوءَ جا ماڳ ۽ ماڻهو: اينيمري شمل، (2) سنڌو سڀيتا جي دريافت جي ڪهاڻي: گونٽر اربن، (3) قريب اوڀر ۽ وچ اوڀر جي پراچين سڀيتا: هنس جي نسين، (4) پاڪستان جي قديم ثقافتن ۾ مهرڳڙھہ جو حصو: جين فرنيڪائس جارج، (5) سنڌو ماٿريءَ ۾ 7 کان ٻئي سھس
(Millennium) ق. م ۾ کاڌ خوراڪ ۽ جهنگلي جيوت: رچرڊ ايڇ. ميڊو، (6) مهرڳڙھہ، پٿر جي پوئين دور جي وسندي ۽ اڏاوتون: گونزاگ ڪئورون، (7) ٽـامـي جو ابـتـدائـي زمـانـو، مـهـرڳـڙھہ جـو دور III: انـائـڪ سـامـزون، (8) مهرڳڙھہ م سلاوتي ڪلا: مونيڪ ليڪيوئليٽر، (9) مهرڳڙھہ ۾ سلاوٽي ڪلا: مونيڪ ليڪيوئليٽر، (10) مهرڳڙھہ ۾ مڙھہ پورڻ جو رواج ۽ لاش سان گڏ قبر ۾ رکيل سامان: پاسڪل سيليئر، (11) مهرڳڙھہ مان هٿ آيل ٺڪر جون مورتون: ڪئٿرائين جارج، (12) سنڌو سڀيتا جي ابتدا: محمد رفيق مغل، (13) سنڌو سڀيتا، ننڍي کنڊ هندستان جي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر: معروزيو طواسي، (14) موهن جي دڙي وارو وايو منڊل: جارج ايف. ڊيلس، (15) موهن جو دڙو ۽ هڙپا: سر جان مارشل، (16) سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي وسندڙ موهن جو دڙو، مائيڪل جانسن،
(17) سنڌو سڀيتا ۾ سنگتراشيءَ جو فن: اليگزينڊر آرڊيليفر جانسن،
(18) سنڌو سڀيتا جو وينجهارڪو فن: يوٽي فرئنڪ ووٽ، (19) سنڌو لـکـت جـي ڀاڃ جـو مسـئـلـو: آسـڪـو پـارپـولا، (20) هڙاپا ۾ لـوڙھہ
لـٽـڻ جو طريقو: ايم. اي. حليم، (21) موهن جي دڙي جا ڌنڌا ۽
مهارت: مئسيمودالي، (22) سنڌو سڀيتا ۽ سنک صنعت: جي. ايم ڪناير، (23) موهن جي دڙي ۾ ٿيل قتلام- هڪ ڏند ڪٿائي قصو: جارج ايف ڊيلس ۽ (24) موهن جي دڙي کي ناس ٿيڻ کان بچايول مائيڪل جانسن.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 360 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، ان جي قيمت 350 روپيا آهي.