
سنڌوءَ ڪناري1
سنڌوءَ ڪناري1 (ڪتاب): هي ڪتاب ’سنڌوءَ ڪناري‘ (نئون تاريخي باب) مشھور براڊڪاسٽر ۽ ليکڪا وينا شرنگيءَ جو لداخ ليھہ، (ڄمون - ڪشمير) جو سفرنامو آهي. 1997ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي لداخ وٽان سنڌو درياھہ جي ديدار ’سنڌو درشن‘ جي رٿ تي سنڌي اڪيڊمي، دهليءَ جي وائيس چيئرمئن ڪي. آر ملڪاڻيءَ جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري، اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ پروگرام جا تفصيل پيش ڪيا ۽ فيصلو ڪيو ويو تہ ليھہ لداخ وٽ ’سنڌو درشن ميلو‘ لڳايو وڃي، جيئن جيڪي سنڌي، سنڌ وڃي سنڌ جي ’سنڌو درياھہ شاھہ‘ جو ديدار نہ ٿا ڪري سگهن، اهي ليھہ لداخ وٽ ’سنڌو درشن‘ تقريب ۾ شامل ٿين. دهليءَ جي ٻاهر جا جيڪي سنڌي هن تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار ٿيندا، تن کي دهليءَ ۾ هڪ رات رهڻ جو ۽ سندن کاڌي پيتي جو بندوبست سنڌي اڪيڊمي ڪندي، اهڙيءَ طرح 9 آڪٽوبر 1997ع تي دهليءَ ۾ گڏ ٿيل سنڌي (جن ۾ وڏي تعداد ۾ اديب شامل هئا) ليھہ لداخ لاءِ هوائي جھاز ۾ روانا ٿيا ۽ ڏهين آڪٽوبر تي ’سنڌو درشن‘ ڪيو ويو. اها سموري سفري ڪٿا، وينا شرنگيءَ هن ڪتاب ۾ بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ ۽ ڪشمير جي تاريخي لاڳاپن ۽ ليھہ لداخ علائقي جي تاريخي ۽ ۽ تهذيبي ڄاڻ بہ ڏني آهي. ’سنڌو درشن‘ وقت لعل ڪرشن آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر فاروق عبدالله، دهليءَ جي وڏي وزير ۽ هماچل پرديش جي توانائي کاتي جي وزير ويدڪ ٻوڌيءَ ۽ ٻين گڏجي سنڌوءَ ڪناري ورڻ ديوتا جهوليلال جي پوڄا ڪئي هئي. هماچل پرديش جي وزير بهمپترا نديءَ جو جل، سنڌوءَ ڌارا سان ملائي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪيو هو. ان موقعي تي جهوليلال جا ’بھراڻا‘ کڻي لعل جي آرتي ۽ ڀڄن ڳاتا ويا:
ٻيڙو تہ منهنجي لعل جو پاڻهي ترندو ايندو،
پاڻهي ترندو ايندو، تنهن کي لھر نہ ڪو لوڏو ايندو.
ڪتاب ۾ لعل ڪرشن آڏواڻيءَ ۽ فاروق عبدالله جون تقريرون بہ ڏنيون ويون آهن ۽ ’سنڌو درشن‘ جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جي ڪجهه مالي مدد سان، وينا شرنگيءَ، اندر پوري، نئين دهلي-12، مان 1998ع ۾ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 65 روپيا آهي.