اولهه ٿٻيٽ (سنڌوندي)

اولهه ٿٻيٽ (سنڌوندي)

سنڌوندي تبت جي 1700 فوٽ مٿانهين ماڳ تان وهندي

سنڌوندي تبت جي 1700 فوٽ مٿانهين ماڳ تان وهندي

نانگا پربت جو جابلو سلسلو

نانگا پربت جو جابلو سلسلو

مانسروور ڍنڍ جي پسمنظر ۾ ڪئلاش جبل

مانسروور ڍنڍ جي پسمنظر ۾ ڪئلاش جبل

سنڌو ۽ ان جون ڀارتو نديون: منڍ کان چوڙ تائين

سنڌو ۽ ان جون ڀارتو نديون: منڍ کان چوڙ تائين

سنڌوندي لداخ واديءَ مان وهندي

سنڌوندي لداخ واديءَ مان وهندي

سنڌوءَ جي ڀارتو: سوات ندي

سنڌوءَ جي ڀارتو: سوات ندي

سنڌونديءَ جي منڍ ۽ ڇوڙ وارو قديم تصوراتي تصويري ڏيک

سنڌونديءَ جي منڍ ۽ ڇوڙ وارو قديم تصوراتي تصويري ڏيک

سنڌوندي ۽ ان جي ڀارتو ندين جو اپگرهه وارو ڏيک

سنڌوندي ۽ ان جي ڀارتو ندين جو اپگرهه وارو ڏيک

سنڌوندي

سنڌوندي

همالياتي جابلو سلسلو

همالياتي جابلو سلسلو

سنڌوندي همالياتي جابلو سلسلي مان وهندي

سنڌوندي همالياتي جابلو سلسلي مان وهندي

راڪاس تال

راڪاس تال

سنڌونديءَ جي منڍ ’سنگي ڪ باب‘ جي اپگرهه واري تصوير

سنڌونديءَ جي منڍ ’سنگي ڪ باب‘ جي اپگرهه واري تصوير

سنڌوندي جا جاکوڙي

سنڌوندي جا جاکوڙي

سنڌوندي ليهه واري ماڳ وٽان گذرندي

سنڌوندي ليهه واري ماڳ وٽان گذرندي

سنڌوءَ جي ڀارتو ندي: شگار

سنڌوءَ جي ڀارتو ندي: شگار

سياچن گليشر

سياچن گليشر

نبرا ندي

نبرا ندي

سنڌوءَ جي ڀارتو: شيوڪ ندي

سنڌوءَ جي ڀارتو: شيوڪ ندي

عيسيٰ خيل وٽ سنڌونديءَ جو هڪ خوبصورت ڏيک

عيسيٰ خيل وٽ سنڌونديءَ جو هڪ خوبصورت ڏيک

دراس ندي

دراس ندي

پوٺوهار

پوٺوهار

ماچوئي گليشر

ماچوئي گليشر

راڪاپوشي جبل

راڪاپوشي جبل

پامير جبل

پامير جبل

سنڌوندي هماليائي ٽاڪرو سلسلي مان ڇاڙون ڇاڙون ٿي وهندي

سنڌوندي هماليائي ٽاڪرو سلسلي مان ڇاڙون ڇاڙون ٿي وهندي

پوٺوهار ندي

پوٺوهار ندي

سنڌوءَ جي ڀارتو ندي: سوان

سنڌوءَ جي ڀارتو ندي: سوان

هندوڪش جابلو سلسلو

هندوڪش جابلو سلسلو

سنڌوءَ جي پارتو ندي: گلگت

سنڌوءَ جي پارتو ندي: گلگت

سنڌو ۽ ڪابل ندي جو ميلاپ

سنڌو ۽ ڪابل ندي جو ميلاپ

سنڌو درياهه،، اٽڪ قلعو۽ اٽڪ پُل جو ڏيک

سنڌو درياهه،، اٽڪ قلعو۽ اٽڪ پُل جو ڏيک

اٽڪ وٽ سنڌونديءَ جو گھوڙا تڙپ نالي چور لڪ

اٽڪ وٽ سنڌونديءَ جو گھوڙا تڙپ نالي چور لڪ

اسپن گھر جبل

اسپن گھر جبل

ڪرم ندي

ڪرم ندي

لوڻ جبلن جو سلسلو

لوڻ جبلن جو سلسلو

عيسيٰ خيل وٽ سنڌونديءَ جو هڪ خوبصورت ڏيک

عيسيٰ خيل وٽ سنڌونديءَ جو هڪ خوبصورت ڏيک

سکر ويجھو سنڌونديءَ جو هڪ منظر

سکر ويجھو سنڌونديءَ جو هڪ منظر

سنڌونديءَ جا ماٽيئڙا ملاح

سنڌونديءَ جا ماٽيئڙا ملاح

سنڌونديءَ جو ڪيٽيائي ماڳ:Indus Deltic Region

سنڌونديءَ جو ڪيٽيائي ماڳ:Indus Deltic Region

جھلم ندي ڪشمير کان ايندي

جھلم ندي ڪشمير کان ايندي

وولر ڍنڍ

وولر ڍنڍ

جهلم جو منڍ ’ويري نَگ‘ جھرڻو

جهلم جو منڍ ’ويري نَگ‘ جھرڻو

نيلم ندي

نيلم ندي

تريمو بئراج جو ڏيک

تريمو بئراج جو ڏيک

چناب ندي ڪشمير جي جابلو سلسلي کان ايندي

چناب ندي ڪشمير جي جابلو سلسلي کان ايندي

بغليهار بند

بغليهار بند

راوي ندي هماچل پرديش کان وهندي

راوي ندي هماچل پرديش کان وهندي

بياس نديءَ جي منڍ وارو ڏيک

بياس نديءَ جي منڍ وارو ڏيک

پونگ بند

پونگ بند

ستلج ندي ڪشمير کان ايندي

ستلج ندي ڪشمير کان ايندي

ڀاڪرا بند

ڀاڪرا بند

سنڌوءَ جو اروڙ وارو چور لڪ

سنڌوءَ جو اروڙ وارو چور لڪ

منگلا ڊيم

منگلا ڊيم

ديا مير، ڀاشا بند

ديا مير، ڀاشا بند

سنڌونديءَ تي اڏيل تربيلا ڊيم جو ڏيک

سنڌونديءَ تي اڏيل تربيلا ڊيم جو ڏيک

ست پاره

ست پاره

سنڌونديءَ مان ڪڍيل ٿل واهه جو ڏيک

سنڌونديءَ مان ڪڍيل ٿل واهه جو ڏيک

تونسه بئراج

تونسه بئراج

گڊو بئراج

گڊو بئراج

سکر بئراج

سکر بئراج

لئنسڊائون پل

لئنسڊائون پل

سنڌوءَ جو غلام محمد بئراج، ڄام شوري وٽان وهڪرو

سنڌوءَ جو غلام محمد بئراج، ڄام شوري وٽان وهڪرو

هڪ قديم سنڌو ٻيڙيءَ جو نشان

هڪ قديم سنڌو ٻيڙيءَ جو نشان

وائڪنگ ٻيڙي جو جديد نمونو

وائڪنگ ٻيڙي جو جديد نمونو

ٻيڙي

ٻيڙي

1929ع واري برساتي ٻوڏ

1929ع واري برساتي ٻوڏ

1942ع واري ٻوڏ

1942ع واري ٻوڏ

1956ع جي ٻوڏ

1956ع جي ٻوڏ

1973ع واري ٻوڏ

1973ع واري ٻوڏ

1976ع واري ٻوڏ

1976ع واري ٻوڏ

1988ع واري ٻوڏ

1988ع واري ٻوڏ

1995ع ۾ آيل برساتي ٻوڏ

1995ع ۾ آيل برساتي ٻوڏ

2007ع واري آيل برساتي ٻوڏ

2007ع واري آيل برساتي ٻوڏ

2010ع واري مهاٻوڏ

2010ع واري مهاٻوڏ

2011ع واري برساتي ٻوڏ

2011ع واري برساتي ٻوڏ

2012ع واري برساتي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل علائقا

2012ع واري برساتي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل علائقا

سنڌوندي جا وهڪرا

سنڌوندي جا وهڪرا

سنڌوندي وهڪرا

سنڌوندي وهڪرا

سنڌوندي Indus River

سنڌوندي (Indus River): سنڌو ندي اولهه ٿٻيٽ (Tibet) جي ڪيلاش جبل کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو ڌرتيءَ جي سطح کان 17000 فوٽ اوچائيءَ تي آهي. هيءَ ندي جنهن هنڌان نڪري ٿي، اُن کي سنڌونديءَ جي پهرين ماٿريءَ جي ٿٻيٽي لوڪن جي ٻوليءَ ۾ ’سنگي سَمبو‘ (شينهن درياهه: (Lion River، بلتي لوڪ ان کي گيمتش ۽ ’سه فو‘ (ٻلوان ندي: Tsah-Fo) سڏين ٿا. جنهن هنڌان هيءَ ندي وهي نڪري ٿي، اُن کي ’سنگهي- ڪا- باب‘ (Singhi- ka-Bab) يعني ’شينهن جو مُنهن‘ سڏجي ٿو. هيءَ ندي، اُن هنڌان نڪري مشهور مانسرووَر ڍنڍ کان ڪافي پرڀرو وهندي، پنهنجو جدا ۽ آجو گَس وٺي وهندي رهي ٿي. [ياد رهي ته هاڻي اهو مفروضو ختم ٿيڻ گهرجي ته ڪا سنڌوندي مانسروور ڍنڍ مان نڪري ٿي.] مانسروور ڍنڍ، نيپال جي اُلهندي ڪنڊ تي اُتر ۾ ٿٻيٽ جي سرحد ويجهو موجود آهي. هي علائقو ٿٻيٽ جو بنهه ڏکڻ وارو ڀاڱو آهي، جتي مائونٽ ايوريسٽ ۽ ڪي. ٽو جبل جي وچ تي 6174 ميٽر/ 20251 فوٽ اوچو ڪيلاش پربت موجود آهي. قديم ڪيلاش جي معنيٰ ’ڪارو جبل‘ آهي، جڏهن ته هن جبل جو اصلي رنگ واڱڻائي آهي، جيڪو سڄو برف سان ڍڪيل آهي. سنڌوندي پنهنجي 1800 ميلن/ 2897 ڪلوميٽر ڊگهي وهڪري دوران انيڪ وادين مان شاهاڻي شان سان لنگهندي اچي ٿي. هيءَ نديءَ جي ميداني علائقن ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. ڪالاباغ کان سمنڊ تائين سنڌوندي 950 ميل/ 1529 ڪلوميٽر ۽ موجوده سنڌ مان 300 ميلن/ 483 ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪري ٿي. هن ملڪ جي بنيادي معيشت ۽ زراعت لاءِ ڪرنگهي واري حيثيت رکندڙ هن نديءَ جي سگهه کان سواءِ هي علائقو زندهه رهي نه ٿو سگهي. اُن ڪري هن نديءَ کي ’حيات بخش ندي‘ به چيو ويندو آهي. سنڌونديءَ جو دنيا جي وڏين ندين ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءَ ندي، ڏکڻ ايشيا جي ٻيو نمبر وڏي ندي آهي. هن نديءَ جي پاڻيءَ سان سيراب ٿيندڙ ايراضي 450000 چورس ميل/ 165000 چورس ڪلوميٽر آهي. هن نديءَ جي سالياني وهڪ/ موڪ 50 ڪيوبڪ ميل/ 207 ڪيوبڪ ڪلوميٽر آهي. هيءَ وهڪ هن نديءَ کي دنيا جي وڏين ندين ۾ ايڪيهون درجو ڏئي ٿي. هونئن هن نديءَ کي ڊيگهه جي حساب سان دنيا ۾ چوويهون نمبر درجو حاصل آهي. ڪيلاش جبل جي پندرهن هزار فوٽ اوچي ماٿريءَ ۾ مانسرور ۽ راڪاس تال نالي ٻه وڏيون ڍنڍون موجود آهن. قديم روايت آهي ته، ”هتان چار وڏا عظيم درياهه نڪرن ٿا، جن مان سنڌوندي، پنجاب ۽ سنڌ جو رخ ڪري ٿي، ستلج، ڏکڻ اولهه ۾ ڪشمير ڏانهن لڙي ٿي، ڪرنالي ندي ڏکڻ اوڀر ۾ گنگا ڏانهن رخ ڪري ٿي ۽ برهمپترا اوڀر ۾ بنگلاديش ڏانهن وڃي ٿي“، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌوندي اُنهن ڍنڍن کان گهڻو پرڀرو ڏکڻ اولهه ٿٻيٽ جي 5100 ميٽر مٿاهين ماڳ کان لهي ٿي ۽ پنهنجو آزاد وهڪرو جوڙي وهندي رهي ٿي. هنن چئن ندين جي مُهڙ واري روايت رکندڙ مقدس ماڳ ’مَانسَروَرَ‘ جي ياترا چئن عقيدن وارن ماڻهن لاءِ احترام ۽ عقيدت جوڳي رهي آهي، جن ۾ بون مت، ٻڌمت، جين مت ۽ هندو ڌرم جا ماڻهو شامل آهن. ڪيلاش جبل سندن عقيدي موجب هڪ مقدس جبل آهي. ٿٻيٽ جا ماڻهو هن جبل کي ’ڪانگري رنپوچي‘ [امل برفاني جبل] به سڏين ٿا. روحن جي پوڄا ڪندڙ بون مت جي لکيتن ۾ هن جا نالا ’پاڻيءَ جو گل‘، ’سامونڊي پاڻيءَ جو جبل‘ ۽ ’نوڪُنڊو سواستيڪائي جبل‘ آهن. هندومت موجب هي جبل ’شِوَ جو گهر‘ آهي ۽ هن جي طبعي صورت شِوَ لنگم جهڙي آهي. جين مت جي روايت موجب، هتي مهاوير نرواڻ حاصل ڪيو هو. ٻڌمت وارن لاءِ هي ماڳ ’ڪائنات جو دُن‘ آهي ۽ سندن عقيدو آهي ته هتي مهاتما ٻڌ پنهنجي مُڪتي ڏيندڙ 500 ساٿين سان گڏ رهي ٿو. يورپي لوڪ هن علائقي کي ’عدن جو باغ‘ ۽ ’ڪوهه اراوت‘ ڪوٺين ٿا، هِتان سنڌو ندي اوچا جبل ۽ واديون جهاڳيندي، لداخ واديءَ جي اوڀر کان اولهه ڏانهن ويندي، ليهه وٽان هندستاني علائقي ۾ داخل ٿئي ٿي، جتي ڪيترن سالن کان هند ۾ ورهاڱي سبب لڏي ويل سنڌي هر سال ’سنڌو درشن‘ جو ميلو ڪندا آهن. ٿٻيٽ (Tibet) واري ماڳ تي سنڌوءَ جو ميلاپ سئنگي (Sengge) ۽ گار نديءَ (Gar River) سان ٿيندو آهي، جيڪي نيگنلنگ ڪئنگري (Negunglung Kangri) ۽ گنگديسي شان (Gangdisi Shan) واري جابلو سلسلي مان وهي اچن ٿيون. سنڌو نديءَ جو وهڪرو اتر- اولهه کان لداخ (Ladakh) ۽ بلتستان (Baltistan) مان ڏاکڻي قراقرم جابلو سلسلي (Karakaram Mountain Range) مان گلگت ۾ داخل ٿيندو آهي، جتي ٽي نديون: شيوڪ (Shyok)، شيگار (Shigar) ۽ گلگت (Gilgit) جهجهو برفاني پاڻي کڻي اچي هن سان ملنديون آهن. سنڌوندي، نانگاپربت وارن جبلن (Nanga Parbat Massif) جا 15000 کان 17000 فوٽ (2500 کان 4500 ميٽر) اُتاههان ڏُکيا چور لڪ (Gigantic Gorges) لتاڙي وهندي آهي. هيءَ ندي اتان ٿيندي، آهستي وهندي، هزارا (Hazara) ۽ ’دمند‘ (Dammed) اُڪري، تربيلا بند کي اچي ڀريندي آهي. اٽڪ وٽ هن سان ڪابل ندي (Kabul River) اچي ملندي آهي. اٽڪ کانپوءِ سنڌوندي هيٺ پنجاب ۽ سنڌ وارو ميداني علائقو وٺي، ڌيرج سان وهندي رهندي آهي، سواءِ آبڪلاڻيءَ/ سانوڻيءَ جي مند جي، جڏهن ان جي پائڻ ۽ کاڌ ڪرڻ جي سگهه وڌي ويندي آهي. پنجاب ۾ مٺڻ ڪوٽ وٽ ’پنجند‘ (Panjnad) کان سنڌوءَ جو وڏو وهڪرو جڙندو آهي، جتي اوڀر پاسي کان پنج نديون: جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج هن ۾ پنهنجو پاڻي ڇوڙ ڪنديون آهن. قديم تاريخدانن کي سنڌونديءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين (tributries) جي ڄاڻ هئي، اسٽرابو جو بيان آهي ته ”سنڌوءَ ۾ 15 وڏيون نديون اچي پون ٿيون.“ ميگسٿنيز ۽ ايرين جو به ساڳيو بيان آهي، پر بطليموس ۽ پاليڻيءَ جو بيان ٿورو مختلف آهي ته، 19 نديون سنڌوءَ کي پنهنجو پاڻي آڇين ٿيون.“ شايد انهيءَ آڌار تي ئي راورٽيءَ لکيو آهي ته، ”مانسرور ڍنڍ کان وٺي سنڌ جي حدن تائين گهٽ ۾ گهٽ اوڻيهه ننڍا وڏا دائمي ۽ وقتي وهڪرا اچي سنڌونديءَ سان ملندا هئا، جن مان گهڻا وهڪرا هاڻي سُڪي ويا آهن، ڪن جو پاڻي وري ايترو گهٽجي ويو آهي، جو سنڌونديءَ تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ڪتب اچي وڃي ٿو يا اُهي برپٽن ۾ سُڪي ويندا آهن.“ راورٽي، ’هاڪڙي درياهه‘ کي ’مهراڻ‘ قرار ڏيندي چوي ٿو ته ”مهراڻ، ’ڪنڌارا‘ وٽان ۽ سنڌو ڪشمور وٽان وهندو هو.“ ’ڪلڪتي رويو‘ جو ليکڪ پڻ ساڳي ڳالهه لکي ٿو ته، ”هاڪڙي کي سنڌ واسي ’مهراڻ‘ به چوندا آهن.“ سنڌونديءَ ۾ منڍ کان وٺي ڇوڙ تائين ٿُٻيٽ، لداخ، ليهه، قراقرم جابلو سلسلي کان وٺي اراولي جابلو سلسلي مان ايندڙ انيڪ نديون ۽ نئيون اچي ملن ٿيون ۽ ٿٻيٽ جي گارتانگ کان وٺي لوڻي نديءَ تائين سنڌونديءَ جي پاڻيءَ ۾ وڏي واڌ اچي ٿي، جڏهن ته ڪوهه سليمان جون لوڻيون [روڻيون: جابلو پاڻيءَ جا وهڪرا] اڃا جدا آهن، جيڪي سانوڻيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايترو ته جهجهو پاڻي آڻينديون آهن، جو ديري غازي خان کان وٺي راڄڻ پور تائين جر ٿر هڪ ٿي ويندو آهي. سنڌونديءَ سان ان جي جابلو جوءِ، لداخ (Ladakh) ماٿريءَ ۾ کاٻي ڪناري کان ’زنسڪر ندي‘ (Zanskar River) اچي ملندي آهي ۽ ميداني علائقي ۾ کاٻي ڀرتي ڪندڙ ندي، چناب (Chenab River) آهي، جنهن جون چار وڏيون ڀارتو نديون: جهلم (Jhelum)، راوي (Ravi)، بياس (Beas) ۽ ستلج (Satlaj) آهن، جڏهن ته سنڌونديءَ جي ساڄي ڪناري واريون ڀارتو نديون (tributaries): شيوڪ، گلگت، ڪابل، گومل ۽ ڪرم آهن. سنڌونديءَ جو 40 سيڪڙو پاڻي جابلو ماٿرين ۾ رهجيو وڃي ٿو، جتي ٽڙپکڙ آباديون آهن. هن جو ميداني علائقو، موجوده پاڪستان جو پنجاب ۽ سنڌ وارو سڄو ميداني ماڳ ئي قديم سنڌو سلطنت جو مرڪزي پرڳڻو (Central Province of Indus Empire) رهيو آهي. هتي سنڌوندي نئون ورن ۽ روپ اختيار ڪري ٿي. ميداني علائقي ۾ سنڌونديءَ جي سمنڊ طرف لاهي في ميل 9 انچ آهي. انهن ئي ميداني علائقن ۾ هن نديءَ جي ڪناري تي سنڌو تهذيب اُسري، جيڪا دنيا ۾ هڙپائي ۽ موهن جي دڙي واري ثقافت طور ڄاتي وڃي ٿي. دنيا جي تاريخ ۾ هن نديءَ جي حيثيت مصر جي نيل درياهه (Nile River)، عراق جي دجله ۽ فرات (Tigiris- Euphartes) ندين ۽ چين جي پِيلي درياهه (Yellow River) واري رهي آهي. جتي قديم انسانن اوائلي انساني تهذيبي ورثي ۽ سرشتي کي جوڙيو هو. سواستيڪا نشان ( ) سندن اعليٰ ۽ عاليشان وسندين جو اهڃاڻ رهيو آهي. سنڌوندي ٿلهي ليکي 20 لک ورهين کان هر سال ڏهه لک پرڏيهي پکين لاءِ چوٿون نمبر سونهين ندي آهي. سنڌونديءَ جو هاڻوڪو بنيادي درياهي سرشتو پنهنجين ستن ڀرتي ڪندڙ ندين (Tributaries): سوات، ڪابل، جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج تي مشتمل آهي، جن مان پنجاب واريون پنج نديون، بهاولپور ضلعي ۾ مٺڻ ڪوٽ وٽ پنجند (Panyad) جوڙينديون آهن، جيڪو ويدڪ دور (3000 ق. م) ۾ ’سپت سنڌو‘ (Sapta Sindhu) جي مدد سان ستنَد (Satnad) سڏبو هو، جنهن جو مطلب ’ست نديون‘ (Seven Rivers) : هاڪڙو، ستلج، بياس، راوي، چناب، جهلم ۽ سنڌو آهن.
سنڌونديءَ جي وهڪ واري ميدان جي ويڪرائي، اڀرندي ۾ جمنا نديءَ کان شروع ٿي، الهندي ۾ سليمان جبل، سفيد ڪوهه (اڇي جبل) ۽ کيرٿر جي لڪي ۽ ڄامشوري وارن جبلن تائين آهي ۽ ان جي ڊيگهه اتر ٿٻيٽ ۽ ڪشمير جي برفاني چوٽين کان شروع ٿي، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ تائين حدون سنڌونديءَ جون طبعي حدون آهن. سنڌونديءَ جي قدرتي وهڪ، سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن ۾ کيرٿر جابلو چور لڪ (Gorge) کان راجپوتانه جي ڪس تائين جاري رهي آهي. سنڌونديءَ جي انهن بنهه آڳاٽن سوين درياهي وهڪرن جا نشان سڄيءَ سنڌ ۾ عام جام نظر اچن ٿا. سنڌوءَ جي انهن قديم درياهي وهڪرن، هزارين ڍنڍون، ڍورا، تل ۽ ترايون جوڙيون آهن. تيرهين صديءَ کان سنڌوندي چور لڪ (Gorge) واري ٽَڪَر کي کائيندي ۽ وهندي رهي آهي، اهي تل، ترايون ۽ وهڪرا، وڏين ٻوڏن ۽ سانوڻ جي برساتن ۾ ڀرجي تار ٿي ويندا آهن ۽ پوکي راهيءَ ۽ مڇيءَ جي وڌيڪ اُپت ڏيڻ سان گڏ ٻوڏ ۽ سانوڻيءَ جي واڌو پاڻيءَ جو نيڪال لاڙ واري پاسي، سنڌوندي ۽ پراڻ جي پيٽ وسيلي سمنڊ ڏانهن ۽ سانگهڙ طرف وارين وارياسين ڀٽن کان قديم هاڪڙائي ڍورن ۽ ڍنڍن ۾ ڪندا آهن. سنڌونديءَ جو مٿيون ميداني علائقو، اٽڪ کان ڪوٽ مٺڻ تائين وڌيڪ زرخيز (Fertile) ماڳ ليکجڻ ۾ اچي ٿو، ان جو هيٺيون ميداني علائقو، جيڪو پنجند کان هيٺ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي لاڙ، ٺٽي ۽ بدين تائين آهي، سو ڪجهه گهٽ اپت ڏيندڙ علائقو ليکيو وڃي ٿو. پر ائين نه آهي، ڪي زرعي ماهر ان سڄي علائقي کي زرخيز (fertile) سڏين ٿا. سنڌونديءَ ۽ اُن جي ڀارتو ندين تي جملي 50 بئراج ۽ انيڪ پُليون اڏيل آهن، جن مان رڳو سنڌونديءَ تي 8 بئراج ۽ 14 پليون موجود آهن. انهن سمورين ندين جي واهن جي ڊيگهه 35000 ميلن تي مشتمل آهي. سنڌونديءَ جي ڊيگهه 1800 ميل/ 2897 ڪلوميٽر آهي. هن ۾ سراسري ساليانو پاڻي 275 ملين ڪيوبڪ وال رهي ٿو. هيءَ ندي چين ۽ ڀارت جي جبلن کان شروع ٿي، ڄمون، ڪشمير ۽ سڀ کان مٿاهين پٽ پوٺوهار مان گذرندي، پاڪستان جي اترئين حصي ۽ خيبر پختونخوا کان ٿيندي، انيڪ بئراجن وسيلي پنجاب جي هڪ حصي ۽ سڄيءَ سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي، عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. برطانوي دؤر تائين سکر، روهڙي، دادو، سيوهڻ، سن، مانجهند، گدوبندر (حيدرآباد)، جهرڪ، شاهبندر ۽ ڪيٽي بندر سنڌونديءَ جا مکيه بندر رهيا هئا. سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو هڪ ڊيلٽائي ماڳ آهي، جيڪو دنيا جو ستون درجو ماڻيندڙ ڊيلٽا آهي. سنڌوندي، دنيا جي ڪجهه ڳاڻ ڳڻين ندين مان هڪ آهي، جنهن جي ڊيلٽائي ماڳ تي هر مهيني چنڊ جي وِيرُن جي سگهه ۽ وِيرُن جي ڦيري وارو چڪر نظر اچي ٿو. نامور تاريخدان ۽ محقق مولائي شيدائيءَ پنهنجي قلمي ڪتاب ’روضة السنڌ‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”سنڌوندي سراسري طرح هڪ ڏينهن ۾ ڏهه لک ٽن لٽ سمنڊ ۾ آڻي اُڇلائي ٿي.“ ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل تحقيق موجب سنڌونديءَ ۾ سراسري طرح هر سال 34500 هيڪٽر ميٽر لٽ وهي اچي ٿي، جيڪا سنڌوءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ڪڇي جي زمين کي اعليٰ درجي جي زرخيزي (super fertile) عطا ڪري ٿي ۽ پڻ ڊيلٽائي علائقي کي وسيع بڻائيندي رهي ٿي. ’جنگي سر پتڻ‘ هڪ درياهي بندر آهي، پر درياهه جو مٺو پاڻي جهجهو نه اچڻ جي ڪري، هاڻ اُتي کارو پاڻي ڪاهي آيو آهي. جنگي سر کان هيٺ ويندڙ وڏي ڇاڙهه کي مقامي ماڻهو ’روڙو‘ ڪوٺين ٿا. ان کان سواءِ هتي ٻيا به ڪيترائي بندرن وارا ماڳ موجود آهن، جن ۾ کڙڪ/ کارڪ بندر، جاکي بندر، ڪيٽي بندر وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌونديءَ جي ڇوڙ واري ماڳ ’جنگي سر پتڻ‘ کان هيٺ سنڌونديءَ جي ڇاڙهن مان ننڍيون ننڍيون ’کاريون‘ سمنڊ تائين وڃن ٿيون، جن ۾ خاص کاريون هن ريت آهن. اوڀر ڏکڻ ۾ سڀ کان پهرين سير کاري (Sear Creak) آهي، جنهن جي پرين ڀر انڊيا ۾ ۽ اورين ڀر سنڌ ۾ آهي. ان کانپوءِ کارڪ، ڪوچي واڙي، ڪاجهر، مل، ڪانهر، اَڌياڙي، سنهڙي، گهوڙو، کوبر، قلندري، مٽڻي، ترڇاڻ، حجامڙو، ڇاڻ، دٻو، پئٽاڻي، کاهي، وڏي کڏي، ننڍي کڏي، ڦٽي، ڪورنگي، گِسري ۽ منهوڙو کاريون آهن، جن مان ’ڦٽي کاري‘ وڌيڪ چئن کارين ۾ ورهايل آهي: گهارو، چارو، ڪويرو ۽ ڪورنگي. انهن ۾ ’گِذري کاري‘ (Gasri Creak) اصل ۾ ملير نديءَ جو ڇوڙ آهي، جنهن ۾ کيرٿر جابلو سلسلي واري علائقي، ڪراچيءَ جون جابلو نئيون: کڏيجي، مول، جرندو، باران ۽ ٻيون اچي ڇوڙ ڪن ٿيون.
سنڌونديءَ جو ڇوڙ وارو علائقو اڄوڪي دور ۾ ڦليليءَ جي منهن کان شروع ٿئي ٿو. سنڌو ڊيلٽائي ماڳ ٽڪنڊي واري صورت ۾ گهڻ شاخائون ماڳ آهي، جيڪو 30000 چورس ڪلوميٽر ايراضي والاري ٿو، جنهن جي سنڌونديءَ واري محوري ڊيگهه 240 ڪلوميٽر ۽ ويڪر
220 ڪلوميٽر آهي، جيڪو ڪراچيءَ کان ڪڇ جي رڻ تائين ۽ اتر- اوڀر ۾ ڪوري نار (Kori creak) تائين وڃي ٿو. 90 سيڪڙو ڊيلٽائي علائقو گهٽ هوادار (Sub-aerial) آهي ۽ اڌوگابري نموني پاڻيءَ جي ڳاٽ سان جوڙيل هڪ پٽو رکي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ جي اولهه کان ڪوري نار طرف اوڀر ڏانهن وڃي ٿو. هي ڊيلٽائي ماڳ لاڳيتو هر مهيني سامونڊي وير چڙهڻ سبب ٻڏندو ۽ اڀرندو رهي ٿو. سنڌوندي قديم زماني ۾ ڇوڙ واري ماڳ تي يارهن شاخن ۾ ورهائجي وهندي هئي، اڄ کان ڏيڍ سؤ ورهيه اڳ بگهاڙ ۽ ستا ٻه وڏيون ڇاڙهون هيون، جن ۾ جهاز هلي سگهندا هئا.
سن 1843ع ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واريون ڇاڙهون، پتي، جونا، ڪڪيواڙي، کيڏي واڙي، ريڇل، حجامڙو، سير ۽ ڪوري هيون. ڪلهوڙن جو ابتدائي بحري مرڪز شاهبندر واري ڊيلٽائي شاخ، ’مل‘ تي هو. 1819ع واري ڪڇ ۾ آيل زلزلي جي ڪري ’مل‘ ڇاڙهه جهازن هلڻ جوڳي نه رهي ۽ ان کانپوءِ ڪڪيواڙي شاخ تي جهازي مرڪز قائم ٿيو. اڌ صديءَ دوران 1867ع تائين اها شاخ به سنڌونديءَ جي لٽ جي ڪري جهازرانيءَ جي قابل نه رهي. ڪوري نار جنهن ۾ ڦليلي ۽ اڀرندو نارو ڇوڙ ڪندا هئا، ان جو پاڻي پڻ لٽ پوڻ ڪري وڏن ٻيڙن جي هلڻ جوڳو نه رهيو ۽ لکپت بندر، جيڪو سمنڊ کان 39 ميلن جي پنڌ تي آهي. اتي جي رهاڪن سان سامونڊي رستي اچ وڃ ذري گهٽ بند ٿي وئي.
سال 1831ع ۾، اليگزينڊر برنس، پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جو سفر‘ ۾ سمنڊ کان وٺي لاهور تائين سموري سنڌونديءَ کي سفر جوڳو قرار ڏنو آهي، پر اُن لاءِ هن ضروري ڄاڻايو آهي ته، ”ٻيڙيون سنڌي طرز واري هڪ ڪري (uniform) تري واريون هجن.“ هن وڌيڪ لکيو آهي ته، ”’سير‘ سنڌوءَ جي هڪ تباهه ٿيل شاخ آهي، جنهن کان 50 ميل مٿي ۽ مغلڀين کان هيٺان سنڌوندي هن شاخ ۾ مٽيءَ جو دڙو ٺاهي ڇڏيو آهي.“ هن اِهو به ڄاڻايو آهي ته، ”مل ڇاڙهه ۾ ويهن يا پنجويهن ٽنن جي ٻيڙي آرام سان هلي سگهي ٿي.“
ڊاڪٽر هيڊل 1874ع واري ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۾ گنگا نديءَ واري سندربن ٻيلي جي ڊيلٽائي ماڳ ۽ سنڌونديءَ جي ڊيلٽائي وارياسي ڪنارن جي ڀيٽ ڪندي، اُن جي ڀراءَ جو ڪارڻ وارياسي ۽ لٽاسي ڪنارن کي قرار ڏنو آهي.
سنڌو ڊيلٽا جي پکيڙ 5000 چورس ميل آهي، جڏهن ته هن جون مُهاڙيون (Mouths of river) 200 ميلن ۾ آهن. ان کي 150 کان مٿي پنهنجا ٻيٽ آهن.
قديم دور ۾ سنڌوءَ سوڌو قديم ستلج، سرسوتي، قديم جمنا- درشدوتي نديون هڪ ٻئي کان پوروڇوٽ ڏئي ساڻ ساڻ وهندي سنڌوءَ جي نار (Gulf of Sindh) وسيلي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. نئين جوڙواد (New Tectonism) جي ڪري اراولي ۽ هماليائي جابلو سلسلن ۾ آيل اُٿڪ (uplift) سبب نديون اولهه ڏانهن لڙيون ۽ ستنَد (Satnad) ۽ پوءِ يمنا ۽ سرسوتيءَ جي منهن مَٽائڻ سبب پنجنَد (Panjnad) وڃي جڙيو. انهن ندين عظيم ڪڇ جي رڻ وارو ميداني علائقو ۽ اُن جو قديم ڊيلٽائي ماڳ (Palaeodelta) جوڙيو. هاڻوڪو سنڌونديءَ وارو ڊيلٽا پوئين دور واري سنڌونديءَ جي فطري جوڙجڪ ئي آهي.
سنڌونديءَ ۾ سال جي مارچ مهيني کان پاڻيءَ جي آمد شروع ٿئي ٿي، جيڪا آگسٽ تائين ڀرپور جاري رهي ٿي ۽ سيپٽمبر کان پاڻيءَ جي لاٿ شروع ٿئي ٿي. سنڌونديءَ جي ڊيلٽائي ماڳ وارن ڪنارن کان مٿڀري ڊيلٽائي زمين گهڻي ڀاڱي زرخيز آهي. پاڻيءَ جي گهڻي آمد واري زماني ۾ سنڌوءَ جي ڇاڙهن جي ڪنارن واري ڊيلٽائي زمين ۾ انيڪ فصل، ڀاڄيون وغيره جام ٿيندو آهي.
اُپکنڊ جي درياهن جي ڏندڪٿا/ديومالا (Mythology of Sub-continental Rivers): سنڌ ۽ سنڌونديءَ جي تعريف ۽ بيان، ايرانين، ڪلدانين، بابلين، يونانين ۽ رومين جي تذڪرن ۾ اچي ٿو. مذهبي مقدس ڪتابن مان رگ ويد، زند اوستا، توريت، اسلامي حديثن ۽ روايتن ۾ به سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ذڪر اچي ٿو. سنڌونديءَ جو ذڪر الهامي ڪتابن ۾ ’سيحون‘ ’سين‘/ ’سنبت‘ [سين= سينڌ] وغيره نالن سان اچي ٿو.
اُپکنڊ جي ديومالائي داستانن ۾ ڄاڻايل آهي ته، سنڌو نديءَ سوڌو چار مقدس درياهه مانسروور ڍنڍ مان نڪرن ٿا. اُتر کان ’شينهن جي وات‘ مان ’سنڌوندي‘، اولهه ڏِس کان ’هاٿيءَ جي وات‘ مان ’ستلج ندي‘، ڏکڻ پاسي ’مور جي چهنب‘ مان ’ڪرنالي ندي‘ ۽ اوڀر ڏِس ڏانهن گهوڙي جي وات مان ’برهمپترا‘ وهي نڪرن ٿيون، جن مان ڪرنالي ندي اڳتي هلي گنگا نديءَ جو روپ وٺي ٿي.
هڪ ڏندڪٿا موجب ڪرشن مهاراج جو هڪ نانگ سان مقابلو ٿيو هو، هن نانگ کي جيئدان ڏئي، سمنڊ ۾ وڃڻ لاءِ چيو، اُن ريت نانگ جنهن رستي سان ويو، اهو گس سنڌونديءَ جو گس بڻجي ويو. هندومت وارن جي هڪ روايت مطابق: ”ڪيلاش جبل هن ڌرتيءَ تي، مهاديو شِوَ جو مکيه آستانو آهي، جتي هو گيان، ڌيان ۽ تپسيا ڪري ٿو. ڪنهن وقت هو پنهنجي وني پاروتيءَ ۽ ٻين ديوتائن سان گڌ هنج پکين جي صوت ۾ ڪيلاش جبل تان لهي، هن مقدس ڍنڍ ۾ ترندا آهن. ان ڪري اُهي ڪنهن ٻئي جو مانسروَر ڍنڍ ۾ ترڻ يا لهڻ پسند نه ڪندا آهن.“
هتي هر سال بون مت، جين مت، ٻڌمت ۽ هندومت سان واسطو رکندڙ لکين ياتري زيارت تي ايندا آهن. سندن ياترا هتي اوڀر کان اولهه ڏانهن ٿيندي آهي، ان ڪري جو سج جو سفر به اوڀر کان اولهه ڏانهن هوندو آهي.
دنيا جي تاريخ جي حوالي سان سنڌو ندي، دنيا جي قديم ندين مان هڪ آهي، جنهن جي ڪنارن تي ايامن کان انسان رهندا آيا آهن. هن ئي نديءَ جي ڪنارن سان مائيتا سماجي گڻ رکندڙ اوائلي انساني سڀيتا، ’سنڌو تهذيب‘ جڙي، دنيا جي هڪ وڏي حصي تي پنهنجو تهذيبي اثر وڌو ۽ اوج ماڻيو، هتي ئي پيئتا سماجي گڻ رکندڙ، آريائي سنسڪرتيءَ جي اوسر ٿي، جنهن جو ذڪر قديم مقدس ڪتابن ۾ موجود آهي.
رگ ويد ۾ چيل آهي ته ”سنڌوءَ جي واٽ ورڻ ديوتا جوڙي آهي“. هندومت ۾ روايت آهي ته، ”ڪيلاش جبل شوَ مهاديو جو آستانو (اسٿان) آهي ۽ هماليا جبل هن جي وارن جون جٽائون آهي.“
رگ ويد‘ جي ڪيترن اشلوڪن ۾ ’سنڌو‘ جو نالو 176 ڀيرا اڪيلو ۽ 95 ڀيرا گڏ اچي ٿو، جڏهن ته ’گنگا‘ نديءَ جو ذڪر رڳو ٻه ڀيرا آيو آهي. رگويد ۾ سموريون نديون مؤنث جي صيغي ۾ ڪم آنديون ويون آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن ديويءَ جي روپ سمان ڄاڻايون ويون آهن. رگ ويد ۾ سنڌونديءَ جي پوڄا اگني ديويءَ جي روپ ۾ ڄاڻائي وئي آهي. رگويد ۾ ’سنڌو‘ ۽ ’سرسوتي‘ ندين جو ذڪر ڪيترا ڀيرا اچڻ سان گڏ هنن ٻنهي ندين جي وچ واري ڌرتيءَ کي ’پُڻيه ڀومي‘ يعني ’ديوتائن جي زمين/ پاڪ زمين‘ سڏيو ويو آهي.
’رگويد‘ جي ڏهين منڊل ۾، سنڌو نديءَ جي ساراهه ۾ نوَ (9) شلوڪ چيل آهن، جن ۾ سنڌو نديءَ کي هڪ ديويءَ جو روپ ڏنو ويو آهي. هڪ ڊگهي انساني تاريخ ۾ سنڌونديءَ جي ڪنارن تي جنم وٺندڙ تهذيب کي ’عظيم سنڌو سڀيتا‘ سڏيو ويو آهي. سنڌونديءَ جي ڪري ئي سنڌ جي ماڻهن کي نه رڳو دولت ۽ بي انت خوشيون مليون آهن، پر کين زندگيءَ جي هر آسائش مهيا ٿي آهي.
سنسڪرت ۾ ’سنڌو‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’وهڻ‘، ’هڪ وهڪرو‘، ’هڪ عظيم سمنڊ‘ يا ’پاڻيءَ جو هڪ وڏو ذخيرو‘. سنڌو نديءَ جي مختلف ماٿرين، سوڙهن لڪن ۽ اُن جي ميداني علائقي بابت رگ ويد ۾ آيل آهي ته ”اِندر ديوتا پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي انهن علائقن مان وٺي آيو، جتي گهڻا درياهه وهن ٿا ۽ تمام سوڙها لڪ آهن.“
مقدس ويدن ۾ آيل نون (9) شلوڪن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو. هنن ڀڄنن ۾ سنڌوءَ جون ساراهون ۽ ڳاهون، اشلوڪن جي صورت ۾ ڳاتيون ويون آهن ته، ”سنڌو مڙني جي ماءُ، ڏک ڏُور ڪندڙ، دولت جو اهڃاڻ، گهوڙن ۽ گاڏين، لباس ۽ زيورن، کاڌ ۽ خوراڪ ۾ امير آهي.“ هي اشلوڪ ’نيشنل ڪائونسل فار دي پروموشن آف سنڌي لئنگئيج‘ (NCPSL)، نئين دهليءَ، ڪتاب ’رگ ويد ۽ سنڌو درياهه شاهه‘ ۾ شايع ڪيا آهن:
اشلوڪ 1:
اي جل جا ديوتا!
هي پوڄاري،
يگيه (قرباني) ڪرائيندڙ جي گهر ۾،
تنهنجي شاندار استتي (ساراهه) ڪري ٿو.
هي نديون،
ستن ستن جا سٿ ٺاهي
ٽن لوڪن مان گذرن ٿيون،
پر سنڌو
پنهنجي سگهه سبب
سڀني جي وچ مان هلندي،
سڀني جي اڳواڻي ڪندي هلي ٿي!
اشلوڪ 2:
سنڌو! تون وهندي، اڳيان وڌين ٿي،
ان لاءِ ’ورڻ ديوتا‘ ڌرتيءَ تي
تو لاءِ رستو ٺاهيو آهي،
تون اناج جي پيداوار جو ڌيان رکين ٿي،
تون مٿانهين زمين تان،
رستو ڪڍي هيٺ وڃين ٿي.
ان طرح تون سڀني لوڪن تي،
راڄ ڪرين ٿي!
اشلوڪ 3:
اي سنڌو!
تنهنجي پاڻيءَ جي ڇوهه جو آواز
ڌرتيءَ تان اُڀري
ديو لوڪ تائين وڃي ٿو
سنڌوءَ جون تجليدار لهرون،
اُن جي بي انت رفتار کي
ظاهر ڪن ٿيون.
جيئن برسات اڳيان وڌندي
ڪڪرن مان گجگوڙ پيدا ڪندي آهي،
تيئن سنڌو به ڍڳي وانگر
رنڀندي اڳتي وڌي ٿي.
اشلوڪ 4:
جيئن مائرون پنهنجن پُٽن لاءِ
ٻاڪارينديون آهن،
تيئن ٻيون نديون
سنڌو! تو ڏانهن وڌنديون اچن ٿيون،
جيئن ڳڀوراڙيون ڳئون
پنهنجن گابن/ گابڙين ڏانهن اينديون آهن،
تون پنهنجن ٻن ڪنارن وچ مان،
ائين ئي اڳتي وڌندي وڃين،
جيئن ڪو راجا،
لڙائي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندو آهي.
اشلوڪ 5:
(رشي ندين جا نالا کڻي چوي ٿو ته: )
[اي] گنگا، جمنا، سرسوتي، شتودرو (ستلج)،
پرشني (راوي)، ماروڌورڌرا، اسڪني (چناب)،
وتستا، آرجيڪا (بياس) ۽ سس موها نديون!
توهان کي سنڌو نديءَ جي ساراهه
سويڪار ڪرڻ کپي.
اشلوڪ 6:
اي سنڌو! تون تِکي وهندڙ گومتيءَ سان پُڄڻ لاءِ
پهرين ترشتما نديءَ سان گڏجين ٿي،
اُن سان گڏجي تون سسرتوا، رس ۽ شويتي
ندين سان گڏجين ٿي.
ڪُڀا ۽ ميهتنو ندين جي وهڪرن سان،
گڏجي تون اڳيان وڌين ٿي!
اشلوڪ 7:
سڌي وهندڙ، سفيد رنگ واري
۽ چمڪندڙ سنڌو!
تنهنجو وهڪرو تيز آهي
اجهل سنڌو!
تون تِکن ۾ تکن ۽
ڪرشمن جهڙن گهوڙن وانگر،
تيز ڊوڙندڙ آهين،
تون چتر ناريءَ جهڙي
سُندر آهين!
اشلوڪ 8:
سنڌو، گهوڙن سان مالامال آهي،
سنڌو رٿن ۾ شاهوڪار آهي،
سهڻن ٺهيل ڳهڻن (زيورن) سان مالامال آهي،
اُها اناج، پشم (سِڻِي) ۽
هميشه سرسبز شيشم جي
وڻن سان ڀرپور آهي.
هن شُڀ نديءَ جي ڪنارن تي
ماکي پيدا ڪندڙ گل (سلما) پيدا ٿين ٿا.
اشلوڪ 9:
سنڌو، پنهنجن سهج هلندڙ
سُٺن گهوڙن تي سوار ٿي آهي.
اُن سان اها اسان لاءِ
اناج آڻيندي،
مهان، نامياري، رٿ واري،
سنڌوءَ جي ارچنا جي
هن يگيه (دور) ۾
ساراهه ڪريون ٿا!
سنڌونديءَ جو جنم (Origin of River Indus): سنڌوندي ڌرتيءَ جي ’پاڻياري تهه‘ (Hydrosphere) جو حصو آهي. هيءَ ندي ڏکڻ ايشيا جي ٻيو نمبر، پاڻيءَ جي وهڪ جي حساب سان دنيا جي ندين ۾ ايڪويهين درجي واري ندي آهي، جڏهن ته ڊيگهه جي حساب سان دنيا جي ڇويهون نمبر وڏي ندي آهي. بارفائي/ گليشرائي اڀياس موجب سنڌونديءَ جو بنياد ڇهه ڪروڙ پنجاهه لک ورهيه (6.5 million years) اڳ ڌرتيءَ جي ٽئين دور (Tertiary Era) نئين جيوت واري جڳ جي پهرئين زمان ۾ جُڙيو، جڏهن ٿڻائتا جانور ۽ گلن ڦلن وارا ٻوٽا ۽ وڻ ڦولارجي رهيا هئا.
سنڌونديءَ جو ڀُون وگياني اتهاس (Geological History)، جڙيل تاسرين جي تڪڙي اُٿڪ (uplift) سان لاڳاپيل آهي. عربي سمنڊ (Arabian Sea) اڃا به ’چن واري دور‘ (Cretaceons Epoch) جي پوئين زماني ۾ جڙيو، جڏهن سنڌ جڙيل تاسر (Indian Tectionic Plate) مڊگاسڪر کان الڳ ٿي هئي. سنڌ ڌرتي ۽ سنڌو نديءَ جو ’جنم جڙيل تاسرين‘ (Tectonic plates) جي حرڪت جي ڪري ممڪن ٿيو.
جيالاجيءَ جي اڀياس (Geological Study) موجب اٽڪل ساڍا پنج ڪروڙ سال (5.5 Billion Years) اڳ سنڌ تاسر (Indian Plate) هر سال 1 سينٽي ميٽر جي رفتار سان اتر ڏانهن سُرڻ شروع ڪيو ۽ ڌرتيءَ تي گڏهن ۽ گهوڙن جي پيدائش واري زماني (Erocene Period) ۾ اٽڪل ساڍا چار ڪروڙ سال (4.5 billion years) اڳ يوريشيئن تاسر (Eurasian Plate) سان وڃي ملي، جنهن کي زميني علمن جي ماهرن
’انڊو-يورويشيئن ٽڪراءُ‘ (Indian-Eurasian Collision) سڏيو آهي. هن ٽڪراءُ جي ڪري ٻنهي جڙيل تاسرين (Tectonic Plates) جي ڀيڪوڙ جي ڪري ڌرتيءَ تي تهه دار جوان جبل (Folded Young Moutain) وارو هماليائي جابلو سلسلو (Himalayan Mountain Range) وجود ۾ آيو.
لکين ورهين کانپوءِ اُتي ڪيترائي بارفا/ گليشيئر (Glacier) وجود ۾ آيا. هن هماليائي جابلو سلسلي جي بارفن/ گليشيئرن جي اتر ۽ اولهه واري ڀاڱي مان انيڪ نديون جهرڻن وانگر مٿان ٿي لهن ٿيون، جيڪي اپکنڊ (Sub- continent) ۾ ٻه وڏا تراکڙا ميداني علائقا: هڪ سنڌو ماٿري ۽ ٻيو گنگا ماٿري- جوڙين ٿيون. اُن ريت هماليا جبلن جي قدمن ۾ ننڍي کنڊ (Sub-Continent) جي مشهور درياهن: سنڌو ۽ گنگا جي ترائي (Indus-Ganga Depression) جُڙي راس ٿي. 5 لک ورهيه اڳ اتان ٻن جبلن، ڪي. ٽو ۽ مائونٽ ايوريسٽ جي وچان زمين جي ڀيڪوڙ جي ڪري ڪيلاش جبل اُسري نروارو ٿيو، جنهن جي اوچائي 22028 فوٽ/ 6714 ميٽر آهي. هن 15 هزار فوٽ اُتاهين ماٿريءَ مان وهندڙ جهرڻن مان ڪيلاش جبل جي اوچي ماٿريءَ ۾ ٻه ڍنڍون: ’مانسروور‘ ۽ ’راڪاس تال‘ جڙي راس ٿيون، جيڪي پاڻ ۾ هڪ ڇاڙهه وسيلي مليل آهن. انهن مان هڪ مقدس مانسروور ڍنڍ آهي. مٿي ڄاڻايل هڪ ڏندڪٿا موجب ”سمورا درياهه سنڌو ۽ گنگا انهن ئي ڍنڍن مان وهي نڪرن ٿا.“ جڏهن ته ستلج ندي ’دئت ڍنڍ‘ مان نڪري ٿي، پر بعد ۾ ٿيل تحقيق موجب سنڌوندي ان مقدس ڍنڍ کان گهڻو مٿان، اتر ڏِس کان الڳ روپ ۽ ماڳ تان ڪيلاش پربت مان نڪري ٿي. ان ڪيلاش جابلو سلسلي کي ’گنگديسي جابلو سلسلو‘ (Gangdisi Range) چيو وڃي ٿو.
اهي انيڪ هماليائي جابلو نديون، جيڪي گنگا ۽ سنڌو نديءَ جا وڏا وهڪرا ٺاهين ٿيون، سي 5000 هماليائي گليشيئرن مان پاڻي کڻي وهن ٿيون. اهي گليشيئر اٽڪل روءِ 40،000 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ بارفا/ گليشيئر 3500 کان به مٿي، سنڌونديءَ جي طاس (base) ۾ اچن ٿا ۽ ٻئي نمبر تي گنگا ۽ برهمپترا جي ڀاڱي ۾ اچن ٿا. ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي اهڙن بارفن/ گليشيئرن جو انگ 8000 ق. م ۾ 30 سيڪڙو هو ۽ اڄڪلهه 10 سيڪڙو وڃي رهيو آهي.
سنڌونديءَ بابت کوجنا ڪندڙ ’ايلاس البينا‘ لکي ٿي ته ”پنج ڪروڙ سال اڳ هيءَ زمين هموار هئي، پوءِ ’سنڌ ۽ يورپ- ايشيائي جڙيل تاسرين‘ جو ٽڪراءُ ٿيو ۽ سمنڊ هتان کان هزارين ميل پوئتي هٽي ويو ۽ سنڌونديءَ کي ڏکڻ طرف وڌيڪ سفر ڪرڻ لاءِ واٽون ٺاهڻيون پيون.“ هوءَ وڌيڪ لکي ٿي ته، ”هن علائقي ۾ جتي چين ۽ انڊيا جون سرحدون ملن ٿيون، اُتي رڳو سنڌوندي ئي ڀرپور اعتماد سان وهندي نظر اچي ٿي. هيءَ ندي هنن سمورن جبلن کان آڳاٽي ۽ قديم آهي. هيءَ ندي گنگا نديءَ کان به پراڻي آهي. اڳ به ٿٻيٽ مان نڪرندي هئي ۽ هاڻي به اُتان ئي نڪري وهندي رهي ٿي.“
سنڌونديءَ بابت ڀون وگيانن (Geologists) هڪ وڏي تحقيق کانپوءِ اِها ڄاڻ ڏني آهي ته جڏهن اندرين زميني ڦيرگهير، چرپر ۽ سخت ڀڪوڙ جي ڪري ڪيلاش جبل اُسري نروار ٿيو، تڏهن کان سنڌو ۽ گنگا ندين جو وهڪرو ڏکڻ اوڀر ڏانهن لڙي ويو. اُن ريت اهي ڪنهن دَور ۾ سنڌو ۽ گنگا نديءَ وارا گڏيل وهڪرا هڪٻئي کان ڌار ٿي وهڻ لڳا. ان ريت پنهنجي مُنڍ ۽ مهڙ ۾ رڳو ٽي ميل پري وارا درياهي وهڪرا هڪ ٻئي کان 1000 ميل پري ڌار ڌار ، گنگا ۽ انڊس ڊيلٽا ٺاهي وهڻ لڳا.
هن دور ۾ اُپکنڊ جا سمورا درياهه جبلن جي لاهين کان لهندا، ميدانن مان گذرندا ڪٿي زمين کي کرڙيندا، درياهن جا گس گهڙيندا ۽ ڪڏهن پراڻا گس ڇڏي نوان رستا، ڀاڏون، تل ۽ ترايون، ڍنڍون ۽ ڍورا ٺاهيندا رهيا ۽ ڪٿي زمين تي لَٽ وجهي، اُن کي بيحد زرخيزي عطا ڪندا رهيا ۽ وڌ ۾ وڌ ميداني علائقا ٺاهيندا رهيا. اُن ريت سنڌوندي زمين ٺاهڻ واري قدرتي ڪم ۾ موجوده اوڀارين برپٽ وارن علائقن کان اولهه جي جابلو ماڳن جي وچ واري ميداني پٽ تي پنهنجا هڪڙا وهڪرا جوڙيندي ۽ اڳوڻا وهڪرا بدلائيندي رهي. تاريخدان سر هينري ايليٽ جو بيان آهي ته ”دنيا ۾ اهڙي ٻي ڪا به ندي نه آهي، جنهن هن درياهه وانگر پنهنجو وهڪرو بدلايو هجي.“ ڪن ڀون وگيانين (Geologists) جو چوڻ آهي ته ”ان جو ڪارڻ نئين جوڙ واد (New Tectonism) به آهي.“
سنڌونديءَ جو پاڻيارو نظام ٿٻيٽ جي هماليائي، قراقرم، هندوڪش، ڄمون، ڪشمير ۽ اترين علائقن واري جابلو سلسلي جي 3538 بارفن/ گليشيئرن جي پاڻيءَ تي آڌار رکي ٿو. سنڌوندي هڪ ’دائم درياهه‘ (Perennial River) آهي، پر اُن ۾ پاڻيءَ جي جهجهائي مند آهر هوندي آهي. سياري ۾ هن نديءَ جو هيٺانهون وهڪرو گهٽجي ويندو آهي. آبڪلاڻي/ سانوڻيءَ جي مند (جولاءِ کان سيپٽمبر) ۾ هي ندي ٻوڏون ڪندڙ ندي بڻجي، پنهنجن قدرتي ڪپرن کان اُٿلي، پنهنجي لٽ سان زمينن کي زرخيز بڻائي پوک لائق ڪري ٿي.
سنڌونديءَ جون پنج ڀارتو نديون: ستلج، بياس، راوي، چناب ۽ جهلم پنهنجن منڍ وارن جبلن ۽ برپٽن/ ميدانن واري وچئين علائقي (Alluvial Plain) مان وهنديون پئي رهيون آهن. اُن ريت انهن ندين جي زرخيز لٽ بهترين زرعي علائقا جوڙي ڇڏيا آهن. اهو دور ڌرتيءَ تي ٿڌ جي چئن وڏن دؤرن (Four Ice Ages) وارو هو. اُهي چارئي دور 18 لک ورهين جي عرصي تي ڇانيل آهن، جن ۾ ڪي گرميءَ واريون وڇوٽيون پڻ اينديون رهيون. آخري ٿڌ جو دؤر (Last Ice Age) 75 هزار ورهيه هليو ۽ اٽڪل 10 هزار ورهيه اڳ اُن جي پڄاڻيءَ تي نئين پٿر واري دور (Neolithic) جي ابتدا ٿي، تڏهن برفاني پربت/ گليشئر تيزيءَ سان ڳري تيز ۽ تکا وهڪرا بنجي وهڻ لڳا. اهڙيءَ ريت پاڻيءَ جي پالوٽ ڌرتيءَ تي هڪ وڏي جنسار کي جنم ڏنو، جنهنڪري هڪ ڪروڙ کان 50 لک ورهيه (10 Million .5 Million) اڳ تائين واري دَور ۾ جنم ورتل ’ابتدائي اُڀ پيري انسان‘ جي صورت ۾ ’غار واري انسان‘ (Cave man) طور اوسر ڪئي. سنڌ ۾ هن انسان کيرٿر جابلو سلسلي کان وٺي پوٺوهار وارن پٽن تائين پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، هي اوائلي انسان، شڪاري ڪرت ڄاڻندو هو ۽ پٿر جي مختلف هٿيارن سان شڪار ڪندو ۽ جابلو نئين (Mountain Rivers) جي پاڻيءَ تي گذر ڪندو هو، هوريان هوريان اُهو قديم انسان، آهيڙي (شڪاري)، ڏوٿي (ڏٿ تي گذران ڪندڙ) ۽ مالوند سماج مان اوسر ڪندو پٿر جي نئين دور (Newlithic Period) ۾ ابتدائي زرعي سماج جوڙڻ، ڳوٺ ۽ وسنديون ٺاهڻ ۾ سوڀارو ٿيو. سنڌو ماٿريءَ ۾ انهيءَ گهڻ درياهي سرشتي جي ڪري اهو سڀڪجهه ممڪن ٿيو، جو سنڌو ماٿريءَ ۾ قديم زماني کان پوکي راهيءَ جو هڪ قدرتي نظام جڙي پيو هو، جيڪو جديد دؤر جي بئراجي ۽ نهري نظام وسيلي وڌيڪ لاڀائتو بڻيو آهي.
سنڌونديءَ جي ڊيلٽا ۾ درياهه جون سموريون ڇاڙهون، سنڌا جوڙي، پاڻ کي مٿي ڪرڻ واري عمل ۾ رُڌل رهنديون آهن. هن ماڳ تي ڇاڙهن جو ترو تڪڙو تڪڙو مٿي ٿئي ٿو، ان ڪري جڏهن آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ ڇاڙهون تار ٿي وهنديون آهن، تڏهن مهيني وار، وِيرَ اُٿڻ وارن ڏينهن ۾ ويرُن (Tides) جي دٻاءَ ۽ روڪ جي ڪري ڇاڙهون پنهنجين ڪنڌين کان اُٿلي ڀر واريءَ زمين کي ٻوڙي ڇڏينديون آهن ۽ لٽ وارو پاڻي ڪنڌين کان مٿي واري پٽ تي ڇڏينديون آهن. ويرن جي آلڙ وقت پاڻي پهرين ڇاڙهن جي پيٽ ڏانهن تڪڙو ورندو آهي ۽ اُن ريت ان جي کاڌ ۽ پائڻ واري سگهه پڻ وڌي ويندي آهي.
سنڌوءَ جي ڇاڙهن جو اُٿليل پاڻي، آلڙ وقت سمنڊ ڏانهن تيزيءَ سان ورندي ڇاڙهن جي پيٽ کي ڇڏي نوان گس به جوڙي وٺندو آهي. ان ريت ڊيلٽائي ڇاڙهن جو نقشو وقت به وقت بدلبو رهندو آهي.
سنڌوندي، نيل نديءَ (Nile River) جي ڀيٽ ۾ ٽيڻي مقدار ۾ لٽ آڻي ٿي ۽ هي هڪ لاهياري ندي آهي، جيڪا منڍ کان وٺي جابلو چاڙهيڪن ۽ لاهوندين کان لهندي، اڀرندي کان الهندي ڏانهن ڊوڙندي ۽ رڙهندي ميدان جوڙيندي وهي ٿي. سنڌوءَ جو قديم ڇوڙ وارو ڪيٽيائي ماڳ ڪڇ جي نار وٽ هو ۽ اها ’ڪوري نار‘ آڳاٽي ’سنڌوءَ جي نار‘ ئي آهي. سنڌوءَ سان گڏ ٻيا ڪيترائي درياهه جهڙوڪ: سرسوتي، لوڻي، قديم يمنا (جمنا) به هن نار ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. ان ريت سنڌونديءَ، پنهنجيءَ وڏيءَ ڄمار ۾ (3500 - 10000 ق. م) ڪڇ جي رڻ جوڙڻ سان گڏ ڪڇ جي نار کي به جوڙيو.
سنڌوندي پنهنجي ڊيلٽائي ماڳ کي پنهنجي لَٽ سان اڳڀرو ڪندي رهي آهي. ايڇ. جي. ويلز پنهنجي ڪتاب The Outline of World History ۾ نقشن ذريعي ٻُڌائي ٿو ته، ”اڄ کان پنجاهه هزار ورهيه اڳ سنڌونديءَ ڪالاباغ واري ماڳ وٽ موجود سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪيو. ان دؤر ۾ سڄي پنجاب ۽ سنڌ وارو موجوده ميداني علائقو ۽ گنگا واريون ماٿريون سمنڊ هيٺ هيون.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”سنڌوندي پنجويهه هزار ورهيه اڳ اڄوڪي سنڌ جي ڪشمور واري ماڳ وٽ اُن وقت جي موجود سمنڊ ۾ ٿي ڇوڙ ڪيو.“
انهيءَ دور ۾ ماڻهو جبلن ۽ ٽڪرين تي رهندڙ هئا. اُن ريت سنڌونديءَ سنڌ جو ميداني علائقو پنهنجي لَٽ سان مٿڀرو ڪندي اڳتي وڌندي رهي آهي. اُنهيءَ ڪري سنڌونديءَ کي هڪ ٻلوان ۽ اجيت نديءَ طور ويدن ۾ ساراهيو ويو آهي.
سنڌوندي ان کانپوءِ واري دَور ۾ هاڻوڪو ڊيلٽائي ماڳ جوڙيو، هيءَ ندي صدين کان پنهنجي ڊيلٽا کي جوڙيندي ۽ اڳڀرو ڪندي پئي اچي. سڪندر مقدونيءَ جي دَور (326 ق. م) ۾ ڊيلٽا سنڌوءَ جي ڦليليءَ واري ڦاٽ کان ٿورو اڳڀرو پٽالا (پاتال= Patala)، حيدرآباد وٽ هو. سنڌوندي، هن ڊيلٽا کي اڳڀرو ڪندي رهي آهي. ان عمل ۾ نئين جوڙ واد (New Tectonism) جو به هٿ رهيو آهي. ’لاڙ‘ جي معنيٰ ئي ’سمنڊ جو لڙهيل/ لڙيل علائقو‘ آهي.
سنڌوءَ جو نالو (Nomenclature of Indus): سنڌونديءَ جي نالي بابت ڪيتريون روايتون ۽ ڏند ڪٿائون ننڍي کنڊ ۽ خاص ڪري موجوده سنڌ ۾ موجود آهن. ٿٻيٽ جا ماڻهو ان کي ’سنگي سنمبو‘ (Sengge Tsanbo)، ’شينهن درياهه (Lion River)، يوناني ’انڊوس‘ (Indos) ۽ لاطيني ’انڊس‘ (Indus)، ۽ ترڪ، ’نيلاب‘ (Nilab) ڪوٺيندا رهيا آهن. ڪرنل جيمس ٽاڊ به ’تاريخ راجسٿان‘ ۾ سنڌونديءَ جو نالو ’نيلاب‘ لکيو آهي ته، جڏهن ته نيلاب، سنڌونديءَ جي هڪ پتڻ جو نالو آهي، جيڪو پشاور کان 35 ڪوهه هيٺڀرو مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي آهي. هتي سنڌوءَ جي اُجري پاڻيءَ جو رنگ نيرو آهي.
سنڌونديءَ کي ’سنڌو‘ ان ڪري سڏيو ويو آهي، جو لفظ ’سنڌو‘ معنيٰ ئي ’پاڻيءَ جو وهڪرو‘ آهي. اڄ به پشاور جا پٺاڻ ڪرمي نديءَ کي ’دي ڪرمي سيند‘ ڪري ڪوٺين ٿا. لفظ ’سيند‘ (Syand) جي معنيٰ ’وهڻ‘ آهي. سنسڪرت ۾ لفظ ’سنڌو‘ (Sindhu) جي معنيٰ به وهڻ، ندي، پاڻيءَ جو وهڪرو ۽ وڏو سمنڊ آهي. رگويد ۾ سنڌونديءَ جي ڀارتو ندين کي گڏي ’سپت سنڌو‘ (Sapta Sindhu) ۽ ايرانين جي زند اوستا (Zend Avesta) ۾ ’هپت هندو‘ (Hapta Hindu) سڏيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ ’ست نديون‘ آهي. ننڍي کنڊ جي آڳاٽن لوڪن ’سنڌوءَ‘ جي معنيٰ ’ساگر‘ ڪري ورتي آهي، ڇاڪاڻ ته آرين کي هن درياهه جو ٻيو ڪنارو نظر نه آيو هو، ان ڪري هنن ان کي ’ساگر‘ (سمنڊ) سمجهيو. آرين هن درياهه رستي هن سڄي علائقي ۾ زرخيزي پيدا ٿيڻ ڪري سنڌ ملڪ جو نالو ’ديش پتا‘ رکيو. هن نديءَ کي سامي نسل مذهبن سان عقيدت رکندڙن آدم ثاني، حضرت نوحعه جي هڪ پٽ ’سنڌ‘ جي نالي سان پڻ منسوب ڪيو ويو آهي، انهن هن لفظ کي سميري لوڪن جي ننڍي کنڊ ڏانهن لڏپلاڻ دوران سندن آباديءَ وارن علائقن ’سامراه‘ سان لاڳاپيل ڄاڻايو آهي. ڪن عالمن هن کي سٿين لوڪن جي لفظ ’انڊس‘ مان تبديل ٿيل ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌو‘ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته هي لفظ ۽ نالو سنڌوءَ جي ڇوڙ کان وٺي چين جي سموري علائقي تائين هڪ جهڙي اچار ’سنڌو‘، ’سَمبو‘، ’سنتو‘، ’شنتوهُه‘ (شِن- تُو- هُه) سان ڳالهايو ۽ اُچاريو وڃي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت وارن آخري ڏهاڙن ۾ هڪ چيني سفير کيس ڏنل الوداعي تقريب ۾ هي لفظ ادا ڪيا هئا: ”اسان چيني لوڪن جي محبت اوهان سان ’درياهه يانگ زي‘ (Yangtze) ۽ ’درياهه شنتو‘ وانگر سدائين روان دوان ۽ قائم رهندي.“ ’سنڌو‘ ۽ ’شنتو‘ تمام آڳاٽا لفظ آهن. هن خطي مان ويل هڪ مذهبي فرقو ’شنتو‘ اڃا به چين ۽ جپان ۾ موجود آهي. اهو ساڳيو لفظ ’سنڌو‘ پراڻي فارسيءَ ۾’سين‘ (س) اُچار نه هئڻ ڪري ’هندو‘ بڻيو، جيئن ’ست‘ کي سنسڪرت ۾ ’سپت‘ ۽ فارسيءَ ۾ ڦيرائي ’هپت‘ ۽ هاڻي ’هفت‘ چيو وڃي ٿو. ’سپت سنڌو‘ ڦري ’هپت هندو‘ ٿيو، جنهن جي معنيٰ ’ست وهڪرا‘ ڪئي وڃي ٿي، جيڪي ست نديون: ڪابل، سوات، ستلج، بياس، راوي، چناب ۽ جهلم گڏجي عظيم ’سنڌو درياهه‘ ٺاهين ٿيون. جديد فارسيءَ ۾ ’سين‘ (س) حرف (اکر: Letter) گهڻو پوءِ شامل ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت ’سين‘ ۽ ’شين‘ ۽ ’ڇ‘ واري مٽ سٽ جا کوڙ مثال ننڍي کنڊ جي ٻولين ۾ به ملن ٿا، جهڙوڪ: شنتوهُه: سنتو: سِنڌو يا مانسر ڍنڍ: منڇر ڍنڍ وارا مثال. اهڙيءَ ريت ’هه‘ ۽ ’سين‘ اکرن جي مٽ سٽ سان سنڌو، هندو ۽ پوءِ يونانيءَ ۽ لاطينيءَ ۾ ’انڊو‘ لفظ بڻيا، جنهن مان ’انڊيا‘ لفظ جڙيو. اڄ به سنڌ جا جنڊاهڙا ’س‘ کي ’هه‘ ڪري اُچاريندا آهن.
سنڌونديءَ جي منڍ، ٿٻيٽ کان وٺي ان جي ڇوڙ واري ماڳ ’لاڙ‘ تائين اُچارجندڙ هي ’آڳاٽو لفظ‘ سنڌو (Proto Indus Word) آهي، جيڪو مختلف شڪلين ۽ اُچارن سان نه رڳو ننڍي کنڊ، پر سموريءَ دنيا ۾ آڳاٽي سنڌو تهذيب جي هاڪ سبب موجود رهيو آهي ۽ هن وقت هي لفظ دنيا جي قديم ۽ مشهور ’سنڌو سڀيتا‘ ۽ ’سنڌونديءَ‘ جي نالي سان منسوب آهي.
ويدڪ محقق عالمن ’اندر‘ ۽ ’انڊو‘ جو بڻ بنياد هڪ ئي ڄاڻايو آهي. اِندر مينهن وسائيندڙ ديوتا آهي، جنهن جي معنيٰ ’مينهن ڦڙو‘ آهي، اُن ريت مينهن ۽ وسڪاري کان پوءِ سج جي ڪرڻن/ ترورن سان جڙيل ’ست رنگي ونگ‘ کي ’انڊلٺ‘ (اندر+لٺ) ڪوٺيو ويندو آهي. اهو اندر ئي آهي، جيڪو سنڌونديءَ کي ڪپرن تائين پُر ۽ تار ڪري ڇڏي ٿو، جيئن اُها زمين کي زرخيز بڻائي ۽ ماڻهن ۽ مال جو سک ٿئي.
اهڙيءَ ريت سال 2000ع ۾ جڏهن ’ايلائيس البينا‘ نالي هڪ آمريڪي جاکوڙي عورت سنڌوءَ جي منڍ وٽ پهتي ته هن ڏٺو ته، ”سنڌوندي هڪ وڏي ٽڪر جي مختلف ڀاڱن مان، جهرڻن وانگر وهي رهي هئي. مقامي ماڻهو هنن جهرڻن جي ترتيب کي شينهن جي روپ ۾ ڏسن ۽ ڏَسين ٿا، جيڪي آهن: سنگي اُري (ڪيهر شينهن جو منهن)، سنگي نوربُو (شينهن جو پير) ۽ سنگي ناما (شينهن جو پڇ).
سنڌوءَ جي مانسروور مان نڪرڻ واري مفروضي کي سڀ کان اڳ هڪ سئيڊش سياح سيون هيڊن (Seven Hedin) رد ڪري، تحقيق ڪري ٻڌايو هو ته، سنڌو ڪيلاش پربت جي مٿاهين (7000 فوٽ بلند) واديءَ مان جبل جي دامن مان نڪتو ٿي، جنهن کي ’سنگهه-ڪباب‘ (شينهن جو منهن) چيو ٿي ويو.
هيءَ ندي، سڌي نموني ڪنهن بارفي/ گليشيئر مان پاڻي نه ٿي وٺي، پر جابلو زمين مان ڦاٽي، جهرڻن جي روپ ۾ نڪري ٿي.
سنڌوءَ جي وهڪ ۽ تک جو نظارو اٽڪ وٽ ڏاڍو من موهيندڙ هوندو آهي.، جتي پاڻيءَ جا مختلف رنگ نظر ايندا آهن، عام وهڪري ۽ جبلن تان لهندڙ پاڻيءَ جا رنگ مختلف هوندا آهن، يعني لهرن جا مختلف رنگ يا لباس نظر ايندا آهن. ڀٽائيءَ ڪهڙو نه خوب چيو آهي:
’لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو!‘
هن علائقي جا ماڻهو هن نديءَ کي ’اباسين‘ ڪري ڪوٺيندا آهن، اتي جا عوامي ماڻهو ان نالي جو مطلب ’درياهن جو ابو‘ (ابا= بابو، پيءُ + سين = درياهه) ٻڌائيندا آهن. جڏهن ان جو ٻيو مطلب ’سنڌوءَ جو پاڻي‘ (ابا = آبُ= پاڻي + سين= سنڌو) ئي آهي. اتي اباسين نالي سان ميوزم ۽ مختلف مرڪز موجود آهن.
مختلف تاريخدانن ’مهراڻ‘ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي: البيرونيءَ ڪتاب ’الهند‘ ۾ لکيو آهي ته، ”جڏهن پنجاب وارو گڏيل وهڪرو اروڙ ٽپي ٿو، تڏهن اُن کي ’مهراڻ‘ جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو. مهراڻ، اتان کان وهندو وڃي منصوره رسي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي ٻه درياهيءَ جي وچ ۾ اڏيل شهر آهي. ان ريت ان جون ٻه ڇاڙهون، هڪ ڇاڙهه لوهاڻي وٽ ۽ ٻيءَ ڇاڙهه سنڌو ساگر/ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.“ المسعوديءَ جي بيان موجب ”مهراڻ جون ٻئي ڇاڙهون ساڪري شهر وٽ وڃي سمنڊ ۾ لٿيون ٿي.“ الادريسيءَ پنهنجي ڪتاب ’نزهت المشتاق‘ ۾ ”مهراڻ کي اروڙ جي اولهه ۾ وهندي ڄاڻايو آهي.“
ميجر راورٽيءَ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو مهراڻ‘ (Mehran of Indus) ۾ لکيو آهي ته ”جڏهن سنڌو، هاڪڙي واري وهڪري کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو ته ان کان پوءِ ان جي سنگم واري هنڌ ’آب دوش‘ وٽ، جيڪي به درياهه اچي ان سان ملندا هئا، تن سڀني کي ’عظيم مهراڻ‘ (Great Mehran) جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ عام طور ان کي ’واهند ساگر‘ (سنڌو ساگر) يا ساڱرو/ سانڪرو سڏيو ويو.“
الائيس البينا پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جو سلطنتون‘ (Empires of the Indus) ۾ لکي ٿي ته، ”اِهو ’انڊيا‘ وارو نالو به ’انڊس‘ تان کنيل آهي، قديم سنسڪرت جا عالم/ پنڊت اُن کي ’سنڌو‘ سڏيندا هئا. فارسين ان کي لفظ ’هندو‘ ۾ تبديل ڪيو ۽ يونانين هندو (Hindu) مان ’هه‘ (H) ڪڍي ’انڊو‘ (Indu) ڪري ڇڏيو، جيڪو اصل ۾ ’انڊس‘ آهي. اهڙيءَ طرح اُن مان انڊيا، هندو، ’انڊيز‘ لفظ جڙيا. سڪندراعظم جي وقت جي تاريخدانن سنڌو ماٿريءَ (Indus Valley) بابت گهڻو لکيو، دلچسپ ڪهاڻيون تخليق ڪيون ۽ هنن ان کي انڊيڪا (Indika) جو نالو ڏنو.“
سنڌوندي، منڍ کان ڇوڙ تائين (Indus River, From its Source to Mouths): سنڌوءَ جي منهن جي کوجنا سويڊن (Sweden) جي هڪ کاهوڙي سياح سيون هيڊن (Sven Hedin) جو وڏو ڪارنامو آهي، جنهن 1907ع جي اونهاري ۾ مانسروور ڍنڍ ۾ سنڌوءَ جو منهن (سنگي- ڪا- باب) ڳوليندي، اُن کان 60 ميل اوڀر ۾ وڃي برهمپترا جي منهن تي بيٺو. اُتان ئي هن جاکوڙي شخص سنڌونديءَ جو منهن ڳولي لڌو، جيڪو مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل/ 50 ڪلوميٽر پري آهي ۽ اها ندي مانسروور ڍنڍ ڀرسان پور وڇوٽ وهي نڪرندي آهي. هيءَ ندي، اُن مقدس مانسرور ڍنڍ مان نٿي نڪري، سنڌو پنهنجي منهن ’سنگي- ڪا- باب‘ کان پنهنجو آزاد وهڪرو جوڙي وهي ٿي. سيون هيڊن ڏٺو ته، ”زمين جي مٿاڇري کان 17000 فوٽ اوچي هڪ وسيع ٽڪريءَ جي پاسي کان هڪ وڏو پٿر سِر وانگر ٻاهر نڪتل هو. جنهن هيٺان ڪيترا جهرڻا تيزيءَ سان وهي رهيا هئا، ۽ اهو سڄو هنڌ سائي گاهه سان ڍڪيل هو.“
’سوين هيڊن‘ (Sven Heden) نالي هن محقق کي هڪ تبتي سونهين (Guide) ٻڌايو هو ته ”’سنگي- ڪا- باب‘ وٽان سنڌوءَ جو وهڪرو سدائين آرهڙ توڙي سياري ۾ هڪ ڪرو رهي ٿو، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ٻين ندين جي وهڪري جو پاڻي مند آهر گهٽ وڌ ٿيندو رهي ٿو.“
سنڌوندي پنهنجي بنيادي ماڳ، سنڌوءَ جي جوهر (source) مان ڏهه هزار فوٽ بلنديءَ کان هڪ ماٿريءَ ۾ وهندي آهي. اتي مڇي جام هئڻ ڪري سنڌوءَ جو پاڻي سُرمئي ۽ ڪارسرو نظر ايندو آهي. ٿٻيٽ واري اُن علائقي مان جتان ڪٿان ايندڙ ندين ۽ نئين جو جال پاڻي کڻي 200 ميل هڪ ويڪري ٽاڪرو ماٿريءَ مان گذرندي آهي، جيڪا اولهه ٿٻيٽ واري علائقي ۾ آهي. سنڌو ندي اُن ماٿريءَ ۾ اولهه ڏانهن لڙي، وري اتر ڏانهن موڙ ڏئي اولهه طرف منهن ڪندي آهي. ان ڪري سندس اهو وهڪرو ’ڏاٽي‘ جهڙي صورت ٺاهي ٿو.
ٿٻيٽ وارو ملڪ جابلو ٻيلن سان ڀريو پيو آهي، اتي جون ماٿريون ۽ ماڳ سدائين زلزلن جي وڪڙ ۾ آهن. ٿٻيٽ جي ڄاتل تاريخ ۾ سنڌوءَ جي لنگهه واري ماٿريءَ ۾ ڪا اڻ لکي ڦيرگهير به نه آئي آهي.
سيون هيڊن کان 105 سال اڳ سن 1811ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو هڪ ملازم وليئم مور ڪرافٽ (William More Craft) ڪيلاش پربت وڃي نڪتو هو ۽ کانئس گهڻو پوءِ 1944ع ۾ آسٽريليا جو هڪ جابلو مهم جُو ’هينرچ هارر‘ (Henrich Harrer) وڏن ڏکن ڏاکڙن کي منهن ڏئي سنڌونديءَ جي پهرئين مٿئين ڀاڱي واري ماٿريءَ گارتانگ (Gartang) تائين وڃي پهتو هو. ان کانپوءِ ايلائيس البينيا ايڪيهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ سيون هيڊن وانگر سنڌوءَ جي منڍ تائين پهتي. اتي هُن سنڌوءَ جي اُجري پاڻيءَ جي ڪٺار سان ڪنگڻ کار واري پِيلي واديءَ ۾ ڪيترائي سهڻا ولهار ڏٺا.
سنڌو ۽ ان جي ڀارتو ندي ’گارتانگ‘ (Gartang River)، جيڪا نگنگلونگ ڪئنگري (Nganglong Kangri) ۽ گنگديسي شان (Gangdisi Shan) واري جابلو سلسلي مان وهي نڪري ٿي. ٻئي ڏسڻ ۾ هڪ جهڙيون ۽ هڪجيتريون آهن. اُتان ئي هڪ ٻي سنڌوءَ جي ڀارتو ندي سئنگي (Sengi) پڻ وهي نڪري ٿي. ڪٿي ڪٿي گارتانگ نديءَ جو وهڪرو سنڌو نديءَ کان مٿڀرو نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪناري آباد ڳوٺ، سنڌوءَ جي ڪناري سان آباد وستين کان گهڻا ۽ جهجها آهن. گارتانگ نديءَ جي ماٿريءَ جو راڄڌانيءَ وارو شهر گارتوڪ (Gartok) آهي. ٻنهي ندين جي ملڻ کانپوءِ سندن وهڪرو اتر اولهه ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو ٿٻيٽ کان لداخ (هندستان) ۽ اتان پاڪستان جي اترئين ڀاڱي بلتستان ڏانهن لڙي وڃي ٿو.
ايلائيس البينا ڪجهه ٻين ندين جا به نالا ڄاڻايا آهن، جيڪي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، جهڙوڪ: ”سنڌو نديءَ ۾ ڇوڙ ڪندڙ منڍ واري سڀ کان ڊگهي ندي ’ڪلاچو‘ آهي ۽ هڪ ٻي ندي ’لنگديپ چُو‘ آهي، جيڪا ڏکڻ اوڀر کان وهندي اچي ٿي، جيڪو سنڌونديءَ جي ڀر واري واهڻ ’سنگي- علي‘ جي ويجهو ڳوٺ ’دار چين‘ کان هڪ ڏينهن جي پنڌ تي آهي.“ ان جو مطلب ته سنڌونديءَ جي مُنهن وٽان ئي ٻيون انيڪ نديون، هن نديءَ کي پنهنجو پاڻي آڇي ڀرپور بڻائين ٿيون.
سنڌو ٿٻيٽ جي مٿاهين ماٿريءَ مان وهندي آهي، هن کان پري وارا جبل به انهيءَ واديءَ کان ايترو ئي مٿانهان آهن. لداخ جي سرحدي ماڳ وارا جبل هڪ سوڙهو لڪ جوڙيندا آهن، جتان سنڌوندي اُڀي نموني جهرڻي وانگر هيٺ وهي ٿي، اُتي هيءَ جابلو ٽڪرين جي چوٽين سان ٽڪربي، پنهنجو گس ۽ واٽ جوڙيندي آهي، هن ماڳ تي سنڌونديءَ کان پرڀرو اتر ڏانهن قراقرم، ڏکڻ ۾ هماليا جبل، ڀر ۾ پامير جبل ۽ هندوڪش جبل آهن. اتان سنڌوندي پنهنجي بنيادي ماڳ ’شينهن جي وات‘ (Sengi-ka-bab) کان ساڍا ٽي سؤ ميل (350 miles) سفر ڪري ٻارهن هزارن فوٽن (12000 feet) جي بلنديءَ تان هيٺ لهندي آهي ۽ ڪيترين ندين جو پاڻي پاڻ سان کڻي هلندي آهي. انهن جابلو سلسلن مان مليل پنڊ پهڻن (Fossils) جي سائنسي اڀياس مان ڄاڻ ملي آهي ته هي علائقو ساڍا چار ڪروڙ سال اڳ سمنڊ هيٺ رهيو هوندو. پنج لک ورهيه اڳ ٻن جابلو چوٽين: ايوريسٽ ۽ ڪي. ٽو جي وچان ڪيلاش جبل به ڀڙڪو ڏئي نڪتو، اُن ڪري اتي موجود پاڻيءَ جو هڪ يڪو گڏيل درياهي وهڪرو ورهائجي ويو ۽ ان جي جاءِ تي سنڌو- ستلج ۽ گنگا- برهمپترا جي شڪل ۾ ٻه جدا جدا درياهي سلسلا وهڻ شروع ٿي ويا. سنڌو ۽ گنگا جي ترائيءَ ۾ 60 ميلن جي وٿي آهي. اهي ٻه درياهي سلسلا هڪٻئي جي ابتڙ رخن ۾ وهندا آهن. هڪ ندي ڏکڻ ۽ اوڀر ڏانهن ۽ ٻي ندي اتر ۽ اولهه ڏانهن پنهنجا درياهي وهڪرا جوڙي وهن ٿيون. ٻنهي درياهي سلسلن جي سامونڊي ڇوڙن ۽ ڊيلٽائي ماڳن جو مفاصلو ننڍي کنڊ جي پکيڙ جيترو، هڪ ٻئي کان 1000 ميل پري آهي. ٻنهي درياهن ۾ انڌين ٻلهڻن (Blind Indus Dolphins) ۽ سيسرن ۽ ٻي هڪجهڙي نوع واري درياهي جيوت جي موجودگي، ان جي ساڳئي پاڻيءَ واري وهڪري مان هئڻ ۽ جڙڻ جي تصديق ڪري ٿي.
سنڌوءَ جي جابلو وهڪري جي وچ گس تي ’ليهه‘ جو شهر موجود آهي، جنهن جي چوڌاري ۽ وچ ۾ ڪي ساوا پٽ آهن، جتي اونهاري ۾ سانگي ماڻهو مال پهرائيندا آهن. هتان سنڌو سوڙهن پٿريلين لنگهن مان گذرندي گجگوڙ ڪري وهندي ايندي آهي ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنهن وڏي وهڪري جي صورت ۾ نظر ايندي آهي، پر ليهه جي ڀرسان سنڌوءَ جو وهڪرو هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. ليهه جي مٿان هڪ جابلو چوٽيءَ واري چکَ تي هڪ قديم محل ۽ هڪ مڙهي ڪر کنيو بيٺي آهي.
سنڌونديءَ جي وهڪري جي تِک ليهه شهر کانپوءِ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي واري تڪراري سرحد لڳ ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڀرپاسي جون جبلن جي اڀڪپرين تان لهندڙ نئيون اچي سنڌوءَ ۾ ڪِرن ٿيون. اتان لداخ جبل به آهستي آهستي سوڙهن لڪن مان اڀرندا اُتاهان ٿيندا ويندا آهن. قراقرم جو ڏاکڻو اڀڪپرو جابلو سلسلو سنڌونديءَ جي ساڄي پاسي کان ويجهو ٿيندو ويندو آهي. ان کان پرئين پاسي سنڌوءَ جي ڀارتو ندي، شيوڪ پورن 150 ميلن جي پنڌ کان پوروڇوٽ ڏئي وهندي آهي.
شيوڪ ندي، شگار نديءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻيءَ تِک وارو وهڪرو رکندي آهي.
اِها شيوڪ ندي، ريمو گليشيئر (Rimo Glacier) جي پاڻيءَ مان جڙي ٿي، اها سياچن گليشيئر (Siachen Glacier) جي ڇپن مان هڪ ڄڀ (Tongue) جهڙي گليشيئر مان پاڻي وٺي وهندي آهي. هن ماڳ تي هيءَ ندي تمام وڏي ۽ ويڪري ٿي وڃي ٿي، جڏهن اها نبرا ندي (Nubra River) سان ملي ٿي.’
نبرا ندي به سياچن گليشيئر جو پاڻي کڻي وهي ٿي ۽ ترٽ (Tirit) کان اڳ اتر اولهه ڏانهن مڙي شيوڪ نديءَ سان وڃي ملي ٿي.
شيوڪ نديءَ جو وهڪرو عام نموني جو نه آهي. ريمو گليشيئر مان اسرڻ کانپوءِ اُهو ڏکڻ- اوڀر ۾ وهندو وڃي، پئنگانگ جبلن (Pangong Range) مان اتر- اولهه وارو رستو وٺي اڳئين گس سان پوروڇوٽ وهي ٿو. چالونڪا (Chalunka) واري ماڳ کانپوءِ هي هڪ سوڙهي چور لڪ (Gorge) مان گذري لاڳيتو تُرتڪ (Turtuk) ۽ تئاڪشي (Tyakshi) جي لنگهن مان لنگهي ٿي. هن شيوڪ نديءَ ۾ ’چنگ - چن - مو‘ (Chang Chen Mo River)، ’گالوان‘ (Galwan River) ۽ ’سالتورو‘ (Saltoro River) نديون اچي ملن ٿيون. شيوڪ ندي گليشيئرن جون وڏيون ڇپون پاڻ سان گڏ کڻي گجگوڙ ڪري وهندي آهي. جتي شيوڪ ندي، سنڌونديءَ سان ملي هڪ گڏيل وهڪرو جوڙي وهندي آهي، اِتي لداخ جبلن جو سلسلو ختم ٿئي ٿو. شيوڪ ۽ سنڌونديءَ جي ڪئرس (Keris) واري ماڳ وٽ سنگم کان پورا ويهه ميل هيٺ، بلتستان جي راڄڌاني، اسڪردوءَ ۽ قراقرم جي مٿانهين جبلن تان ايندڙ هڪ ٻي ڀارتو ندي، شيگار اچي سنڌوءَ سان ملندي آهي. شيوڪ ۽ شيگار نديون، اصل ۾ نئيون آهن، جيڪي سوين جابلو جهرڻن ۽ ڪن ننڍن گليشيئرن (Glaciers) جي پاڻيءَ مان جڙي وهن ٿيون.
قراقرم جابلو سلسلي (Karakaram Range) جي مُنڍ کان پهرين سنڌو ندي پنهنجي وهڪري جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ٿي، جتي اها ٿٻيٽ جي ڏاکڻي سرحد تائين اتر- اولهه ڏانهن وهڪرو جوڙي وهندي آهي. ان بعد اها قراقرم جبلن مان ڏکڻ ڏِس (Southward) ڏانهن انگڙ ونگڙ جابلو چور لڪن (Gorges) مان وهي ٿي.
قراقرم وارن گليشيئرن (Glaciers) جي وگهرڻ واري عمل دوران ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي ڏاڍا هاڃيڪار حادثا به ٿين ٿا. جابلو لاهين تان لهندڙ گليشيئرن جي پاڻيءَ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ڪڙڪاٽ ڪري جبلن جي ڪا اتاهين چوٽي اچي پٽ پوندي آهي، اهي مٽيءَ جا جبل اهڙي قدرتي عمل جي سٽ سهڻ جهڙا نه هوندا آهن، ٿوري گهڻي وسڪاري تي پڻ اُنهن جي مٽي روڙجي ڪنهن جابلو پاسي کي وڏو کَرڙَ ڏئي، اُن جي اتاهينءَ کان ٽنن جي حساب سان مٽي گهليندي اچي پٽ پوندي آهي، هن قدرتي عمل کي ’ڌرتيءَ جي ريڙهه‘ (Land Sliding) چوندا آهن. ڌرتيءَ جي هن ريڙهه واري قدرتي لقاءَ جي ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ، علائقن جا علائقا، گس ۽ پيچرا مٽيءَ هيٺ دفن ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويهندا آهن. اهڙي عمل جي گهڻائيءَ سان رات وچ ۾ سڄي علائقي جو منظرنامو ئي بدلجي ويندو آهي.
سنڌونديءَ سان، موجوده پاڪستان واري ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، سورو ندي (Suru River) کاٻيءَ ڀارتو نديءَ طور سنگم ڪري ٿي. سورو ندي، پئنزيلا (Pensila) ويجهو پانزيلا گليشيئر مان نڪرندي آهي ۽ اتر ڏانهن لاڙو رکي، دراس نديءَ (Drass River) سان گڏجڻ کانپوءِ 3.1 ميل/ 5 ڪلوميٽر هيٺ سنڌونديءَ سان نورلا (Nurla) وٽ گڏجندي آهي.
دراس ندي 53 ميل/ 86 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ دراس واديءَ مان لنگهي ٿي. هيءَ ندي، زوجيلا لنگهه ويجهو ماچوئي گليشيئر (Machoi Glacier)، لداخ جي مهڙائين لنگهه (Gate way)، 26 ڪلوميٽر اوڀر سونا مارڳ (Sona Marg) ۽ 120 ڪلوميٽر اوڀر سرينگر، ڪشمير جي مرڪز ڄمونءَ ۾ آهي.
ماچوئي گليشيئر خود سنڌونديءَ کي پاڻي ڏيندڙ سُوتو آهي. دراس ندي اتر اوڀر ڏانهن سرينگر سان گڏ، ليهه کان پوروڇوٽ سنڌونديءَ سان گڏ وهندي آهي. اڳتي دراس نديءَ سان جابلو نئيون جهڙوڪ: ماسڪو نالو (Mashko Nalo) ۽ گاما نالو (Gama Nala) اچي ملنديون آهن ۽ ان کان اڳتي شنگو ندي (Shango River) پڻ خربوءَ (Kharbu) وٽ اچي هن سان ملندي آهي.
سنڌو ماٿريءَ جو اسڪردو وارو ماڳ، سمنڊ کان 7500 فوٽ مٿاهون هڪ بيضوي صورت (Oval Shape) واري وادي آهي. سنڌوندي پنهنجي مُنڍ کان ئي مختلف اتاهين جابلو ماٿرين ۽ سلسلن سان جهيڙيندي وهي ٿي. واٽ تي گليشيئرائي لنگهه ۽ جابلو لڪ (Gorge) گذرڻ کانپوءِ اسڪردو ۽ هُند واري ماڳ جي وچ ۾ پهريون ڀيرو سنڌونديءَ کي پکڙجڻ جو وجهه ملي ٿو. اسڪردو ۽ هُند کانپوءِ ڪالاباغ تائين رڳو سوڙهيون ماٿريون آهن. هن واديءَ ۾ سنڌوندي، جبلن جيڏين ڀٽن مان ور وڪڙ کائي وهندي آهي. اتي سنڌوءَ جي پيٽ ۾ هڪ اڪيلو جبل بيٺل آهي، جنهن جي چئني پاسن کي سنڌونديءَ جو وهڪرو لکن ورهين کان کرڙيندو، کائيندو ۽ پائيندو رهندو آهي.
گلگت کان اسڪردو واري ماڳ ڏانهن ويندي رستي تي ناگاپربت، هارا موشي ۽ راڪاپوشي جبل آهن.
راڪاپوشي جبل جي چوٽيءَ تي ٻارهوئي برف هوندي آهي. هاراموشي ۽ راڪاپوشي قراقرم جبلن جون ٻه ٽڪنڊيون چوٽيون آهن. جتان گلگت ندي وروڪڙ کائي وهندي آهي، جيڪا پڻ سنڌو نديءَ جي هڪ ڀارتو ندي آهي. هن نديءَ جو سنڌونديءَ سان ملڻ کان اڳ هنزه درياهه (Hunza River) سان ميلاپ ٿئي ٿو. هيءَ ندي ملڪ جي اترين علائقن جي هڪ اهم ندي آهي. هيءَ ندي ڪلڪ لڪ (Kilik Gorge) ۽ خُنجراب لڪ (Khunjerab Gorge) مان گذري گلگت ندي (Gilgat River) ۽ نلتر نديءَ (Naltar River) سان ملي ٿي. اها هنزه ندي اتر کان ڏکڻ ڏانهن وهندي، قراقرم جبلن کي لتاڙي، شاهراهه قراقرم کي اورانگهي هنزه لڳ نگر واديءَ ۾ وهي ٿي.
گلگت کان اڳتي هندوڪش جبلن جي مٿانهين چوٽين ۽ پامير جبل جو کليل هوادار مٿانهون پٽ آهي. اُتر پاسي قراقرم جبلن واري اڻکٽ جابلو ڀت آهي. ڏکڻ اوڀر ڏانهن هماليائي جابلو سلسلو ناگا پربت تائين وڃي دنگ ڪري ٿو. هن جابلو وروڪڙ علائقي ۾ سنڌونديءَ جو وهڪرو پهرين اتر ڏانهن لاڙو ڪري وهي ٿو، پوءِ ٿورو اڳتي هلي اُلهندي ڏانهن مُڙي ٿو ۽ اڳيان گس نه ملڻ جي صورت ۾ وري ڏکڻ ڏانهن لڙي ٿو. ان ريت سنڌوندي، ناگا پربت جي وَٽِ سان وهندي آهي.
سنڌوندي، هماليائي ۽ قراقرم جابلو سلسلن سان جهيڙيندي نيٺ ناگا پربت کان سوڀاري ٿيندي آهي. ويدن ۾ آيل آهي ته ”سنڌو اَجيت آهي“. اُن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌو وڏي سگهاري ۽ ٻلوان ندي آهي، جيڪا قديم زماني کان وڏن جابلو سلسلن مان گجگوڙ ڪندي، پنهنجو آزاد گس ۽ گهيڙ جوڙي وهي ٿي. سازليءَ واري ماڳ کان ڪالاباغ تائين ان جي ڊيگهه اٽڪل روءِ ٽي سؤ ميل (300 miles) ٿيندي، جيڪا ذري گهٽ سنئين سڌي آهي. هتان کان سنڌونديءَ جو وهڪرو جابلو علائقي جي رڪاوٽن کي اورانگهي، اتر پنجاب جي ميداني علائقي ۾ وهي ٿو. هن ميداني پٽ ۾ سنڌو ندي ڄڻ ڪجهه وقت لاءِ ساهي پٽي، سانتيڪي وهڻ لڳي ٿي. اهڙي سانت رڳو هوءَ اسڪردو واري ماٿريءَ ۾ اختيار ڪري ٿي، وري اڳتي جبلن سان جهيڙيندي اصل کان ٻيڻو پنڌ مڪمل ڪري ٿي.
سنڌوندي، چيلاس واري ماڳ کان گلگت ڏانهن ويندي، هزارين ڪلوميٽرن جي رُخ تي وهندي اوچتو وڏن جبلن سبب وڪڙ کائي ڏکڻ ڏانهن لڙي وهي ٿي. اهو نظارو ڀرسان واري مارڳ تان صاف ڏسي سگهجي ٿو. سنڌو هڪ سؤ ميل هيٺ هڪ پٿرائين پيچري وارو لڪ اُڪري پشاور واري ماٿريءَ ۾ داخل ٿئي ٿي. اتان سنڌو ڏکڻ ڏانهن وروڪڙ واٽ کان وهندي، هندوڪش جبل ۽ ڪاري جبل جي وچان لنگهي ٿي. هن ماڳ تي برف سان ڍڪيل ناگاپربت جي ٽيون نمبر وڏي اُتاهين چوٽي موجود آهي. ناگاپربت سنڌونديءَ جي ڇاڙهون ڇاڙهون ٿي وهندڙ ننڍڙن وهڪرن آڏو ۽ ڀرپاسي ۾ هڪ وڏي ڀت جيان اُڀي نموني بيٺل آهي.
مينهوڳيءَ جي مند ۾ سنڌونديءَ جون هي ڇاڙهون وڌيڪ خطرناڪ نموني وهنديون آهن. سنڌوءَ جي هن وهڪري جي ڄاڻ تمام گهٽ ماڻهن کي آهي، مشڪل سان ڪو قافلو هتان کان سنڌوءَ کي پار ڪندو آهي، ڇو ته هتي سنڌوءَ جي ڪٺار سان ڳوٺ پڻ گهٽ آهن.
سنڌونديءَ جي هن ماڳ تي ڪي تمام ٿورا سخت جان ماڻهو جابلو ٽڪرين جي غارن ۽ ڦاٽن ۾ پنهنجا گهر ٺاهي رهندا آهن. هتي وڻ ٽڻ به تمام گهٽ ٿين ٿا. ميلن تائين چانديءَ جهڙا جبل آهن. هنن اتاهين چوٽين کان گهڻو هيٺ آدجڳاد کان سنڌو درياهه ڀرپور مستيءَ سان وهندو پيو اچي.
پوٺوهاري زمين، سنڌونديءَ جو سڀ کان مٿانهون پٽ ۽ هڪ اهم علائقو آهي. لفظ پوٺوهار جي معنيٰ: ”کامن ۽ کڏن واري کڙٻڙ ۽ پوٺي واري زمين آهي، جيڪا سنوت ۾ نه هجي“. پوٺوهاري جبلن ۾ سنڌوءَ جو هڪ ٻيو وڪڙ جوڙي، نانگ وانگر ٻه وڪڙ ڏئي، جبلن جي پاسي کان لنگهي وڃي ٿي. هتي سنڌوءَ جي لاهي 100 فوٽ آهي.
پوٺوهاري پٽ (Potowar Plateau) جون جاگرافيائي حدون، اتر ۾ مارگلا ٽڪريون، اوڀر ۾ جهلم ندي، اولهه ۾ سنڌو ندي ۽ ڏکڻ ۾ لوڻاٺين ٽڪرين سان ملن ٿيون. هن علائقي ۾ ’سوان ندي‘ وهي ٿو، جنهن ۾ راولپنڊيءَ جي اتر ۽ اوڀر وارين جابلو ماٿرين جو پاڻي اچي پوي ٿي.
سوان ندي (Soan River) ڪالاباغ کان ٿورو اتر ۾ سنڌونديءَ سان سنگم ڪري ٿي. هن نديءَ جو ذڪر پڻ رگويد ۾ ’سشوما‘ (Sushoma) نالي سان آيو آهي. هيءَ ندي ڀارت (Bharta) جي ديومالائي ندين ۾ شمار ٿئي ٿي. هيءَ ندي پئٽاريٽا (Patriata) ۽ مري جبلن (Murree Hills) جي وَٽِ مان ٻن ڳوٺن وٽان پنهنجو اوائلي وهڪرو جوڙي وهي ٿي. هيءَ ندي اسلام آباد ’سملي بند‘ (Simly Dam) کي پاڻي فراهم ڪري ٿي. ڪيترن جبلن مان لنگهندي لهٽرار (Lehtrar) ۽ ڪهوٽا (Kahuta) وارا جابلو پاڻيءَ جا جهرڻا ڳوٺ گگري، سهالار وٽ هن نديءَ ۾ اچي ڪِرن ٿا ۽ اڳتي هلي هيءَ ندي پڻ سنڌونديءَ سان وڃي ملي ٿي.
سنڌونديءَ جي کاٻي پاسي واري ڪناري کان ٿورو وٿيرڪو هري پور لڳ هڪ شهر تربيلا آهي، هتي سنڌونديءَ تي شاهي تربيلا بند جڙيل آهي. ان بند ٺهڻ کان اڳ اهو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هن پوٺوهاري مٿاهين پَٽ جي اتر ڏِس کان پوٺوهار ندي (Potowar River) هن جي جابلو جوءُ ۽ وارياسي ميدان ۾ داخل ٿئي ٿي. هتي هوائون گهلنديون آهن ۽ برسات به جام پوندي آهي. هتي جابلو نئين جا وهڪرا به جام آهن. هي مٿاڇرو پَٽُ سمنڊ کان ٻه هزار فوٽ (2000 feet) مٿانهون آهي. اتر پاسي هماليا جبل ۽ اوڀر پاسي وارو هي ميداني علائقو سنڌو- گنگا ماٿريءَ تائين وڃي رسي ٿو ۽ اتر هندستان جو پاسو ڏيندو ڪلڪتي تائين لاڳيتو هليو وڃي ٿو.
سنڌونديءَ جي اولهه پاسي ڪابل نديءَ جي ماٿري آهي، جيڪا افغانستان جي جبلن مان ٿيندي اڳتي ٿي. هتان جي زمين جو رنگ ڀورو آهي. ڪٿي ڪٿي ساوڪ ڀريا پٽ ۽ لوَن جا وڻ جام نظر ايندا آهن.
جتي هن وقت تربيلا ڊيم جڙيل آهي، اُتي اڄ کان 50 ورهيه اڳ سنڌوءَ جو ٿور- وقتي وهڪرو پهچي هڪ وڏي ايراضيءَ کي سيراب ڪندو هو، سياري ۾ سنڌوندي هتان ٻارهن ڇاڙهن ۾ ورهائجي وهندي هئي، جن جي وچ تي واري، چيڪي مٽيءَ ۽ ننڍڙين پٿرين سان ٺهيل دڙا هوندا هئا. وچ درياهه تي تربيلا نالي هڪ ٻيٽ هو، جيڪو پاڻيءَ جي مٿاڇري کان ٽي فوٽ مٿي هوندو هو. هتي سنگ سماق (Granite Stone) جا ننڍا وڏا، ساوا، ڪارا پٿر عام جام نظر ايندا هئا. اڄ اتي موجود تربيلا ڊيم دنيا جي وڏن بندن مان هڪ آهي ۽ اڄڪلهه هتي هڪ شهر تربيلا به جُڙي ويو آهي.
سنڌوءَ جي هيٺئين پاسي وارو آبپاشي نظام، برطانوي حاڪمن ننڍي کنڊ جي ضرورتن موجب جوڙيو هو. هن وقت اهو پوکي راهي ۽ توانائي حاصل ڪرڻ وارو آبپاشي نظام ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل ۽ انهن سمورين اهم ندين تي ٻڌل آهي، جيڪي سنڌوءَ سميت ڀارت جي حدن کي اورانگهي اچن ٿيون. سنڌونديءَ جي قدرتي جوڙجڪ ۽ وهڪ جي ڪري ان جو پاڻي هن ملڪ ۾ ڪتب اچي ٿو. سنڌونديءَ بابت تحقيق ڪندڙ هڪ جاکوڙي شخص جين فيئرلي ”تربيلا ڊيم جوڙڻ کي شينهن جي وات تي لغام چاڙهڻ“ برابر سڏيو آهي.
پوٺوهار علائقي جا جبل، سنڌونديءَ جي ڪنارن کان پري آهن. هيءَ ماٿري سوڙهي ۽ نانگ وڪڙن واري آهي. ڳاڙهن جبلن وچان سائي اوڀڙ ۽ گاهن وارا ميداني ٽُڪرا ڏسڻ لائق آهن. ڪنهن ليکڪ لکيو آهي ته، ”هتان جي سونهن جو تاثر اکرن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي.“
هتي ساڄي پاسي کان گلگت ندي ٻن مکيه ڀارتو ندين: شيوڪ ۽ شگار وانگر اچي سنڌوءَ سان ملندي آهي. گلگت ندي، شندُر ڍنڍ (Shundar Lake) مان نڪري ٿي. شندر چترال کان گلگت تائين هندوڪش جابلو سلسلي جي 3700 ميٽر/ 1200 فوٽ اتاهين ماڳ تي ’شندُر لڪ‘ جي صورت ۾ موجود آهي. هن ماڳ تي هزارين ورهين کان هر سال چترالي ۽ گلگتي رانديگر پولو راند کيڏندا پئي آيا آهن، جنهن کي اڄڪلهه سڄيءَ دنيا جا سياح ڏسڻ ايندا آهن. هتي گلگت نديءَ جي پاڻيءَ جو رنگ نيرو ۽ سنڌوءَ جو رنگ ميٽائون ڀورو- ڪارسرو هوندو آهي. گلگت نديءَ جي سنڌوءَ سان، اولهه پاسي ملڻ واري هنڌ کان ڏهاڪو ميل هيٺ استور نئن (Astor River) جو وهڪرو اچي ملندو آهي، جيڪو اوڀر کان ڪشمير جي جبلن مان ڦٽي نڪرندو آهي.
سنڌوندي، سوان نديءَ (Soan River) واري ماٿريءَ مان تمام تيز وهندي هئي، پر 1947ع ۾ جناح بئراج جڙڻ کانپوءِ پنهنجي اها تِک وڃائي ويٺي آهي. هن ماٿريءَ ۾ آباد آڳاٽا لوڪ پٿر واري دَور سان واسطو رکندا هئا، اهو اندازو هتان پٿر جا ٺهيل اوزار وڏي تعداد ۾ ملڻ لڳايو ويو آهي. هڪ اندازي موجب هي پٿر جو دؤر، سنڌو تهذيب جي قديم دورن کان گهڻو آڳاٽو آهي.بدر ابڙو'> بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جو سفر‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سوان ماٿريءَ ۾ 10 لک سال اڳ پٿر جي قديم دور جا انسان رهندا هئا. سال 86-1985ع ۾ ملندڙ پٿر جي اوزارن کي ڏسي ڪن ماهرن هتي جي انسان جي ڄمار 20 لک سال پراڻي طئي ڪئي آهي. هن ماٿريءَ ۾ ’راماپٿڪس پنجابڪس‘ نالي انساني نسل جو ڏاڏو رهندو هو. اُن 1.1 ميٽرن کان 1.2 ميٽر ڊگهي ۽ 40 ڪلو وزني انسان جي موجودگي ڏيڍ ڪروڙ ورهيه اڳ وارن انساني پنڊ پهڻن (fossils) مان ثابت ٿي آهي، جيڪي اٽڪ ضلعي جي ڳوٺن، نگري، ڍوڪ پٺاڻ ۽ چنجهي مان مليا آهن. هي علائقو انيڪ قسم جي جانورن: گهوڙن، هاٿين، هرڻن، سوئرن، بن مانسن جي پنڊپهڻن سان ڀريو پيو آهي، جيڪي ستن ڪروڙن کان هڪ ڪروڙ ورهيه آڳاٽا چيا وڃن ٿا.
سوان ماٿريءَ کان ڏهاڪو ميل هيٺ لوڻ جبلن (Salt Range) جو سلسلو آهي. اتر کان هنن ٽڪرن جا پاسا اڀڪپرا آهن ۽ ڀورُو نه آهن. سنڌوندي هنن جبلن سان جنگاڻ ڪندي، جهيڙيندي وهندي رهي ٿي. سنڌو ندي آڳاٽي دؤر کان هنن رنڊڪ بڻيل جبلن کي وڏو وڪڙ ڏئي ڪوريندي ڪپيندي، هتان لنگهندي رهي آهي.
هتان کان هيٺ سنڌونديءَ جي ڀرتي ڪندڙ ڪابل نديءَ جي مشهور ماٿري پشاور به آهي. ڪابل ماٿريءَ جو هيٺيون پاسو وسيع آهي، جتان چمڪندڙ مٿاڇري کان پاڻيءَ جا وهڪرا، واڱڻائي ۽ ميرانجهڙي اڇي رنگ جي جبلن وچان وهندي نظر ايندا آهن.
سوات ندي سنڌونديءَ جي هڪ ڀارتو ڪابل نديءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. سوات نديءَ کي پشتو ۾ مقامي ماڻهو ’سوات سيند‘ ڪري ڪوٺيندا آهن. اها ندي هندوڪش جبلن مان وهندي آهي ۽ ڪالام وادي ۽ سوات ضلعي مان لنگهي ٿي ۽ دِير جي هيٺئين ضلعي ۽ مالاڪنڊ مان گذري چارسده وٽ ڪابل نديءَ ۾ شامل ٿئي ٿي.
’سوڪڙيان‘ شهر کان پوءِ هڪ ڳوٺ شادي پور اچي ٿو، جنهن جي ساڄي ڪپ تي پشاور ضلعو اچي پورو ٿئي ٿو ۽ ڪوهاٽ ضلعي جي حد شروع ٿئي ٿي. هتي هڪ پتڻ ’سوڪڙيان‘ نالي سان آهي. هتي سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا اچي سوڙها ٿين ٿا ۽ سنڌو جبلن جي سوڙهه مان گجگوڙ ڪندي لنگهي ٿي. سوڪڙيان لڳ هڪ جابلو نئين سنڌوءَ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي. ڪوهاٽ کان پوءِ کاٻي ڪناري تي اٽڪ ضلعو آهي. اٽڪ اُڪرڻ کان پوءِ سنڌو اولهه طرف وهڻ لڳي ٿي.
پشاور سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين وارين ماٿرين مان هڪ حسين ماٿري آهي. سنڌوندي، پشاور جي اوڀر واري مٿانهين پٽ وٽان گذرڻ وقت ڪافي ويڪري ۽ تانگهي هوندي آهي. ان جو هي وهڪرو گهڻو ڊگهو آهي. ان ٿاڪ کان ٿورو هيٺ ڪابل نديءَ جو نيرو پاڻي سنڌونديءَ جي چانديءَ جهڙي وهڪري سان اچي ملندو آهي. ڪابل نديءَ کي ’لنڊاء سنڌ‘ (ننڍي سنڌو) به چوندا آهن. تاجڪ نسل جا ماڻهو هن نديءَ کي ’نيل آب‘ به چوندا آهن. ڪابل ندي اُپکنڊ جي اڪيلي ندي آهي، جنهن جو وهڪرو اوڀر طرف آهي، جڏهن ته ٻيون سموريون نديون اتر کان ڏکڻ يا اتر کان اولهه/ اولهه ڏکڻ يا اتر کان اوڀر/ اوڀر ڏکڻ ڏانهن وهنديون آهن. ڪابل ندي هندوڪش جي سنگلاخ جابلو سلسلي مان 700 ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري افغانستان کان اچي اٽڪ واري ماڳ وٽ سنڌوءَ سان گوني ڪنڊ ٺاهيندي سنگم ڪري ٿي. هيءَ ندي پنهنجي سفر ۾ افغانستان جي شهرن ڪابل، ڪنهار ۽ جلال آباد کان ٿيندي خيبر پختونخوا کان 25 ڪلوميٽر اتر طرف ڊيورند لائين (Durand Line) کي تورخم (Torkham) وٽان اورانگهي اچي ٿي. هيءَ ندي لالپوره کان وارسڪ تائين سفر جوڳي آهي. وارسڪ کان چارسده ڏانهن ايندي هيءَ ندي چئن ڇاڙهن ۾ ورهائجي وهي ٿي، جيڪي سردرياب، ناگمان، شاهه عالم ۽ بدني جي نالي سان مشهور آهن، چارسده کان ٿورور هيٺ اهي ڇاڙهون هڪ ٿي وڃن ٿيون. هن جون مک ڀارتو نديون، لوگر (Logar)، پنجشير (Panjshir)، النگر (Alingar)، باڙا (Bara) ۽ سوات (Sawat) آهن. هن نديءَ تي افغانستان جي ڪابل ۽ ننگرهار صوبن ۾ ناگهلو بند (Naghlu Dam)، سروبي بند (Surubi Dam) ۽ دارونٽا بند (Darunta Dam) جوڙيل آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ وارسڪ بند (Warsak Dam) پشاور شهر کان 20 ڪلوميٽر اتر اولهه طرف جوڙيل آهي. ڪابل نديءَ جي سنڌو نديءَ سان سنگم واري ماڳ کان پوٺوهار وارو مٿانهون پٽ ختم ٿي ويندو آهي.
اٽڪ، سنڌونديءَ جو هڪ اهم ماڳ آهي، ان جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو، جو اڪبراعظم جهڙي بادشاهه هتي نظرداريءَ لاءِ هڪ قلعو جوڙايو هو، جيڪو اڄ به موجود آهي.
پشاور شهر، سنڌونديءَ جي ساڄي پاسي الهندي ڪناري سان اڏيل آهي. اهو اٽڪ پل کان 20 ڪلوميٽر هيٺ ۽ تربيلا بند کان پڻ ايترو ئي وٿيرڪو آهي، جتان لاهر نالي اڄوڪو شهر ۽ اڳوڻو قديم سلاترا (Salatura)، هُند (Hund) کان 4 ڪلوميٽر اتر اولهه ڏانهن آهي، هُند شهر، گنڌارا جي گاديءَ جو هنڌ هو. هي شهر ٽيڪسيلا يونيورسٽيءَ جي هڪ استاد ۽ سنسڪرت جي وياڪرڻ (Grammer) جوڙيندڙ عالم پاڻڻيءَ جو جنم وارو ماڳ به آهي. پشاور وٽ سنڌوءَ جو ماڳ اٽڪ آهي. ’اٽڪ‘ جي معنيٰ روڪ يا رنڊڪ آهي. اهو لفظ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنسڪرت ۾ پڻ ساڳي معنيٰ سان موجود آهي.
سنڌونديءَ جو پاڻي اٽڪ کان خوشحال ڳڙهه تائين 300 فوٽن جي لاهيءَ کان هيٺ ڪِري ٿو ۽ گهوڙا تڙپ (گهوڙي ٽپ) کان 100 فوٽ هيٺ لهي ٿو. نوري پير وارو ماڳ اٽڪ پل کان مٿي آهي، ڪابل ندي ان کان به مٿي آهي. سنڌوءَ جو وهڪرو هڪ ڀيرو وري اٽڪ واري ماڳ وٽان سوڙهو ۽ گهرو ٿي، ٽڪرين جي هڪ سلسلي ’چور لڪ‘ (Gorge) مان لنگهندو آهي. هن چور لڪ مان پاڻيءَ جو گذر اندازاً ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ (3,50,000 cusic) آهي.
اٽڪ وٽ سنڌوندي روڪ ۽ رنڊڪ وارن جبلن جي سوڙهه مان لنگهندي هڪ ’عظيم سنڌو وڪڙ‘ (Great Indus Bend) ٺاهي ٿي. هتان سنڌو، جبل جي وراڪي کان بچڻ لاءِ جبل جي ڪڇ ۽ ساڄي پاسي گهت هڻي اندازاً 10 ميل اتر اولهه ڏانهن نڪريو وڃي. ان ڪري هن تي ’اٽڪ‘ نالو پيو آهي. اٽڪ شهر کان پوءِ بسيال ۽ پوءِ خوشحال ڳڙهه اچي ٿو. هتان سنڌوءَ جو فاصلو اٽڪل روءِ 75 ڪلوميٽر ٿيندو. اٽڪ وٽ سنڌوءَ جو پاڻي اهڙو ٿڌو هوندو آهي، جهڙو ’ڏاکڻي ڄميل مهاسمنڊ‘ (Arctic Ocean) جو پاڻي هجي. اٽڪ ۽ ڪالاباغ جي وچان هڪ ميل ڊگهي، جابلو لنگهه مان سنڌو ائين تکي وهندي آهي، ڄڻ ڪنهن جابلو لاهنديءَ تان وهندي هجي. ڪالاباغ کان سمنڊ تائين جو فاصلو 950 ميل ٿيندو ۽ اتان سنڌو نديءَ جي وهڪ سامونڊي سطح کان 700 فوٽ مٿي آهي. اٽڪ کان خوشحال ڳڙهه ۽ ڪالاباغ جي وچ ۾ سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن سان موجود جبلن جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 1000 کان 1500 ميٽرن جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته سنڌوءَ جي سطح 200 کان 400 ميٽرن جي وچ ۾ آهي. خوشحال ڳڙهه وٽ اُلهنديون ٽڪريون سمنڊ جي سطح کان 300 ميٽر مٿي آهن. هتان کان اولهه ڏانهن ڪوهاٽ، هنگو ۽ ٻيا ننڍا ننڍا افغان سرحدي شهر موجود آهن.
نوري پير کان گهوڙا ٽپ (گهوڙي ٽپ) هڪ سوڙهو لڪ آهي. هن ماڳ تي سنڌوءَ جو پيٽ ننڍي ۾ ننڍو آهي. هتي وڏن جابلو پٿرن تي سنڌوءَ جي آندل لٽ ۽ واري وري وئي آهي. ان واريءَ کي مقامي ماڻهو ڇاڻي سون ڪڍندا آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪالاباغ کان مٿي ڪنهن هنڌ سون جي کاڻ يا کاڻيون موجود آهن، جتان سنڌوندي، سون جا ذرا وهايو کڻي اچي ٿي. هن ماڳ کي ’گهوڙا ٽپ‘ ان ڪري چيو ويندو آهي، جو هتي جي لوڪ ڪٿا آهي ته هتان حضرت علي رضه جي گهوڙي ٽپ ڏنو هو. سال 1205ع ۾ جلال الدين شاهه خوارزم هتي چنگيزي لشڪر جو مقابلو نه ڪري سگهيو هو ۽ سٺ فوٽ اتاهين ڇپ تان سنڌوءَ ۾ پاڻ کي کڻي اڇلايو هئائين. هي اهو ئي شاهه خوارزم هو، جنهن پوءِ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ظلم جي باهه ٻاري ڏني هئي. سنڌوندي، ڪالاباغ ۽ نوري پير وٽان اڪري ٻنهي پاسن کان وڌيڪ جابلو ڇپن مان ڇاٽون ڇڏيندي ۽ گجندي لنگهي ٿي.
ڪالاباغ وارو ماڳ سامونڊي سطح کان 700 فوٽ مٿي آهي ۽ اتان کان سمنڊ 950 ميل پري آهي. هتان کان اٽڪ تائين سنڌو ٻن چور لڪن مان گذري ٿي. هڪ گهوڙا تڙپ ۽ ٻيو ڪالاباغ لڳ آهي، جيئن سنڌ ۾ چئن چور لڪن: سکر چور لڪ، اروڙ چور لڪ، ڄام شورو چور لڪ، جنگشاهي چور لڪ مان گذري ٿي. ان ڪري ڪيڏيون به ٻوڏون اچن، ڪالاباغ وارو شهر نه ٻڏندو آهي. اهڙو ٻوڏ جو سلسلسو هڪ سؤ ورهين ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا وڏي ٻوڏ جي صورت ۾ ٿيندو هوندو. هتي سنڌوءَ جو وهڪرو 200 والن کان ٿورو وڌيڪ ٿيندو. هي وهڪرو ڪنهن لشڪر جي گهوڙن جي سنبن جهڙا آواز ڪڍندو ۽ گجگاهه ڪندو وهندو آهي. گهيڙن، گهٽن ۽ ڪُنن مان ڦيرا ڏئي، وڪڙ کائي سنڌوءَ جو پاڻي اڳتي وڌندو رهندو آهي، هر طرف سنڌوءَ جي گجگوڙ پئي ٻڌبي آهي. ان کانپوءِ سنڌوندي 20 ميلن ۾ پکڙجي، سانتيڪي ٿي وهڻ لڳي ٿي.
ميانواليءَ کان مٿي سال 1947ع ۾ سنڌونديءَ تي جناح بئراج جوڙيو ويو. اهو سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي پهريون راتاهو هو ۽ ساڳيو ڄام شوري واري ڪوٽڙي بئراج جو منظر، هڪ پاسي پاڻي ۽ ٻئي پاسي وارِي نظر اچي ٿي. سنڌونديءَ جي هيءَ سانت سنڌ ۾ داخل ٿيڻ مهل تِک ۾ تبديل ٿئي ٿي.
ڪالاباغ واري ماڳ کان ٽيهه ميل هيٺ ساڄي پاسي کان سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ آخري ندي، ڪرم ندي (Kurram River) اچي ان سان سنگم ڪري ٿي، جيڪا افغانستان جي سرحد سان لڳولڳ مٿانهن جبلن وٽان وهي ايندي آهي. ڪرم ندي ’اسپن گهر جبلن‘
(Spin Ghar Mountain) مان وهندي اچي ٿي. ڪرم ندي 80 ڪلوميٽر ڏکڻ- اولهه ڏانهن افغان- پختونخوا بارڊر کان جلال آباد کان وهندي اچي ٿي. قديم زماني ۾ هن جو سڌو وهڪرو ڪابل (Kabul) ۽ گرديز (Gardez) اتر اولهه ۾ پاڪستان جي خيبر پختونخوا صوبي ڏانهن وهندو هو. هن وقت ڪرم نديءَ جو گس ’پئي وار ڪوتل لنگهه‘
(Peiwar Kotal Pass) وٽان 11283 فوٽ/ 3439 ميٽر مٿاهين ماڳ تان 20 ڪلوميٽر پاراچنار (Parachinar) کان اولهه ڏانهن آهي، جتي گهڻي برف پوڻ ڪري سال جا ڪيترا مهينا هن جو گس بند رهندو آهي. رگويد ۾ هن نديءَ جو نالو ڪرمو (Krumu) آهي ۽ پشتو ٻوليءَ ۾ هن نديءَ جو نالو ’دا کرمي سيند‘ آهي، جنهن جو مطلب ’ڪرم ندي‘ آهي. هيءَ ندي افغانستان جي ماڳن، پڪتيا (Paktia) ۽ خوست (Khost) صوبن کان ٿيندي ڪرم ايجنسي (Kurram Agency) ۽ اتر وزيرستان، خيبر پختونخوا کان ٿيندي اچي ٿي. ڪرم ندي 200 ميلن/ 320 ڪلوميٽرن جو پنڌ طئي ڪري عيسيٰ خيل جي ويجهو سنڌونديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
هڪ سائنسي اڀياس جي موجب ڌرتيءَ جي اترئين اڌ گولي (Northern Hemisphere) وارا سمورا وڏا درياهه اولهه ڏانهن پنهنجي ڪا هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڇاڙهون وهائيندا آهن. ان ريت سنڌونديءَ جي اولاهين ڇاڙهه جي کاڌ سبب عيسيٰ خيل واري علائقي مان ڳچ زميني پٽ، ڪٽجي سنڌوءَ جي اوڀر واري پاسي اچي ويو آهي. انهي علائقي کي ’ڪچِي‘ چيو وڃي ٿو، جيڪو سنڌي لفظ ’ڪچي‘ جي
هم معنيٰ آهي.
سنڌونديءَ جو اوڀر وارو علائقو سَرن جي ٻُوڙن ۽ لوَن جي جهنگ کانسواءِ ٻي ڪا به اوڀڙ نه ٿو پيدا ڪري. سنڌوندي هن عيسيٰ خيل واري علائقي کي ڪڏهن ٻنهي پاسن کان ڦري ’ٻيٽاڙ‘ بڻائيندي آهي، ڪڏهن سڄو ٻيٽ پائي ويندي آهي ۽ ڪڏهن وري ان ٻيٽ کي ڇڏي اوڀر ڏانهن لڙي وهندي آهي. ان ريت عيسيٰ خيل جي قبيلي وارا مارو ماڻهو ڪڏهن اتان لڏيندا ۽ ڪڏهن اتي رهي پوکون پوکيندا ۽ آباديون ڪندا رهيا آهن.
سنڌونديءَ جي وهڪري سان گڏوگڏ لوڻ جبلن وارو سلسلو
(Salt Range) ڏکڻ پاسي کان گهڻو هيٺ مٿي اڀڪپرو ۽ ڀڳل ٽٽل نظر اچي ٿو. ان جي تري سان لڳولڳ سنڌوءَ جو ميداني علائقو شروع ٿي ويندو آهي. هن جبل جي ٻئي پاسي کاهيون ۽ ڏار آهن، جن ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو داخل ٿيندو آهي.
هن ماڳ تي سنڌوءَ جي اولاهين ڪٺار سان هڪ واهڻ ڪالاباغ ۽ اڀرندي ڪناري تي ماڙي انڊس واري وسندي واقع آهي. سنڌ جا ٽالپر حڪمران اصل ۾ هن ماڙي انڊس جا مالوند ماڻهو هئا. هتي سنڌوءَ جو پيٽ اڃا به وڌيڪ سوڙهو ٿي وڃي ٿو. هن ماڳ تي سنڌوءَ جو وهڪرو ايڏي ڌيرج ۽ ماٺار سان وهندو آهي، جو محسوس ٿيندو آهي ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪا لهر ئي نه آهي. اُن جي ابتڙ هتان کان ٿورو هيٺ جڙيل پل جي موڪرن ٺُلهن سان سنڌوءَ جي وهڪري جو پاڻي ڪُن جوڙي ڪڙڪا ڪري وهندو آهي، اُن مان سنڌوءَ جي تک ۽ وهڪ واري سگهه صاف ظاهر ٿئي ٿي. هن پل کان وٺي پنجاب جو وڏو ۽ ويڪرو ميداني علائقو شروع ٿئي ٿو، جتي سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي پالوٽ ڏهن ميلن واري ويڪري پيٽ ۾ پکڙيل آهي ۽ هتان سنڌوءَ جو وهڪرو ڏکڻ ڏانهن هلندو وڃي ٿو. ڪالاباغ ڊيم وٽ سنڌوءَ جي پيٽ ۾ هيٺئين پاسي وارو پاڻي لڙاٽيل هوندو آهي.
ڪالاباغ واري ماڳ وٽان ڏکڻ ڏانهن عيسيٰ خيل وارو علائقو سنئون سڌو هڪ سوڙهو زميني پٽو آهي، جتي صدين کان وٺي سنڌونديءَ جي هڪ ڇاڙهه اولهه ڏانهن سرڪندي رهندي آهي.
ڪالاباغ کان هيٺ جناح بئراج آهي، اهو بئراج 1946ع ۾ ٺهيو، هن بئراج سنڌونديءَ کي نستو ڪري ڇڏيو آهي.
اڪبر بادشاهه جي دور ۾ پنجاب جي ندين وارا سمورا ’دوآبا‘ مختلف سرڪاري نالن سان سڏبا هئا، جيڪي اڳ ئي مروج مقامي نالا هئا. ان ريت، ستلج ۽ بياس ندين جي وچ واري علائقي کي ’بستي جلندر‘، بياس ۽ راوي ندين جي وچ وارو علائقو ’باري دوآب‘، راوي ۽ چناب ندين جي وچ وارو علائقو ’رچنا دوآبو‘، چناب ۽ جهلم ندين جي وچ وارو علائقو ’چن بهاٽ‘ ۽ ’سنڌو ۽ جهلم‘ جي وچ واري ايراضيءَ کي ’سنڌ ساگر دوآب‘ چيو وڃي ٿو.
ان دور جي سرڪاري رڪارڊ موجب هنن ڇهن درياهن جو علائقو، اوڀر کان اولهه ستلج کان بياس تائين 50 ڪوهه، بياس کان راوي، 17 ڪوهه، راويءَ کان چناب، 30 ڪوهه، چناب کان جهلم
20 ڪوهه ۽ جهلم کان سنڌوءَ، جو فاصلو 68 ڪوهه هو.
سنڌونديءَ جو 1800 ميلن جو ڊگهو سفر، سنڌ اندر ڪشمور جي اتر کان عربي سمنڊ تائين صرف 580 ميلن جو سفر آهي ۽ ان بعد سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌو طاس جي سمورين ندين جو گڏيل پاڻي
170 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جيڪو نيل نديءَ کان ٻيڻو ۽ دجله فرات کان ٽيڻو آهي. ستلج، بياس ۽ راويءَ جو 33 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي انڊيا کي ملي ٿو ۽ باقي 137 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي بچي ٿو، جنهن کي زرعي مقصد لاءِ ڪتب آڻڻ واسطي ڪيترا بئراج جوڙيا ويا آهن.
تونسه بئراج کان هيٺ سنڌونديءَ جي الهندي ڪناري سان ديري غازي خان، ان کان گهڻو هيٺ ڄام پور آهي. ڄام پور کان اڳتي سنڌونديءَ جي الهندي ڪپ سان راڄڻ پور شهر ۽ ان کان ٿورو اڳتي پنجنَد وارو شهر مٺڻ ڪوٽ ۽ اُن جو مٺڻ ڪوٽ پتڻ آهي، جيڪو هاڻي تباهه ٿي ويو آهي. علائقي جي هڪ روايت بيت جي صورت ۾ هن ريت ملي ٿي:
اُچا ڪوٽ اَمروٽ دا، تلي وهي درياهه،
مين مڇلي هان درياهه دي، تون بگلا بڻ ڪي آ
هن امرڪوٽ کان اڳتي رحيم يار خان ضلعي جا شهر، خان پور ڪٽوره ۽ صادق آباد اچن ٿا. صادق آباد کان اڳتي وڄڻوٺ وارو ماڳ آهي، جتي جي چولستان ۾ وڃايل درياهه هاڪڙي تي وسيل انيڪ شهر آباد هئا ۽ هتان کان سنڌ جي علائقي اٻاوڙي ۾ داخل ٿجي ٿو.
سنڌو سڀيتا جا ماڻهو درياهه جي اهميت ۽ ان جي سموري سگهه کان واقف هئا. هُو 5000 ق. م کان پوکي راهيءَ جو هنر چڱيءَ ريت ڄاڻندا هئا.
سکر وٽان اوڀر کان اولهه ڏانهن وهندڙ سنڌو نديءَ جي پيٽ ۾ هڪ ايڪڙ ايراضيءَ وارو ٻيٽ خواجه خضر جو آستانو آهي، بکر کان سنڌونديءَ جي لهواري پاسي هڪ سهڻو ٻيٽ ’ساڌٻيلو‘، هڪ تيرٿ آستان آهي.
سکر شهر، سنڌونديءَ جي الهندي ڪناري تي جڙيل آهي ۽ بئراج کان مٿي پنهنجو وجود رکي ٿو. هتي سنڌونديءَ جو وهڪرو سامونڊي سطح کان 200 فوٽ مٿي آهي.
سنڌ ۾ سنڌونديءَ جي موجوده وهڪري جي سڀ کان اهم ڳالهه سکر وٽان چُنائين ٽاڪرو چورلڪ (Gorge) مان گذرڻ آهي. هن چور لڪ جي سامهون بکر جو ٽاڪرو ٻيٽ آهي، جتان کان هيٺ ساڌٻيلي واري ٻيٽاريءَ کان مٿي سنڌونديءَ جو پيٽ اوراڙ کان پراڙ 600 والن کان مٿي آهي. هي هتان کان اوڀارو سنڌونديءَ جو وڌ کان وڌ پيٽ ٿيندو ۽ سنڌوندي اُتي 12 ميلن جي ايراضي والاري ٿي.
سکر ويجهو سنڌونديءَ جو هڪ منظر
هتي سنڌونديءَ تي 1932ع ۾ دنيا جو سڀ کان اهم بئراجي نظام، سکر بئراج جي شڪل ۾ جوڙيو ويو هو. گڊو بئراج کان سکر بئراج 80 ميل وڇوٽيءَ تي آهي، هتي سنڌوءَ جي لاهوندي 50 کان 200 فوٽ ٿيندي. هتي بنا ٿنڀن واري لئنسڊائون پل سان گڏ ايوب پل به ريلوي ۽ ٻين گاڏين جي اچ وڃ لاءِ جڙيل آهي. هتي سنڌو درياهه سامونڊي سطح کان رڳو 250 فوٽ مٿاهينءَ تي وهي ٿو. اتان کان ٻه ميل اتر طرف ڪيترا ميل ويڪرو هيٺانهون لٽاشو پٽ آهي.
سنڌوندي هن ميدان مان وڌيڪ آسانيءَ سان وهي سگهي ٿي، پر سنڌونديءَ جو لڳاتار 8 صدين کان هن سوڙهي لڪ مان گذرڻ جو ڪارڻ ڀون وگيانين (Geologists) اهو ڏنو آهي ته، ”قديم زماني ۾ سنڌو خيرپور وارين ٽڪرين جي چوڌاري پکڙيل ميدان مان لنگهندي هئي. اتي ان جو پيٽ، درياهي لٽ جي گڏ ٿيڻ جي ڪري مٿڀرو ٿيندو ويو. انهيءَ پيٽ مٿي ٿيڻ واري قدرتي عمل کانپوءِ سنڌو ندي اوڀر ڏانهن وهڻ لڳي. ان ريت اتي واري زمين جو مٿاڇرو مٿي ڪري وري اولهه ڏانهن لڙي وهڻ لڳي. اِهو ان ڪري ٿيو، جو خيرپور ٽڪرين وارو مٿاڇرو روهڙيءَ وٽ هڪ وٿيءَ سان هڪ سطح تي اچي بيٺو. جيئن ته انهن ٽڪرين جي ڏکڻ ۾ سٿيل لٽ جو مٿاڇرو اتر واري مٿاڇري کان گهٽ هو. ان ڪري سنڌوءَ کي انهيءَ ٻن ٽڪرين جي وچ واري چور لڪ (Gorge) مان وهڻو پيو، جتي سنڌوءَ جي ويڪر اڌ ميل کن ٿيندي. سنڌوندي هتان قديم ايامن کان ڪڏهن الهندي ۽ ڪڏهن اڀرندي کان وهندي رهي آهي.
گهڻو اڳتي هلي سنڌونديءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪپ تي دادو ۽ موري جا اهم شهر آهن، جيڪي پاڻ ۾ درياهي پل وسيلي ڳنڍيل آهن.
سيوهڻ، سنڌ جو قديم شهر آهي، جنهن کان سنڌوندي ٻه ميل اوڀر ۾ سامونڊي سطح کان 111 فوٽ مٿاهينءَ تي وهي ٿي. اولهه پاسي کان لڪيءَ وارن جبلن جي قطار لاڳيتو هلندي وڃي ٿي، وچ ۾ سنڌوءَ جي ڪٺار سان ڪيترا قديم شهر آباد آهن. انهن ئي جبلن ۾ سنڌوءَ ڪناري وسيل سن شهر کان اوڀر طرف 20 ميلن جي پنڌ تي رنيڪوٽ جو تاريخي قلعو آهي. سن کان اڳ ۾ سنڌو سڀيتا جو هڪ قديم ماڳ آمري اچي ٿو، جتي سنڌو سڀيتا جا موهن جي دڙي کان به قديم دور جا آثار موجود آهن. اتان کان ڄام شوري تائين سنڌوءَ جو وهڪرو 1758ع کان وٺي ڪوٽڙي- حيدرآباد چور لڪ کان وهي رهيو آهي.
سال 1955ع ۾ ڪوٽڙي جڙڻ کان اڳ حيدرآباد جي ڏکڻ طرف هڪ غيرآباد علائقو هو. ان وارياسي ۽ غيرآباد رڻ پٽ مان سنڌوندي، سامونڊي سطح کان 70 فوٽ مٿاهينءَ تي وهندي آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڌين سان نيڻ نهار تائين لوَن جا وڻ موجود هوندا هئا، ۽ اڄڪلهه هڪ وڏو زرخيز ۽ آباد علائقو آهي.
سنڌوندي هڪپورالي ندي آهي. هن نه رڳو ميداني علائقا ٺاهيا آهن، پر ڪيترا شهر تباهه ڪيا ۽ ٻيلا ٻوڙي ڇڏيا آهن. سن 1862ع ۾ ڪوٽڙيءَ کان 24 ميل مٿڀرو ڪارو ٻيلو درياهه لوڙهي ڇڏيو، 1863ع ۾ ڌاراجا ٻيلو، 1864ع ۾ سونڊا ٻيلو، 1863ع ۾ سامٽيا ٻيلو لوڙهي ڇڏيو. پاتال شهر جا کنڊر به هن پورالي نديءَ جي مستاني چال جو داستان ٻڌائين ٿا. 1895ع ۾ گدو بندر وٽ درياهه جو پاڻي 17 فوٽ چاڙهه ڪيو هو، جنهنڪري ڪلري ۽ بگهاڙ درياهي ڦاٽن جا بند ڀڄي پيا هئا ۽ خريف جو فصل ٻڏي ويو هو. حيدرآباد وارو دوآٻو، ٻن واهن واڌو واهه ۽ فسادي واهه جي ڪري ’دو آٻو‘ سڏيو ويو، فسادي654 واهه اهڙي درياهي ڇاڙهه جي ڇنڊڻ هئي، جنهن وسيلي ٻوڏ جو واڌو پاڻي ٽالپر اميرن جي شڪارگاهن ۽ ڪچي جي تراين ۾ ڇڏيو ويندو هو. انگريزن سنڌوءَ جي ڇاڙهه جي ماپ وٺڻ لاءِ 1848ع کان 1896ع ۾ بکر وٽ دين ٻيلي ۽ لاڙ ۾ ڪوٽڙي ۽ جهرڪن وٽ انتظام قائم ڪيو هو.
هي (حيدرآباد وارو) علائقو سنڌوءَ جو تمام گهڻو آباد، سرسبز ۽ شاداب علائقو آهي، جتي باغ به عام جام آهن. قديم زماني ۾ هي سنڌونديءَ جي ڇوڙ وارو علائقو پاتال (Patala) سڏبو هو. سنڌونديءَ گنجي ٽڪر تي آباد موجود حيدرآباد شهر وارن ٻنهي پاسن جي زمين کي پنهنجي لَٽ ذريعي زرخيز ڪيو ۽ پنهنجو ڪيٽيائي ماڳ اڃا گهڻو اڳڀرو ڪري ٺاهيو. سڪندر جي ڪاهه (326 ق. م) وقت هي ماڳ پٽالا مشهور هو، جتان سنڌوءَ وسيلي ٺٽي ڏانهن ويندي ڪيترائي ننڍا وڏا شهر ۽ ماڳ آباد آهن. ڪوٽڙي شهر سنڌوءَ جي الهندي ڪناري تي آباد آهي. ان جي ٻئي پاسي ديوان گدومل جي نالي تي قائم قديم ’گدو بندر‘ آهي. هِتان کان ٿورو اڳڀرو ’گُلان ڳائڻيءَ جو ڳوٺ‘ [هاڻي ٽنڊو غلام حسين] هو، جنهن ميان غلام شاهه جهڙو ٻهڳڻو سنڌ جو حاڪم ڄڻيو هو.
ڪوٽڙيءَ کان اڳتي سنڌونديءَ جي ڪنڌيءَ سان اونگر ۽ جهرڪ شهر جون وسنديون آهن. اونگر ويجهو هڪ ٽڪريءَ تي قديم پٿر جي دور (Paleolithic Era) جي اوزارن جوڙڻ جي صنعت واري ڪاريگريءَ جا نشان ملن ٿا. هتي چقمق پٿر جهمپير تائين لڀي ٿو.
جهرڪ کان اڳتي سنڌوءَ سان لڳ ڀڳ ڪينجهر ۽ سونهري ٻه ڍنڍون، سونڊن جو قديم قبرستان، هيم ڪوٽ ۽ ٻيا ڪيترائي قديم آثار موجود آهن. ڪينجهر ڍنڍ پڻ جابلو نئين ۽ سنڌوءَ جي جوڙيل درياهي ڀاڏ آهي، جتان اڄ به مٺو پاڻي ڪراچيءَ واسين کي رسايو وڃي ٿو.
سنڌونديءَ تي جهرڪ ۽ سونڊا پتڻ ماضيءَ جا اهم پتڻ هئا، جتان ٻيڙيون ۽ بتيلا مختلف واپاري شيون کڻي ٺٽي، کڙڪ بندر، وڪابندر ۽ ٻين بندرن ڏانهن ويندا هئا.
سنڌونديءَ جي الهندي ڪناري تي آباد ٺٽو شهر سنڌ جي گاديءَ وارو شهر رهيو آهي، هي شهر سنڌونديءَ سان لڳ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آباد آهي. هي ماڳ هڪ مٿانهون مقام آهي. ديبل تائين جا لوڪ مڪليءَ واري ٿاڪ تي ڏکين ڏينهن ۾ اچي ڊاٻو ڪندا رهيا آهن. ديبل طرف آيل هڪ سامونڊي طوفان (سونامي) جي ڪري ئي هي علائقو وڌيڪ آباد ٿيو. پير پٺي ديبلائيءَ جو هڪ بيت تاريخي تذڪرن ۾ ملي ٿو:
ديبل پاسي ڌڪيلجي، آيو آب اپار،
مڪلي ماڳ مٿاهون، ٿياسون ڌارون ڌار.
سنڌوندي، مڪليءَ کان ڏکڻ ڏانهن ويندڙ ٻن جاڙن شهرن: ’غلام الله‘ ۽ ’ور‘ کان لنگهي، پيرپٺي واري ٽڪريءَ ڏانهن سڌي وهندي وڃي ٿي. هي ٻئي شهر سنڌونديءَ جي قديم قدرتي ڦاٽ بگهياڙ تي جڙيل آهن. بگهياڙ ڦاٽ مڪليءَ ٽڪريءَ کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائيندو اولهه ڏانهن وهندو، ساڪري کان لنگهي سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو. واٽ تي اڏيرو پتڻ آهي، هي پتڻ درياهه پنٿين جو جوڙيل آهي. هتان کان جنگي سر ڏانهن ويندي، سنڌونديءَ جي پڇڙيءَ وارا ڪجهه ننڍا وڏا شهر اچن ٿا. ڳاڙهي شهر وٽان سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه ’اوچتو‘ (Ochto) نالي ڦُٽي لنگهي ٿي، جيڪا ابراهيم شاهه واڙيءَ واري ٻيٽ تائين هلي وڃي ٿي. هن کي ’اوچتو‘ ڦاٽ اُن ڪري چون ٿا، جو اهو ڪنهن وقت ۾ درياهه جي اوچتو کاڌ جي ڪري جڙي پيو هو. هتي ڪيٽيائي ماڳ ورن وڪڙن وارو آهي. هڪ درياهي ڇاڙهه سڌو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿي. ڳاڙهي شهر کان ڪيتريون درياهي ڪَسيون ڦٽي نڪرن ٿيون، جهڙوڪ: دانڌاري، ٻاٻيهي، چارسي، پالڪي، انڊو ۽ مليرڙي. ڪڏهن هتي لاڙي ڳاڙها چانور جام ٿيندا هئا. سنڌوءَ جي اوج واري وقت ۾ هتي ڪيلي، ناريل، کجين ۽ پانن جا باغ ۽ فصل ٿيندا هئا.
ڳاڙهي شهر کان اتر ۾ سنڌوءَ جي هڪ قديم ڇاڙهه بگهياڙ، اڄ بگهياڙ واهه جي صورت ۾ وهي ٿي. ڳاڙهي جي اتر ۾ ٻهارا شهر، ان جي اتر ۾ ميرپور ساڪرو آهي. ڳاڙهي شهر کانپوءِ سنڌوءَ جي ڦاٽ تي ٻيو شهر ٻگهاڻ موجود آهي.
ڪراچيءَ جو شهر سنڌوءَ جي بنهه الهندي منهن (Mouth) ۽ سامونڊي پٽيءَ کان 14 ميلن جي پنڌ تي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ اتان تراکڙين ٻيڙين وسيلي سامان جي اچ وڃ سولائيءَ سان ٺٽي جي بندرن ’ڌاراجي‘ ۽ ’شاهه بندر‘ تائين ٿيندي هئي. ڪراچي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ زميني رستو 60 ميل آهي. قديم دور کان ٺٽي وارا بندر دنيا سان واپار ۽ اچ وڃ جو ذريعو رهيا آهن.
جولاءِ ۽ آگسٽ، سانوڻيءَ جي ڏينهن ۾، جڏهن سنڌوءَ ۾ ٻوڏ ۽ چاڙهه ايندو آهي، تڏهن سامونڊي پاڻي ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو ڊيلٽا ۾ ميلاپ ٿيندو آهي. سنڌوءَ جو لڙاٽيل پاڻي سامونڊي ڪنارن کان ٽن ميلن تائين سمنڊ جي اندر تائين پيو ڏسبو آهي. هن مند ۾ سنڌونديءَ جي مُنهن (Mouth of Indus) ۾ ڀوري رنگ جا ذرڙا يا بوڙيا ترندي ڏسبا آهن، جن کي ڊيلٽا ۾ آباد ميربحر، پِٽ (pit) چوندا آهن، جن ۾ پاڻي ڀريل هوندو آهي. انهن ذرڙن مان خبر پوندي آهي سمنڊ سنڌونديءَ سان سنجوڳ ڪري رهيو آهي. سنڌوءَ جو ڊيلٽائي ڪنارو 125 ميل ڊگهو آهي. اُن جي پهرين سروي انڊين بحري کاتي جي عملدار ليفٽيننٽ چارلس ڪئي هئي.
سنڌونديءَ جون مُک ڀرتي ڪندڙ نديون (Main Tributaries of Indus River): پنجاب مختلف درياهن: ستلج، بياس، راوي، چناب ۽ جهلم جي وچ وارن زميني ڀاڱن کي سڏيو ويندو آهي، جيڪي سنڌوءَ جون ڀارتو نديون آهن. انهن کان سواءِ سوات، گلگت، ڪابل به سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون.
جهلم ندي (Jehlum River): هيءَ ندي سڀني کان وڏي 505 ميل/ 813 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ سنڌوءَ جي ويجهي ۾ ويجهو ڀرتي ڪندڙ ندي آهي. هن نديءَ جو قديم نالو وٽاسٽا (Vitasta) هو. يونانين ان کي هئڊاسپس (Hydaspes) سڏيو. هيءَ ندي زوجيلا (Zo-jee-la) لڪن مان 14000 فوٽن جي اوچائيءَ تان وهندي آهي. هيءَ ندي ’وئري نَگ چشمي‘ (Verinag Spring) مان نڪري ٿي، جيڪو ڏکڻ ڪشمير ماٿريءَ جي ڏکڻ اوڀر واري جبل پير پنجال جي وَٽِ ۾ آهي. هيءَ ندي سرينگر مان وهي ’وولر ڍنڍ‘ (Wular Lake) ۾ ڪري ٿي، جتان اها هڪ سوڙهي لنگهه مان گذري آزاد ڪشمير ۾ داخل ٿئي ٿي. ’ويري نگ‘ ڳوٺ جي هن چشمي وٽ مغل بادشاهه جهانگير 1620ع ۽ هڪ اٺڪنڊو يادگار جوڙايو، جيڪو ڊگهن سَرِوِ جي وڻن سان گهيريل آهي. هن چشمي جي وڏي ۾ وڏي ڀارتو ندي نيلم (Nilum River) آهي جنهن جو پراڻو نالو وريا ڪش گنگا هو. جيڪا ڊومل، ڪشمير، مظفرآباد ويجهو اچي گڏجي هئي. ان کانپوءِ ڪاغان واديءَ جي ڪُنهار ندي (Kunhar River) ڪشمير ۾ ڪوهالا پل وٽ باڪوٽي وٽ ملي ٿي. ان کانپوءِ پُونڇ ندي (Poonch River) منگلا بند وٽ ميرپور ڪشمير ۾ ان سان ملي ٿي.
هن نديءَ جو پراڻو نالو وهاٺ (Vyeth: بهاٽ) هو. اصل ۾ جهلم نديءَ جو وهڪرو هماليا جابلو سلسلي جي ڏکڻ پاسي ليهه کان 150 ميل ڏکڻ کان سنڌونديءَ سان پوروڇوٽ ڏئي وهندو ايندو آهي. سنڌونديءَ وانگر ئي هن جهلم نديءَ جو وهڪرو ناگاپربت جي ڏکڻ کان هماليائي جبلن کي ڪپي ۽ ڪوري پنهنجو رستو جوڙي وهي ٿو.
هن نديءَ تي منگلابند (Mangla Dam) نالي هي بند آزاد ڪشمير ۾ عالمي بئنڪ جي مالي سهڪار سان 1967ع ۾ ٺهيو ۽ دنيا جو ٻارهون نمبر وڏو بند آهي. هي بند 1960ع ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي ’سنڌ طاس معاهدي‘ موجب ٺهيو، جنهن مطابق: ستلج، بياس ۽ راويءَ تي پهريون حق انڊيا جو ۽ چناب، جهلم ۽ سنڌوءَ تي پاڪستان جو حق مڃيو ويو. هن معاهدي موجب پنجاب جي سرزمين جي اهم نديءَ جو پاڻي هندستان کي وڪيو ويو، اهڙي طرح ٻي اهم نديءَ راويءَ جو به پاڻي وڪيو ويو. مُک بند 10300 فوٽ/ 3140 ميٽر ڊگهو 454 فوٽ/ 138 ميٽر اوچو آهي ۽ ان ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 977 چورس ميل/ 253 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. درياهي لٽ سبب هن بند ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي هن وقت گنجائش 1.13 ملين ايڪڙ فوٽ (5.86 km3) وڃي رهي آهي.
جهلم ندي ٻين چئن ندين کان وڏي ۽ ڊگهي آهي. هيٺاهين ميداني علائقن ۾ هن جو وهڪرو وڌيڪ تيز ۽ خوفناڪ آهي. جهلم ندي، ڪشمير ماٿريءَ جي اوڀر ۽ ڏکڻ جابلو سلسلي مان نڪري مظفرآباد کانپوءِ تبت مان ايندڙ ’ناد نديءَ‘ سان اچي ملي ٿي. ان کانپوءِ ڪرشن گنگا سان ملي ميداني علائقي مان لنگهي پونڇ واري پاسي هڪ وڏو درياهه ان ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اتان ٻن ٽن ميلن بعد ٻه درياهي ٺاهي وهي ٿي ۽ جهلم قلعي وٽ يڪي نديءَ جي صورت اختيار ڪري اِتان پهرين اولهه ۽ پوءِ ڏکڻ رخ ڪري ٿي. شاهه گذر پتڻ وٽ هن کي جهلم ندي سڏجي ٿو. ڪشمير واري جابلو جوءِ جا ماڻهو وڻ وڍي هن جي وهڪري ۾ لوڙهيندا آهن، ميداني علائقن ۾ ڪڍي مختلف ڪمن لاءِ ڪتب آڻبا آهن.
جهلم ندي ميداني علائقي ۾ پهرين چناب نديءَ سان شور (شورڪوٽ) وٽ ملي، پنجاب جي ميداني علائقي ۾ داخل ٿئي ٿي. اتان اٽڪل چاليهه ميل هيٺ هي گڏيل وهڪرو راوي نديءَ سان ظفرپور وٽ اچي ملي ٿو ۽ پوءِ چناب سان گڏجي تريمو (Trimmu) وٽ جهنگ ضلعي ۾ ملي ٿي. اهڙيءَ ريت چناب ستلج سان ڪوٽ مٺڻ وٽ سنڌونديءَ سان گڏجي ٿي. هن ئي نديءَ تي چشمه- جهلم لنڪ ڪئنال (Chashma- Jhelum Link Canal) ۽ چشمه بئراج (Chashma Barrage) ڪالاباغ شهر کان 33 ميل/ 50 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ ڪنڊيان کان ڏکڻ اولهه 7 ميلن پنڌ تي سليمان جبل جي ڪڇ ۾ جڙيل آهي. هن بئراج جي کاٻي پاسي چشمه - جهلم لنڪ ڪئنال (Chashma Jehlum Link Cannal) 1971ع ۾ ٺاهيو ويو، جيڪو مارچ 1972ع کان وهندڙ آهي، لنڪ ڪئنال جاري ٿيڻ کانپوءِ ان جو پاڻي ٿل جي علائقي شيرڳڙهه ۾ وڌو ويو. هن نهر جي ڊيگهه 67 ميل، گهرائي 14 فوٽ 7 ويڪر اٽڪل 400 فوٽ ۽ 21700 ڪيوسڪ پاڻي ماپڻ جي گنجائش آهي. شيرڳڙهه کان پاڻي جهلم نديءَ ۾ ۽ اتان چشمه لنڪ ڪئنال رستي تريمو هيڊ ورڪس وسيلي چناب نديءَ ۾ پوي ٿو. هيءَ لنڪ ڪئنال ويڪرائي ڦاڪ 32° 27 6.98 ۽ ڊگهائي ڦاڪ 71° 19 50.01 تي سامونڊي سطح کان 193 ميٽر مٿانهون آهي. لنڪ ڪئنال تي ميانوالي، ڀڪر، ديري غازي خان، مظفرڳڙهه، بهاولپور، بهاول نگر، رحيم يار خان، ملتان، وهاڙي ۽ چولستان جي 30 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.
چناب ندي (Chenab River): چناب نديءَ جو قديم ويدڪ نالو ’اشڪني‘ (Ashkini)، ’اسڪمتي‘ (Iskmati) ۽ قديم يوناني نالو ’اڪسينيس‘ (Acesines) آهي. هي ندي اوچي هماليائي سلسلي ۽ هماچل پرديش جي ضلعن، لاهول، اسپتي (Spti) ۽ ڄمون ڪشمير مان لاهو ڪري وهي ٿي. هن جو پهريون وهڪرو برف وگهرڻ واري ’بڙا لاچا لنگهه‘ (Baralacha Pass) وٽ هماچل پرديش مان نڪري ٿو، جتي ان کي ’چندرا ندي‘ (Chandra River) ڪوٺجي ٿو. ڀاڳا ندي، ڏکڻ طرف تندره ڳوٺ وٽ هن سان ملي ٿي. هيءَ ندي چين جي ڪوهستاني علائقي پدل (Padal) مان وهي ايندي آهي ۽ ان جو وهڪرو ڪشمير جي ’واڇان‘ (Wachhan) جابلو علائقي مان وهي، ’ڪشتوار‘ (Kishtwar) شهر کان ٽي ڪوهه اُتر کان ڦري ٿو ۽ 13 ميل کن اڳتي ان سان ڀاڳا ندي اچي ملي ٿي، جيڪا ٿٻيٽ واديءَ جي ’مَارُون جبل‘ (Marun Mountain) کان وهي ايندي آهي. اتي هن نديءَ کي ’چندر-ڀاڳا ندي‘ سڏيو ويندو آهي.
چناب ۽ راويءَ جي وچ واري دوآبي کي ’رچنا دوآب‘ ڪوٺبو آهي، جنهن کي اڄڪلهه ’باري دوآب‘ چون ٿا. هيءَ ندي تريمو (Tremmu) وٽ جهلم نديءَ سان ملندي آهي ۽ اڳتي هلي احمدپور سيال وٽ راوي ندي اچي هن سان ملندي آهي. هي ندي اُچ شريف ويجهو ستلج سان ميلاپ ڪندي آهي. ان ريت چناب ندي 960 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري مٺڻ ڪوٽ وٽ پنجند ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نديءَ جو ميداني علائقو چناب ۽ راويءَ جي کاڌ جي ڪري چئن برپٽن: ’سندل بار‘، ’گوندل بار‘، ’گنجي بار‘ ۽ ’چنائو بار‘ کي جنم ڏئي چڪو آهي. پنجابيءَ ۾ ’بر‘ يا ’بار‘ جهنگ کي چوندا آهن. ’سندل بر‘، چناب ۽ راويءَ جي وچ وارو پوٺو آهي، جيڪو اوڀر- اتر ڪنڊ کان شروع ٿي ڏکڻ ڪنڊ تائين لاڳيتو 40 ڪوهن جي ڊيگهه ۽ 20 ڪوهه ويڪر ۾ پکڙيل آهي. ان جي وچ وارو ’بر رچنائو‘ فريدآباد تائين پکڙيل آهي. هن جي اوڀر ۾ گنجي بر ۽ اولهه ۾ ٿورو هيٺ ’گوندل بَر‘ آهي. هن علائقي ۾ گوندل جاٽ، ڀٽي، سيال ۽ ٻين انيڪ ذاتين وارا پنجاب جي دوآبي جا قبيلائي ماڻهو آباد آهن. هتي هُڙيون ۽ ٻيلا جام آهن. جنهنڪري هتي اڪثر مالوند لوڪ آباد آهن. هن نديءَ تي ئي اوڀر پنجاب (انڊيا) ۾ بغليهار بند (Bagilhar Dam) جوڙيو ويو آهي.
راوي ندي (Ravi River): راوي نديءَ جو ويدڪ نالو ’اراوتي‘ (Iravati) آهي. هي ندي هماچل پرديش جي چمبا ضلعي جي ماڳ بڙا پانگل مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 450 ميل/ 720 ڪلوميٽر ۽ سيرابي علائقو 5576 چورس ميل/ 14442 چورس ڪلوميٽر آهي. هي ندي ان هماليائي گليشرائي سلسلي جي وچان نڪري ٿي. هن جو وهڪرو بڙا پانگل، بڙا بانسو ۽ چنبا ضلعن مان تڪڙو وهندو وڃي درياهي پيٽ وٺي ٿو ۽ هڪ چور لڪ (Gorge) مان وهي ٿو. هن جون ڀرتي ڪندڙ نديون ۽ نئيون: ٻڍل (Budhil) ۽ نئن/ ڌونا (Nai or Dhona) آهن، جيڪي هن جي مکيه هيٺين وهڪري ۾، 40 ميل/ 64 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اچي ڇوڙ ڪن ٿيون. ٻڍل نئن، ’مَني مهيش ڪئلاش چوٽي‘ (Mani Mahesh Kailash Peak) ۽ مني مهيش ڍنڍ (Mani Mahesh Lake) مان وهي نڪري ٿي. هيءَ چوٽي 13390 فوٽ/ 4080 ميٽر بلند آهي ۽ اهي ٻئي جڳهيون تيرٿ گاهون ئي آهن. ٻڍل نديءَ جي ڍيگهه 45 ميل/ 72 ڪلوميٽر ۽ ان جي پيٽ جي لاهي 3,4:1 فوٽ في ميل آهي. هي ندي هماچل پرديش جي برهمور ماڳ مان لنگهي ٿي. 1857ع ۾ هيءُ علائقو ديودار (ديال: Teak) وڻن جي ڪاٺ جو اهم واپاري مرڪز هو.
راوي نديءَ جي ٻي ڀرتي ڪندڙ ندي ’نئي‘ (Nai) آهي، جيڪا ’ڪالي ديبي لنگهه‘ مان نڪري ٿي، جنهن جي ڊيگهه 30 ميل/ 48 ڪلوميٽر آهي ۽ اها پنهنجي مُک (Source) ’تري لوڪ ناٿ‘ (Trilok nath) کان پنهنجي لاهو ندي 366:1 فوٽ في ميل جي حساب سان جوڙي وهي ٿي. ان ريت هن سان هماچل پرديش ۾ هڪ ٻي، سئول ندي (Seul River) چمبا ضلعي ۾ اچي ملي ٿي. هي ماٿري به وڻن ۽ ڪاٺ جو وڏو مرڪز آهي. ان کان هيٺ هن سان بسوليءَ (Bissoli) وٽ سياوا ندي (Siawa River) جوڙ ڪري ٿي. هن نديءَ جو مکيه وهڪرو ڊلهوزي جبل (Dalhousie hill) وٽ وڃي جڙي ٿو.
راوي ندي به چناب واري ساڳئي اوچي هماليائي سلسلي جي گليشيئرن مان نڪري ٿي ۽ سڀ کان ننڍي ندي آهي. راويءَ جي هڪ قديم ڇاڙهه شاهپور وٽان نڪري گرداسپور ۽ بٽالا کان ٿيندي امرتسر تائين رسندي هئي. هاڻي اُن جو ڪٿي ڪٿي خشڪ پيٽ ملي ٿو. هن جو وهڪرو ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تبديل ٿيندو رهيو آهي. لاهور وارو شهر هن ئي راوي نديءَ جي ڀر تي جڙيو، اُسريو ۽ آباد ٿيو. هن جو وهڪرو لاهور کان 12 ميل مٿان وهندو، ڏکڻ- اولهه کان ٿيندو سراءِ نوشهره ويجهو ’ونڊاريءَ‘ (Wandari) جي وچان وهندو وڃي ’سعيد والا‘ ۽ ’هنجرائون‘ کان 12 ميل اوڀر طرف لڙي وهي ٿو. ان ريت هن جو وهڪرو قديم سنڌو سڀيتا جي وسندي ’هڙپا‘ کان ٿيندو چيچاوطني شهر جي ڏکڻ ڀرسان لنگهي ٿو. اتان کان اٽڪل 14 ميل کن اڳتي وڃي ٺونٺ وڪڙ ڏئي ڪري اتر ڏانهن وري ٿو، ان ريت تلنبا کان ملتان جي ان ٿاڪ ڏانهن لڙي ٿو، جتان ڪڏهن چناب ندي وهندي هئي.
راوي نديءَ جو اهو وهڪرو چيچاوطنيءَ کان ملتان، ملتان کان جلال پور پهچي سنڌ ساگر دوآبي ۾ سيالن جي احمدپور وستيءَ ڏانهن ويندو هو ۽ پوءِ ڪاٿل جي پوٺي ۽ چناب جي ڪٺار جو وچ ڏئي ’ڪنڊي وال ڍنڍ‘ (Kandiwal Dandh) ۾ پوندو هو.
بياس ندي (Bias River): هن جو قديم ويدڪ نالو ’ارجيڪجا‘ (Arjikuja) ۽ ’وپاسا‘ (Vipasa) يا ’بپاشا‘ به آهي. قديم يوناني هن کي
’هائفاسس‘ (Hyphosis) ڪوٺيندا هئا. بياس ندي هماليائي سلسلي جي وچ هماچل پرديش ۽ ڪشمير مان ايندڙ ندي آهي. هن جي ڊيگهه 470 ڪلوميٽر/ 272 ميل، ان جي وهڪ واري ترائي 20303 چورس ڪلوميٽر/ 7839 چورس ميل آهي.
بياس ندي سمنڊ جي مٿاڇري کان 3326 فوٽ مٿي ’ڪلو‘ (Kullu) ۾ ’روهتانگ لنگهه‘ جي ڏاکڻين منهن کان ۽ بياس واري ’ڪند ڍنڍ‘ کان پنهنجو وهڪرو جوڙي وهي ٿي. هيٺانهن وارن جبلن کان لنگهندي اها ڪيترن وهڪرن کي اورانگهيندي ’رِهه‘ (Reh) لڳ ڪانگڙا ضلعي ۾ ٽن وهڪرن ۾ ورهائجي وهي ٿي ۽ ٻيهر ’ميرٿل‘ (Mirthal) وٽ وڃي گڏجي ٿي. شواليڪ جبلن وٽ اوڀر پنجاب جي شهر هوشيارپور ڀرسان هيءَ ندي تيزيءَ سان اتر ڏانهن لاڙو ڪري ٿي ۽ ڪانگڙا ضلعي جي طبعي جاگرافيائيءَ جي حدبندي ڪري ٿي. هيءَ ندي شواليڪ جبلن جي وَٽَ ۾ ’آکڙي وڪڙ‘ (U-Shaped turn) جوڙي ڏکڻ ڏانهن لڙي ٿي ۽ اوڀر پنجاب جي گرداسپور ۽ هوشيارپور جي ميدانن ۾ پکڙجي ٿي. هي ندي جالنڌر ضلعي کي ڇُهندي ۽ ڪجهه ميل اڳتي امرتسر ۽ ڪپورٿلي ضلعي جي حدبندي ڪري ٿي.
بياس نديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون ۽ نئيون: بئن (Bain)، بينگانا، لوئي ۽ اَهَل آهن. هيءَ ندي هِندائون (Hindaun) ماڳ کان لنگهي نورپور جي علائقي جي هڪ ڳوٺ وٽان پنجاب جي ميداني علائقن ۾ داخل ٿئي ٿي. ڪانو واهڻ جي ويجهو شاهي پتڻ کان راويءَ جو وهڪرو، راهيلا ڳوٺ وٽان گذرندو گوبندوال ۽ ديهه وال شهرن جي ڀرپاسي کان لوهه (لوءِ) جي وستيءَ وٽ وڃي ستلج نديءَ سان ملي ٿو. ان کانپوءِ ٻنهي جو گڏيل وهڪرو فيروزآباد ۽ محمود شهرن وٽ ڀرسان لنگهندو آهي. هن علائقي ۾ ديبالپور جي وچ تي ٻنهي جو وهڪرو ٽي ڇاڙهون ڪري وهندو آهي، جن مان بنهه ننڍڙي ڇاڙهه کي ڇڏي ڏکڻ واري وڏي ڇاڙهه کي ستلج ۽ ديبالپور واري ڇاڙهه کي بياس ڪوٺيندا آهن. ان ريت ٻئي وهڪرا، ڪابولا ڳوٺ، بليڌي ۽ فتح پور جو اتر ڏئي ڪهروڙ، لوڌران ۽ نيٺ جلالپور ويجهو ستلج ۽ بياس نديءَ جي 120 ڪوهه سفر بعد ٻيهر سنگم ٿئي ٿو، جتي ٻنهي درياهن کي گڏيل طور ’گهلوءَ جو گهارو‘، ’هرياري‘ يا ’نيلي‘ چئبو آهي، اتي ئي راوي، چناب، بهات (جهلم) ندين جي گڏيل وهڪري کي ’دوش آب‘ (سنڌ آب) ۽ ’سنڌ جو درياهه‘ ڪري ڪوٺيندا هئا. هتان کان سنڌوءَ کي ’مهراڻ‘ ڪوٺيو ويندو آهي.
ويهين صديءَ ۾ بياس نديءَ جي پاڻيءَ کي آبپاشي ۽ توانائيءَ وارن منصوبن لاءِ ڪتب آڻڻ شروع ڪيو ويو. ٻئي مرحلي ۾ 1974ع ۾ انڊيا ۾ ’پونگ بند‘ (Pong Dam) جوڙيو ويو ۽ 87 ميل/ 140 ڪلوميٽرن واري مٿئين وهڪري تي ’پانڍ بند‘ (Pandh Dam) 1977ع ۾ جڙي راس ٿيو. ابتدائي طور پونگ ڊئم، تلوارا (Talwara) کان هيٺ زراعت جوڳي زمين کي آباد ڪندو هو، ترت پوءِ ان کي بجليءَ جي 360 ميگاواٽ پيداوار لاءِ تيار ڪيو ويو. ’پانڍ بند‘ جي سرنگهن (Tunnels) ۽ شاخن (Channels) ذريعي هن نديءَ جي پاڻيءَ جو رخ بدلائي ستلج سان ملائي ’ڊيهر/ ڏهر توانائي مرڪز‘ (Dehar Power Station) ذريعي 980 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪئي ويندي آهي.
ستلج ندي (Sutlaj River): ستلج کي قديم زماني ۾ ستادرو، ستلاج، ڳاڙهو ندي (Red River) ۽ ’هاٿي درياهه‘ به چيو ويندو هو. هي راڪاس ڍنڍ (Rakshash-tal) مان نڪري ٿي، جيڪا چين جي ٿٻيٽ واري ماڳ ڪيلاش جبل جي وَٽ ۾ آهي. هيءَ ندي پنجن ئي ندين کان ڊگهي آهي، جيڪا اتر پاسي ونڌيا جابلو سلسلي، ڏکڻ ۾ هندوڪش ۽ هماليائي جابلو سلسلي کان سليمان جبل تائين وهندي آهي. هي راڪاس ڍنڍ سنڌونديءَ جي منهن سنگي- ڪا- باب کان 80 ميل پري آهي. سنڌونديءَ جو منڍ وارو وهڪرو اتر اولهه ڏانهن آهي ۽ ستلج جو وهڪرو ان جي ابتڙ ڏکڻ اولهه پاسي کان هماچل پرديش جي ’شپڪي لا لنگهه‘ (Shipki la pass) وٽان وهندو، پوٽنٽ، سرکنڊ ۽ ڪهلور واري جابلو علائقن مان ٿيندو وڃي اڳوڻي بهاولپوري رياستن کان ٿيندو ڏکڻ ۽ اوڀر واري چولستان تائين وڃي ٿو. اهي ٻئي درياهه هماليائي جبلن جي ڏاکڻي ڀاڱي کي ونگ ڏئي وهندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح هيءَ ندي جابلو حصي ۾ ڏنگي ٽڪنڊي جي صورت ۾ وهندي آهي. قديم زماني ۾ ستلج ندي هاڪڙي جي ڀرتي ڪندڙ هئي. ستلج جي مٿين ماٿريءَ کي ’گرودا وادي‘ (Garuda Valey) چيو ويندو هو، جيڪا الهندي ٿٻيٽ جي ’زهانگ زهنگ‘ واري قديم تهذيبي ماٿري هئي، جيڪا هماليائي ماڳن ۾ ميلن تائين پکڙيل هئي. زهانگ زهنگ نالي حاڪم هتي هڪ مينار نما محل جوڙايو هو، جنهن کي ’ڪيونگ لنگ‘ (Kyung lung) چوندا هئا، انهي محل جا قديم آثار ڪيلاش جبل جي ڏکڻ اولهه ۾ ’مُنسر ڳوٺ‘ (Muncer Village) وٽ موجود آهن. زهانگ زوهنگ ٿُٻيٽ جي سلطنت کي فتح ڪيو هو.
پهريون يورپي درياهي کوجنا ڪندڙ ماڻهو، وٽرنري سرجن، وليم مورڪرافٽ (William More Craft) هو، جنهن بياس ۽ ستلج ندين جا منهن ڳولي هٿ ڪيا، جتان اُهي وهي نڪرنديون آهن. هن اهو جاکوڙي سفر چمڙا پوش ٿي سال 1811ع ۾ شروع ڪيو. هن ڏٺو ته، بياس نديءَ جو منهن چناب نديءَ کان گهڻو وٿيرڪو نه آهي. ان هوندي به ٻنهي ندين جي وهڪ جي ڏِس ۾ گهڻو فرق آهي. بياس نديءَ جو وهڪرو پهرين اولهه ڏانهن ۽ پوءِ ڏکڻ ڏانهن لڙي وهندو آهي. ستلج ۽ بياس جي سنگم وارو ماڳ ’هري ڪا پتڻ‘، امرتسر ويجهو اوڀر پنجاب ۾ آهي، جيڪو جبل کان گهڻو پري نه آهي. اتي بياس جو پاڻي، اوجل ۽ نيرو آهي ۽ ستلج جو پاڻي اتر هندستان جا ڪيترا ماڳ لتاڙڻ ڪري لڙاٽيل ۽ ميرو هوندو آهي. هيءَ ندي جبلن کان گهڻو پري ’ڊاٻاڇي‘ پٽ جي ڀر کان ڌار رخ اختيار ڪندي آهي ۽ ڏکڻ اولهه طرف لڙي چناب نديءَ سان بهاولپور ويجهو وڃي ملندي آهي.
پنجاب جون هي نديون آڳاٽي وقت ۾ ’اُچ‘ وٽ ڇوڙ ڪنديون هيون. هاڻي ستلج ۽ بياس جي سنگم کان هيٺ ملتان کان ڏکڻ پاسي ’مٺڻ ڪوٽ‘ ويجهو پنج ند وٽ اچي ملن ٿيون، جيڪو هن سامونڊي سطح کان 355 فوٽ مٿي آهي. پراڻو مٺڻ ڪوٽ، سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي هو ۽ ان جو اصل نالو ’مٺي دا ڪوٽ‘ هو. اڳتي هلي هي شهر هڪ ننڍڙي وستيءَ مان اُسري هڪ وڏو مرڪزي واپاري شهر ٿي ويو، جنهن جو درياهي واپار فيروزپور، جالنڌر، لڌياني، وزيرآباد ۽ بهاولپور سان گڏوگڏ سنڌ جي مکيه شهرن، سکر ۽ شڪارپور سان رهيو. 1819ع ۾ سنڌو درياهه هن شهر کي پائي اوڀر طرف لڙي ويو، ۽ هتي هڪ نئون ’مٺڻ ڪوٽ‘ آباد ٿيو آهي. هتان ئي سنڌوءَ جو وڏو وهڪرو شروع ٿئي ٿو. مٺڻ ڪوٽ کان 18 ڪلوميٽر پري ’امروٽ‘ (عمرڪوٽ) جو قلعو موجود آهي، جيڪو امرسنگهه ٺهرايو هو.
ستلج ندي ڪنهن قديم وقت (2500- 2000 ق. م) ۾ گهگهر- هاڪڙا نديءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندي هئي ۽ سنڌوءَ سان ملي سرسوتيءَ جي روپ ۾ ڪوري نار وسيلي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هماليائي درياهن جو قديم ڇوڙ وارو ڪيٽيائي ماڳ ڪڇ جو علائقو ’سنڌوءَ جي نار‘ هو.
نئين پٿر واري دؤر (8000 ق. م) ۾ سنڌوندي سنڌ جي اوڀر ۾ سرسوتي نديءَ سان 20 ميل کان 70 ميل جي پوروڇوٽ تي 5000 کان 1000 ق. م تائين اروڙ چورلڪ کان وهندي رهي.
آڳاٽي زماني کان ڪڏهن ڪڏهن هنن درياهن جي ابتدائي مٿين حصن ۾ زلزلن (Earthquake) ۽ گليشيئرن (Glaciers) جي ڪري وڏا بند اچي ويندا آهن. برف جي وگهرڻ ۽ مينهوڳيءَ جي مند ۾ هنن بندن ۾ ڏار ۽ وڏا کنڊ پئجي ويندا آهن. پاڻيءَ جي جهجهائيءَ ۽ پالوٽ جي ڪري ڪپرن کان اٿلي وڌي ٻوڙ ٻوڙان ڪنديون آهن.
قديم دؤر ۾ اهي سموريون نديون پنهنجا پراڻا وهڪرا بدلائي تِکي وهڪ وارا نوان وهڪرا جوڙينديون هيون، ڇو ته انهن ندين جا پيٽ لَٽ جي ڪري ڀرجي ويندا هئا. ستلج نديءَ جا اهڙا وهڪرا ۽ اهي گس، سنڌ جي وڃايل سرسوتي نديءَ جي اصل گس ڳولڻ ۾ رنڊڪ بڻبا رهيا آهن.
ستلج نديءَ جي پاڻيءَ تي سن 1955ع ۾ سنڌ طاس معاهدي (Indus Water Treaty) هيٺ انڊيا جو حق تسليم ڪندي اُن تي تـوانائيءَ جا ڪـيـترائي منصـوبا جـوڙيا ويا، جـهـڙوڪ: ڀـاڪـرا بـند
(Bhakra dam)، ’ڪارچوَ وانگٽو هائيڊرو اليڪٽرڪ جو منصوبو‘ (Karchaw Wangtoo Hydroelectric Plan) ۽ ’ناٿپا جهڪر هائيڊرو اليڪٽرڪ بند‘ (Nathpa Jhakra Hydroelectic Dam) ۽ ستلج، جمنا لنڪ ڪئنال (Sutlej- Yammuna Link Canal) وغيره. هيءُ منصوبو مڪمل ٿيڻ سان اتر وچ انڊيا کي وڏو فائدو رسندو ۽ بحري واپار آسان ٿي پوندو.
سنڌوندي، جابلو نديون ۽ نئيون (Indus River and Mountain Riverine): سنڌونديءَ جي منڍ ٿٻيٽ کان وٺي اُن کي ڀرتي ڪندڙ ندين کان سواءِ اُن ۾ انيڪ جابلو نئيون به پاڻي اوتينديون رهيون آهن. سليمان جبل جي دامن ۾ ڪيتريون جابلو نئيون آهن، جيڪي سانوڻيءَ ۾ ججهو پاڻي آڻينديون آهن. خيبر پختونخوا جي شهر ديري اسماعيل خان ۽ تونسه بئراج جي وچ ۾ تمام گهڻا ڍورا آهن، جن مان ٽن جا نالا لوڻي نالي سان آهن. سال 1882ع، سال 1892ع ۽ 2010ع وارين ٻوڏن ۾ هنن جابلو نئين جو وڏو هٿ رهيو.
سليمان جبل جي سلسلي جي تخت سليمان جي اوچائي 3380 ميٽر آهي، جيڪو ديري اسماعيل خان کان 100 ڪلوميٽر اولهه ڏکڻ ۾ آهي. ديري اسماعيل خان ۽ ديري درياهه خان وچ ۾ درياهه جو پيٽ 10 ڪلوميٽر ٿيندو. ديري اسماعيل کان رحمان ٺيڙهيءَ ڏانهن ويندڙ رستو اصل ۾ گومل نديءَ واري ماٿريءَ جو قديم رستو آهي، جتان ايامن کان افغان سخت سياري ۾ جبلن تان لهي سنڌوءَ جي ڪپ تي اچي ڊاٻو ڪندا رهيا آهن ۽ اونهاري ۾ واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن ويندا آهن.
لوڻي ۽ نئن، سنڌوماٿريءَ جا عام نالا آهن. لوڻيءَ جو مطلب جابلو علائقي جي روڻ، جنهن مان پاڻيءَ جو ’سوتو‘ وهندو هجي. هي لفظ سنڌ جي ڪوهستان ۽ ڪڇ کان وٺي ديري غازي خان تائين ساڳئي اُچار سان ملي ٿو. ڪڇ ۾ لوڻي ندي اڃا تائين ’هٻي جبل‘ (ابو جبل: (Mountain Abu کان وهندي آهي، قديم زماني ۾ هيءَ ندي گهگهر نديءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، جيڪا وري وڃي ’ڪڇ جي نار‘ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. سليمان جبل کان ايندڙ پهرين لوڻي نئن، ڪُلاچي شهر کان ٿي ديري اسماعيل خان جي اولهه ڏکڻ کان ڦري سنڌوءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. ٻي لوڻي نئن اصل ۾ ’سَوا نئين‘ (Sawa Riverine) جي هيٺين وهڪري کي چوندا آهن. ٽين لوڻي نئن، لورالائيءَ کان وهي، ديري غازي خان کي اورانگهي تونسه شهر وٽ پنهنجي هيٺئين وهڪري ۾ ’سنگهار نئن‘ (Sanghar Rivirine) جي روپ ۾ 900 ميٽرن کان وٺي 3379 ميٽر جي اوچائيءَ تان لهي سنڌوءَ سان اچي ملي ٿي. سال 2010ع ۾ هنن علائقن ۾ آيل خوفناڪ ٻوڏن جو ڪارڻ اهي جابلو نئيون/ لوڻيون به هيون.
سنڌونديءَ جي ساڄي پاسي کان کيرٿر جابلو سلسلو آهي، برسات پوڻ کانپوءِ ان مان انيڪ نئيون وهي نڪرن ٿيون، جن مان ڪي ڪوهستان جي باراني ۽ جابلو خشڪ ۽ زمين مان ڪجهه سفر ڪري ختم ٿي وڃن ٿيون، ڪي نئيون واهن ۽ ڍنڍن ۾ وڃي پون ٿيون ۽ ڪي سنڌوءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪن ٿيون. سنڌ جي سِري کان ڪراچيءَ تائين سنڌ جون مکيه نئيون: گاج، بارڻ، نئن موهن يا سن ۽ ملير آهن. ٻيون نئيون ننڍيون آهن، جڏهن ته ’کينجي نئن‘ مٿينءَ سنڌ جي سرحد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي وچ ۾ حدبندي ڪري ٿي. ’سيتا نئن‘ غيبي ديري واري جاگير مان وهي نڪري ٿي. ’نئن گاج‘ جون ٻه شاخون آهن، هڪ کيرٿر مان وهي نڪري ٿي ۽ ٻي جهالاوان جبلن مان پنهنجو رستو جوڙي وهي ٿي ۽ وري کيرٿر جي دامن ۾ ٽه- شاخي ٿي وهي ٿي. ڪوهستاني لوڪ، هن جو پاڻي علائقائي بند جوڙي روڪي پوکي راهي ڪن ٿا. اڳ نئن گاج جو ڳپل پاڻي الهندي ناري ۾ وڃي پوندو هو ۽ اڄ به ڪجهه پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ وڃي پوندو آهي. منڇر ڍنڍ به آڳاٽي دؤر ۾ سنڌوندي ۽ جابلو نئين جي جوڙيل ڀاڏ آهي، جنهن جي الهندي پاسي کان گاج نئن، ٽِڪو نئن، ماهو نئن، انگئي نئن، سول نئن، جهانگارا نئن، باجارا ۽ ٻيون نئيون اچي ڇوڙ ڪن ٿيون. اڀرندي پاسي کان منڇر جو پاڻي ڪور واهه ۽ اڙل واهه ۽ ٻين واهن وسيلي نڪرن ٿو ۽ اڀرندي پاسي کان ئي منڇر پنهنجو واڌو پاڻي سنڌونديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. 1935ع ۾ بئراج جڙڻ کانپوءِ نئن بارڻ جو پاڻيءَ جو نيڪال اُن ۾ ٿئي ٿو. مزاراڻي نئن وارهه تعلقي مان وهي حمل ڍنڍ ۾ پوي ٿي ۽ واٽ تي ڪيترين تلين ۽ تراين کي ڀري ٿي. دلان نئن ميهڙ لڳ شاهه گودڙئي وٽان نڪري ٿي، مينهوڳيءَ ۾ ان تي هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. سالاري نئن خيرپور ناٿن شاهه وٽ سالاري ڍنڍ جوڙي ٿي. ناڙي نئن ڪڇيءَ کي آباد ڪندي وڃي جوهيءَ تائين رسي ٿي. اها نئن کيرٿر جي هڪ وڏي جابلو نئن آهي، جيڪا کيرٿر جي ڏاکڻي ڪنڊ مان نڪري، ڏکڻ پاسي ٿاڻي بولاخان ڏانهن، اڀرندي پاسي کان لڪي جابلو سلسلي کي لتاڙي 90 ميلن جو پنڌ ڪري، ڪوٽڙيءَ کان ڏکڻ طرف چئن ميلن جي مفاصلي تي سنڌونديءَ ۾ وڃي پوي ٿي. سن نئن، الهندي پاسي کان رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ’موهن نئن‘ ۽ ڪوٽ اندر ’رني نئن‘ سڏبي آهي. هن نئن تان ئي رنيڪوٽ ۽ نيرن ڪوٽ (نئين رني ڪوٽ) نالا جڙيا آهن. ساڳي ’رني نئن‘ اڀرندي پاسي ڪوٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ’سن نئن‘ سڏجي ٿي. ’نئن باز ڪنڊو‘ کيرٿر جي مان وهندي اچي پيٽاري لڳ سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ’ملير نئن‘ ڪراچيءَ جي اتر اڀرندي کان جبلن مان نڪري
60 ميلن جو پنڌ ڪري گِزريءَ وٽ سمنڊ ۾ پوي ٿي. ’لياري نئن‘ جابلو نئن آهي، جيڪا ڪراچي شهر جي چوگرد ڦرندي وڃي سمنڊ ۾ پوي ٿي.
سنڌو- سرسوتي ۽ پراڻا وهڪرا (Indus- Saraswati and old courses): ڌرتيءَ وگيانن (Geologists) جي تحقيق موجب پهرئين کان آخري برفاني دَور جي پُڄاڻيءَ تائين (1800000 ق. م- 10000 ق. م) هماليا کان وهي ايندڙ سموريون نديون هڪ ٻئي سان پوروڇوٽ وهنديون،عظيم برپٽ ٽپي احمدآباد، کنڀات ۽ ڪڇ ۾ ڪوري نار وٽ وڃي سمنڊ ۾ ڪرنديون هيون. ان ريت هنن ندين رڻ ڪڇ وارو ’عظيم سنڌو ڊيلٽا‘ (Great Indus Delta) جوڙيو هو. پوءِ ’نئين جوڙ واد‘ (New Tectonism) واري قدرتي عمل هيٺ انهن ندين اولهه ڏانهن لاڙو ڪيو، آڳاٽي دور (5000- 3500) ۾ پهرين اُچ وٽ اچي ستند (Satnad) جوڙيائون، جيڪو ماضيءَ جي ڪجهه ندين جي رُخ مٽائڻ يا ماڳهين مِٽِجي وڃڻ جي ڪري ۽ پوءِ ’ڪوٽ مٺڻ‘ وٽ اچي هن وقت ’پنجنَد‘ وڃي رهيو آهي، انهن سمورين ندين ۾ ستلج پنهنجو وهڪرو سڀ کان آخر ۾ مٽايو هو.
سنڌو سڀيتا جي شهري دَور (Mature Urban Phase) وارن هڪ هزار سالن (25000- 15000 ق.م) ۾ سنڌو ۽ سرسوتيءَ جي وهڪرن ۾ ڪا به اهڙي وڏي تبديلي نظر نه ٿي اچي، جنهن سان اُن دَور جي معيشيت ۽ معاشرت متاثر ٿي هجي. ان دَور ۾ سنڌو تهذيب پنهنجي مرڪز ’مهالوءِ‘ [وڏو شهر: موهن جي دڙي] کان اڳتي وڌي هڪ وڏي علائقي تائين انيڪ شهرن، واهڻن ۽ وسندين جي صورت ۾ پکڙي هئي.
سنڌوندي ۽ ان جي ٻين سهيوڳي ڀارتو ندين جي وهڪرن ۾ تبديلي رڳو انهن ندين جي پورالي مزاج جي ڪري نه، پر ڪجهه قدرتي لقاءَ (Natural Phenomenon) به ان جي پويان ڪم ڪندا رهيا اهن. زمين جي اندرئين تحرڪ واري عمل، اراولي جبلن جي اُٿڪ (uplift)، جڙيل تاسرين (Plate Tectonics) جي نئين جوڙ واد (New Tectonism) واري حرڪت اُن ۾ شامل آهي. سنڌو تهذيب کي اهڙو هڪ لوڏو 1500 ق. م ۾ آيو، جڏهن چنبل ندي، جيڪا سرسوتي نديءَ جي ڀارتو هئي، جنهن ’پائونٽا سهاب‘ وٽان کنڀجي وڃي گنگا نديءَ سان ميلاپ هو.
ايم. ايڇ. پنهور لکي ٿو ته، ”ڏهه هزار ورهيه اڳ سرسوتي نديءَ، بيڪانير ۽ بهاولپور کان سکر ڏانهن پنهنجو وهڪرو جوڙي ورتو هو. هن ريڻي ۽ اڀرندي ناري ذريعي ڪوري نارَ ۾ ڇوڙ ٿي ڪيو. اوڀر ۾ انڊيا جو رڻ، اولهه ۾ ڪوهستان ۽ سنڌ جو وچيون حصو سنڌونديءَ جي
ور وڪڙائين وهڪري جي حوالي هو.“
سنڌوءَ جو اولهه ڏانهن لڙي وهڻ ۾ ’جڙيل تاسرين‘ (Tectonic Plates) جي ’نئين جوڙ واد‘ (New tectonism) واري انتهائي متحرڪ قدرتي عمل جي ڪري ’اراولي جبلن‘ جي اُٿڪ (Uplift) تهائين وڌيڪ ٿي، ڪٿي ڪٿي ڪيٽيائي زمين پڻ ڪيترائي ميٽر مٿي ٿي هئي. ان قدرتي عمل جي ڪري ئي سرسوتي نديءَ (هاڪڙو+ گهگهر) وهڻ بند ڪيو، جو ’هرڪي دن گليشيئر‘ مان پاڻيءَ جي آوت بند ٿي وئي ۽ سرسوتي هڪ ’دائم ندي‘ مان ڦري پهرين هڪ ’مندائتي نديءَ‘ (Seasonal River) جي صورت اختيار ڪئي ۽ ڪجهه وقت جٽاءَ ڪري نيٺ سُڪي وئي. ان قدرتي عمل جو اثر سنڌونديءَ تي پڻ پيو، جو ان جي وهڪري ۾ ڦيرگهير آئي ۽ ان جي اوڀر وارا مرڪزي شهر ’موهن جو دڙو‘ ۽ ’لاکين جو دڙو‘ اولهه ڏانهن ٿي ويا.
اها ڳالهه به اڀياس جوڳي آهي ته، ”سنڌ جي اڀرندي ندي،
سرسوتي‘ ۽ الهندي ندي، سنڌوءَ جي سڀيتائي اوسر 5000 ق. م کان 1600 ق. م تائين ٿي آهي، جنهن جي رڳو شهري دؤر جي عروج وارو عرصو هڪ هزار ورهيه (2500 ق. م - 1500 ق. م) تائين رهيو. ان دَور ۾ سنڌوماٿريءَ کي ڪي به وڏيون فطري للڪارون (Natural Challenges) آڏو نه آيون هونديون، رڳو آبڪلاڻيءَ واري مندن ۾ آيل ٻوڏون ئي هيون، جن کي سنڌو تهذيب جا ماڻهو چڱيءَ ريت منهن ڏيڻ ڄاڻندا هئا. اهي ٻوڏون هنن لاءِ ’ٻُڏيءَ جا ٻيڻا‘ مثل هيون ۽ پوکي راهيءَ لاءِ ڏاڍيون لاڀائتيون بڻبيون هيون.
سنڌونديءَ (50000 ق. م- 1000 ق.م تائين) جي پراڻن وهڪرن جي اڀياس موجب سنڌوندي ’ٿل‘ ۽ مظفرآباد جي وچان وهندي هئي، سنڌونديءَ اولهه وارو پاسو تڏهن ورتو، جڏهن ’نئين جوڙواد‘
(New tectonism) جي قدرتي لقاءَ هيٺ، سرسوتيءَ واري وهڪري جو بارفائي/ گليشيئر سان تعلق ٽُٽو ۽ رڳو چتانگ جهڙيون ڪي نديون هن سان سلهاڙيل رهيون ۽ اها دائم نديءَ جي صورت ۾ گهڻو وقت تڳي نه سگهي ۽ سنڌوندي گهڻو اولهه ڏانهن لاڙو ڪيو. انهيءَ سان نه رڳو سنڌ جي اڀرندي وارا سرسبز ۽ شاداب، آباد ۽ وسيل علائقا ڀڙڀانگ ٿي نيٺ وارياسي برپٽ ۾ بدلجي ويا، پر اهي حسين شهر، لوٿل، ڍولاويرا، نوهٽو، راکي ڳڙهي، گونئري والا ۽ ڪالي بئنگن پڻ دڙن ۽ ڀڙن جي صورت اختيار ڪري ويا.
سرسوتي ندي اوائلي گهڻ روپي دَور (Pleistocene Era) ۾ لوڻي نديءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، انهيءَ سرسوتي نديءَ وچئين دور ۾ گهاگهر نديءَ جي شڪل ۾ امرڪوٽ ويجهو ڇوڙ ڪرڻ شروع ڪيو. ان کان اڳ هن مکي ڍنڍ، فراش ۽ چوٽياري ڍنڍ ۾ هاڪڙي وسيلي ڇوڙ ڪيو ٿي.
قديم سنڌو سلطنت (Ancient Indus Empire) جي اُڀرندي ندي ’سرسوتي‘ هئي، جنهن جي مٿين لام کي ’هاڪڙو‘ ۽ هيٺينءَ لام کي ’گهگهر‘ ڪوٺيو ويندو هو. 3000 ق. م ۾، اها قديم وڃايل ندي هاڪڙو، رحيم يار خان واري ضلعي جي هڪ ماڳ وڄڻوٺ جي اوڀر ڏکڻ کان موجوده سنڌ ۾ داخل ٿي اڀرندي ناري واري واٽ سان گهگهر نديءَ جي صورت ۾ وڃي ڪڇ جي ڪوري کاريءَ وٽ سمنڊ ۾ داخل ٿيندي هئي. ساڳئي زماني ۾ بکر وٽان هن جي هڪ ٻي شاخ لاڙڪاڻي وٽان موجوده رائيس ڪئنال جي ماڳ ڀرسان لنگهي وڃي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان وهڪري جو گس موهن جي دڙي کان اولهه ڏانهن اڍاٽ (باڊهه) ۽ ڌامراهه دڙي وٽان، اوڀر کان ٿي لنگهندو هو. اهو وهڪرو الهندو نارو هو. انهيءَ زماني ۾ هاڪڙي درياهه جو ٽيون وهڪرو اروڙ کان اولهه ۾ ڪوٽڏجيءَ وارين ٽڪرين کان ٿيندو برپٽ جو پاسو ڏئي وڏي ٿر ڏانهن لڙندي، لاڙ ۾ سومرن جي آڳاٽي مرڪزي شهر محمد طــُور وٽان ٿيندو وڃي ’رڻ ڪڇ‘ وٽان ڪوري کاريءَ ۾ پوندو هو.
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، پراڻ ڍوري کي ’هاڪڙو‘ ڄاڻايو آهي، ”جڏهن ته پراڻ ڍورو پاڻ هاڪڙي ۾ داخل ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت هاڪڙو، رهمڪي بازار جي اولهه کان رڻ ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ’لکپت‘ ۽ ’ڪوٽيسر‘، هاڪڙي جي هيٺئين وهڪري تي اهم درياهي بندر رهيا آهن.“
راورٽي پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو مهراڻ‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌوءَ جي قديم وهڪرن جي نشانين سان ملتان جو اولاهون پاسو ۽ اُچ ۽ ملتان جو وچيون علائقو ڀريو پيو آهي. سنڌوندي ڪنهن زماني ۾ مظفرڳڙهه ضلعي جو وچ ڏئي وهندي هئي. هتي جي لوڪ روايتن موجب ”سنڌوندي ڪڏهن وچ ٿل واري علائقي مان وهندي اوچتو پنهنجو وهڪرو اولهه ڏانهن ڪيو. هتان جا ڳوٺاڻا، ’ڪڇ‘، ’ٻيلو‘ ۽ ‘ٻيٽ‘ وارا لفظ ائين ئي ڪتب آڻين ٿا، جيئن سنڌ وارا انهن لفظن جو واهپو ڪندا آهن. ملتان جي مظفرڳڙهه کان اولهه ڏانهن بسيراهه (Basirah) نالي هڪ ڳوٺ آهي. سرڪاري روينيو رڪارڊ موجب هن جو نالو ’ٻيٽ بسيراهه‘ هو، ان جو مطلب ته هيءُ ڳوٺ سنڌونديءَ جي ٻن ڇاڙهن جي وچ ۾ هو. هن ڳوٺ جي بنهه ويجهو هڪ وڏو ’ڪولاب‘ (ڍنڍ) اڄ به آهي، جيڪو سنڌوءَ جي پراڻي پيٽ مان جُڙيو هو.“
مظفرڳڙهه جي علائقي ۾ سنڌونديءَ جا پراڻا وهڪرا وڏين ڍنڍن جي صورت ۾ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. سنڌوءَ جو هڪ ٻيو وهڪرو ’شاهه ڳڙهه واري ڍنڍ‘ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو قريشي پتڻ کان ويجهو آهي، ٿل جي ڀٽن جي ورن وڪڙن واري علائقي ۾ سنڌو درياهه جو پيٽ مظفرڳڙهه کان اُتر- اولهه ڏس ڏانهن شاهه ڳڙهه جي قلعي وٽ اچي پورو ٿئي ٿو. سنڌوءَ جو هڪ ٻيو پيٽ روهيلن جي ڳوٺ لڳ ’پنجيهر‘ ڍنڍ آهي، جيڪو خانڳڙهه کان 12 ميل ڏکڻ طرف آهي. هن علائقي ۾ چوڌاري ڍنڍن جو هڪ ڄار پکڙيل آهي، جيڪو قديم سنڌونديءَ جي شاهي وهڪري جي اڄ به ساک ڀري ٿو.
مظفرڳڙهه جو هڪ ضلعو، ’علي پور‘ ڪڏهن سنڌونديءَ جي الهندي ڪپ تي هو، هاڻي اُڀرندي ڪناري تي موجود آهي، بلڪل ائين جيئن موهن جي دڙي وارو شهر، سنڌونديءَ جي اڀرندي ڪنڌيءَ تي هو ۽ هاڻ الهنديءَ ڀَر تي شاندار ماضيءَ جو اهڃاڻ بڻيو بيٺو آهي. ان دور ۾ جڏهن سنڌونديءَ پنهنجو وهڪرو بدلايو هو، تڏهن چناب ندي ۽ ان جون ڀرتي ڪندڙ نديون: جهلم ۽ راوي ڪجهه ميل ڏور اوڀر طرف وهنديون هيون ۽ انهن جو سنگم ’ساهڙ سلطان‘ کان ٻه ٽي ميل اوڀر طرف هو.
سنڌونديءَ ان ريت علي پور، جتوئي ۽ سيت پور وارا ساوا ستابا علائقا، پنهنجي وراڪي ۾ آڻي، ’سنڌ ساگر دوآبي‘ کي وڌيڪ وسيع ڪيو ۽ انهيءَ قدرتي عمل سان هن علائقي جي هڪ وڏي شاخ، ’ڄمون واهه‘ پنهنجي پراڻي پيٽ مان وهندي پنجنَد ۾ وڃي ڇوڙ ڪرڻ لڳي.
پنجاب جي پنجن ندين جو سنڌونديءَ ۾ گڏجڻ کانپوءِ سنڌونديءَ جو وهڪرو به اهو هو، جيڪو هاڻي آهي. پر پنجاب جي حدن اندران، هن جي اڀرندي پاسي مان هڪ ڇاڙهه ڦٽي نڪتي ٿي ۽ ان جي اوڀرندي طرف وهي ٿي، جيڪا ’واهند‘ درياهه ۽ ’پنجاب وارو درياهه‘ جي نالن سان سڏي وڃي ٿي. ٻيءَ ڇاڙهه جيڪا موجوده بهاولپور رياست ۽ سنڌ جي سرحدن کان اُڀرندي پاسي کان ٿي نڪتي، سا ’دامن‘ جي نالي سان سڏي وڃي ٿي. ٽين ڇاڙ وري موجوده روهڙي شهر جي اتر کان ٿي نڪتي، جيڪا ’هاڪڙو‘ درياهه سڏجي ٿي. چوٿين سنڌوندي پاڻ هئي، جيڪا موجوده موهن جي دڙي تائين ساڳئي وهڪري سان وهندي پئي آئي.
عطا محمد ڀنڀرو، سنڌونديءَ جي وهڪري ۾ تبديلي اچڻ بابت لکي ٿو ته، ”جڏهن سنڌو نديءَ جي مٿئين وهڪري وارن وڪڙن ۾ ڦيرگهير ايندي آهي، تڏهن هيٺئين وهڪري وارن وڪڙن ۾ به گهڻي مٽ سٽ ٿي ويندي آهي. سنڌوندي جڏهن ڪنڌڪوٽ وارو وڪڙ ٽوڙي سڌو رخ اختيار ڪيو ته بکر وارو وڪڙ ان جي فطري وهڪ ۾ اچي ٿي ويو. سنڌو نديءَ جا سمورا وڪڙ فطري آهن.“
سنڌوندي 5000 ق. م کان 1000 ق. م تائين اروڙ چور لڪ کان وهندي رهي. 3000 ق. م ۾ ’دوش آب‘ واري وڏيءَ ڍنڍ مان سنڌوءَ جو هڪ وهڪرو، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جو پاسو ڏئي، موهن جي دڙي کان ٿيندو وڃي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان جي هڪ ننڍي ڇاڙهه ڪشمور کان مٿان ڇڄي، اروڙ وڃي هاڪڙي جي اولاهين ڇاڙهه سان ملندي هئي.
سنڌوءَ جي هن ڍوري واري وهڪري جا پڊ اڄ به اِهو ظاهر ڪن ٿا ته اهو هڪ آڳاٽو وهڪرو هو، جيڪو ڪڏهن ڪشمور کان هيٺ ته ڪڏهن ڪنڌڪوٽ کان مٿڀرو شڪارپور وٽان وهندو هو. هن ئي ڍوري تي جهڪر، موهن جي دڙي ۽ آمريءَ واري تهذيب جڙي. بهاولپور ويجهو رُوپر (روهپور: Rohpur) وٽان ۽ ستلج جي اوڀارين ڪنڌيءَ سان هڪ وڏي وهڪري جو پٽو موجود آهي، جيڪو سبزل ڪوٽ تائين گهاري ۽ سنڌونديءَ سان پوروڇوٽ ڏئي هلندو وڃي ٿو، بهاولپور ڀرسان اهو پٽو شروع ٿي روهڙيءَ ڀرسان 11 ميل اوڀر، اڀرندي ناري جي منهن وٽ اچي ختم ٿئي ٿو، ان وهڪري جا قديم اهڃاڻ اڄ به پسي سگهجن ٿا. سانوڻيءَ/ آبڪلاڻيءَ واري مند ۾ اهو گهارو تار ٿي وهندو هو ۽ اُڀرندي ناري ۾ جهجهو پاڻي اوتيندو هو. ان مان ظاهر آهي ته سنڌوءَ جون ٻه قدرتي ڇاڙهون هڪ الهندي ناري جي صورت ۾ ۽ ٻي اُڀرندي ناري جي شڪل ۾ 3000 ق. م ۾ ئي موجود رهيون آهن.
300 ق. م ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو ڏکڻ اولهه ڏانهن ٿي وهيو. انهيءَ وهڪري جو سنڌ جي اُترئين اڌ وارو ڀاڱو اڳوڻي قديم وهڪري کان اٽڪل پنج ميل اولهه ۾ پوروڇوٽ وهندو هو. اُن جي هڪ اُلهندي ڇاڙهه چانهونءَ جي دڙي [سڪرنڊ] ڀرسان لنگهندي هئي.
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ انهيءَ جهوني گهاري ۽ سنڌو ڍوري کي الهندو نارو ڪوٺي ٿو ۽ اُن کي اتر سنڌ جي شهرن، شڪارپور کان مٿي ۽ ڪشمور کان هيٺ سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ جي اُٿل واري سيلابي پاڻيءَ جو لنگهه پڻ قرار ڏئي ٿو ۽ ان جو مثال 1942ع واري ٻوڏ ۾ آيل پاڻي هو، جنهن اهو گس ورتو ۽ 180 ميل لتاڙي وڃي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو. جيئن ويجهڙائيءَ واري سال 2010ع وارين ٻوڏن ۾ سنڌوءَ جي سيلابي پاڻيءَ رستي واريون رنڊڪون اورانگهي نيٺ پنهنجي انهيءَ گس کي اختيار ڪيو هو، جيڪا ايامن کان اُن جي فطري وهڪري جي واٽ رهي هئي.
سنڌونديءَ جي هڪ ٻي ڇاڙهه ڪشمور کان مٿڀرو وهندي هئي ۽ اها سڌي وڃي اروڙ رسندي هئي، جتان ان ڇاڙهه تي ڪوٽڏجي ۽ اڳتي وڃي چانهوءَ جي دڙي واري وڏي سڀيتا جڙي هئي، جڏهن ته ان جي آسپاس ناري جو دڙو ۽ اهڙا ٻيا سڀيتائي ماڳ پڻ قائم ٿيا. اُن ريت هن ڇاڙهه وارو وهڪرو برهمڻ آباد تائين وڃي رسندو هو. سڪندراعظم مقدونيءَ جي سنڌ تي ڪاهه (327- 326 ق. م) وقت اهي ٻئي وهڪرا انهيءَ ريت وهندڙ هئا.
عطا محمد ڀنڀرو لکي ٿو ته، ”سنڌونديءَ جو رخ بدلائڻ وارو هڪ ٻيو واقعو امير تيمور جي حملي کان ٿورو اڳ پوءِ ٿو ڀانئجي، جڏهن ستلج ندي ٿورو الهندي ۽ بياس ندي ٿورو اڀرندي ڏانهن لاڙو ڪيو ۽ لوهي وال (لُوءِ وال: (Lohe wall وٽ وڃي بياس نديءَ سان سنگم ڪيو. انهن درياهن جي گڏيل پاڻيءَ کي هيٺ ’گهلوءَ جو گهارو‘ سڏيو ويندو هو، جيڪو امڪان آهي ته هاڪڙي بدران سڌو سنڌو نديءَ سان ملندو هو. سمن جي دور (1350- 1520ع) ۾ هاڪڙو، هڪ دائم درياهه مان ڦري، هڪ مندائتي نديءَ جي صورت ۾ تڳي رهيو هو.“
سنڌونديءَ جي ڍنڍن، ڍورن ۽ پراڻن ڇڏيل وهڪرن سان سڄي سنڌ جو سرو ۽ وچولو ڀريو پيو آهي. ڪيترن ئي پراڻن وهڪرن وارين واٽن کي هاڻي واهن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ موجوده سنڌوءَ جي هڪ پراڻي وهڪري جا نشان لڪيءَ کان اٺ ميل اوڀر طرف واريءَ جي دڙن ۽ گهارن مان محسوس ڪري سگهجن ٿا.
دوش آب واري وشال ڍنڍ مان ٻه وهڪرا سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. هڪ سنڌوءَ نالي وهڪرو پراڻي نديءَ وارو گس وٺي وهندو هو، جنهن کي ’پراڻ‘ چيو وڃي ٿو. پراڻ روهڙيءَ جي ٽڪرين وٽان اروڙ واري چورلڪ (Arore Gorge) کان ٿي لنگهندو هو. اهو وهڪرو اروڙ کان ڏاکڻي ڪنڊ وٺي روهڙيءَ جي اڀرندي طرف وارين ٽڪرين جي ڀر ڏئي ڪوٽڏجي، ڪوٽڙي ڪبير ۽ هالاڻيءَ جي اولهه پاسي کان سنڌ جو وچ ڏئي وهي ٿو. ان ريت مختلف وسندين ۽ ماڳن کان ٿيندو اهو وهڪرو نوابشاهه ۽ ٻانڀڻيا (برهمڻ آباد) جو اڀرندو پاسو وٺي وهندو هو. اتان کان شهدادپور جي اوڀر ڏانهن انهيءَ قديم وهڪري جا نشان چٽا آهن. سنڌوءَ جو اِهو وهڪرو پراڻ درياهه واري پيٽ مان وهندو، ميرپورخاص، نئون ڪوٽ کان ٿيندو لاڙ جي ونگي ۽ ولاسي جا وڃي وڻ واسيندو هو، جتي اُهو ماضيءَ ۾ پنهنجي ڀرپور پائڻ واري سنگم سان ڪيٽيون پڻ جوڙيندو هو. ٽالپرن جي اوائلي حڪومتي دؤر ۾ ماڻڪاڻي ميرن مان مير باغ علي عرف مير باگي پنهنجو پهريون تخت گاهه ’ڪيٽين جو ڪوٽ‘ اڏايو هو. ان کانپوءِ ميرپورخاص ماڻڪاڻي ميرن جو گاديءَ وارو هنڌ بڻيو. ان ريت سنڌوءَ جو اهو وهڪرو پراڻ ۽ نيري جي نالي سان هلندو وڃي علي بندر کان اڳتي ڪوريءَ نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن جو اهو پراڻو پيٽ اڃا به مينهوڳيءَ ۾ تار ٿي وهندو آهي.
دوش آب واري ڍنڍ مان هڪ ٻيو وڏو وهڪرو وهندو وڃي وڄڻوٺ وٽان ٻه درياهي جوڙي وهندو هو. ان وهڪري کي هاڪڙو چيو ويندو هو. انهيءَ وهڪري جي اوڀارين ڇاڙهه جو پاڻي سائدي ڳوٺَ وٽان گڏيل وهڪري جي صورت ۾ وڃي ڪلريءَ وٽان ٻيهر ٻه درياهي جوڙي وهندو هو. اولهه وارو وهڪرو سنڌونديءَ جي برهمڻ آباد واري وهڪري سان ملندو هو ۽ اوڀر وارو وهڪرو پراڻ ڍوري سان ملي لاڙ جا انيڪ ماڳ آباد ڪندو، علي بندر کان ٿيندو وڃي ’ڪوري نار‘ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
جين فيئرلي، سنڌونديءَ پاران وهڪرا مٽائي وهڻ، ٻوڏن اچڻ ۽ سنڌو سڀيتا جي تباهي اچڻ بابت لکيو آهي ته، ”ساڳئي دور ۾ موهن جي دڙي کان 200 ميل هيٺ سامونڊي ڪناري سان ڌرتي ڌڏي هئي، ان کان پوءِ هي ماڳ هميشه لاءِ ڀڙڀانگ ٿي ويو.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”جيڪڏهن سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن ڦاٽن کي ٿوري وقت لاءِ بند ڪبو ته ان کان مٿئين پاسي سنڌوندي هڪ وسيع علائقي ۾ هڪ خطرناڪ قسم جي ٻوڏ آڻي ڇڏيندي.“
ان ريت موهن جي دڙي جي تباهي، سرسوتي نديءَ جي سُڪڻ کانپوءِ (1500- 1400 ق. م) هڪ صديءَ اندر آيل ٻوڏن جي ڪارڻ ٿي ڏسجي. ان ڪري قديم آثارن جا ماهر چون ٿا ته ”موهن جي دڙي وارو شهر هڪ ٻيٽاريءَ تي هو.“ اِها ٻيٽاري انهن ئي مهاٻوڏن جي ڪري جڙي هوندي. هڪڙين ٻوڏن جو پاڻي لٿو ئي نه ٿي ته ٻين ٻوڏن واري پاڻيءَ ملڪ کي سمنڊ جي صورت ڏئي ڇڏي هوندي. سڄو وڻج واپار، پوکي راهي ۽ اچ وڃ بند ٿي وئي هوندي. اهڙي لقاءَ جو اندازو 2011ع ۾ لاڙ ۾ آيل مينهوڳيءَ وارين ٻوڏن ۾ ٻُڏل ڏکڻ سنڌ جي مارو لوڪن کي ئي آهي، جڏهن پاڻيءَ کي نڪرڻ جو گس نه مليو ته پاڻي گس وٺڻ لاءِ جيڏانهن ڪيڏانهن ملڪ ٻوڙيندو ڦرندو رهيو. اُن ريت سنڌوءَ جي اڀرندي درياهه ’سرسوتيءَ‘ کي سوڪهڙي ختم ڪيو ۽ الهندي درياهه ’سنڌوءَ‘ کي پاڻيءَ جي جهجهي وهڪري ماريو. اِهو لقاءُ نه رڳو موهن دڙي واري شهر، پر لاکين جي دڙي وارن سان به ائين ئي ٿيو هو، اُن ريت سنڌونديءَ تي اڏيل 99 کن شهرن ۽ واهڻن جي عروج کي زوال آيو.
سنڌونديءَ جي وهڪرن ۾ ڦيرگهير ۽ تبديلي ڪڏهن به ان جي يڪي سڄي وهڪري ۾ آيل نه ٿي ڏسجي، پر ڪنهن خاص جڳهه تي وهڪري پنهنجو ماڳ مٽيو هجي. ميداني علائقن ۾ سنڌونديءَ ڪڏهن به ۽ ڪٿي به پنهنجو دائم وهڪرو قائم نه ڪيو آهي. هن جو لاڙو اولهه ڏانهن رهيو آهي، جيڪر جابلو دنگ وارا چور لڪ ۽ لنگهه نه هجن ها ته سنڌوندي اڃا به الهندي ڏانهن رڙهي وڃي ها.
عطا محمد ڀنڀرو، سڪندر جي ڏينهن واري سنڌوءَ جي وهڪرن بابت لکي ٿو ته، ”226 ق. ۾ سڪندراعظم جي ڪاهه واري واٽ جي اڀياس مان اها ڳالهه اعتبار ۾ اچي ٿي ته سڪندر، سنڌو تهذيب جي ٻئي وڏي شهر هڙاپا (Harappa) کان بياس نديءَ جي ڀر ڏئي ’دوش آب‘ پهتو هو، پوءِ هاڪڙي جي ڀر ڏئي وچ مان هاڪڙي جي اولاهين ڇاڙهه سان گڏ اروڙ پهتو هو، جتان هُن زميني واٽ وسيلي ماهوٽن تي ڪاهه ڪئي هئي. ان ريت وسهڻ ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن سڪندر سنڌونديءَ وسيلي سفر ڪري ها ته ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور کان ٿيندو ٻيڙن تي وڃي ماهوٽن تي ڪاهه ڪري ها، پر هن جي اها ڪاهه زميني رستي سان ٿي هئي.“
هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”اروڙ وٽان سنڌوندي جيڪا پنهنجي اڀرندي شاخ (5000- 1000 ق. م) وهائيندي هئي، سا اوڀر ميرواهه کان ڪوٽڏجيءَ تائين، ڏکڻ ڏانهن سڌو هلي ويندي هئي ۽ پنهنجو ٿورو پاڻي هاڪڙي کي به ڏيندي هئي، اروڙ کان جنهن درياهي ڇاڙهه مُنهن مٽيو هو، سا هاڪڙي جي ڇاڙهه هئي، جنهن جي ثابتي هيٺيون عوامي بيت ڏئي ٿو، جيڪو ’ساموين جي بيتن‘ ۾ ڳڻيو ويندو آهي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
سنڌونديءَ جي وهڪرن ۾ تبديلي اچڻ سان ان جي مختلف ڇاڙهن به وهڻ ڇڏيو ۽ ان ريت ساوڪ وارا ميدان برپٽ بڻجي ويا ۽ انهن تي وسيل شهر ۽ واهڻ اُجاڙ وستين جي صورت اختيار ڪري ويا.
سنڌوندي پنهنجي طبعي صورت ۾ وڏي تاريخي اهميت رکي ٿي. بابر چيو هو ته ”اوهان رڳو سنڌوندي پار ڪيو، ته سڄو ننڍو کنڊ اوهان جي پيرن هيٺان آهي.“ اهڙي ساڳي ڳالهه جيمس برنس پاران سنڌ جي ڪيٽيائي ماڳ جون ماپون وٺڻ مهل ٺٽي جي هڪ سيد هنن لفظن ۾ ڪئي ته، ”انگريزن سنڌونديءَ جو گس ڏسي ورتو آهي، هاڻي ٽالپرن جي حڪومت جي پڄاڻي آهي.“
قديم زماني کان وٺي سيويءَ وارو علائقو سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه وسيلي آباد ٿيندو هو. اِهو ماڳ ڏاڍو سرسبز ۽ خوشحال هوندو هو، تڏهن ئي ته شاهه بيگ ارغونُ قنڌار ڇڏڻ کانپوءِ سال 1518ع ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ سڄا سارا ٻه سال سيويءَ ۾ اچي رهيو هو.
ڪنهن زماني ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ڏکڻ کان اتر ڏانهن وڃي سيوي (جيڪا بکر کان ڏيڍ سؤ ميل کن اتر، اتر- اولهه طرف آهي) جي علائقي جي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيندو هو. هن وقت بکر ۽ سيويءَ جي وچ تي اتر- اولهه طرف اڌ علائقي ۾ ڪي ٿورا ڳوٺ نظر اچن ٿا ۽ صدين کان هي علائقو ويران آهي، جتي سال جا چار مهينا موتمار گرم هوائون گهلنديون آهن. بکر جي صوبيدار محمود ڪوڪلتاش جي زماني (1520ع کان 1570ع) تائين اتي جي آبهوا ۾ وڏيون تبديليون آيون. بکر جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ به ڪي گهڻا ڳوٺ نه آهن، پر هن علائقي ۾ قديم زماني جي شهرن جا کنڊر ۽ ڳوٺن جا ڀڙا جام نظر اچن ٿا.
سنڌوءَ جي سيويءَ تائين ويندڙ ڇاڙهه هڪ زلزلي جي ڪري وهڻ بند ڪيو ۽ سنڌوءَ جي ٻوڏ علائقي ۾ بند ٿي وئي ۽ سنڌوءَ جي ڇاڙهه جو منهن لٽجي ويو. ان دَور ۾ سنڌوندي، سيويءَ کان پنجاهه ڪوهن جي پنڌ تي وهندي هئي. ان جو پاڻي سر واهه واري ماڳ تي ’وڏي ڍنڍ‘ (Sindh Hallow) ۾ اچي گڏ ٿيندو هو. جتان سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه 120 ميل وهندي ڏکڻ طرف سنڌ جي وچولي واري علائقي منڇر ڍنڍ تائين رسندي هئي ۽ اُن جو پاڻي پوکي راهيءَ لاءِ ڪم ايندو هو.
موهن جي دڙي کانپوءِ سنڌونديءَ جي قديم وهڪرن جا نشان ڏسندي، انگريز مورخن مان جنرل هيگ، پنهنجي ڪتاب ’دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري‘ ۽ روارٽي ’دي مهراڻ آف سنڌ‘ ۾ لکن ٿا ته، ”هن کان اڳ هيءَ ندي موجوده سيوهڻ شهر کان 8- 10 ميل پري، ان جي اُڀرندي ۾ وهندي هئي، جيڪا نصرپور ۽ هالن وٽان لنگهندي هئي، پر موهن جي دڙي کانپوءِ واري سرزمين ڏيکاري ٿي ته، هي ندي موجوده نوابشاهه ضلعي جي وچان وهي، شهدادپور، هالا، نصرپور وٽان لنگهندي هئي.“
شهدادپور جي ڀرسان جيڪو هن نديءَ جو قديم وهڪرو آهي، تنهن کي ملڪي ماڻهو ’سهڻيءَ وارو درياهه‘ سڏين ٿا. سهڻيءَ ۽ ميهار جو قصو سنڌ جي لوڪ ۽ ڪلاسيڪي ادب ۾ مشهور آهي. شهدادپور ڀرسان سهڻيءَ جو مقام آهي ۽ ميهار جي قبر شهر جي وچ ۾ عام ماڻهن جي گهرن سان گهيريل آهي.
شهدادپور کان پوءِ هن نديءَ جا نشان سڌا ’سڌيرن واري ڏندي‘ ۽ ٽنڊي محمد خان جي اُڀرندي پاسي ’جوڻ وارن کنڊرن‘ کان ٿيندا، ٺٽي شهر جي ڏکڻ ۾ مڪليءَ جي ’ڪلان ڪوٽ‘ (ڪلياڻ ڪوٽ) وارن کنڊرن وٽان نڪرندا، ميرپورساڪري تعلقي جي شهر گهاري ۽ ڀنڀور وارن کنڊرن تائين پهچن ٿا. ڀنڀور کي سسئيءَ جو شهر ۽ اتان وهندڙ قديم سنڌونديءَ جي وهڪري کي ’سسئيءَ وارو درياهه‘ ڪوٺيو وڃي ٿو.
ڀنڀور کانپوءِ ڏکڻ طرف سمنڊ جي پاسي سنڌونديءَ جي قديم وهڪري جا نشان بلڪل صاف نظر اچن ٿا، جيڪي سمنڊ ڏانهن هليا وڃن ٿا. اڳتي هلي هيءَ ندي ٻن مکيه شاخن ۾ ونڊجي وڃي ٿي: هڪڙي شاخ جا اُلهندي واري شاخ هئي، سڌي وهي وڃي ڪورنگيءَ وٽ جهوڙي کاريءَ ۾ پوندي هئي، ٻيءَ شاخ، جيڪا اڀرندي طرف واري هئي، تنهن جو ڇوڙ پٽياڻي کاريءَ ۾ ٿيو ٿي. انهن ٻن مکيه شاخن مان وري ٻيون ننڍيون ننڍيون شاخون ڦٽي هڪٻئي سان ملي، ڪٿي ٻيٽ، ڪٿي ڪيٽيون ٺاهي، کڏي کاري کانٽر کاري ۽ کارا کاريءَ ۾ وڃي پيون ٿي، جن جا نشان سرزمين تي هن وقت به موجود آهن. جڏهن سمنڊ جي وير لٿل هوندي آهي، تڏهن انهن قديم وهڪرن جا نشان ٻيٽ ۽ ڪيٽين جي صورت ۾ ظاهر ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر جڏهن وير چڙهندي آهي، تڏهن انهن قديم وهڪرن جا نشانَ، ٻيٽَ ۽ ڪيٽيائي ماڳ سامونڊي پاڻيءَ سان ڍڪجي ويندا آهن ۽ اهو سمنڊ جو پاڻي ڀنڀور ۽ گهاري شهر تائين سنڌونديءَ جي قديم وهڪري اندر گهڙي ايندو آهي ۽ وري جڏهن سمنڊ جي وير لهڻ شروع ڪندي آهي، تڏهن ان جو وهڪرو ائين معلوم ٿيندو آهي، ڄڻ سنڌوندي وهي وڃي سمنڊ ۾ پوي ٿي ۽ انهن وهڪرن جا نشان گهڻ شاخائين وڻ جي لامن وانگر اڄ به پکڙيل ڏسجن ٿا.
سمنڊ جي وير چڙهڻ وقت جڏهن سنڌونديءَ جي ڇاڙهن جي قديم وهڪرن وسيلي جڙيل ٻيٽ ۽ ڊيلٽا سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ غرق ٿيو وڃن، تڏهن اهو سڄو ڀاڱو هڪ سامونڊي اُپسمنڊ وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هوندو، جيئن اڄڪلهه ٿيندو آهي. اها پڪ آهي ته جنهن وقت سنڌوءَ جي ڇاڙن جا اهي وهڪرا قائم هئا، تنهن وقت هي سامونڊي ڍنڍ وارو اُپسامونڊي ڀاڱو وڌيڪ سگهارو هوندو هو، ڇاڪاڻ ته وهندڙ سنڌونديءَ جي طاقت ۽ سمنڊ جي چڙهندڙ وير جو اتي ٽڪراءُ ٿيندو، جيئن اڄڪلهه موجوده ڪيٽي بندر وٽ سمنڊ جي طاقت پڌري آهي.
سنڌونديءَ تي بئراج جوڙڻ بابت تحقيق
(Reseach about construction of Indus Barrages)
سنڌونديءَ تي بند ۽ بئراج جوڙڻ ۽ آڳاٽن قديم واهن واري سرشتي کي دائمي واهن جي صورت ۾ وهائڻ لاءِ انگريزن جي ابتدائي تحقيق، مکيه بئراجي رٿائن کي جوڙڻ لاءِ اهم رهي آهي.
سنڌونديءَ ۽ سنڌ جي قديم واهن جي سروي ڪرنل والٽر اسڪاٽ جي سرواڻيءَ ۾، 23 آگسٽ 1844ع کان شروع ٿي. اسڪاٽ جي هن رپورٽ ۾ پرڳڻن جا نالا ڏنل آهن. پاڻيءَ جي ورهاست، واهن جي ڪنارن کي مضبوط ڪرڻ، ڍنڍن ۾ وڃڻ کي روڪڻ ۽ واهن جي پاڻيءَ تي ضابطي آڻڻ وارا نُڪتا شامل آهن. اها اوائلي رپورٽ 7 نومبر 1843ع ۾ جڙي ۽ مڪمل رپورٽ 1853ع ۾ شايع ٿي. اسڪاٽ پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته ”سڀئي واهه پنهنجي جياپي ۽ ڪارڪردگيءَ لاءِ سالياني ٻوڏ واري پاڻيءَ تي ڀاڙيندا آهن.“ هو ساڄي ڪپ تي سنڌ واهه، الهندو نارو، اڙل واهه، ڪلري واهه، بگهاڙ واهه ۽ اڀرندي ڪناري وارا واهه، ڦليلي ۽ پڃاري ڄاڻائي ٿو. ان ريت هو پراڻ کي بهاولپور کان ايندڙ ڄاڻائي ٿو.
هُو لکي ٿو ته سنڌ ۾ هڪ عام چوڻي آهي ته ’جڏهن ناري ۽ پراڻ ۾ پاڻي اچي ٿو ته سرڪار کي 6 روپين تائين ڍل ملندي آهي.‘ انهيءَ دور ۾ عام پگهار هڪ يا ٻه روپيا هئي ۽ سون جو هڪ تولو 7 روپين کان 9 روپين تائين هوندو هو.
سنڌونديءَ بابت يورپي محققن جي رپورٽن ۾: ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس جي سن 1833ع ۾ جوڙيل رپورٽ (A substance of Geographical Memoir on Indus)، اليگزينڊر برنس جو ’بخارا ڏانهن سفر‘
(Travels to Bukhara)، راورٽيءَ جو ’سنڌ جو مهراڻ‘ (Mehran of Indus)، ڪرنل سي. ڊبليو. ٽرمين هيري جو ڪتاب ’سنڌ جي ٻيهر نقشائي جوڙجڪ‘ (Reconstruction of Maps of Indus) ليفٽيننٽ ٽي. جي ڪارلس جي 1837ع ۾ لکيل رپورٽ ’سنڌ جي ڪيٽيائي ماڳ جي جانچ پڙتال‘ (Survey of Delta of Indus)، 1923ع ۾ اَي. اَي. مسٽو جي لکيل سکر بئراج جي رٿا ۽ سنڌ جي مستقبل بابت رپورٽ
(The Future of Sindh, Sukkur Barrage Scheme)، جيمس ميڪ مرڊو (James MacMurdo) جو ڪتاب ‘An Account of the Country of Sindh’، رچرڊ برٽن (Richard Burten) جو ڪتاب ‘Sindh Revisited’، سر هينري پاٽينجر جو ڪتاب ‘Travels in Balochistan and Sindh’ ۽ ٻيون تحريرون وڏي ڄاڻ ڏين ٿيون.
اسڪاٽ انهن سمورين تحريرن مان لاڀ حاصل ڪيو. اسڪاٽ واهن جي سرشتي واري عمل ۾ ڪتب ايندڙ هر لفظ ۽ ڪم کان چڱيءَ ريت واقف هو. شروعات ۾ هن کي کاٽيءَ واري سرشتي کي سمجهڻ ۾ ڪجهه ڏکيائي ٿي، پوءِ هوريان هوريان ونگار، ڇيڙ ۽ بيگر وارو روايتي سنڌ جو طريقو اريگيشن کاتي ۾ اچي ويو.
ڪرنل والٽر اسڪاٽ جي سنڌ جي واهن ۽ ٻيلن بابت رپورٽ جوڙڻ کان 50 سال پوءِ جنرل فائيف، هڪ ٻي رپورٽ جوڙي ورتي، جيڪا وڌيڪ تفصيل واري ۽ هڪ شاهڪار رپورٽ آهي. هن رپورٽ ۾ هن سنڌو نديءَ جي منڍ کان وٺي ڇوڙ تائين جو احوال ڏنو آهي. هن سنڌونديءَ جي ٻوڏن ۽ شهرن کي ٻوڙڻ جو تذڪرو ڪندي 1851ع ۾ شڪارپور کي تباهه ڪندڙ هڪ وڏي ٻوڏ ۽ ان جي اپائن جو ذڪر ڪيو آهي. هن سنڌ ۾ 1852ع، 1874ع، 1878ع ۾ آيل وڏين ٻوڏن جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي سري ۽ ڪشمور کان هيٺ ۽ سکر جي ويجهو سنڌو درياهه پنهنجن ڪپن کان اُٿل کائي وڏي ٻوڙ ٻوڙان ڪندو آهي. فائيف جي 1893ع واري رپورٽ ۾ ٻوڏ بابت ڪيل، اڳڪٿي 1942ع واري ڪاري ٻوڏ جي صورت ۾ سچي ثابت ٿي.
سنڌ جي بهتريءَ لاءِ ساڄي ڪپ تي جنرل جان جيڪب ۽ کاٻي ڪپ تي ڪئپٽن ليڪر ۽ جنرل فائيف جيڪي رٿائون جوڙيون، سي ’لائيڊ بئراج‘ (سکر بئراج)، ڊيزرٽ ڪئنال، شاهي واهه، بيگاري واهه، اڀرندي ناري، جمڙائو ۽ مٺڙائو ۽ روهڙي ڪئنال جي صورت ۾ جڙي راس ٿيون. ان سان اٽڪل 38 لک ايڪڙ زمين پوک هيٺ آئي، نه ته 1900ع ۾ 32 لک ايڪڙ موجود زمين مان رڳو 4 لک 60 هزار ايڪڙ زمين پوکي هيٺ ايندي هئي.
نارا ڪئنال کي ٻيهر وهائڻ ۽ مندائتي واهه مان مستقل واهه بنائڻ ۾ فائيف سان گڏ بيڪر جي رپورٽن جو به هٿ رهيو آهي. سنڌ جي ڪمشنر هينري بارٽل فريئر (Henry Bartle Frere) 1851ع ۾ هن اسڪيم جي سفارش ڪئي هئي. گورنر لارڊ وائيڪائونٽ فاڪلينڊ، ڪرنل ڪرافورڊ کان رپورٽ گهرائي انهيءَ رٿا جي منظوري ڏني. انهيءَ رٿا تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٽروٽ قيدي مزدورن جو وڏي پئماني تي استعمال ڪيو. هن هاڪڙائي ڍنڍن ڏانهن ويندڙ پاڻيءَ کي روڪرايو. جيئن ناري واري سڄي ماٿري آباد ٿي سگهي. نارا ڪئنال، اها ناري واري صالح پٽ جي ماٿري، فقيرآباد نالي ڳوٺ کان ٿيندو جُنو جي ڳوٺ ويجهو ريڻيءَ واري وهڪري سان پوروڇوٽ ڏئي وهندو آهي ۽ وهڪرو ساعدي ۽ رتي ڳوٺ ويجهو اچي پاڻ ۾ ملندو آهي، ريڻيءَ ۾ ڪي سال پاڻي نه به ايندو آهي. فقيرآباد کان جُنو جي ڳوٺ تائين نارو ڪئنال سراسري طرح 300 کان 600 فوٽ ويڪرو ۽ ويهارو فوٽ اونهو هوندو آهي. صالح پٽ کان تجل تائين ناري جي ماٿري سوڙهي آهي ۽ امرڪوٽ کان وري ويڪري ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ اتي اها ماٿري گاهه ۽ وڻڪار سان ڀرپور آهي.
ناري ڪئنال بابت بيڪر پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته هن واهه جي وهڻ سان حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي علائقي، مير مراد ٽالپر جي خيرپور رياست ۽ ڪڇ جي راءِ واري رياست کي وڏو لاڀ ملندو.
سنڌ طاس معاهدو (Indus Basin project): سنڌو درياهه جي طاس جي ترقيءَ جو منصوبو 1960ع ۾ بين المملڪتي معاهدي هيٺ عمل ۾ آندو ويو. سنڌو درياهه جي ٽن اوڀر وارن ننڍن درياهن: ستلج، راوي ۽ بياس جو پاڻي (ٽي ڪروڙ ٽيهه لک ايڪڙ ساليانو) هندستان کي وڪڻي ڏنو ويو. 19 سيپٽمبر 1960ع تي پاڪستان جي صدر محمد ايوب خان ۽ هندستان جي وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ ان معاهدي تي صحيون ڪيون ۽ ٽن اولاهن درياهن: سنڌو، جهلم ۽ چناب جو پاڻي پاڪستان جي حصي ۾ (13 ڪروڙ، پنجاهه لک ايڪڙ ساليانو) آيو. اڀرندن درياهن ذريعي پاڪستان ۽ پنجاب جي جن علائقن ۾ آبپاشي ٿيندي هئي، اتي هاڻي سنڌو درياهه، جهلم ۽ چناب جو پاڻي پهچائڻو هو، جنهن لاءِ لنڪ ڪئنالن (Link Canals) ۽ ٻين اڏاوتي منصوبن جي ضرورت پئي. حڪومت پاڪستان ان وڏي منصوبي جي تڪميل جي ذميداري واپڊا جي حوالي ڪئي. ان سلسلي ۾ جيڪو ترقياتي فنڊ قائم ڪيو ويو، ان جي جملي رقم اٺانوي ڪروڙ، ٽيهه لک ڊالر هئي. ان رقم جي فراهميءَ ۾ وڏو حصو آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ اولهه جرمني قرضن ۽ امداد جي شڪل ۾ ڏنو ۽ هندوستان ڇهه ڪروڙ ويهه لک ڊالر رقم ادا ڪئي.
معاهدي مطابق ان منصوبي جو پورائو 10 سالن کان گھٽ مدي ۾ مارچ 1970ع تائين لازمي ٿيڻو هو. ان کانپوءِ هندستان ٽنهي درياهن جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ مجاز هو، ان ۾ ٽن سالن جو واڌارو ان صورت ۾ ممڪن هو ته پاڪستان وري هندستان کي ان پاڻيءَ جي قيمت ادا ڪري. واپڊا ان منصوبي جي تعميرات مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪري ورتي. جهلم نديءَ جي منگلا واري ماڳ تي يارهن هزار فوٽ ڊگھو، 380 فوٽ اوچو ڊيم تعمير ڪيو ويو، ٻيو بند وري سنڌونديءَ جي تربيلا واري ماڳ وٽ ٺاهيو ويو. ان کان سواءِ هڪ ديامير- ڀاشا بند اترين علائقن ۾ جڙي رهيو آهي. ٻه بند ٻيا به تعمير ٿيا. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌوءَ تي جڙيل بندن ۽ بئراجن جو تفصيل هن ريت آهي:
ديامير- ڀاشابند (Diamer- Bhasha Dam): ديامير- ڀاشا ڊيم پاڪستان جي اترين علائقن گلگت- بلتستان ۾ سنڌونديءَ تي ٺاهيو پيو وڃي. هن جي اڏاوت جي شروعات 18 آڪٽوبر 2011ع کان ٿي آهي. هي بند تربيلا کان مٿي مٿئين وهڪري تي 314 ڪلوميٽر ۽ گلگت ڏانهن
165 ڪلوميٽر هيٺين وهڪري تي جڙي رهيو آهي. هن بند ۾ پاڻيءَ جو هڪ وڏو ذخيرو 7.3 ملين ايڪڙ فوٽ (7.3 million Acre Feet) گڏ ڪري جنريٽرن وسيلي 3.360 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي.
تربيلا بند (Tarbela Dam): سنڌونديءَ تي هي بند هري پور لڳ تربيلا واري ماڳ تي 1976ع ۾ جوڙيو ويو. هي ماڳ سنڌونديءَ جي هڪ سوڙهي ماٿريءَ ۾ آهي. سنڌونديءَ جي کاٻي ڪپ تي جڙيل تربيلا بند، هري پور هزاره کان سواءِ خيبر پختونخوا جي صوابي ضلعي سان به لڳي ٿو. هي بند 250 چورس ڪلوميٽر علائقي کي والاريندڙ 82000 ايڪڙ زمين تي ٻَڌل آهي. هي بند 148 ميٽر/ 486 فوٽ بلند آهي. هن بند جي پاڻيءَ جي وهڪ واري واٽ (spill ways)، ٻن حصن تي جڙيل آهي. پاڻيءَ جي مکيه وهڪ واري رستي تان پاڻيءَ جو اخراج 18406 ڪيوبڪ ميٽر في سيڪنڊ/ 650000 ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ آهي. هن بند جون چار سرنگهون ساڄي پاسي کان آهن، جيڪي درياهي وهڪ تي ضابطي رکڻ ۽ بجليءَ جي پيداوار لاءِ آهن. هتي 175 ميگاواٽ بجليءَ جي اپت لاءِ سرنگهه نمبر1 تي چار جنريٽر لڳل آهن، جڏهن ته سرنگهه نمبر 2 تي 175 ميگاواٽ بجليءَ لاءِ ڇهه جنريٽر ۽ سرنگهه نمبر 3 تي 432 ميگاواٽ بجليءَ جي اپت لاءِ 4 جنريٽر لڳل آهن. اهڙيءَ ريت هن بند وسيلي ڪل 3478 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيڻ جي گنجائش آهي. هن بند ۾ 44600000 ايڪڙ فوٽ (14.3 km3) پاڻي ماپي سگهي ٿو. سنڌونديءَ جي لٽ نيل نديءَ کان ٽيڻي آهي. رڳو هن بند ۾ هر سال سنڌوندي 430 ملين ٽن لٽ آڻي جمع ڪري ٿي، جنهنڪري مرڪزي حڪومت هن بند جي وسعت (extension) لاءِ چيني حڪومت سان هڪ معاهدو ڪيو آهي.
سنڌونديءَ تي جڙيل تربيلا بند جي پڇڙيءَ کان ڇهه ميل هيٺ سنڌوندي ۽ هارو نئن جي ميلاپ سان غازي ۽ خانو ڳوٺن وٽ، غازي گهڙيال ۽ بجلي گهر جوڙيو ويو آهي. جنهن سان اتر پنجاب ۽ پوٺوهار ۾ هزارين ٽيوب ويلن ذريعي وڏي زرعي آبادي ٿي رهي آهي.
غازي بروٿا بئراج (Ghazi Brotha Barrage): هي بئراج سنڌونديءَ جي کاٻي ڪپ تي ٺاهيو ويو آهي. هتي فولادي دَرَ هڻي هائيڊرو اليڪٽرڪ پروجيڪٽ لاءِ سنڌونديءَ مان پاڻي گڏ ڪيو ويندو آهي. هتي پاڻيءَ جو وهڪرو ڇهه لک سٺ هزار ڪيوسڪ آهي، جنهن مان ڏيڍ لک ڪيوسڪ غازي بئراج کي، باقي پنج لک ڪيوسڪ پاڻي جناح، تونسه ۽ چشمه بئراجن جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو. باقي جيڪو پاڻي بچي ٿو، سو ڪوٽڙي/ غلام محمد بئراج کي ڏنو ويندو آهي.
ست پاره بند (Satpara Dam): سنڌونديءَ جي بنهه مٿانهين ٽئين نمبر ماڳ تي بلتستان ۾ سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري سان اسڪردوءَ وارو ماڳ هڪ سهڻي جڳهه آهي. اسڪردوءَ جي اولهه ۾ 7 ميلن جي مفاصلي تي سمنڊ جي سطح کان 7250 فوٽ مٿانهين هنڌ تي هڪ سهڻي ڍنڍ ’ست پاره‘ آهي. هن ڍنڍ کان هيٺ ست پاره نئن وهي ٿي. هن نئن مٿان واپڊا پاران 100 فوٽ اوچو ست پاره بند جوڙڻ جي رٿابندي ڪيل آهي، جتي 0.082 ملين ايڪڙ پاڻي گڏ ڪيو ويندو ۽ ان سان اتي جي 39840 ايڪڙ زمين پڻ آباد ٿي سگهندي.
جناح بئراج (Jinnah Barrage): جناح بئراج سنڌونديءَ تي سال 1947ع ۾ ٺهي راس ٿيو. سنڌونديءَ کي نستو ڪندڙ هي پهريون راتاهو آهي. جناح بئراج کان اتر پاسي سنڌونديءَ جو منظر هڪ وڏي سمنڊ جهڙو آهي، پر ان جي هيٺاهين پاسي وارو منظر سنڌ جو ساڳيو عام بئراجي منظر آهي. هن بئراج کان هيٺڀرو سنڌوءَ جي اُڀرندي پاسي ميانواليءَ جو شهر آهي.
سنڌوءَ جي الهندي ڪناري سان 400 ورهيه جهونو شهر ديرو اسماعيل خان ۽ ان جي سامهون اڀرندي پاسي ديرو دريا خان، ڀڪر، ڪروڙ شريف ۽ ليئه شهر آهن. هتي گومل ندي (Gomal Riverine) اچي سنڌوءَ سان ملي ٿي.
اٽڪ کان هيٺ ڪروڙ شريف کان وٺي ليئه تائين سنڌوءَ جو وهڪرو خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي سرحدي حدبندي ڪري ٿو. هتي ٿورو هيٺڀرو سنڌونديءَ جي الهندي پاسي تونسه شريف آهي، جنهن کان ٿورو هيٺ تونسه بئراج آهي.
ٿل واهه (Thall Canal): اهو منصوبو پرويز مشرف جي دور ۾ مڪمل ٿيو، جنهن جي ذريعي 33 ڪلوميٽر ڊگهي 8500 ڪيوسڪ پاڻي کڻندڙ نهر کانسواءِ 360 ڪلوميٽر ڊگهيون، 4 ننڍيون نهرون منڪيره، چوپاره، دهنگانه، نورپور ۽ هڪ ننڍي نهر، محمود تي ٻَڌل آهي. پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ 2000 ڪلوميٽر هڪ طويل نهر به ان منصوبي جو حصو آهي. ان منصوبي جو هڪ حصو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ مک نهر جي وارياسي پٽن ۾ سنڌوءَ جو پاڻي کنيو وهي ٿو.
تونسه بئراج (Tunsa Berrage): هن بئراج جي تجويز 1936ع ۾ برطانوي حڪومتي دؤر ۾ سامهون آئي ۽ هي بئراج 1958ع ۾ وڃي جڙيو ۽ 3 مارچ 1959ع تي فيلڊ مارشل ايوب خان ان جو افتتاح ڪيو هو. هن بئراج سان پنجاب جي هڪ لک ڇاونجاهه هزار ايڪڙ زمين پوکي هيٺ اچي ٿي. سال 1959ع ۾ سنڌونديءَ تي جڙيل تونسه بئراج کانپوءِ سنڌوءَ جي الهندي پاسي سرائڪي وسيب جو هڪ شهر ’ڄام پور‘ آهي، ڄام پور کان پوءِ ’راڄڻ پور‘ جو شهر اچي ٿو، جنهن بعد سنڌوءَ جي پنجن ندين سان ميلاپ وارو ماڳ ۽ شهر ’مٺڻ ڪوٽ‘ آهي، جنهن کان ٿورو هيٺ ساڳي ڏِس ڏانهن ’روجهاڻ‘ شهر آهي. هتان هيٺ سنڌو نديءَ جي اڀرندي پاسي سنڌ جو مشهور بئراج، گڊو ۽ گڊوشهر اچن ٿا. هتي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ميانوالي شهر آهي.
گڊو بئراج (Guddu Barrage): سنڌونديءَ تي گڊو بئراج جوڙڻ جي رٿا 1942ع ۾ سامهون آئي. هيءُ بند 4445 فوٽ ڊگهو آهي. هن بند کي سٺ- سٺ فوٽن جا 64 در ڏنل آهن. هڪ 50 فوٽ ڊگهو بوٽ لاڪ اٿس، جنهن مان ٻيڙيون سولائيءَ سان گذري سگهن ٿيون. هن بئراج مان نڪرندڙ شاخن ۽ واهن جي ڊيگهه 2444 ميل ٿيندي. هن بئراج تي سنڌ جي 11 ملين هيڪڙ/27 ملين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي.
گڊو بئراج کان سکر بئراج تائين فاصلو 80 ميل آهي. گدو بئراج وٽ، سنڌوندي، سامونڊي سطح کان 250 فوٽ مٿاهين وهندي آهي.
راڄڻ پور شهر کان پوءِ ڪشمور اچي ٿو، جيڪو سنڌونديءَ جي الهندي ڪپ تي وسيل آهي. ان کان هيٺ ڪنڌڪوٽ آهي. ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ ڏانهن ايندي، سنڌونديءَ جي پيٽ ۾ هڪ زرخيز ٻيٽ ’ماڇڪو‘ آهي، جيڪو بنيادي طور سنڌ جو ڀاڱو آهي، پر قانوني ۽ انتظامي طرح ان تي پنجاب جي عملداري آهي. ان کان اڳتي سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ سان ڪچي ۾ 1902ع ۾ جوڙايل ٽوڙي بنگلو آهي. هتي جو ٽوڙي بند، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي حفاظت ڪري ٿو. سال 2010ع ۾ هتان بند ٽُٽو هو ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن جا ڪيترا ماڳ ٻڏي تباهه ٿيا هئا.
ٽوڙيءَ جي ماڳ جي ٻيءَ ڀَر تي ماٿيلي جو شهر آهي، جتي مومل جي ڪاڪ جا قديم آثار موجود آهن. ڪشمور کان 110 ڪلوميٽر شڪارپور شهر آهي. شڪارپور کانپوءِ سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ سان سکر آهي. سکر جي ٻئي پاسي وارو علائقو اروڙ سنڌ جو هڪ قديم درياهي بندر رهيو هو ۽ ان جو اوج 946ع تائين رهيو.
لائيڊ بئراج/ سکر بئراج (Lloyd Barrage): هن بئراج جو افتتاح 13 جنوري 1932ع ۾ ٿيو. برطانوي حڪومت سنڌونديءَ تي سکر وٽ 4725 فوٽ ڊگهو (هڪ ميل) پٿرن جو بئراج جوڙايو، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو آبپاشي نظام رکندڙ ’لائڊ بئراج‘ ۽ عرف عام ۾ سکر بئراج نالي سان مشهور آهي، جنهن کي 66 لوهي در آهن.
لائيڊ بئراج جي ساڄي ڪپ کان ٽي واهه: اتر اولهه کان کيرٿر ڪئنال واهه، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال آهن، جڏهن ته کاٻي ڪپ تي چار وڏا واهه: اڀرندي ناري کي پيچ ڏيندڙ واهه، اتر- اوڀر خيرپور واهه، روهڙي ڪئنال ۽ اولهه خيرپور کي پيچ ڏيندڙ واهه وهي نڪرن ٿا. هنن واهن کي به لوهي در آهن. هنن واهن جي شاخن سميت ڊيگهه 6400 ميل آهي ۽ اندازاً 55 لک ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿا. هنن واهن تي 2 هزار پليون ۽ در آهن. هن عظيم الشان بئراج تي جملي خرچ 55 ڪروڙ آيو ۽ اهو خرچ هند سرڪار کي 75 سالن اندر سنڌ کان وصول ڪرڻو هو، پر سنڌ جي سون اپائيندڙ زمين ٻي مهاڀاري جنگ دوران هيءُ سڄو قرض لاهي ڇڏيو.
لئنسڊائون پل (Landsdown & Ayoub Bridge): هيءُ لوهي پُل بنا ٿنڀن واري آهي، جيڪا وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون جي نالي سان 1889ع ۾ جڙي راس ٿي. اُن تي ان دور ۾ 40 لک روپيا خرچ آيو هو. هن پل جو افتتاح ممبئيءَ جي گورنر لارڊ ري ڪيو هو. اهڙي هڪ پل سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايڇ اي جيمس جي ڏينهن ۾ ٺهڻ شروع ٿي، جيڪا 1900ع ۾ جڙي راس ٿي. هيءَ پل ريلوي لائين جي لنگهه لاءِ جوڙي وئي. هن پل جي ڪمزور ٿيڻ جي ڪري، ان جي ڀر ۾ ساڳيءَ طرز واري ’ايوب پل‘ 1962ع ۾ جوڙي وئي آهي.
ڪوٽڙي بئراج: ڄام شوري (موجوده المنظر وٽ) سنڌونديءَ تي 1955ع ۾ غلام محمد بئراج جوڙايو ويو، جنهن کي ’ڪوٽڙي بئراج
سڏجي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي قدرتي ڦاٽ/ شاخ ڦليلي ۽ ان مان نڪتل پڃاري ۽ لائيڊ چئنل وسيلي ڏکڻ سنڌ جي وسيع ايراضيءَ کي سيراب ۽ آباد ڪري ٿو. ڄام شوري کان حيدرآباد شهر سنڌونديءَ جي ٻئي پار، سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙهه ڦليليءَ تي آباد آهي. هن بئراج وسيلي ضلعو حيدرآباد ۽ لاڙ آباد ٿئي ٿو. بئراج جي الهندي پاسي کان ’ڪراچي ڪئنال‘ آهي، جيڪو ڪوٽڙيءَ جي زمين کي آباد ڪرڻ سان گڏ ڪراچي واسين کي پيئڻ جو پاڻي رسائي ٿو.
سنڌو ٻيڙيون (Indus Boats): سنڌو درياهه ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ٻيڙيون ترنديون ۽ وهنديون رهيون آهن. هاڻي اهي ٻيڙيون، جيڪي آڳاٽي زماني ۾ هلنديون هيون، انهن جو رواج ختم ٿي ويو آهي. سنڌي زبان ۾ ٻيڙين لاءِ ڪيترائي نالا ڪتب آندا ويا آهن، جن ۾ ٻيڙي، سکاڻ، ڪونتل (پاتاريءَ سان ڪؤنتل)، جهمٽي، دنگي، ڪٽار، ڊونڊي، هڙيو/ هڙهيو، ڪؤنٽيو، گاليو/ هيلهو، مڪڙي، تيراز/ طراز، ناؤ، واڻ، ڇوڏو، زونرڪ/ بگوچڻ، ديري وال يا پنڊوچي ۽ نامڪڙي، آڳيلي وغيره قابل ذڪر آهن. هنن ٻيڙين تي ڪاٺ جي چٽسالي (carving) حيرتناڪ قسم جي آهي. محقق منظور ڪوهيار پنهنجي مضمون ’سکر جون ٻيڙيون‘ ۾ ٻيڙين جي قسمن سان گڏ انهن تي چٽساليءَ جا نمونا: پاري، مور، گڏي، ڦلڙي، ڏنگڙي، پيرو، پوپٽ، مڇي، چنڊ تارو ۽ ٻيا نمونا ڄاڻايا آهن.
عرب تذڪره نگارن موجب سنڌين وٽ درياهي ٻيڙا ٽن قسمن جا آهن:
(1) بارجه (بار ڍوئيندڙ): اهي هلڪيون ٻيڙيون، جيڪي مال ڍوئڻ لاءِ هونديون آهن،
(2) دونيج (ڊونڊي): اِها واپاري ٻيڙي آهي، جنهن کي ڊونڊي چئي سگهجي ٿو.
(3) هوري (هوڙهو): انهن ٻيڙين جا تختا ناريل جي مُڃ جي رسن سان ٻَڌل هوندا هئا.
جيتوڻيڪ اهي نالا عربي انداز ۾ لکيل آهن، پر اهي پنهنجو اصل سنڌي اچار به ظاهر ڪن پيا، بارجه: بار ڍوئڻ ۽ وزن کڻڻ واريون، دونيج: دنگي، ۽ هوري: هوڙو آهي، جيڪي اڄ به سنڌ جي ڪيٽيائي ماڳن سان درياهي ڇوڙ وارين شاخن ۾ سمنڊ تائين هلندا آهن. ابن بطوطه جنهن ٻيڙي/ جهاز ۾ مسافري ڪئي هئي، سو هوره/ هوڙو هو، جنهن کي 40 ملاح هلائيندا هئا ۽ انهيءَ جهاز ۾ مسافرن لاءِ ڪمرا به ٺهيل هئا. (وڌيڪ ڏسو: ٻيڙو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون، ص: 590)
سنڌو جهاز ۽ واپار (Indus Ships and Trade): سمنڊ ۽ سنڌوندي سنڌي ماڻهن جي سُکي جيوت جا وڏا آبي سرچشما رهيا آهن. سنڌو تهذيب سمنڊ کان سنڌونديءَ جي ڪناري تي اُسري ۽ پنج هزار سال اڳ واري هڪ مثالي تهذيب هئي. سنڌو جهازي هزارين سالن کان وٺي دنيا ۾ مشهور رهيا آهن. ننڍي کنڊ جي هڪ ٻاراڻي آکاڻي ’سندباد جهازي‘ ۽ ’سندباد سيلاني‘ هڪ لوڪ ڪٿا کان وڌيڪ حقيقي ان ريت آهي، جو سنڌ جا جهازران لوڪ 5000 ق. م ڌاري سنڌوندي ۽ سمنڊن ۾ ٻيڙا هاڪاري دنيا سان رابطي ۾ آيا. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي مقالي
’سنڌ ۾ جهازرانيءَ جو دور‘ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ جهازرانيءَ جو فن فنيقي قوم (2800-1200 ق. م) جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ موجود هو. قديم سنڌي جهازرانيءَ ۾ ڀڙ (Expert) هئا ۽ سندن واپار ڏکڻ ۾ دکن ۽ سيلون، اوڀر ۾ هند چيني ۽ چين، اولهه ۾ ايران، عراق، يمن ۽ مصر تائين پکڙيل هو. انهيءَ جي تصديق بابل ۽ نينوا جي ڪتبن مان ملي ٿي، جن مان سنڌو ۽ سمير تهذيب جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق ٻڌايو ويو آهي.“
سنڌو تهذيب عوامي گڻ رکندڙ، اُن دور جي ’حربي هنرمندي‘ (Miletary Technology) کان وانجهيل، پر سـمـاجـي هـنـر ۽ فـن
(Social Technology) ۾ پنهنجي سهيوڳي سڀيتائن کان گهڻو اڳيري هئي. وٽن پنهنجا رٿابنديءَ سان جوڙيل رهائشي ۽ صنعتي شهر، بندر ۽ بازاريون هيون. ايس. آر رائو پنهنجي ڪتاب ’Dawn and Devolution of Indus‘ ۾ لکيو آهي ته ”لوٿل واري ماڳ تان واپاري سامان جي جهجهائپ جو اندازو اتي ايندڙ واپاري جهازن، گودامن ۽ ان وڏي گوديءَ مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن جي ڀيٽ ممبئي ۽ وَشڪاپٽانم جي گودين سان ڪري سگهجي ٿي.“
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سمنڊ ۽ سنڌو درياهه قديم زماني کان سنڌ تي ٿيل ڪاهن ۽ تجارت لاءِ اچ وڃ جو وسيلو رهيو آهي، جڏهن ته ان جا درياهي بندر ته انيڪ هئا، جتان سڄيءَ دنيا سان واپار هلندو هو. پوئين دور ۾ ديبل، لاهري، ڪيٽي ۽ کڙڪ بندر هاڪارا رهيا.
هن جهوني سنڌي سمنڊ ۽ سنڌو درياهه جي پيٽ تان ڪيترن ئي وڏن بحري جهازن جو سفر ايامن کان جاري رهيو آهي. پوءِ ڀلي اُهي جهاز سنڌو وکر سان ڀريل هئا يا سنڌ تي هلان ڪندڙ سنڌ مان لٽيل مال کڻي ويندڙ جهاز هئا. هڪ آمريڪي خاتون ليکڪا اؤميل پنهنجي ڪتاب ’نچندڙ پاڇولا‘ (Dancing Shadows) ۾ لکي ٿي ته ”پراچين دور جا سنڌو ٻيڙا 1500 ق. م تائين سُمير ۽ اڪاد تائين ايندا ۽ ويندا رهيا آهن. اهي سنڌو ٻيڙا تمام خوبصورت ۽ مضبوط هوندا هئا ۽ انساني مهارت ۽ قابليت واري ڪاريگريءَ جو مثالي نمونو هئا، جن کي فقط هڪ کوهو (Mast) هوندو هو. يورپ وارن جون وائيڪنگ (Viking) ٻيڙيون اُن جو ساڳيو نمونو آهن، جيڪي تمام گهڻو پوءِ جوڙيون ويون.“
ان دور ۾ يورپ جي ٻين ملڪن، ويندي سويڊن، ڊينمارڪ ۽ ناروي وارن انهيءَ سنڌو طرز تي ٻيڙا جوڙيا ۽ سمنڊ ۾ هاڪاريا.

وائڪنگ ٻيڙيءَ جو جديد نمونو
پراچين دور کان سنڌوءَ کان سمنڊ تائين ’واڻ‘ (واپاري ٻيڙا) هلندا هئا، اُتر مند ۾ اهي ٻيڙا هوائن جي آڌار تي وچ اوڀر ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ويندا هئا، جن جو مهاڙي ٻيڙو ’سرواڻ‘ (مکيه ٻيڙو) ڪوٺبو هو.
مشهور اديب ۽ تاريخدان ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ پنهنجي مقالي ’بدين ضلعي جون ٻه قومون: جتب ۽ ميد‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌ جا کاري کيڙائو، دنيا جي وڏن ۽ عميق بحرن/ سمنڊن کي زير ڪري چڪا هئا، اهي جڏهن روم پهتا ته عربن ۾ رومي سمنڊ ۾ جهاز هلائيندڙن لاءِ ’نوتيءَ‘ جو لفظ استعمال ڪيو. عرب جاهليت جي دور جو شعر آهي ته:
”والنوتي الملاح الذي يدبر السفينة“
[نوتي ملاح جيڪو جهاز جو سڄو انتظام ڪندو آهي]، اهي نوتي اڄ به ڏکڻ سنڌ، لاڙ ۾ رهن ٿا. اهو لفظ عربي لغت ۾ موجود آهي، پر عربي نه آهي. حضرت ابن عباس رضه اهو لفظ عربي وزن ۾ ’نوات‘ ڪري استعمال ڪيو. اهو لفظ روم کان شام آيو ۽ لاطيني ٻوليءَ ۾ نيوتيز (Nautais)، فرينچ ٻوليءَ ۾ ناطق (Nautique)، فرينچ ٻوليءَ ۾ ناطق (Nautique)، انگريزيءَ ۾ نيوي (Navy)، نيويگيشن (Navigation)، نيول (Naval) ۽ ناٽيڪل (Nautical) جهڙا لفظ ۽ اصطلاح ان ’نوتي‘ لفظ جي ڌاتوءَ مان جڙيا. ان ريت سنڌ جا قديم ’نواتي‘ اصل جهازي ئي هئا. اِهي نه رڳو واپاري ٻيڙا هاڪاريندا هئا، پر تاريخ ۾ سڪندر ۽ غزنوي فوجن سان به منهن مقابل رهيا.“
سمنڊ ۽ سنڌوندي، قديم زماني کان وٺي تجارتي آمدرفت جو ذريعو رهيا آهن. هتان جي قديم تهذيبي ماڳن جي دريافت (findings) مان ٺڪر مان جڙيل ٻيڙن جي شڪل واريون شيون مليون آهن، جن تي سڙهه جي لڳائڻ جي گنجائش آهي. جنهن زماني ۾ سنڌ واسين ڪاٺ جا ٻيڙا جوڙيا، تنهن دور ۾ مصر ۾ پيپرس جي ڪانن (Papurasreeds) مان ٻيڙيون ٺاهيون وينديون هيون، جن کي کوهي ۽ سڙهه واسطي آڏ هوندي هئي.
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ سنڌ ۾ مصر جهڙين ٻيڙين جي موجودگيءَ بابت لکي ٿو ته، ”آڳاٽا سنڌو لوڪ جيڪي ٻيڙا استعمال ڪندا هئا، تن جي شڪل صورت اڄ وارن ٻيڙن جهڙي آهي ۽ اهڙيون پيپرس ٻيڙيون ان ڍوئڻ خاص طرح سان چانورن، ڪپهه، ڪاٺ يا پٿرن وغيره ڍوئڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون.“
ان قديم دور ۾ راويءَ کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين آباد ماڻهو آمدرفت واسطي اهڙيون ٻيڙيون ڪتب آڻيندا هئا. هڙاپا جو واپاري وکر منڍ ۾ بياس نديءَ وسيلي ۽ پوءِ سنڌوءَ وسيلي مهلوا (مهالوءِ: وڏي واهڻ) پهچندو هو. اهو سفر 400 ميلن جو آهي.
سنڌو وکر جو ڏيساورن جي قديم ڀڙن ۽ دڙن خاص طرح سان عراق جي دجله ۽ فرات وارين وادين مان لڀڻ بابت ايڇ. ٽي. لئمبرڪ لکيو آهي ته ”اُن کان سواءِ ٻين مصنوعات سان گڏ سنڌو نموني جا ٿانوَ ۽ صندوقون، سوسه، اُر ۽ ميسوپوٽيميا جي ڪن هنڌن تان مليا آهن، جن مان ٻنهي علائقن جي وچ ۾ واپار جي ثابتي ملي ٿي، ميسوپوٽيميا جي دياله نديءَ واري واديءَ جي ميداني علائقن ۾ قائم قديم آبادين جي آثارن سان، چٽساليءَ واريون مهراڻ، ٿوهي واري ڍڳي جي ڪونَر، اڳيان بيٺل شبيهون مليون آهن، جيڪي سنڌو تهذيب سان تعلق رکن ٿيون.“
ان سنڌو جڙيل مصنوعات کان سواءِ ميسوپوٽيميائي ماڳ ’اُر‘ (2398- 2474 ق. م) مان سنڌو لکت واريون 10 مهرون ملڻ ثابت ڪري ٿو ته منجهن واپاري ناتا هئا. ان کان سواءِ موهن جي دڙي ۽ هڙپا سان ميسوپوٽيميا وارن جي تجارت پڻ ثابت ٿئي ٿي. سمير جي بادشاهه سارگان/ سارغون-II جي وقت ۾ ميلوها ۽ دلمون جي ٻيڙن ذريعي واپار جو ذڪر پڻ تاريخن ۾ ملي ٿو، جيڪي ٻئي ماڳ سنڌو ماٿريءَ جا سمجهيا ويا آهن. اُر حضرت ابراهيم عليه السلام جي جنم جو ماڳ پڻ آهي.
سنڌ جي وڻج واپار بابت ايٽڪن پنهنجي گزيٽيئر ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌ نه رڳو ڪپڙو، پر خوشبوءِ وارو وکر به ڏيساورن ڏانهن اُماڻيندي هئي.“ انگريز دور تائين سنڌ سان وڻج واپار جو اهو سلسلو جاري رهيو. ”انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ جي شهرن، ٺٽي، نصرپور، ڪنڊياري ۽ گنبٽ جو ريشمي، سوٽي ڪپڙو، سوسيون خريد ڪندي هئي.“ ان کان سواءِ ايٽڪن موجب ”سنڌ جي شهر سيوهڻ جو نير سڀ کان بهترين هو، ان کانپوءِ آگره ۽ گجرات جو نير ٻئي نمبر هو.“
تاريخدان رحيمداد خان مولائي شيدائي، پنهنجي قلمي ڪتاب ’روضة السنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته، ”عراق جي دجله ۽ فرات واري دوآٻي کي ’ڪلديھ‘ سڏيو ويندو هو. 2034 ق. م ۾ هن راڄڌانيءَ جو عروج هو. سنڌ جون آڳاٽيون ملمون ۽ خوشبودار مصالحا هتي وڪامندا هئا.“ سنڌين جي اها قديم تجارت لازمي طرح سان ’اُر‘ واري شهر مان ٿيندي هئي، جيڪا ڏکڻ عراق ۾ قديم سنڌين جي واپاري مرڪز واري ڪالوني هئي. ان جو مطلب ته سنڌين نه رڳو سنڌوندي ۽ ڀارتو ندين، پر پرڏيهه وارين ندين ۾ به واپاري ٻيڙا هاڪاريا هئا.
نه رڳو سنڌي واپاري، پر ٻيا واپاري به سنڌ جو وکر وڪڻندا هئا، باب پيدائش ۾ لکيل آهي ته، ”جن سوداگرن حضرت يوسف عليه السلام کي مصر ۾ وڪيو، سي سنڌ جي خوشبودار مصالحن ۽ باريڪ ململن جا واپاري هئا.“
قديم زماني کان وٺي سنڌ جي وڻج واپار تي غلبو ڪرڻ لاءِ سنڌونديءَ تي کوجنا ۽ قبضو ڪرڻ ضروري هو. ان ڪري ڇهين صدي ق. م ۾ ايران جي شهنشاهه دارا (اول) جي حڪم سان اسڪائليڪس سنڌوءَ تي کوجنا ڪرڻ واسطي ٻيڙن وسيلي سفر ڪيو. ان کان ٻه صديون پوءِ سڪندراعظم (329-325 ق.م) هن درياهه تي وڏن بحري جهازن ذريعي سفر ڪيو، جنهن بابت سندس بحري ڪمانڊر اسڪائيليڪس تمام واضح بيان قلمبند ڪيو آهي ته، سڪندر فوج سان گڏ بياس کان موٽي جهلم درياهه وٽ سندس بحري فوج جي سربراهه نيارڪس (Nearchus) جي ماتحت، ٻيڙين جي آڙ ماڙ سان اچي مليو. هن اتي قربانيءَ جي رسم ادا ڪئي ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي آڳيل وٽ بيهي سوني ڪٽوري مان شراب هيٺ هاريائين، اهو سوَڻ انهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين، ته جيئن سندس درياهي سفر امن امان سان گذري. ان کانپوءِ يونانين جون ٻه هزار جنگي ٻيڙيون فوجي طرز ۾قطار ڪري جهلم نديءَ مان هلڻ لڳيون ته جيئن پاڻ ۾ نه ٽڪرائجن. هتان جي ماڻهن ڪڏهن ٻيڙين تي گهوڙا ڪونه ڏٺا هئا، نه وري ڪڏهن ٻيڙين جي ايڏي ڊگهي قطار ڏٺي هئي. جڏهن هنن هن قسم جي ٻيڙين کي درياهه مان گذرندي ڏٺو ته عجب ۾ پئجي ويا ۽ ٻيڙين سان گڏ درياهه جي ڪناري سان ميلن تائين هلندا رهيا. ان وقت سڪندراعظم ٻيڙيءَ مان لهي ڀر وارن علائقن ۽ شهرن تي وڃي حملا ڪندو هو، انهن حملن ۾ هڪ دفعو هُو زخمي به ٿي پيو. سندس صحتياب ٿيڻ تائين، نيارڪس (Nearchus) ننڍيون وڏيون ٻيڙيون ٺهرائي پنجند ۽ سنڌوءَ جي سنگم واري ٿاڪ وٽ اچي گڏ ڪرايون هيون. جيڪڏهن سڪندراعظم رستي ۾ جنگيون نه ڪري ها يا کيس نون شهرن اڏڻ جو جنون نه هجي ها ته اهو سفر ايترو وقت نه وٺي ها.
چوٿين صدي ق. م ۾ چندرگپت موريا، جنهن کي مسٽر ٽئائن بي، موهن جي دڙي ۽ هڙپائي حڪمرانن جو پونير قرار ڏنو آهي ۽ ’تاريخ راجسٿان‘ ۾ ڪرنل ٽاڊ، سومرن کي چندرگپت موريا جو پونير قرار ڏنو آهي، تنهن جو تعلق ڏيساورن سان سامونڊي واپار وسيلي دنيا سان قائم هو. سنڌ جا گهڻا گاديءَ وارا مکيه شهر خاص طرح سان راءِ دور سمن ۽ سومرن جي دور وارا سامونڊي ڪناري واري پٽيءَ تي قائم ٿيڻ جو سبب سنڌ جو پرڏيهي ملڪن سان وڻج واپار ئي آهي.
160 ق. ۾ سنڌو سلطنت جي يوناني بادشاهن مان مئينندراعظم شهزادي ائگائو ڪليا پرڻجڻ کانپوءِ قديم سنڌ جو مالڪ بڻيو. هن جا سونا سڪا، جن تي ڦيٿو يا ڪنول جو گل ڇپرايو هو، سي عالمي تجارت ۾ ڪتب آيا. سنڌ جي سوداگرن اهي سڪا انگلنڊ تائين به پهچايا، جيڪي ويجهڙائيءَ واري دور ۾ ويلس جي ڪنارن تان لڌا آهن.
ڪتاب ’The Cambridge History of India‘ جي جلد-I جي باب XVI ۾ لکيل آهي ته، ”سنڌ جو نفيس ۽ باريڪ سوٽي ڪپڙو چين، بابل ۽ مصر ڏانهن ويندو هو. مهراڻ جي ميداني پٽن تي قديم ايامن کان پوکون ٿينديون هيون. يوناني جهازران هيروڊوٽس (Herodotus) ڄاڻايو آهي ته ”سنڌين کي ’ڪرپاسا‘ (ڪپهه) مان ڪپڙي اڻڻ جي سُڌ هئي.“
ڪتاب ’عجائب الهند‘ ۾ بن شهريار'>بزرگ بن شهريار لکي ٿو ته، ”اهو باريڪ ۽ نفيس ڪپڙو جٽادار هو، ان ڪري اوڀر ۽ اولهه وارن ملڪن ۾ ان جو وڏو کاپو هو.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”جيئن اڄ ڪلهه دمشق جو سوٽي ڪپڙو يورپ ۾ ’دمسڪ‘ سڏجي ٿو، تيئن آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جو سوٽي ڪپڙو پرڏيهي ملڪن ۾ ’سنڌوءَ‘ جي نالي سان مشهور هو.“
هُو اهو به ڄاڻي ٿو، ”چين جو ريشم پامير واري رستي واپاري قافلن ذريعي ڪشمير پهچندو هو، جتان سنڌونديءَ جي رستي سنڌ جي شهرن ۽ هتي جي بندرن وسيلي اولهه وارن ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو.“
ڊاڪٽر نيلنياڪشا دت پنهنجي ڪتاب ‘Age of Imperial Unity’ ۾ لکيو آهي ته ڪنشڪ اعظم 78ع ۾ تخت نشين ٿيو، سندس سلطنت الهندي ڏي خراسان، اڀرندي ۾ اوڙيسا ۽ اتر ۾ خوتان (ڪاشغر) ۽ ڏکڻ ڏي ڪونڪن ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري تائين پکڙيل هئي. سندس دور ۾ سنڌ جو پرڏيهي واپار وڌي ڪري روم تائين پهتو.
ان مان صاف ظاهر آهي ته ڪو وقت چيني وکر ۽ مصنوعات جو واپار به سنڌونديءَ جي رستي هلندو رهيو. سنڌ جو وڏي انداز ۾ واپار ۽ ڪمائيءَ جو انداز پليني جي هن بيان مان ظاهر آهي ته، ”سن 79ع ۾ رومته الڪبريٰ ڏانهن ويندڙ سنڌ جي مال جي قيمت 2,000,000 پائونڊ ساليانو هئي.“
ان ڏس ۾ ايليٽ، ڪتاب Hitory of India’, Volume 5, (Sindh)‘ ۾ به لکيو آهي ته، ”عربن جي دور ۾ ايراني نار تي بصري جهڙي بندر جو بنياد پوڻ کان پوءِ عربن جا جهاز سڌو چين ڏانهن وڃڻ لڳا“. ان ڏس ۾ ابن خردازبه (وفات: 912ع) ڌاري سنڌ جي سوٽي ۽ بخمل ڪپڙي جو ذڪر ڪيو آهي ته ”سنڌي بخمل، زربفت، اطلس ۽ زردوزي وارين شين کان واقف هئا. اهي عربن کان سواءِ يهودي واپارين جون سڀ ٻوليون ڄاڻندا هئا.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”اهي واپاري سنڌ جي بندرن تان ڪپڙو خريد ڪري يورپ ڏانهن نيڪال ڪندا هئا.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”لاڙ مان بيد ۽ بانس سان ڀريل ٻيڙيون چئن ڏينهن ۾ سکر پهچن ٿيون ۽ هتان ڪڻڪ خريد ڪن ٿيون.“
سنڌ جي اها معاشي هلچل ۽ واپاري سلسلو تمام آڳاٽو رهيو آهي. سنڌ جو وڻج واپار قديم زماني کان اولهه ۽ اوڀر وارن ملڪن سان قائم رهيو. هنن جا واپاري مرڪز سنڌ کان سواءِ ٻاهرين ملڪن سان به رهيو. اؤميل لکي ٿي ته، ”سميري تهذيب وارا پنهنجي واهپي جو سامان سنڌ کان گهرائيندا هئا، پر سميريا مان سنڌ ڏانهن ڪجهه به نه ويندو هو. سنڌ کي مختلف نمونن جي سامان جوڙڻ جي هڪ وڏي تاريخ موجود آهي. ائين اهو ان جو ڪلاسيڪي بيٺڪي انتظام ئي هو، جو سنڌي پنهنجو سامان هڪ سرچشمي (Parent) جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪالوني، سمير ڏانهن اماڻيندا هئا، جيئن انگلنڊ پنهنجو تيار ٿيل مال پنهنجي ڪالونيءَ، آمريڪا ڏانهن اماڻيندو هو.“
قديم سنڌو لوڪن جي صدين تائين سمنڊ ۽ سنڌو درياهه وسيلي واپاري اچ وڃ هلندي رهي آهي، ڇو ته ان وقت اچڻ وڃڻ وارا زميني رستا ايترا سٺا نه هوندا هئا. لاڏو جانورن جو ڀاڙو، سار سنڀال ۽ خرچ تمام گهڻو ۽ اوکو هوندو هو، تنهنڪري اتر کان ڏکڻ تجارتي سامان جي آمدرفت لاءِ درياهي وهڪرا ڪم ايندا هئا ۽ ٻيڙين وسيلي لهوارو سفر ڏاڍو سولو هوندو هو، پر اوڀاري سفر ۾ ٻيڙين کي رسن سان ڪاهڻو پوندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ سامونڊي واپار ۽ اچ وڃ سڙهه وارن ٻيڙن وسيلي هوائن جي آڌار تي ٿيندي هئي. بقول لطيف سائينءَ جي:
اُتر لڳي اوهريا، واهندي ورن
ليفٽيننٽ ووڊ، سنڌونديءَ جي اهڙي سفر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ”جيڪڏهن سنڌو ماٿريءَ ۾ اقتدار لاءِ ويڙهه هلندي هئي يا ٻاهريون حڪمران هن ماٿريءَ ۾ ڪاهي ايندو هو ته ٻيڙين جي اهڙي اچ وڃ بيهي ويندي هئي، جيئن محمود غزنويءَ جڏهن سنڌوءَ وسيلي هاڪاريو هو ته هتان جي ٻيڙين تي اچ وڃ بند ٿي وئي هئي يا جڏهن منگول گهوڙي سوار هن ماٿريءَ ۾ ڪاهي ايندا هئا ته درياهه ۾ ٻيڙيون نظر نه اينديون هيون، ڇاڪاڻ ته سست رفتار يا جڏين ٻيڙين کي اهي سفر يا تجارتي مال لاءِ ڪم نه آڻيندا هئا.“
چوڏهين صديءَ ۾ ابن بطوطه هڪ سونهين سان گڏ سنڌوءَ وسيلي سفر ڪيو هو، جيڪو انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو. هنن سان گڏ ماڻهو، پندرهن جهازن تي سوار هئا. وچ واري وڏي ٻيڙيءَ کي چاليهه وانجهي (ملاح) هلائي رهيا هئا. مٿس هڪ ڪاٺ جي ڪوٺي پڻ ٺهيل هئي. سندس رهائش وارو ڪمرو ان جي سامهون هو، جنهن جي ساڄي ۽ کاٻي طرف سندس غلامن جون رهائش گاهون هيون. هن جي جهاز جي پاسي سان چار ٻيڙا هوندا هئا، جن ۾ گورنر جي نوبت، عَلم، لاڳاپيل عملو، نقيب ۽ ڳائڻا وغيره موجود هوندا هئا. انهيءَ دوران سڀئي جهاز اهڙيءَ ريت پاڻ ۾ ڳنڍيا ويندا هئا، جو اچ وڃ لاءِ راهداريون ٺهي پونديون هيون ۽ صبح جي وقت نغارن جي آواز سان جهاز هاڪارڻ شروع ڪندا هئا.
محمود غزنويءَ جو سومناٿ جو مندر لُٽڻ کانپوءِ ملتان ڏانهن ويندي منصوره کان وٺي مٺڻ ڪوٽ تائين سنڌ جي جتن ٻيڙن تي چڙهي، سندس وڏي مزاحمت ڪئي. ان جو بدلو هن ملتان کان واپس ورندي سنڌ جي جتن ۽ ملاحن کان، سال 418هه/ 1027ع ۾ 1400 ٻيڙا ملتان پاسي کان هاڪاري اچي ورتو هو. سنڌ جي هر ٻيڙي تي 20، 20 ويڙهاڪ بڙڇين ۽ تيرن سان تيار ويٺا هئا. سنڌوءَ ڪناري سان پيادل فوج الڳ هئي. جتن ۽ ملاحن شڪست کاڌي، محمود غزنوي هنن جا ٻار به کڻي ويو.
هڪ عالم محمد عبدالغفور پنهنجي ڪتاب ’ٺٽي جا ڪاتب‘ ۾ سما حڪومتي دور جي اوڀر يورپ سان واپار جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ”ٺٽي جي هنرمندن جي جڙيل نرم ڪپڙي جي رنگارنگي پٽ سان ڀريل گهوڙن جي ’سنج‘ ۽ ’ڪئليڪو‘ نالي نفيس ڪپڙي جي سڄي ايشيا ۽ پرتگال ۾ تمام گهڻي گهرج هئي.“
سنڌ جا سما حاڪم پنهنجا ذاتي درياهي ٻيڙا رکندڙ ۽ درياهي رستن جي ڄاڻ رکندڙ هئا. ڄام ٻانڀڻيو، سلطان فيروز شاهه تغلق جي قيد مان فرار ٿي، مختلف درياهي رستن وسيلي واپس ٺٽي پهتو هو.
سنڌونديءَ جي ڊيلٽا واري ماڳ کي تاريخ ۾ ٻه ڀيرا جنگي حوالي سان استعمال ڪيو ويو. هڪ ڀيرو سڪندراعظم مقدونيءَ
(323-326 ق. م) جي سنڌ مان نڪرڻ مهل سندس بحري سپهه سالار نيارڪس فوجي ٻيڙا سنڌوءَ جي هڪ ڪيٽيائي ڇاڙهه وسيلي ڪڍي ايران ۽ عراق ڏانهن وڌيو.
ٻيو ڀيرو سال 1556ع ۾ مرزا عيسيٰ ترخان ۽ محمود ڪوڪلتاش جي اختلافن سبب، ترخانن پاران ست سؤ پورچوگيزي 21 ٻيڙن وسيلي لاهري بندر کان ٺٽي پهتا. بندر جي امير کين روڪيو ته هنن لاهري بندر جو قلعو تباهه ڪري ڇڏيو. مرزا عيسيٰ ترخان ۽ محمود ڪوڪلتاش ۾ ٺاهه ٿيڻ سبب پورچوگيزين ڀُنگ گهري ۽ ڀُنگ نه ملڻ تي ٺٽي شهر تي حملو ڪري ايشيا جي وڏي ڦر ۾ 20 لکن پائونڊن جو سون ۽ ٻي ملڪيت ڦرڻ سان گڏ اٺ هزار شهرين کي قتل ڪيائون.
تاريخ سکر‘ ۾ لکيل آهي ته، ”..... هندستان، ڪشمير ۽ پنجاب جو مال مهراڻ وسيلي سنڌ جي لاهري بندر ڏانهن ويندو هو. لاهور ۽ لاهري بندر يا ٺٽي جي وچ ۾ سکر مشهور بندر هئا، جتي سامونڊي غوراب لنگر انداز ٿيندا هئا. جوزف سارئميڪي سال 1609ع ۾ سکر بندر تي کنڀات (ڏکڻ گجرات) جا مال سان ڀريل غوراب ڏٺا هئا ...“
اهڙيءَ ريت سيبسٽئن مئنرڪ، جيڪو سڪندر جي فوجين کانپوءِ پهريون يورپي هو، جنهن سترهين صدي عيسويءَ ۾ ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ جو سفر ڪيو. هن ملتان جي هڪ واپاريءَ سان گڏجي Ouisti or Patala بتيلي ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪيو. سنڌوءَ ۾ اڄ به اهڙيون ٻيڙيون جام آهن، جيڪي پنجٽيهه فوٽ ڊگهيون ٿينديون آهن، جنهن زماني ۾ مئنرڪ سنڌوءَ مان سفر ڪري رهيو هو، تنهن زماني ۾ هندستان ۾ پورچوگيزن جي اثر رسوخ جي پڇاڙي هئي. کين انگريزن هندستان کان اڳتي ڪيترين سامونڊي جنگين ۾ شڪستون ڏنيون هيون، ان ريت انگريز دهليءَ جي مغل درٻار ۾ پورچوگيزن کان وڌيڪ اثر رسوخ حاصل ڪري چڪا هئا.
ارڙهين صديءَ ۾ لاکيڻي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، هالڪنڊيءَ (پراڻا هالا) کان هڪ سنڌوءَ ٻيڙي وسيلي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مزار جوڙائڻ لاءِ ملتان مان ڪاشيءَ جون سِرون وٺڻ لاءِ اوڀارو سفر ڪيو هو.
ارڙهين صديءَ ۾ جڏهن مغل سلطنت جو زوال شروع ٿيو ته اهي انگريز اوڀر ۽ ڏکڻ هندستان ۾ قائم ڪيل پنهنجي پهرين قيام گاهه مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ان صديءَ جي آخر ڌاري هنن پنهنجيون لالچي اکيون اچي سنڌوءَ ۾ وڌيون هيون. ڪيترن انگريزن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ پهچي کوجنا ڪئي هئي، پر ان کان اڳتي هنن کي درياهه بابت ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي.
سال 1830ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر جي لکڻ موجب: ”سنڌوءَ وسيلي آمدرفت هر نقطئه نگاهه کان اهم آهي. هن موضوع تي اسان وٽ ويساهه جوڳي ڪا ڄاڻ ڪانه آهي، البت ٺٽي کان حيدرآباد تائين ستر ميل جي اعتماد جوڳي معلومات حاصل آهي. جيتري قدر حيدرآباد کان مٿي سنڌوءَ جي وهڪري جو تعلق آهي ته پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهو ايترو جهازرانيءَ جي لائق آهي، جيترو اڄ کان ٻه هزار سال اڳ هو.“
سال 1831ع ۾ جڏهن انگلنڊ جي بادشاهه وليئم، اليگزينڊر برنس کي گهوڙا حوالي ڪري سنڌو درياهه جي رستي روانو ڪيو هو، جيڪي رنجيت سنگهه ڏانهن سوکڙيءَ طور روانا ڪيا هئا ته هن پاڻ سان هڪ فوجي عملدار به کنيو هو، ڇو ته کيس سنڌوءَ جي اُونهائي، طرف ۽ ويڪر معلوم ڪرڻي هئي. ان سان گڏ اها به جاچ ڪرڻي هئي ته جهازرانيءَ جي سهولت واسطي سنڌوءَ جي ڪنڌين سان ٻارڻ ملڻ جو امڪان آهي يا نه ۽ سنڌوءَ جي ڪناري وارن ملڪن جي حڪمرانن جي سياسي حالت ڪهڙي آهي. هن کي حيدرآباد کان مٿي سفر ڪرڻ لاءِ جهمٽي ٻيڙي ڏني وئي هئي. هن سڄي سفر ۾ برنس پنج مهينا لاتا هئا.
هڪ انگريز علمدار وُوڊ سنڌوءَ جي هڪ طرح سان انگريزن پاران جاسوسي ڪرڻ واري تحقيقي سفر بابت لکيو آهي ته، ”سال 1836ع ۾ برنس سان گڏ سفر ڪرڻ کان اڳ بمبئيءَ جي هڪ ايراني واپاريءَ هڪ آگبوٽ خريد ڪيو هو، جنهن کي درياهه ۾ هلائڻ لاءِ سوچي رهيو هو. ان جي انجڻ ڏهه هارس پاور جي هئي.“ انهيءَ عملدار ووڊ اها پڻ تحقيق ڪئي ته، ”سنڌوءَ ۾ آگبوٽ هلي سگهندي يا نه.“ هو جاچ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو ته، ”اهڙي قسم جي آمدرفت لاءِ اهڙيون ته ڏکيايون درپيش آهن، جن جو ازالو ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي. سندس خيال هو ته جيڪو جهاز سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ آمدرفت لاءِ ڪم آندو وڃي، سو تانگهي پاڻيءَ ۾ به هاڪاري هلي سگهڻ جهڙو هجي، جنهن دور ۾ ووڊ، سنڌوءَ کي آبي رستي طور ڪتب آڻڻ جي امڪان تي سوچي ويچاري رهيو هو، تنهن زماني ۾ برنس وري هن درياهه جي تجارتي ڪارج بابت ويچاري رهيو هو.
ٽالپرن جي دور (1843-1781ع) ۾ سنڌونديءَ کي واپار جي ذريعي طور وڏي انداز ۾ ڪتب آندو ويو. لاڙ کان ٻه هزار واپاري ٻيڙا بکر پهچندا هئا. ان ريت پنجنند واري ماڳ مٺڻ ڪوٽ کان بکر ۽ لاڙ تائين سنڌوءَ وسيلي واپار هلندو هو.
سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن سنڌونديءَ وسيلي بهاولپور جي نوابن ۽ ڪلهوڙن جي سؤٽن دائودپوٽن کي شڪست ڏيڻ لاءِ لشڪر موڪلڻ لاءِ ڪتب آندو، واپسيءَ ۾ سبزل ڪوٽ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ واپس لشڪر ڪشمور کان ٻيهر ٻيڙين وسيلي ٽنڊي حاجي مير خان پهتو هو.
مٿيون تاريخي پسمنظر ٻڌائي ٿو ته، سنڌو درياهه ۾ پلين ۽ بئراج اڏجڻ کان اڳ وڏا وڏا مال بردار ٻيڙا هلي سگهندا هئا، جن تي 80 خرار وزن به کڻي سگهبو هو، پر موجوده دور ۾ بئراجن ۽ ڊيمن جُڙڻ ڪري ان جو وهڪرو چوٿين حصي کان به گهٽجي ويو آهي. سنڌو درياهه ماضيءَ ۾ هڪ عظيم درياهه جي شڪل پنج نند کان هيٺ اختيار ڪندو هو، جڏهن ته ان جون ڀرتي ڪندڙ نديون: سوات، گلگت، ڪابل، جهلم، چناب، راوي، ستلج، بياس ۽ ٻيون انيڪ برساتي نئيون سنڌوءَ ۾ پنهنجو سمورو پاڻي شامل ڪنديون هيون، پر هاڻي سنڌونديءَ جي ڀارتو ندين تي بند ٻڌجڻ جي ڪري يا انيڪ نئين ۽ نالن جي وهڪرن جي ڪن فطري سببن جي بند ٿي وڃڻ جي ڪري، ڪيترن گليشيئرن (Glaciers) جو پاڻي گهٽجي ويو آهي. اڄ کان ڏهه هزار ورهيه اڳ سنڌونديءَ جي تاس ۾ جيترا گليشيئر ايندا هئا، اڄ ان جو ٽيون حصو رڳو 3500 گليشيئر اچن ٿا، جڏهن ته گنگانديءَ کي ڀاڱي ۾ 1495 گليشيئرس اچن ٿا. ويجهڙائيءَ واري دور ۾ انيڪ سببن جي ڪري سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي اوتري آوت ناهي رهي، جيتري آڳاٽي زماني ۾ هوندي هئي. ان جو مکيه ڪارڻ ڪابل نديءَ تي وارسڪ ڊيم، جهلم نديءَ تي منگلا ڊيم ۽ انڊس تي تربيلا ڊيم ۽ ٻين ڀارتو ندين تي ڪشمير ۽ اوڀر پنجاب (ڀارت) ۾ انيڪ ٻيا بئراج ٺهڻ سبب سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جو اڳيون اوج نه رهيو آهي، جنهنڪري موجوده وهڪري ۾ پراڻي دؤر واري ڪاٺ مان ٺهيل ننڍڙيون تراکڙيون سنڌو ٻيڙيون ئي هلي سگهن ٿيون. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته، ”سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي کان وٺي سکر بئراج تائين سنڌوءَ کي درياهي اچ وڃ لاءِ ٻيهر ڪتب آڻي سگهجي ٿو. اهڙا جهاز ڪوٽڙي بئراج وٽان سولائيءَ سان مٿي چڙهي سگهندا“، پر سکر بئراج ۾ ته پلي ۽ ٻين قسمن جي مڇيءَ جي مٿي چڙهڻ لاءِ به ڪو چارو نه ڇڏيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ اليگزينڊر برنس، سنڌو درياهه جي ڪيٽيائي ماڳن جي سڀني ڇاڙهن جا منهن پنج ڀيرا اوڀر کان اولهه ’ڪوري‘ کان ’گذري‘ تائين چڪاسي ڏٺا هئا، برنس پنهنجي مضمون ۾ ٻيڙين جي قسمن لاءِ لکيو آهي ته ”ڍنڍي، جيڪا هڪ سئو خرار (50 ٽن) بار کڻندي هئي، گهٽ ۾ گهٽ 20 فوٽ ويڪري ۽ 100 فوٽ ڊگهي هوندي هئي. اها 6 فوٽ اوچي پاڻيءَ مان لنگهي سگهندي هئي.
سنڌوءَ جي ڪيٽيائي ماڳ وارين ڇاڙهن مان وڏا جهاز آرام سان لنگهي سگهن ٿا، پر اهي ڇاڙون دائم ۽ قائم نه ٿيون رهن ۽ سنڌوءَ جي لٽ جي ڪري ڪجهه عرصي ۾ لٽجي وڃن ٿيون يا ڌرتيءَ ڌڏڻ ڪري جهازرانيءَ جوڳيون نه ٿيون رهن. ان ڪري هڪ کان وڌيڪ ڇاڙهن جا پيٽ گهرا هئڻ ضروري آهن.
سنڌوءَ کي درياهي اچ وڃ واري وسيلي طور ڪتب آڻڻ ۾ اڄ به ساڳيون مشڪلاتون آهن، جيڪي اوڻيهين صديءَ ۾ موجود هيون، جنهن جو تفصيلي بيان ’ووڊ‘ پڻ هن ريت ڪري چڪو آهي ته، ”سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي وٽان اوڀاري آمدرفت وارو رستو صاف نه آهي. اهڙي کوجنا ۽ سنڌوءَ کي جهازرانيءَ جوڳو بنائڻ وارو ڪم درياهن جا ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهر ئي ڪري سگهن ٿا.“
جهازن کي پاڻيءَ ۾ گهڻي وقت رهڻ کان روڪڻ لاءِ آبي پٽي يا جهازن تي هوا تي هلندڙ ’هاور ڪرافٽ‘ (Hover Craft) انجڻ لڳائڻ سان جهاز سنڌوءَ ۾ آرام سان هلي سگهندا ۽ سنڌوءَ تي ٻيهر جهازراني ممڪن ٿي سگهندي.
سنڌونديءَ جون ٻوڏون
سنڌونديءَ جتي هتان جي رهواسين کي جيئدان ڏنو آهي، اُتي ان پاڻ سان گڏ بيشمار مصيبتون ۽ خطرناڪ تباهيون به آنديون آهن. سنڌوءَ جي وهڪرن جي ڦيرڦار جي ڪري ڪيئي سلطنتون ۽ شهر اجڙيا ۽ ڪي نوان آباد ٿيا. انگريزن جي وقت تائين سنڌ جا ماڻهو ٻوڏ جي بچاءَ خاطر فقط پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن کي بند ڏيندا هئا يا دڙا ٺاهي انهن تي ڳوٺ اڏيندا هئا، ته جيئن سانوڻيءَ جي مند ۾ درياهه جي خطرناڪ چاڙهه کان بچي سگهن. درياهه کي باقاعدي بند انگريزن جي دور کان ٻڌا ويا.
سنڌ ۾ بندن جي تاريخ: درياهن تي بندن ۽ پشتن (dikes and levees) ٻَڌڻ جو رواج سڀ کان اول سنڌو تهذيب جي شهرن مان موهن جي دڙي ۽ هڙپا ۾ ملي ٿو، جنهن کي ماهرن هن تهذيب وارن جي ايجاد سڏيو آهي، انهن جي ذريعي نه صرف سنڌو درياهه جي اُٿل ۽ ٻوڏن کان بچاءُ ڪيو ويندو هو، پر آبپاشيءَ لاءِ پڻ مدد ورتي ويندي هئي. هاڻوڪي سنڌ جي آبپاشيءَ جي تاريخ بندن سان لاڳاپيل آهي. بندن کانسواءِ هن ملڪ جي ترقي ناممڪن هئي. 1869ع کان اڳ درياهه جي ڪنارن تي جيڪي به مختصر بند هئا، اهي زمينداري بند هئا ۽ زميندار ئي انهن جي سارسنڀال لهندا هئا. تڏهوڪي سرڪار 1869ع ۾ پهريون سکر ڪئنال جي منهن وٽ بند ٺهرايو. ساڳئي وقت اترين سرحدي ضلعن (Upper Frontier Districts) يعني هاڻوڪن ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ ٻوڏ وڏي تباهي آندي هئي. 75-1874ع کان بيگاري جي منهن کان ڪشمور تائين (جيستائين پنجاب جي مٿانهين زمين اچي ٿي) 48 ميل بند ٺاهيو ويو. سکر بيگاري بند، جنهن جي وڏي تاريخي اهميت آهي، سو 1878ع ۾ ٺاهيو ويو ۽ ان دوران جيڪي به زمينداري بند هئا، اهي سڀ حڪومت پنهنجي نگرانيءَ هيٺ وٺي ڇڏيا.
سکر بئراج جي ٺهڻ وقت يعني 32-1922ع واري عرصي تائين پنجاب جي سرحد کان وٺي سيوهڻ تائين بند جي لاڳيتي لائين موجود هئي، جيڪا اڳتي سونڊا کان وٺي سمنڊ تائين هئي ۽ ان جا ڪيترائي لوپ (Loop) بند پڻ هئا. ان لائين جي ٽوٽل ڊيگهه 603 ميل هئي. سنڌونديءَ جي کاٻي پاسي کان به مختلف جاين تي بند هئا. البت اهي لاڳيتا نه هئا ۽ انهن جي ڊيگهه 337 ميل هئي. (حوالو: Completion Report of Sukkur Barrage)
1910-1900ع تائين بندن جو ڪم ڏاڍو تيزيءَ سان هليو. روينيو جي رڪارڊ ۾ 1900-1899ع تائين ڏيکاريل آهي ته ان وقت بندن جي ڪُل ڊيگهه 726 ميل هئي. اُن ۾ زمينداري بند به شامل هئا. رپورٽن ۾ ڄاڻايل آهي ته 09-1908ع ۽ 11-1910ع ۾ بندن جي ڊيگهه 832 ميل ۽ 855 ميل هئي. ٻن سالن ۾ تقريباً 23 ميل بند ٺهيو ۽ 1900- 1910ع تائين 129 ميل بند ٺهيو. باقي جيڪي بند رهيل هئا، اهي سکر بئراج ٺاهڻ سان گڏ 1932ع ۾ ٺاهيا ويا. ان کان سواءِ 1943-1932ع تائين وڏيون ٻوڏون آيون ۽ ڪافي جاين تي درياهه کاڌ ڪئي، جنهنڪري ٻيا بند ۽ لوپ بند به ٺاهيا ويا. ان کان سوءِ ايف. پي. بند (Flood Protective Bund)، جيڪو بلوچستان ۽ کيرٿر جبلن کان ايندڙ برساتي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. ان جي ڪل ڊيگهه منڇر جي بند سميت 176 ميل هئي ۽ ڪل بندن جي ڊيگهه 71-1070 ميل هئي. جيڪڏهن کيرٿر جبل جي پاڻيءَ کان بچاءَ وارا بند الڳ ڪجن ته ان وقت جي جملي بندن جي ڊيگهه 895 ميل هئي. 1943ع دوران بندن جا سمورا رهيل ٽڪرا مڪمل ڪيا ويا.
بندن جو هاڻوڪو نظام: بندن جي موجوده لائين ساڄي پاسي ڪشمور کان شروع ٿي، سکر تائين؛ سکر کان سيوهڻ تائين؛ سيوهڻ ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ به هڪ بند آهي، جيڪو سن شهر کان شروع ٿئي ٿو ۽ مانجهند شهر جي ٻاهر تائين آهي. ڪوٽڙيءَ کان پوءِ ڪجهه ٽڪرو، بعد ۾ جهرڪ شهر کان يعني ڪوٽڙيءَ کان 20 ميل هيٺ کان وٺي الهه ڀرڪيي شاهه تائين آهي، سواءِ ڪجهه ٽڪرن جي جتي ٽڪريون آهن. مثال طور: سونڊا ۽ هيلايا وٽ. اهڙيءَ طرح سان ساڄي پاسي شاخن جي سموري ڪمانڊ ۾ آيل ايراضيءَ کي درياهه جي ٻوڏ کان بچاءَ وارا بند ڏنل آهن. کاٻي پاسي بند مهيسرو ريلوي اسٽيشن کان شروع ٿي روهڙيءَ تائين ۽ روهڙيءَ کان گڊوءَ تائين ۽ گنجي ٽڪر کان وٺي بادنا تائين ۽ اهڙيءَ طرح ٻي جيڪا به ايراضي آهي، ان کي امڪاني ٻوڏن کان بچايو ويو آهي.
بندن جي ڪري سنڌونديءَ جي وهڪري تي پوندڙ اثر: بندن کان اڳ ۾ سانوڻيءَ جي موسم ۾ پاڻي وڏي علائقي ۾ پکڙجي ويندو هو، جنهنڪري هر سال اتي لٽ پوندو هو. هينئر اهو عمل فقط بندن جي وچ ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ درياهه جي تري (bed) جي سطح وڌندي وڃي ٿي ۽ بندن جي ٻاهران آباد ٿيل زمين جي سطح (level) تقريباً ساڳي آهي. ان ڪري ئي 1976ع واري ٻوڏ کانپوءِ بندن کي ٻيهر ٺاهيو ويو. تازو 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ، جنهن ۾ درياهه جي پاڻيءَ جي سطح (Flood level) 1976ع واري ٻوڏ جي سطح کان به مٿي هئي، نتيجي ۾ بندن کي ٻيهر فري بورڊ يعني ٻوڏ جي سطح (Level) کان اوچائيءَ ۾ وڌيڪ 6 فوٽ مٽي وڌي وئي. بندن کان اڳ ۾ رستي ۾ پاڻيءَ جو زيان ٿيندو هو، هاڻي اهو گهٽ ٿئي ٿو. نتيجي ۾ ڪوٽڙيءَ وٽ ٻوڏ جو پاڻي وڌيڪ پهچي ٿو.
ٻوڏن جا سبب: سنڌونديءَ ۽ سندس ڀارتو ندين ۾ چاڙهه جا بنيادي سبب هيٺيان آهن:
(1) ڪشمير کان مٿي گليشيئرن (Glaciers) يعني برفاني ڇپن جو ڳرڻ
(2) سمورين ندين جي جابلو سلسلي (Catchment area) ۾ لاڳيتيون طوفاني ۽ تيز برساتون
(3) موسمي ڦيرگهير
(4) قدرتي ماحول ۾ ٽيڪنالاجيءَ ذريعي انساني مداخلت
مٿين سببن جي ڪري سنڌونديءَ ۾ اٽڪ وٽ چاڙهه ايندو آهي ۽ ڪابل ندي، سوات ندي ۽ ٻيون نديون اولهه طرف کان اٽڪ کان مٿي سنڌونديءَ ۾ پونديون آهن ۽ ڪوهه سليمان جو پاڻي به سنڌونديءَ ۾ اچي پوندو آهي. اوڀر کان راوي، ستلج، بياس (سنڌ طاس معاهدي تحت انهن ندين جو پاڻي هندستان استعمال ڪري ٿو، پر چوماسي جي موسم ۾ جڏهن پاڻي وڌي وڃي ٿو ته هندستان اهو پاڻي ڇڏي ڏيندو آهي) ندين توڙي جهلم ۽ چناب ندين جو پاڻي مٺڻ ڪوٽ ويجهو اچي پنجنند کان ٿيندو سنڌونديءَ ۾ داخل ٿئي ٿو. اهو سمورو پاڻي گڏجي گڊوءَ وٽ سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. چوماسي واري مند جولاءِ کان شروع ٿي سيپٽمبر تائين هلندي آهي. انهيءَ وچ ۾ سنڌو نديءَ جو پاڻي ٻن لکن کان 14 لکن ڪيوسڪن تائين وڌي سگهي ٿو، جنهن ڪري سنڌ ۾ موجود بند هيٺ ڏنل سببن جي ڪري ٽُٽي سگهن ٿا:
(1) بند ۾ ٿيل ڪو سوراخ يا روڻيون، خاص ڪري اهي سوراخ، جيڪي ڪوئا کوٽيندا آهن، جتان پاڻي ٻاهر وهي نڪرندو آهي. ان کان سواءِ سيڙهه يا گدڙ جي ڏر جي ڪري به پاڻي بندن کان ٻاهر نڪري سگهندو آهي. ان صورت ۾ جيڪڏهن ان پاڻيءَ کي نه روڪيو ويو ته بند ۾ گهارو (breach) پئجي سگهي ٿو.
(2) Blow out بندن جي هيٺيان ڪنهن به سبب جي ڪري ڊگهي ڏار اچڻ سبب ڪافي پري کان پاڻي، بند جي هيٺيان ٿيندو ٻاهر نڪرندو آهي ۽ ان جي سوراخ کي درياهه اندر ڳولڻ ڏکيو هوندو آهي. هن سبب جي ڪري بند جي هيٺيان موجود واري تمام تيزيءَ سان ٻاهر نڪرندي آهي ۽ ٿوري وقت اندر بند ٽُٽي پوندو آهي.
(3) بند ۾ موجود ريگيوليٽر (bund sulice)، جيڪي لوپ بندن کي پاڻيءَ ذريعي سيڪ ڏيڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي بند اندر موجود زمينن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪتب ايندا آهن. تن کي ڪنهن به طريقي سان نقصان پهچڻ سبب گهارو پئجي سگهي ٿو.
(4) غير قانوني پائيپ، اهي پائيپ جيڪي آبپاشي کاتي جي اجازت کانسواءِ لڳايا ويندا آهن، تن جي بناوت مضبوط نه هوندي آهي ۽ نه ئي وري انهن کي وقت سر بند ڪيو ويندو آهي. پاڻي اچڻ جي صورت ۾ بند اتان ٽُٽي سگهي ٿو. انگريزن جي دور ۾ اها ڳالهه ناممڪن هئي، پر هينئر اهي عام لڳايا وڃن ٿا.
(5) بند جي مٿان پاڻيءَ جو ورڻ: هن صورتحال ۾ بند جي سطح ڪنهن به سبب جي ڪري گهٽ ٿئي ٿي. مثال طور ان جي صحيح طريقي سان مرمت نه ڪرڻ، عام ماڻهن جو اتان مٽي کڻڻ، بند کي پار ڪرڻ لاءِ دڳ ٺاهڻ ڪري به بند ٽٽي سگهي ٿو.
(6) درياهه ۾ پاڻي وڌڻ بعد لهرن جي ڪري بند جي کاڌ (Wave wash action) درياهه جي پاڻيءَ جي موڙ جي ڪري بند جي سخت کاڌ (Active erosion) جو هئڻ ۽ ان صورت ۾ بند کاڄي وڃي ٿو ۽ گهارو پئجي سگهي ٿو.
(7) مينهوڳي يا تيز برسات جي ڪري به بند ۾ گهارا پئجي سگهن ٿا.
(8) گهڻو وقت پاڻي هلڻ جي ڪري بند جو ڪمزور ٿي وڃڻ ۽ ٽٽڻ: خاص ڪري سمنڊ جي ويجهو جڏهن سمنڊ درياهه جو پاڻي نه کڻندو آهي ۽ سم جي ڪري بند جي ڀرپاسي واري زمين ۾ وزن کڻڻ جي صلاحيت گهٽجي ويندي آهي، اُن ڪري پڻ بند پاڻيءَ جو دٻاءَ برداشت نه ڪري ٽٽي سگهي ٿو.
سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ امڪاني خطرناڪ ٻوڏ وارا بند: سنڌ ۾ انهن خطرناڪ هنڌن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جتي زمين جي سطح ۽ پاڻيءَ جي سطح ۾ گهڻي فرق جي ڪري خطرناڪ گهارا پئجي سگهن ٿا. مثال طور: ٽوڙي بند وٽ زمين جي سطح 221.13R.L/ پاڻيءَ جي سطح 236R.L جنهن جو اثر تمام شديد ۽ دير تائين هلندو آهي.
اهي ڏکيا گهارا اتي به پئجي سگهن ٿا، جتي پراڻا قدرتي درياهي وهڪرا يا هيٺاهيون آهن، جن جي ڪري ٻوڏ جا وهڪرا تمام جلدي اونها ۽ ويڪرا رستا ٺاهي سگهن ٿا. سنڌ جي سطحي نقشي Contour Map No.2 جو مطالعو ڪبو ته سڌ پوندي ته هيٺيون جڳهيون اهڙن ڏکين گهارن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
(1) ساڄي پاسي ڪشمور جي ويجهو هڪ گهري کاهي آهي، جيڪا اتر ۾ بگٽي ٽڪرين جي لاهيءَ وٽان ڦري جيڪب آباد وٽ اچي ٿي.
(2) سکر بيگاري بند تاڪي 22، محمدا باغ لوپ، جتي 1942ع واري ٻوڏ دوران بند ڀڳو هو. 1942ع ۾ سنڌو نديءَ جو ڪل وهڪرو ساڍا ڇهه لک ڪيوسڪ هو، جتان ڏيڍ لک ڪيوسڪ ان گهاري مان گذريو هو.
(3) ڪشمور کان کاٻي پاسي ڏکڻ ۾ گهوٽڪيءَ طرف
(4) قاسم پور نبي شاهه بندر، روهڙيءَ کان اتر طرف
(5) لاڙڪاڻي ويجهو عاقل آگاڻي بند. 2010ع جي ٻوڏ جي سطح 178.08R.L زمين جي سطح 165.97R.L.
(6) حيدرآباد کان سورهن ميل پري کاٻي طرف حاجي پور بند. 2010ع جي ٻوڏ جي سطح 67.10R.L ۽ زمين جي سطح 49.9R.L.
سنڌوندي مٿانهينءَ (Ridge) تي وهي ٿي ۽ نانگ وڪڙ (Meander) ڪندي هيٺ وڃي ٿي. تنهنڪري هر ڀيري اها ڪٿي نه ڪٿي کاڌ ڪري ٿي، جنهن لاءِ بروقت اپاءَ نه ورتا ويا ته اهڙي جڳهه وٽان به بند ٽٽي سگهي ٿو. ان ڪري خطرناڪ هنڌ (Vulnerable Points) به تبديل ٿيندا رهن ٿا. ان ڪري ئي آبڪلاڻي شروع ٿيڻ کان اڳ ۽ ان عرصي دوران آبپاشي کاتي کي انهن سڀني جڳهين لاءِ خاص اپاءَ وٺڻا پوندا آهن.
درياهه جا وهڪرا:
600000 ڪيوسڪ کان مٿي ڊسچارج وارا سال: 1932ع کان 2010ع
1932ع کان وٺي 2013ع تائين درياهي وهڪرن جو تفصيل هن ريت آهي:
سال سکر وٽ مٿانهون/ هيٺانهون ڪيوسڪ وهڪرو تاثرات (Remarks)
1933ع 632203/672901 -
1942ع 533615/573569 تمام وڏي ٻوڏ. ان وقت 150000 ڪيوسڪ پاڻي سکرکان مٿي پيل گهاري مان گذري رهيو هو.
1948ع 751228/760397 وڏي ٻوڏ
1950ع 738000/775555 ڪو به نقصان نه ٿيو.
1955ع 765270/804760 سنڌ ۾ برساتون گهڻيون پيون، پر درياهه ۾ گهارو نه پيو.
1956ع 998152/979977 گهارا پيا ۽ وڏو علائقو ٻُڏو.
1958ع 1050329/1097624 ڪا به ٻوڏ نه آئي.
1959ع 928925/972122 ڪا به ٻوڏ نه آئي.
1973ع 1065712/1117246 ڪافي علائقن ۾ بند ٽٽا ۽ ٻوڏ آئي.
1975ع 1024882/1051316 بند ڪو نه ٽٽا، ٻوڏ نه آئي.
1976ع 1160984/1200574 تمام گهڻيون برساتون ۽ وڏي ٻوڏ
1978ع 1092770/1116430 بند ڪو نه ٽٽا، ٻوڏ نه آئي.
1986ع 1122874/1166574 عاقل بند وٽ شديد کاڌ ٿي، پر ٻوڏ کان بچاءُ ٿيو.
1992ع 1025937/1068072 نصرت بند وٽ شديد کاڌ ٿي، پر بند کي بچايو ويو.
1995ع 939978/986003 ٽوڙي بند ٽٽو ۽ ٻوڏ کي
بي. ايس فيڊر وٽ روڪيو ويو، عاقل وٽ شديد کاڌ ٿي، بند ٽٽڻ کان بچيو. دادو ڪئنال جي ڪپرن کي مضبوط ڪيو ويو.
1997ع 747690/801170 ٻوڏ کان بچاءُ
2010ع 1124720/1130220 بندن، ٽوڙي بند، ڪوٽ عالمون ۽ پي. بي بند ۾ ٺٽي وٽ گهارا پيا. سنڌ جو وڏو علائقو تاريخي ٻوڏ هيٺ آيو.
1904ع کان آيل وڏيون ٻوڏون:
1904ع واري ٻوڏ: هن سال ۾ 1896ع واري لوپ بند (هاڻوڪي ٽوڙي بند) جي ڇهين ميل وٽان ٻن فرلانگن ۾ گهارو پيو. گهاري مان پاڻي 50000 ڪيوسڪ گذريو هو. غوثپور کان وٺي جيڪب آباد تائين ۽ ان کان هيٺ وارو علائقو ٻڏو. پاڻي ٻن هفتن تائين هلندو رهيو. ان وقت فقط بيگاري ڪئنال درياهه کان هلندڙ هو. ان ڪري پاڻي بيگاريءَ جي اترئين پاسي تائين محدود رهيو ۽ ڳڙهي خيري تائين علائقو ٻوڏ هيٺ آيو. ان کان سواءِ ساڳئي وقت ڪشمور بند 20 ميل ۽ 30.2 - 28.2 ٻن ميلن ۾ بند لڙهي ويو هو. اهو پاڻي به ٽوڙي بند واري پاڻيءَ سان ملي ويو هو. ڪنڌڪوٽ کان وٺي ڳڙهي خيري تائين سمورو علائقو ٻڏو.
1910ع واري ٻوڏ: ڪوڪا بند 6/9 ميل وٽ بند کاڄي ويو ۽ شاهه بندر وارو علائقو ٻڏي ويو.
1912ع: هن سال به ٽوڙي بند ٽٽو، جنهن جو سبب ان جون ٻه روڻيون هيون، جيڪي درياهه ۾ هڪدم چئن فوٽن جي چاڙهه جي ڪري پيون هيون، اهو 4 فوٽ پاڻي ٻن ڏينهن ۾ وڌيو هو. ان ٻوڏ جي ڪري ڪيترو علائقو ٻڏو، اهو تحقيق طلب آهي.
1916ع: ڪوڪا بند 9/7 ميل وٽ کاڌ جي ڪري ٽٽو ۽ شاهه بندر جو تقريباً 40 ميلن جو علائقو سمنڊ تائين ٻڏي ويو.
1921ع: درياهه جي اوچتي چاڙهه جي ڪري ٽوڙي بند ۾ روڻيون پيون ۽ گهارو پئجي ويو ۽ پاڻي ان سان ڏيڍ مهيني تائين هلندو رهيو ۽ ان وقت درياهه جو اولهه وارو قدرتي وهڪرو منڇر تائين ڳنڍيل هو، جنهن مان پاڻي گذري منڇر تائين پهتو.
1925ع: درياهه ۾ پاڻيءَ جي اوچتي چاڙهه جي ڪري ٽوڙي بند ۾ روڻيون پيون ۽ پاڻي ٻن مهينن تائين هلندو رهيو ۽ قدرتي رستو وٺي جيڪب آباد کان ٿيندو هيٺ ويو.
1926ع: ٽوڙي بند ٽٽو ۽ پاڻي ڏيڍ مهيني تائين هلندو رهيو.
1927ع: ٽوڙي بند روڻين جي ڪري ٽٽو ۽ پاڻي ڏيڍ مهيني تائين وهندو رهيو.
1928ع: ٽوڙي بند ٽٽو ۽ پاڻي 13 ڏينهن تائين هلندو رهيو.
1929ع: هن سال سنڌ ۾ سانوڻيءَ جي مند ۾ 14 ڏينهن تيز برسات پئي، جنهنڪري اولهه وارا علائقا کيرٿر ۽ بلوچستان جي پاڻيءَ جي ڪري ٻڏا. قبي سعيد کان وٺي جوهيءَ تائين سمورا علائقا، جيڪي جابلو پٽيءَ جي ويجهو هئا، ٻُڏا. ان وقت ايف. پي. بند ڪو نه هو جنهن کان اڳ ۾ الهندو نارو حمل ڍنڍ سان گڏيل هوندو هو، بعد ۾ اهو هيٺ منڇر سان ڳنڍيل هوندو هو ۽ منڇر کي به بند ڪو نه هوندو هو ۽ درياهه سان ان جو رستو دانستر وٽ سيوهڻ کان مٿي ڳنڍيل هوندو هو.
هن وقت سيد آباد'>ڀان سيد آباد جي ڀرسان جيڪي ڦاٽ مختلف نالن سان جيئن ڪارو ڦاٽ وغيره آهن سي سڀ منڇر جو حصو هوندا هئا، پاڻي چڙهندو هو ته منڇر الهندو نارو ۽ درياهه هڪ هوندا هئا ۽ پاڻي لهندو هو ته اهي ڦاٽ ۽ دانستر واهه ظاهر ٿيندا هئا.
اوڀر واري علائقي ۽ ناري ۾ زبردست چاڙهه آيو ۽ ناري ۾ ڪيترين جاين تان گهارا پئجي ويا، نتيجي ۾ سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جا ڪيترائي شهر ٻوڏ هيٺ اچي ويا ۽ پاڻي بدين کي ٻوڙيندو سمنڊ ۾ پهتو.
ٻوڏ جا ٻه ٽي مکيه رستا هوندا هئا، ڪشمور کان هيٺ هڪ لائين جيڪب آباد کان ٿيندي هاڻوڪي بيگارن وٺي ڳڙهي خيري کان ٿيندي، قبي جي ڀرسان ڍوري شاخ سان ٿيندي، وارهه جي مٿان حمل ڍنڍ سان گڏبي هئي. حمل ڍنڍ کي ان وقت مزاراڻي ڍورو سڏبو هو، ڇو ته مزاراڻي نئن ۽ سيتا نئن جو پاڻي ان ڍوري کي ڀريندو هو ۽ اهو ڍورو الهندي ناري سان گڏجي هيٺ منڇر سان گڏيل هوندو هو. جڏهن 1932ع کانپوءِ اتي بند ٻڌا ويا ته اهي فطري وهڪرا بند ٿي ويا. ان سان گڏوگڏ ماڻهن جي جان ۽ مال کي تحفظ مليو. ڳوٺ ۽ شهر هڪ هنڌ وسڻ شروع ٿيا. ان کان اڳ هڪ هنڌ مستقل طور ويهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو، ڇو جو هر ڏهن پندرهن سالن کان پوءِ ڪا نه ڪا وڏي ٻوڏ هر
شيءِ کي ڊاهي ڇڏيندي هئي. ميروخان شهر جي ڀرسان ٺاري وڌي(Tharo Wadho Village) جي ڳوٺ ڀرسان جيڪي هينئر واريءَ جا دڙا آهن، 1942ع جي ٻوڏ جي ياد ڏيارين ٿا، جيڪي اڳ اتي ڪو نه هئا.
هيٺ ڏنل نقشي ۾، سنڌ ۾ اولهه اتر کان ايندڙ برساتي پاڻيءَ کان متاثر علائقي کي ڏيکاريل آهي.
1931ع: تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ ڪوٽ عالموءَ جي ڀرسان مولچند شاهبندر بند 17 ميل وٽان لڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سجاول ۽ جاتيءَ تائين سمورو علائقو ٻڏي ويو. اهو وهڪرو پيڃاري واهه جي ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيو.
1935ع: مولچند شاهه بندر بند، ايم. ايس بند 160 ميل وٽ کاڄي ويو ۽ تعلقي سجاول، جاتي ۽ بدين کان وٺي سمنڊ تائين سمورو علائقو ٻڏو.
1938ع: مولچند، شاهه بندر 0/16 وٽ بند کاڄي ويو. ٻوڏ آئي. پاڻي پيڃاري وٺي هيٺ ويو، جاتيءَ تائين علائقو ٻڏو. پيڃاري ان وقت ڦاٽ جي صورت ۾ وهندي هئي ان ڦاٽ تي بعد ۾ انگريزن جي دور ۾ ريگيوليٽر ٺاهيو ويو هو. اهو پراڻو ريگوليٽر هن وقت ايم. ايس 8 ميل- ميرپور بٺوري جي ٻني ڳوٺ جي ويجهو، مولچند، شاهبندر بند جي8 ميل لڳ ڦٽل حالت ۾ موجود آهي.
دراصل ٻوڏن جي وهڪري جي نيڪال کي سمجهڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته درياهه جي پراڻن ڦاٽن ۽ وهڪرن کي نظر ۾ رکجي، ڇو ته اهي ئي هيٺانهيون جڳهون هيون ۽ انهن جي سطح زمين جي ٻيءَ سطح کان گهٽ هئي، جنهنڪري درياهه اتان وهندو هو ۽ بعد ۾ جيڪڏهن ڪا ٻوڏ ٿي ته به اها اتان گذرندي هئي.
1942ع واري وڏي ٻوڏ: هن ٻوڏ بابت انيڪ ڳالهيون عام آهن. ٻڌايو ويو ته شهدادڪوٽ شهر ۽ ڪوٽو موٽو چوڪ وٽ ٻيڙيون هلنديون هيون. ساڳئي وقت آگاڻي عاقل لوپ بند، جيڪو لاڙڪاڻي سان آهي، سو به ڀڳو هو ۽ پاڻيءَ کي مهر وڏا بند سان جيڪو دادو ڪئنال جو نان انسپيڪشن وارو رستو (Non Inspection Side) وٽ روڪيو ويو هو. ان ٻوڏ جي ڪري ڳوٺ موريا فقير، آگاڻي ۽ ٻيا ڳوٺ ٻڏا، پر لاڙڪاڻو شهر بچي ويو. هن وقت به عاقل آگاڻي بند وٽ کاڌ ٿيندي رهي ٿي ۽ شايد ئي ڪو سال هوندو، جو هن پاسي درياهه کاڌ نه ڪئي هوندي. ويجهڙائيءَ ۾ عاقل بند وٽ 1982ع، 1995ع، 2003ع، 2005ع ۽ 2010ع ۾ شديد کاڌ ٿي، اتي انيڪ پٿر جون انگڙيون (Spur) ٺاهيون ويون، پر ان سان گڏوگڏ اتي ڪافي لوپ بند به آهن، ليڪن سالن کان اهي بلڪل نظر انداز ٿيل آهن ۽ انهن جي مٿان وڏي تعداد ۾ قبضا ٿيل آهن ۽ غير قانوني پائپ انهن ۾ پيل آهن. جيڪڏهن خدانخواسته 1942ع وانگر عاقل بند ٽٽي پيو، جيڪا صورتحال ڪافي دفعا ٿي چڪي آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو. 1995ع کان پوءِ انهن لوپ بندن جي مضبوطيءَ جو سوچيو ئي نه ويو آهي، ڇو ته 1995ع جي کاڌ وقت وري به دادو ڪئنال کي مضبوط ڪيو ويو هو. 1942ع ۾ درياهي وهڪرو سکر بيراج وٽ ڪل 533615/573569 لک ڪيوسڪ هو ۽ سکر بئراج کان مٿي درياهه جو وهڪرو 723659 ڪيوسڪ هو. جڏهن ته ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي سکر کان مٿي سکر بيگاري بند ۾ پيل گهاري مان گذري رهيو هو، جيڪو ڳوٺ محمدا باغ لڳ هو.
سکر بئراج جا ڪئنال مڪمل کوليا ويا هئا، جنهنڪري اين ڊبليو ڪئنال کي رُڪ کان مٿي ڪافي گهارا پئجي ويا ۽ اهو پاڻي ٻوڏ واري پاڻيءَ سان ملي ويو. رائيس ڪئنال کي مدئجيءَ جي هيٺان گهارا پئجي ويا هئا. هڪ ٻوڏ جو پاڻي ۽ ٻيو ان ڪئنال جو پاڻي، جنهنڪري اهو پاڻي ٻوڏ جي پاڻيءَ سان گڏجي ويو هو ۽ پاڻي نئين ديري جي اولهه ۽ ڳڙهي خدابخش کان ٿيندو، رتيديري جي مٿان ٿيندو آيو. رتيديري کي بند ٻڌي بچايو ويو ۽ پاڻي ميرو خان ۽ شاهپور کان ٿيندو قمبر پهتو ۽ قمبر وٽ ان کي نور واهه وٽ روڪيو ويو ۽ ان اولهه طرف رخ ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح ٻئي طرف پاڻي شڪارپور جي ٻاهران ٿيندو، شهدادڪوٽ تائين پهتو. اتان اهي ٻئي وهڪرا پاڻ ۾ گڏيل هئا. هن ٻوڏ جي ڪري پاڻي 220 ميلن کان مٿي مفاصلو اورانگهيندو، محمدا باغ کان وٺي جيڪب آباد ۽ بعد ۾ شهدادڪوٽ قمبر کان ٿيندو ميهڙ، ڪي اين شاهه کان ٿيندو، ڀان سعيدآباد جي اولاهين پاسي تائين پهتو هو ۽ منڇر سان ملي ويو. تقريباً 3800 چورس ميلن جي علائقي ۾ تباهي پکڙي هئي، جن ۾ 10 کان مٿي وڏا شهر ۽ ڳوٺ شامل هئا. ان ٻوڏ جي ڪري رُڪ اسٽيشن به تباهه ٿي وئي، جيڪا اڳ جنڪشن هوندي هئي، بعد ۾ جڏهن اهو تباهه ٿيل ريلوي نظام ٺاهيو ويو ته جتان جتان ٻوڏ جو پاڻي گذريو هو، اتي انگريزن وڏيون پُلون ڏئي ڇڏيون. رڪ جي ڀرسان ۽ لکيءَ لڳ ريلوي بند ۽ پُلون، همايون لڳ لوهه جي ٺهيل 32 دري پل، سيوهڻ کان ڳوٺ اراضيءَ ويجهو بند ۾ پيل وڏي پل. ان کان سواءِ 1942ع ۾ هيٺين بندن ۾ وڏيون روڻيون پيون ۽ گهارا پيا. سکر کان هيٺ سکر لاڙڪاڻو بند 6/1، 6/2 ۾ گهارا پيا. اهو پاڻي به مٿان واري ٻوڏ جي پاڻيءَ سان ملي ويو. روهڙيءَ کان مٿي قاسم پور- نبي شاهه بند ۾ 6/0، 6/10 ۾ روڻيون پيون، جيڪي بعد ۾ گهارن ۾ تبديل ٿي ويون.
سنڌ ۾ تاريخ ايتري موثر انداز ۾ لکي نه وئي آهي، جيتوڻيڪ 1942ع ۾ بند به ٺهيل هئا، پر انهن جون اوچايون ايتريون ڪو نه هيون. 1942ع جون اخبارون به موجود آهن. توڙي جو ان وقت انفارميشن ايتري تيز ڪانه هئي، پر پوءِ به اهي ايڏا وڏا هاڃا هئا، جو انهن جو تذڪرو هر جڳهه موجود هئڻ کپي ها ۽ پوئين نسل تائين اها ڄاڻ منتقل ٿيڻ کپي ها. ان ڳالهه کي وسارڻ جي ڪري 58 ۾ جيڪا ٻوڏ آئي ۽ ان جو پراڻو تجربو ڪنهن به اداري وٽ ڪو نه هو ۽ مڪمل بي خبري وارو عالم هو، نتيجي طور سواءِ انفرادي طور ڪا به قومي پاليسي ٺهي نه سگهي هئي. 1942ع جي ٻوڏ جو هڪ وڏو سبق آهي ته جيڪڏهن درياهه جي ڪنهن به وهڪري ۾ بند ڪنهن اهڙي خراب جاءِ کان ٽُٽو ته پوءِ نتيجو ڏاڍو خراب نڪري سگهي ٿو.
محمدا باغ وٽ پيل گهاري کي بند ڪرڻ وقت جا آخري انگ هي آهن:
ٽوٽل ڊيگهه، ٽن حصن ۾: 1550+650+450= 2650 فوٽ
شروعات جو وهڪرو: 150000 ڪيوسڪ
آخري وهڪرو: 50000 ڪيوسڪ
گهاري بند ٿيڻ وقت پاڻيءَ جي اونهائي: 5015 فوٽ
منگليءَ جي وڌ ۾ وڌ، گهٽ ۾ گهٽ ڊيگهه: 7500 فوٽ
درياهه جو وهڪرو: 350000 کان 250000 ڪيوسڪ
گهاري بند ٿيڻ جي نگهبانيءَ لاءِ: هڪ انجنيئر ۽ ٻه ايس. ڊي. او
گهربل اسٽاف: 8 سروير، 12 داروغا، ليبر ۽ مٽيريل
1956ع جي ٻوڏ: هن سال سکر وٽ درياهه جو مٿانهون وهڪرو 998152 ڪيوسڪ هو ۽ هيٺاهون وهڪرو 979977 هو. ٻوڏ جي حساب سان سنڌ جي ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ هي سال به تمام اهم ليکيو ويندو آهي. هن سال به ڪشمور کان شاهه بندر تائين سنڌونديءَ جي بندن ۾ مختلف هنڌن تي گهارا پيا ۽ ٻوڏ جي ڪري سنڌ جو هڪ وڏو حصو ٻڏو. وڏي ڳالهه ته 1955ع وانگر هن سال به سنڌ ۾ برساتون تمام گهڻيون پيون هيون. جيئن ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو به نظام ڪو نه هو ۽ روڊن ۽ ڪئنالن جي ڪري قدرتي وهڪرا به بند ٿي چڪا هئا، ان ڪري برسات ۽ ٻوڏ گڏيل طور تمام گهڻو نقصان ڪيو هو. ان جو تفصيلي ذڪر ڪجهه هيٺ ڪجي ٿو:
پراڻي جيڪب آباد ضلعي ۾ اولڊ گهوڙا گهٽ بند کي 4/6 ميل وٽ کاڌ سبب گهارو پيو، جيئن ته ان وقت ڪافي لوپ بند موجود هئا، ان ڪري پاڻيءَ کي اتي ئي روڪيو ويو ۽ ٽوڙي بند بچي ويو، ٻيءَ صورت ۾ 2010ع ۾ جيڪي علائقا ٻڏا، اهي سڀ علائقا ان وقت ٻڏن ها، پر پاڻي منڇر ڍنڍ کان ٿيندو سنڌونديءَ ۾ پهتو. ان کان سواءِ روهڙيءَ ڀرسان نبي شاهه بند 1/0 ميل وٽ ٽُٽو.
هي بند روهڙي بئراج جي بند ۽ روهڙي نبي شاهه بند جي ملڻ جي جاءِ تي هو. ان گهاري جي ڊيگهه 150 فوٽ هئي، اتان جو وهڪرو 2000 ڪيوسڪ هو، پر 24 ڪلاڪن اندر ان گهاري کي بند ڪيو ويو ۽ پاڻيءَ کي ٻئي بچاءَ بند وٽ روڪيو ويو هو.
ساڳيءَ طرح 11 آگسٽ 1956ع ۾ شديد برساتن ۽ درياهه جي وڏي چاڙهه جي ڪري سڳيون مٽياريون بند (ايس. ايم. بند) جي ميل 3/96 وٽ روڻ پئي، جتان بعد ۾ 260 فوٽ ڊيگهه ۾ گهارو پئجي ويو. ٻوڏ جو هي پاڻي موري کان به ٽپي ويو.
گهلياڻ بند وارو گهارو: 13 آگسٽ 1956ع تي هي بند 10/6 ميل وٽ مٽيارين جي ويجهو ٽٽو. ان وقت تيز برسات هئي ۽ درياهه ۾ به وڏو چاڙهه هو. سکر بئراج کان هيٺ جو وهڪرو 979777 ڪيوسڪ هو. گهاري مان گذرندڙ پاڻي تقريباً 150000 ڪيوسڪ هو، جيڪو نيشنل هاءِ وي کي ٻوڙيندو، حيدرآباد شهر جي ٻاهران پهتو، جنهن کي پراڻي ڦليليءَ ۾ ڪٽ ڏئي وڌو ويو. ان وقت ڦليلي، درياهه مان ڦاٽ جي صورت ۾ وهندي هئي ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ان وقت نئين تعمير ٿي رهي هئي. جيئن ته ٻوڏ جو وهڪرو ڦليليءَ جي وهڪري کان پنجوڻ تي هو، ان ڪري اها هنڌان هنڌان ٽُٽي پئي، جنهنڪري بدين تائين 110 ميل جي ڊيگهه ۾ 1500 چورس ميل ۾ سمورو علائقو ٻڏي ويو. لکن جي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿيا. مٿان برسات جو پاڻي ۽ هيٺان ٻوڏ جو پاڻي هو، هوڏانهن درياهه جي اولاهين پاسي ٺٽي کان ٿورو مٿي پناهه. بگهاڙ بند جي 13/3 ميل ۾ گهارو پيو، جنهنڪري مڪليءَ کان هيٺ وارو سڄو علائقو ٻڏو ۽ ساڳئي وقت ساڪري ۾ بگهاڙ بند جي
14/2-15/6 ميل ۾ گهارو پيو. نتيجي طور ٻنهي گهارن جو پاڻي گڏجي ويو ۽ ٺٽي کان وٺي درياهه تائين 55 ميلن جي ڊيگهه ۾
550 چورس ميلن ۾ تباهي آئي. تعلقي سجاول ۾ ڪوڪا واري بند 2/3 کان -2/4 ميلن ۾ بند ٽٽو، جنهنڪري شاهه بندر وارو علائقو پاڻيءَ هيٺ آيو. سنڌ جو سامونڊي علائقو ٻيءَ دنيا جي حساب سان گهٽ آباديءَ وارو علائقو رهيو آهي. ان جو سبب اتي ايندڙ مسلسل تباهيون آهن، ڪڏهن سامونڊي طوفان اتي تباهيون پکڙين ٿا ته ڪڏهن وري درياهه جي ٻوڏ ۽ ڪڏهن زلزلا، پر جڏهن اسان دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪن تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي خبر پئي ٿي ته هالينڊ سمنڊ جي سطح کان الائي ڪيترا فوٽ هيٺ آهي، انهن ماڻهن بند ٻڌي سمنڊ جي پاڻيءَ کي روڪيو آهي ۽ سم جي پاڻيءَ کي صدين کان وٺي پن چڪين ذريعي ڪڍي واپس سمنڊ ۾ وجهندا آهن ۽ نتيجي ۾ اهو ملڪ سرسبز شاداب آهي.
1973ع واري ٻوڏ: شاهه بندر ۽ ڪوڪا واري بند ۾ 6/7 -2/7 ميل ۾ گهارو پئجي ويو ۽ اتان 4500 ڪيوسڪ پاڻي گذريو. ان وقت ڪوٽڙيءَ کان هيٺ درياهه جو وهڪرو 7851329 ڪيوسڪ هو. هن ٻوڏ جي ڪري تعلقي شاهه بندر جا 19500 ايڪڙ ٻوڏ هيٺ آيا. گهوٽڪي تعلقي ۾ قادرپور لوپ بند 0/8 ميل وٽ 600 ويڪر ۽ ٺٽو جتان 30000 ڪيوسڪ پاڻي گذري، اچي ميرانپور ڍنڍ ۾ پيو.
هن سال برساتون به گهڻيون پيون ۽ درياهه ۾ پاڻي به ججهو هو، پر ان وقت تائين سنڌ ۾ آبپاشي کاتو تمام گهڻو مضبوط هو، ان ڪري اها تباهي نه ٿي، جيڪا ٿي سگهي پئي. اها حقيقت آهي ته آبپاشي کاتي ۾ موجود انجنيئرن کي ان وقت سنڌ ۾ هڪ خاص اهيمت حاصل هئي ۽ انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو خاص جذبو هوندو هو. بعد ۾ ايريگيشن جي انجنيئرن ۾ به نه اها صلاحيت رهي ۽ نه سندن ترجيحون برقرار رهيون.
پر هڪ حقيقت برقرار آهي ته آبپاشي کاتي جي هڪ ملازم جي هڪ غفلت جي ڪري لکين ماڻهو دربدر ٿي سگهن ٿا ۽ هڪ ملازم جي محنت سان لکين زندگين جو جان ۽ مال بچي سگهن ٿا.

1976ع واري ٻوڏ: هن سال رڪارڊ ٿيل تاريخ جو وڏو وهڪرو سکر وٽ پهتو. سکر جو مٿانهون وهڪرو 1200574 ڪيوسڪ هو ۽ هيٺاهون وهڪرو 1160984 ڪيوسڪ هو. 1942ع جي ٻوڏ وانگر ڪئنالن کي به مڪمل کوليو ويو هو. نتيجي ۾ دادو ۽ رائيس ڪئنالن ۾ گهارا پيا ۽ مدئجيءَ کان هيٺ ڪافي علائقو ٻڏو هو. برساتون به شديد پيون ۽ سڄي سنڌ تقريباً ٻوڏ هيٺ هئي. سکر بئراج جي پاڻيءَ جي دٻاءَ جي ڪري پهريان فرنٽ بند ۾ 300 ميل گهارو پيو ۽ ۽ بعد ۾ روهڙي نبي شاهه بند ۾ 5 گهارا پيا ۽ اهو سمورو پاڻي هيٺ اروڙ واري جابلو پٽيءَ سان ٽڪرائجي ناري واري رستي سان هيٺ ويو، جيڪو درياهه جو پراڻو وهڪرو ليکيو ويندو آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪنهن دور ۾ هاڪڙو درياهه اتان وهندو هو. اهو رستو وٺي پاڻي بيابان ۽ ٿر جي صحرا ۾ هليو ويو. البت اتي موجود آبادين کي وڏو نقصان پهتو. گهاري مان ڪل 76000 ڪيوسڪ پاڻي گذريو ٿي. درياهه وٽ گهاري جي ويڪر 1462 فوٽ هئي. ٻوڏ جي ڪري خيرپور جا ڪافي علائقا ٻوڏ هيٺ آيا. چوٽيارين تائين تقريباً 107 ميلن جي ڊيگهه ۾ ٻوڏ جو پاڻي پکڙيو ۽ 1070 چورس ميلن ۾ علائقو ٻُڏو، جنهنڪري ڪافي ننڍا وڏا ڳوٺ، پاڻيءَ هيٺ آيا هئا، پر پوءِ ڪنهن وڏي آباد علائقي ۾ نقصان نه ٿيو هو.
هوڏانهن چُکيءَ کان وٺي جوهيءَ تائين ايف. پي. بند مختلف هنڌان ٽُٽو ۽ خاص ڪري حمل ڍنڍ واري گهاري جي ڪري بند جي ڀرسان 15 ميلن جي ويڪر ۾ سمورو علائقو ٻوڏ هيٺ آيو. حمل وارو اهو کنڊ بعد ۾ وڏي محنت سان جيل جي قيدين جي محنت سان ٻَڌرايو ويو هو. هن ٻوڏ دوران ٻوڏ جي پاڻيءَ جي رستي ۾ آيل هٿرادو رڪاوٽن کي حڪومت جي مدد سان وقت تي ٽوڙيو ويو هو، ان پاڻيءَ جي دٻاءَ جي ڪري منڇر جو بند پڻ ٽٽو هو ۽ ڀان سعيدآباد تائين سمورو علائقو ٻوڏ هيٺ آيو هو. بهرحال ٻوڏ جو پاڻي، جتي نه به پهتو هو، ته برسات جو پاڻي ايترو هو، جو هر طرف ٻوڏ جو ڏيک ٿي ڏٺو ويو. هن سال برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري شديد جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. ٻوڏ جي دوران سموري علائقي کي ريڊيو تي اطلاع ڏنا ٿي ويا ۽ چيو ويو ٿي ته اتر طرف نڪري وڃو.
1988ع واري ٻوڏ: 17 آگسٽ 1988ع تي صبح جو 10.30 وڳي سورجاڻي بند جي 0/1 ميل ۾ گهارو پيو. هي بند 1965ع ۾ ٺهيو هو وري اتي 635 فوٽن جي کاڌ ٿي. 1983ع ۾ ان جي ري ماڊلنگ ڪئي وئي. 1988ع ۾ اها ناڪام ٿي. ان وقت 40000 ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو هو. ڪوٽڙيءَ مان وهڪرو 660618 مٿانهون، 640564 هيٺانهون هو. گهاري جي ويڪر 1676 فوٽ هئي. گهاري جي ڪري تباهيءَ جا تفصيل هيٺين ريت آهن:
 تعلقي سجاول جي 121 چورس ميلن ۾ 77760 ايڪڙ ٻُڏا، جن ۾ ٽوٽل 7658 گهرن جون نقصان ٿيو.
 جاتي تعلقي جي 113 ميلن ۾ 72320 ايڪڙ ٻڏا، جن ۾ 5961 ايڪڙن تي فصل بيٺل هو، 3957 گهرن جو نقصان ٿيو.

 هي گهارو 30 آگسٽ 1988ع تي ان وقت جي ايس. اي. مرحوم الله وسايي ڀٽيءَ، گنگو نظاماڻيءَ وارن جي منگلي ڏئي ٻَڌرايو. گهاري بند ڪرائڻ تي ڪافي خرچ ٿيو، ڪُل 150080 ايڪڙ ٻڏا ۽ 234 چورس ميلن ۾ پاڻي پکڙيو.
1995ع واري ٻوڏ: هن سال به سنڌونديءَ ۾تمام مٿانهين درجي جي ٻوڏ آئي هئي. سکر وٽ وهڪرو 998000 هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽوڙي بند ٽٽو. آبپاشي عملي ۽ فوج ۽ قيدين جي مدد سان پاڻيءَ کي ٽين بچاءَ لائين بي. ايس فيڊر (B.S. Feeder) تي روڪيو ويو. توڙي جو اتي ڪيترائي بلو آوٽ (Blowout) ٿيا، روڻيون پيون، ڇو جو ان جا ڪپر ان حساب سان ٺهيل نه هئا، ان جي باوجود وڏيءَ محنت سان پاڻيءَ کي اتي روڪيو ويو. اها هڪ وڏي ڪاميابي هئي. ان کانپوءِ 1996ع ۾ ان بند کي پٿر جي پيچنگ ڪئي وئي ۽ مضبوط ڪيو ويو. افسوس جو ان کان مٿي ان جي ڪپرن کي ان حساب سان مضبوط نه بنايو ويو هو ۽ ان ڳالهه کي ذهن ۾ نه رکيو ويو ته اهڙو واقعو ان کان مٿي به ٿي سگهي ٿو.
نتيجي طور 2010ع ۾ جڏهن ٽوڙي بند اُن کان مٿي ٽٽو ته بي. ايس. فيڊر (B.S. Feder) جو ڪپر اُن ٻوڏ جي دٻاءَ جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ پوءِ جي تباهي سڄيءَ سنڌ ڏٺي. ان کان سواءِ عاقل آگاڻي بند تي به زبردست کاڌ ٿي 6/1 ميل تي بند باقي وڃي بچيو هو ۽ زبردست جدوجهد کانپوءِ بند کي بچايو ويو. ساڳي صورتحال ٿوري گهڻي فرق سان عاقل آگاڻي بند سان پوءِ به ٿوري ٿوري وقفي سان ٿيندي آئي آهي. ان کان پوءِ FWO اتي 6 عدد پٿرن جون وڏيون انگڙيون (spur) ٺاهيون، پر انهن به عملي طور ڪوبه ڪم نه ڪيو ۽ سواءِ انگڙين (J-Spur) ٺاهڻ جي، جن درياهه جو رخ تبديل ڪيو. ياد رهي ته 1942ع ۾ به اهو بند ٽٽو هو ۽ پاڻيءَ کي دادو ڪئنال جي کاٻي ڪپر تي، جيڪو ٽيون بچاءَ بند آهي، روڪيو وڃي.
1995ع ۽ F.P بند جي ٻوڏ: کير ٿر جبل ۽ بلوچستان جي خضدار ۽ سبي جهل مگسيءَ واري علائقي ۾ جولاءِ جي آخر ۾ زبردست برساتن جي ڪري لوچستان کان وڏو پاڻيءَ جو وهڪرو آيو ۽ کيرٿر جون سڀ نئيون ڀرپور وهي آيون، جنهن جي ڪري ايف. بند وٽ آر ڊي 0، 33، 45 کان 46، 50، 56، 58، 61 کان 62، 67، 68، 69، 75، 80، 90، 104، 119-118،
148-147، 159، 163-160، 223، 246، 258، 282، 325، 346 ۾
گهارا پيا.
منڇر جي بند (M.C. Band) ۾ آر. ڊي 7، 62، 80 کان 85 ۾ گهارا پيا. ان کان سواءِ ’گاج رخ موڙيندڙ بند‘ Gaj Diversion Bund جي پٿرن جو بند ۽ ان جي وچ ۾ سمينٽ جي ٺهيل ڀت (Core Wall)، جنهن کي عام طور تي تير ڀت چوندا آهن، سان به لڙهي وئي. نتيجي طور تي قبي سعيد خان جي اولهه واري علائقي کان وٺي جوهيءَ تائين سمورو علائقو ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي ويو. تقريباً 575 چورس ميلن جي ايراضي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آئي. ان برسات جو ايڏو تسلسل ڪونه هو، جنهن ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ، جن علائقن کي ٻوڙيو، اهو پاڻي اتي ئي رهيو.
2007ع واري ٻوڏ: جولاءِ ۾ عربي سمنڊ ۾ سائيڪلون (طوفان) آيو، جنهنڪري مڪران جي ساحل کان وٺي سموري بلوچستان ۽ خاص ڪري خضدار واري علائقي ۾ شديد برساتون پيون. ان وقت قبي سعيد خان لڳ ايف. پي بند کي ٽپندڙ رتوديرو- گوادر موٽر وي تي ڪم هلندڙ هو، جيئن ته روڊ وارن کي علائقي جي صحيح ڄاڻ نه هئي. ان ڪري هنن بلوچستان کان ايندڙ پاڻيءَ جو رستو بند ڪري ڇڏيو. جيڪو هميشه کان انهيءَ رستي سان ايندو هو.
ان ڪري جڏهن 435000 ڪيوسڪ وهڪرو آيو ته پاڻي ’چکي‘ (قبي سعيد کان اولهه طرف) ۽ سنڌ بلوچستان جي بارڊر وٽ بند کي اوورٽاپ ڪري مٿان اٿلي پيو ۽ تمام وڏا گهارا پئجي ويا. ان وقت ۽ هن وقت روڊ ۽ بند جي ٽاپ ليون تقريباً ساڳي آهي. هڪ ئي ڏينهن ۾
169، 177، 178، 179، 181، 184، 186 وٽ گهارا پيا. هن ٻوڏ جي ڪري جيڪي به وڏا سم نالا هئا. مثلاً: شهدادڪوٽ ڊرين، ميرو خان ڊرين، گهاڙ ڊرين، ايم. اين. اي، ميهڙ ڊرين ۽ ڪي. اين. شاهه ڊرين، تن ۾ سوَن جي تعداد ۾ گهارا پيا ۽ قبي سعيد جي اولهه کان وٺي، غوزي تائين سمورو علائقو پاڻيءَ هيٺ آيو.
ان کان سواءِ بلوچستان ۾ ايف. پي. بند جي گهارن جي ڪري پاڻي سيف الله شاخ سان اچي لڳو ۽ تمام وڏيءَ محنت سان ان کي ڪيترن گهارن کان بچايو ويو. ٻيءَ صورت ۾ شهدادڪوٽ شهر جي ٻڏڻ جو خطرو هو.
مها ٻوڏ 2010: سنڌو نديءَ کي ٻنهي پاسن کان مڪمل طور بندَ 1932ع ۾ ڏنا ويا هئا، جن کي تقريباً 82 سال ٿي چڪا آهن. توڙي جو ان وچ ۾ به ٻه ٽي وڏيون درياهه جون ٻوڏون آيون، مثلاً ساڄي پاسي 1942ع ۽ 1948ع واريون ٻوڏون ۽ 1976ع جي ٻوڏ ۽ کاٻي پاسي 1956ع جي ٻوڏ، 1976ع جي ٻوڏ (برساتي ٻوڏون ان کان سواءِ آهن)، پر سنڌ جي اڪثر رهواسين ۽ واسطيدار کاتن، ايريگيشن ۽ روينيو ڊپارٽمنٽ وارن کان به اهو سڀ ڪجهه وسري چڪو هو. دراصل لکت ۾ اهي سڀ تجربا نه آندا ويا هئا (سواءِ انگريزن جي دور 1947ع تائين)، جنهنڪري ايندڙ نسل ان کان بي خبر ٿي چڪو هو. ان لاپرواهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو ته جڏهن 2010ع ۾ ٽوڙي بند ۽ ٻيا بند ٽٽا ۽ ٻوڏ آئي ته سڄي سنڌ ۾ افرا تفري مچي وئي، نه سرڪار جي ادارن کي ۽ نه ساڃاهه وندن کي ڪو خيال آيو ته آخر هن مصيبت کي ڪيئن منهن ڏجي.
اها ٻوڏ سنڌ وارن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي، پر اڳين ٻوڏن1942-84 ع وقت ماڻهن پڪا اجها، پڪا ڳوٺ ۽ پڪا شهر ڪو نه ٺاهيا هئا. پڪا روڊ رستا زمين جي سطح کان مٿي ٺهيل نه هئا، اڳي جيڪي به رستا هئا، سي زمين جي سطح جي برابر هوندا هئا. اسپتالون ۽ ماڻهن کي سهولتن جا ٻيا ذريعا نه هئا. ماڻهن وٽ فقط مال ڍڳيون هونديون هيون، ٻه ٽي پيتيون، کاڌي جو سامان ڏاندگاڏين تي رکي، مال ڪاهي اچي واريءَ جي دڙن تي ويهي رهندا هئا. ٻوڏ لهي ويندي هئي، ته پوءِ اچي وري ڪچا گهر، يا جهوپڙيون اڏيندا هئا ۽ وري ساڳي زندگي شروع ڪندا هئا، پر 2010ع واري ٻوڏ ۾ ائين نه هو. بندن جي مضبوطي ۽ درياهه ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري ۽ وڏي عرصي کان ٻوڏ کان محفوظ رهڻ جي ڪري هر جڳهه پڪا ڳوٺ، شهر اڏجي ويا هئا. هر هنڌ موبائل فون جا ٽاور، پڪا روڊ رستا هئا، وڏيون شاخون ۽ سم نالا هئا. ماڻهن جا ڪارخانا ۽ ملڪيتون هيون، مالوند ۽ لاڏائو ماڻهو سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪجهه وقت کان وٺي هڪ هنڌ رهڻ جو ڍنگ سکي رهيا هئا. ان ڳالهه کي هو قطعي وساري چڪا هئا ته هن علائقي جو ماضي ڇا هو ۽ مستقبل ۾ ڪهڙيءَ طرح انهن خطرن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو ۽ ان ڪري جڏهن 2010ع ۾ پهرين ٽوڙي بند ٽٽو ۽ غوثپور شهر ٻڏو ۽ بعد ۾ ڪوٽ عالموءَ وٽ بند ٽٽو ته هر هنڌ واويلا مچي وئي. ڪجهه ماڻهن کي اندازو هو ته هي سانحو ڪهڙو آهي ۽ ان جا اثر ڇا ٿيندا ۽ انهن جي مشورن جي ڪري ڪافي شهر مثلاً: شهدادڪوٽ، قمبر، ميرو خان، وارهه، جيڪب آباد ۽ ٻيا ٻڏڻ کان بچي ويا پر پوءِ به اهڙي تباهي آئي، جنهن جو مثال ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ نه ٿو ملي. ان سڄيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هن ٻوڏ جو تفصيلي جائزو وٺڻو پوندو.
ٽوڙي بند جي تاريخ: هي بند 1889ع ۾ ٺاهيو ويو هو. دراصل هن جڳهه تي بند مختلف هنڌن تي ٽٽا ۽ ڪي مڪمل ختم ٿي ويا، کاڄي ويا ۽ ٻيا ٺاهيا ويا. هي بند ضروري نه آهي ته سپر فلڊ (9 لک ڪيوسڪن کان مٿي) تي ٽٽا هجن، پر وچولي فلڊ ۾ به هي بند ٽٽا آهن. ٽوڙي بند هيٺين سالن ۾ ٽٽو آهي: 1904ع، 1930ع، 1932ع، 1942ع، 1975ع، 1976ع، 1995ع، اولڊ غوثپور بند 1912ع، 1921ع، 1924ع، 1925ع، 1927ع، 1928ع، 1929ع ٽٽو آهي ۽ گهوڙا گهٽ بند 1929ع، 1935ع، 1955ع، 1956ع ۽ 1976ع ۾ ٽٽو آهي.
7 آگسٽ 2010ع تي جنهن وقت ٽوڙي بند ٽٽو هو، انهيءَ وقت گڊو بئراج تي سپر فلڊ هئي ۽ پاڻي 96200 ڪيوسڪ هو. پاڻيءَ جي
صورتحال ايريگيشن جي انگن اکرن مطابق هن ريت هئي:
تاريخ وهڪرو تاثرات / Remarks
1 آگسٽ 2010 232575 ڪيوسڪ هيٺانهين فلڊ (ننڍي ٻوڏ)
2 آگسٽ 2010 280000 ڪيوسڪ -
3 آگسٽ 2010 346000 ڪيوسڪ هڪدم 84 هزار ڪيوسڪ
4 آگسٽ 2010 45400 ڪيوسڪ 108 هزار ڪيوسڪن جي واڌ
5 آگسٽ 2010 700262 ڪيوسڪ هڪدم 246 هزار ڪيوسڪن جي واڌ
6 آگسٽ 2010 962000 ڪيوسڪ هڪدم هزار 262 ڪيوسڪن جي واڌ
7 آگسٽ 2010 962000 ڪيوسڪ پاڻي ساڳيو رهيو.
7 آگسٽ 2010 11 بجي تائين پاڻي ساڳيو رهيو ۽ پوءِ هڪدم بند ٽٽو وڏي واڌ
8 آگسٽ 2010 1128000 ڪيوسڪ هڪدم 166 هزار ڪيوسڪن جي واڌ
9 آگسٽ 2010 1148000 ڪيوسڪ 20 هزار ڪيوسڪن جي واڌ
9 لک ڪيوسڪن کان مٿي سپر فلڊ ۽ تمام وڏي فلڊ (High Flood) 9 ۽ 7 لک ڪيوسڪ 24 آگسٽ 2010ع تائين جاري رهي. هن سال لکيل تاريخ موجب پهريون ڀيرو 20 ڏينهن مسلسل سپر فلڊ (Super Flood) يعني 9 لک کان مٿي ۽ هاءِ فلڊ يعني 9-7.5 لک ڪيوسڪ وهڪرو رهيو. ظاهر ڳالهه آهي ته هڪ ته پاڻي جو چاڙهه مسلسل رهيو ۽ ٽوڙيءَ وٽ گهارو اڳ ۾ پئجي چڪو هو ۽ اتي پاڻيءَ جي لاهي (زمين ۽ پاڻيءَ جي سطح ۾ فرق) تمام وڏي هئي، درياهه جا پراڻا قدرتي وهڪرا ڳ ۾ ئي موجود هئا، سو درياهه تقريباً ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو هو. جڏهن اهو گهارو بند ڪيو ويو هو ته ان وقت گهاري جي ڪل ڊيگهه 1.5 ڪلوميٽر (4800ft) فوٽ هئي. 1942ع ۾ جيڪو گهارو پيو هو، ان جي ڪل ڊيگهه تقريباً 2600 فوٽ هئي، يعني هي گهارو ان کان ٻيڻ تي وڏو هو. 1942ع ۾ ان گهاري مان گذرندڙ وهڪرو 1.5 لک ڪيوسڪ هو، جڏهن ته درياهه ۾ ان وقت 2010ع جي اڌ جيترو وهڪرو هو، يعني 6.75 لک ڪيوسڪ هو ۽ پاڻي ۾ چاڙهه هڪ هفتي کان گهٽ هو.
سرڪاري انگن اکرن ۾ ڪڏهن به 2010ع گهاري مان گذرندڙ صحيح وهڪري جي نشاندهي نه ڪئي وئي آهي، ان کي فقط 15 کان ٽيهه هزار ڪيوسڪ ٻڌايو پئي، جڏهن ته ٻين ڌرين انهن انگن اکرن کي مڪمل غلط قرار ڏنو. تحقيق موجب گهاري مان سپر فلڊ ۽ هاءِ فلڊ دوران وهڪرو 3 لکن کان اڍائي لک ڪيوسڪ رهيو هو.
سنڌونديءَ ۾ مختلف هنڌن تي وهڪرن جا انگ اکر:
وهڪري جي جڳهه 2010ع وهڪرو ڪيوسڪ تاريخي وهڪرو ڪيوسڪ سال تاثرات/ رمارڪس
سوات ندي 220000 97500 1995
نوشهرو ڪابل ندي 400000 203000 1965
تربيلا ڊيم 835000 80000 1929 (ان وقت تربيلا ڊيم نه هو)، پر اتي وهڪرا ورتا ويندا هئا
ڪالاباغ بئراج 936000 917000 1942
چشمه بئراج 1037000 781000 1976 70 جي ڏهاڪي ۾ هي بئراج ٺاهيو ويو.
تونسه بئراج 959000 788600 1958 -
گڊو بئراج 1148000 1176000 1976 هن ۾ مٺڻ ڪوٽ وٽ آيل 3 لک ڪيوسڪ پاڻي ۽ ڪوهه سليمان کان آيل تقريباً 2 لک ڪيوسڪ پاڻي به شامل آهن.
سکر بئراج 11631000 1161000 1976 سنڌ ۾ ٻوڏ
ڪوٽڙي بئراج 1200000 981000 1956 سنڌ ۾ ٻوڏ
(ذريعو: واپڊا ۽ ايف ايف سي)
هن مان اندازو ٿئي ٿو ته جيڪڏهن چشما بئراج وٽ وهڪرو تاريخي وهڪري کان 25600 ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي هو ۽ تونسا وٽ تاريخي وهڪرو 170000 ڪيوسڪ وڌيڪ هو، جڏهن ته ان وقت تونسا کان مٿي گهارو پيل هو ۽ ڪوٽ ادوءَ سميت سمورو علائقو ٻڌل هو. هوڏانهن
3 آگسٽ 2010ع تي چاچڙان شريف وٽان آيل وهڪرو 12 فوٽ هو ۽ ڪوهه سليمان تي پيل زبردست برسات جي ڪري تقريباً 300000 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياهه ۾ داخل ٿيو، جيڪو گڊوءَ کان مٿي سنڌوءَ جي پاڻيءَ سان ملي ويو. دراصل ان پاڻيءَ جو جيئن ته ڪو به حساب ڪتاب نه رکيو ويندو آهي، ان ڪري 2010ع ۾ ان پاڻيءَ جو ڪو به اندازو نه لڳايو ويو ۽ نه ئي ان پاڻيءَ کي وهڪري ۾ شامل ڪيو ويو. ٻوڏ جي پاڻيءَ جو حساب ڪتاب هر بئراج تي ڪيو ويندو آهي. اريگيشن، واپڊا ۽ فيڊرل فلڊ ڪميشن، ايف. ايف. سي وارا الڳ الڳ ۽ گڏ حساب رکندا آهن، پر ان سموري پاڻيءَ جو ان ۾ ليکو ڪو نه هو. ٻيو ته 1992ع کان وٺي بئراج جي سارسنڀال ۽ ان حساب ڪتاب لاءِ قابل انجنيئر ئي نه رهيا هئا.
1992ع ۾ جڏهن تاريخي ٻوڏ سنڌ اندر داخل ٿي رهي هئي ته ’ڊان اخبار‘ جي پهرئين صفحي جي وڏي سرخي هئي. سنڌ اندر 210000 ڪيوسڪ پاڻي ايندو، پر جڏهن سنڌ جي قابل انجنيئرن ان وقت حساب لڳايو ته پاڻي 11 لک ڪيوسڪن کان وڌيڪ نه ايندو ۽ اهو بلڪل صحيح ثابت ٿيو، پوءِ ڪهڙو سبب هو، جنهنڪري ٽوڙي بند به ٽٽو، پر ان کان پوءِ ٺٽي ويجهو پناهه بگهاڙ بند به ٽٽو، ڪوٽ عالموءَ وٽ ايم ايس بند ٽٽو ۽ سڄي سنڌ ٻوڏ هيٺ اچي وئي.
1992ع واري ٻوڏ شايد ان مثال جي آخري ڪڙي آهي، جڏهن اها وڏي ٻوڏ، جنهن ۾ ڪنهن به سياسي مداخلت جو عمل دخل نه هو ۽ اريگيشن کاتي پاڻ سڄيءَ ٻوڏ کي درياهه مان گذاريو هو. 1995ع ۾ ٽوڙي بند ٽٽو، ته به اهل انجنيئرن بروقت هر ڳالهه جو صحيح اندازو لڳايو ۽
بي. ايس فيڊر تي ٻوڏ کي روڪي ورتو. 2010ع ۾ اهي سڀ صلاحيتون جيڪڏهن ختم نه ٿي چڪيون هيون، ته به سياسي مداخلت ۽ ڌاڙيلن جي موتمار ڪارواين ۽ قبائلي جهيڙن جي ڪري کاتي جا عملدار بروقت انهن بندن جو معائنو ڪرڻ کان قاصر رهيا. ان ۾ سندن ذاتي ڪوتاهيءَ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، ٽوڙي بند، ايم ايس بند (ڪوٽ عالموءَ) ۽ پي بي بند ٽٽڻ جا ڪجهه سبب هيٺ ڏجن ٿا.
(1) پاڻي ۾ اوچتي واڌ: گهڻي وقت کان وٺي سڪل بندن ۾ ڪوئن جا ڏرڙ ۽ ڏار پئجي ويا هئا ۽ انهن جي مڪمل نگهباني نه ٿي سگهي هئي. سارسنڀال نه ٿيڻ ۽ گهٽ پاڻيءَ جي ڪري درياهه جو ترو لٽجي ويو هو، درياهه ۾ پاڻيءَ جي اوچتي واڌ هميشه مٽيءَ جي بندن کي نقصان پهچايو آهي، جيئن 1924ع واري سال ۾ 4 فوٽ هڪدم واڌ جي ڪري بند ٽٽا هئا. گذريل ڪافي عرصي کان تقريباً 2000ع کان وٺي درياهه ۾ پاڻي ڪو نه هو، نتيجي طور بندن تي توجهه نه ڏنو ويو ۽ انهن جي سار سنڀال به گهٽ ٿي. ان ڪري سنڌ جي بندن ۾ بيشمار هنڌن تي روڻيون پيون، ڇو ته ڪوئن ان ۾ ڏرڙ ٺاهيا هئا، پر جيڪڏهن بندن جو خشڪيءَ وارن سالن ۾ به چڱيءَ طرح معائنو ڪبو ۽ انهن کي پهچندڙ نقصان جي مرمت ڪجي ها ته ڪافي بچاءَ ٿي سگهيو ٿي.
ڏٺو وڃي ته ڪيترن سالن دوران تمام وڏي ٻوڏ ۽ درياهي وهڪرا آيا هئا، جنهن سبب سڄي سنڌ ٻڏي سگهي پئي، پر جن ٿورن ماڻهن جي ڪري سڄي سنڌ بچي وئي، اهي هئا اريگيشن جا قابل عملدار، جن وڏي جاکوڙ ڪري بند بچايا هئا ۽ انهن درياهه ۽ ايندڙ پاڻيءَ جي وهڪرن جو صحيح حساب لڳايو هو. هر بئراج وٽ پهچندڙ پاڻيءَ جو انهن وٽ صحيح حساب هو ۽ ان مطابق هو صحيح فيصلا ڪندا هئا ۽ هيٺيون عملو ان تي عمل ڪندو هو.
(2) ڪچي ۾ ڌاڙيل فيڪٽر، قبائلي جهيڙا: درياهه جتان گذري ٿو، ان اندرين علائقي کي ’ڪچو‘ سڏيو وڃي ٿو. اتي اڳ درياهي ٻيلا هوندا هئا. هن وقت اهي ايڪڙ ٻيڪڙ بچيا آهن. ٻيلن جي ڪري به درياهه جو وهڪرو هڪ هنڌ رهندو هو، پر پوءِ ٻيلا ڌاڙيلن جون مضبوط پناهه گاهون ٺهي ويا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ائين اڳ به هو، ڌاڙيل به ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿيندا هئا. سٺ جي ڏهاڪي ۾ اها ئي صورتحال هئي، ته 90 جي ڏهاڪي ۾ به ائين ٿيو هو، پر حڪومت جي ڀرپور ڪارروائيءَ جي ڪري اتي موجود ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ويو هو، پر ٻيلن جو خاتمو نه ٿيو هو. اڳي اريگيشن عملي کي ڪجهه به نه چيو ويندو هو، ڇو ته اهي پاڻيءَ جي نگهباني ڪندا هئا. بعد ۾ رويا ۽ اصول تبديل ٿي ويا. نتيجي طور تي بندن تي سواءِ ڏوهاري ماڻهن جي ڪو به وڃي نه پئي سگهيو، جنهنڪري ماڻهن مان خوف نڪري ويو، جنهن کي مرضي آئي بند ۾ پائيپ وجهي ڇڏيائين، جنهن کي مرضي آئي بندن تان گهرو استعمال لاءِ مٽي کنيائون ٿي، جڏهن ته اڳ بند تي ڪو به غير سرڪاري ماڻهو نه چڙهندو هو، نه مٽي کڄندي هئي ۽ نه بندن تي غير قانوني پائيپ وجهبا هئا.
جيئن ته بند مٿي هئا ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ انهن کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ بدران ماڻهن انهن تي پنهنجا گهر ۽ ڳوٺ ٺاهي ورا، ٽوڙي بند واري واقعي ۾ ائين ئي ٿيو هو، جيئن ته بند گهڻو مٿي هئا، ان ڪري بند تي چڙهڻ لاءِ ان کي ڪٽي هيٺ ڪيو ويو هو.
سنڌ ۾ ڪيترن هنڌن تي سرڪاري کاتن بند جي سطح کي هيٺ ڪري اتي روڊ رستا ٺاهي ڇڏيل سوين رستا ڪچي ۾ وڃڻ لاءِ بندن کي هيٺ ڪري ٺاهيا ويا. جيئن ته بند اندر ڪچي جي زمين تمام گهڻي زرخيز آهي. ان ڪري طاقتور ماڻهو جا مفاد ان ۾ هئا. ان کان سواءِ قبائلي جهيڙن جي ڪري ڪنهن کي به اتان ٽپڻ نه ٿي ڏنو ويو، جيئن تيغاڻي قبيلي وارن جو جهيڙو (ٽوڙي واري علائقي ۾) هو ته ظاهري ڳالهه آهي ايريگيشن جا آفيسر اتان گذري نه پئي سگهيا، نه ئي اهي خرابيون دور ڪري ٿي سگهيا.
ان کان سواءِ ڪچي اندر آبادي ٿيڻ ڪري وڏا ٻيلا سڀ ڪٽجي چڪا آهن ۽ سياسي اثر رسوخ وارن ماڻهن اندر ڪچي ۾ وڏا بند ڏئي زمينون آباد ڪيون آهن ۽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور تي بند ڏنا ويا آهن، جنهنڪري درياهه جي وهڪري جي جڳهه مٿينءَ ٻوڏ جي صورتحال ۾ 8 کان 12 ميلن کان گهٽجي وئي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته اڃا به گهٽ ٿي آهي. جيئن ٽوڙيءَ جي سامهون آئل فيلڊ واري بند جي ڪري اتي مفاصلو ڪل 4.5 ميل بچيو آهي.
(3) ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جو عمل دخل: 1996ع کان وٺي هڪ تيز رفتار عمل دنيا جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندو ويو، جيڪو آهي ڪمپيوٽر ۽ انهن سان لاڳاپيل اڳڪٿيون ۽ انهن جو اثر، سو اريگيشن کاتي ۾ به ان جو اثر رهيو. ورلڊ بئنڪ ان کي اڳتي وڌايو. سيڊا ۾ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ وارن انجنيئرن کي اڃا به وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون. ٽيڪنالاجي زندگيءَ جي حقيقت آهي، پر سنڌ جي بندن ۽ ٻهراڙيءَ وارو علائقو اڃا ان سڄي تاريخي عمل مان گذري نه سگهيو هو. بند ڇا آهن، ٻهراڙيءَ جي حقيقت ڇا آهي، ٻوڏ ڇا آهي، روڻ ڇا آهي، کنڊ ڪيئن بند ڪجن، اها ڄاڻ ڪمپيوٽر ذريعي حاصل نه ٿي سگهي، ان لاءِ تجربي جي ضرورت هئي ۽ رهندي.
بدقسمتيءَ سان نئين ٽيڪنالاجي ۽ پراڻي صدين جي علم جي ڄاڻ ۽ اڻ ڄاڻائي پاڻ ۾ ٽڪراءَ ۾ آيون. اهي انجنيئر جيڪي هڪ عرصي کان وٺي سنڌ کي ٻوڏ جي مصيبت مان بچائيندا ٿي آيا، اهي غير فعال ٿي چڪا هئا، جيڪي انهي ڄاڻ وارا موجود هئا، تن کي غير اهم سمجهيو ويو ۽ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکندڙن کي پڙهيل لکيل سمجهيو ويو. نتيجي طور ڪمپيوٽر جي مدد سان نامڪمل ۽ غلط اڳڪٿيون سڀ بيڪار ثابت ٿيون. ايم. ايس بند، ڪوٽ عالموءَ وٽ جڏهن روڻ پئي ته اتي موجود انجنيئرن کي ٻوڏ جو ڪو به تجربو نه هو. نتيجي طور روڻ بند نه ڪري سگهيا ۽ گهارو پيو. سجاول سميت سمورو علائقو ٻڏو، پر هر هنڌ ائين نه هو، بندن تي ڪم به ٿيو، اريگيشن جي آفيسرن ڏينهن رات ڪم به ڪيو، هزارين ماڻهن سندن مدد به ڪئي.
گڊو ريجن طرفان جيڪو بند بچايو ويو، ان جو تفصيل هتي ڏجي ٿو، ان کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ايريگيشن وارن ۽ سنڌ جي ماڻهن گڏجي سوين ميل بند مٿي ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تمام وڏي حصي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو ويو. هيٺ فقط ٽوڙيءَ کان هيٺ سکر تائين جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو تفصيل ڏجي ٿو:
(1) 10 بلو آوٽ (Blowout)، ڪي. ڪي بند، ڪشمور بند، هيبت بند ۽ سکر بيگاري بند کي منگليون ڏئي بچايو ويو.
(2) 100 روڻيون بند ڪيون ويون، جيڪي ڪشمور بند، گهوڙا گهٽ بند، هيبت بند، ٽوڙي بند ۽ سکر بيگاري بند ۾ پيون هيون.
(3) 5 بند پيل گيٽ، جيڪي درياهه جي پاڻيءَ جي پريشر جي ڪري ٽٽي پيا هئا، اهي بچايا ويا.
(4) سکر، بيگاري بند جي 21-0 سکر شهر وٽ سخت سم جي ڪري، روڻيون پيون، پر سکر شهر ۽ ٻين علائقن کي بچايو ويو.
(5) ڪي. ڪي وٽ کاڌ کي بچايو ويو ۽ اها ڳالهه ڪنهن هڪ بند سان ڪا نه هئي. بلڪ سڄيءَ سنڌ ۾ سڀني جاين تي اريگيشن کاتي ۽ عوام طرفان بندن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويو. هزارين ماڻهن بندن تي پهچي بندن کي ٽٽڻ کان بچايو، اريگيشن جي آفيسرن هر جڳهه تي پنهنجي وس آهر ان آفت سان مقابلو ڪيو. اصل ڳالهه هيءَ هئي ته ماڻهن ۾ (جنهن ۾ سنڌ جا سڀ ماڻهو شامل آهن ايريگيشن عملدارن سميت) ٻوڏ جي تجربي جي گهٽتائي هئي. اها گهٽتائي جيڪڏهن دور نه ڪئي وئي ۽ ماضيءَ مان ڪو سبق نه سکيو ويو ته مستقبل ۾ اڃا به وڏا هاڃا ٿيڻ جا امڪان آهن.
ڊسچارج جو تفصيل
تاريخ جڳهه وڏووهڪرو تاريخي وهڪري گذر جو عرصو هو اصلي وهڪري جي گذر جو عرصو رمارڪ
27 جولاءِ 2010ع بنجي 29000 7 ڪلاڪ تربيلا 6 ڪلاڪ -
9 آگسٽ 2010ع چشمه 713500 9 ڪلاڪ 9 ڪلاڪ -
9 جولاءِ 2010ع تربيلا 835000 24 ڪلاڪ چناب 18 ڪلاڪ -
30 جولاءِ 2010ع خداآباد 997300 12 ڪلاڪ چشم 18 ڪلاڪ -
30 جولاءِ 2010ع ڪالاباغ بئراج 936000 6 ڪلاڪ تونسه 50 ڪلاڪ -
1 آگسٽ 2010ع چشمه 10389000 72 ڪلاڪ گڊو 76 ڪلاڪ -
2 آگسٽ 2010ع تونسا 936100 24 ڪلاڪ سکر 33 ڪلاڪ -
9 آگسٽ 2010ع گڊو 1148700 144 ڪلاڪ ڪوٽڙي 408 ڪلاڪ -
10 آگسٽ 2010ع سکر 113100 408 ڪلاڪ -
27 آگسٽ 2010ع ڪوٽڙي 964897 پلين ٺهڻ ڪري پاڻي پهچڻ ۾ وقت وڌيڪ لڳو ۽ سکر کان ڪوٽڙي تائين بندن تي دٻاءَ برقرار رهيو.
مٿي ڏنل ڊسچارج مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گڊوءَ وٽ
9 آگسٽ 2010ع تي وهڪرو 1148000 ٻڌايو هو ۽ سکر وٽ وڌ ۾ وڌ وهڪرو 1130000 ڪيوسڪ ٻڌايو ويو، يعني ٽوڙيءَ وٽ گهاري
مان فقط 18000 ڪيوسڪ پاڻي گذريو ٿي ۽ 1800 ڪيوسڪ جي وهڪري ايڏي وڏي تباهي مچائي، پر ائين نه هو وهڪرو 12,50,000 ڪيوسڪن کان مٿي هو.
7 تاريخ تي ٽوڙي بند ٽٽو. 8 تاريخ تي اهو وهڪرو سکر بئراج مان گذريو، ۽ شايد مٿينءَ سطح تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته بئراج وٽ جيڪڏهن 12 لک ڪيوسڪ کان مٿي جيڪڏهن پاڻي آيو ته پوءِ
علي واهڻ (روهڙي جي ويجهو) وٽ ڪٽ ڏنو ويندو. جڏهن ته اڳ ۾ ئي ٽوڙي وٽ نقصان ٿي چڪو هو ته پوءِ ٻئي هنڌ نقصان کي بچائڻ لاءِ ڇو سوچيو ويو، پر ان مان خبر پوندي ته گڊوءَ وٽ وهڪرو 13 لکن کان به مٿي هو. اهو صحيح آهي ته ٽوڙيءَ وٽ گهارو پيو ۽ ان جي ڪري اولهه سنڌ جو وڏو علائقو ٻڏو، پر اهو خيال ڪڏهن به ڪنهن کي نه آيو ته گهارو 962000 ڪيوسڪن تي پيو ۽ پوءِ ته پاڻيءَ ۾ اڃا واڌ آئي. سرڪاري انگن موجب پاڻي گڊوءَ وٽ 1148000 ٿيو ۽ سکر وٽ 1130000 ٿيو. حالانڪه زميني حقيقتن موجب پاڻي سکر وٽ 12 لک ڪيوسڪ کان گهڻو هو، ته ظاهر آهي ته سکر کان مٿي ٻنهي طرفن بندن تي سخت دٻاءُ رهيو. جيتوڻيڪ ٽوڙيءَ وٽ بند ٽٽي چڪو هو، پر جيڪڏهن بند سکر ڀرسان اولهه ۾ ٽٽي ها ته پوءِ اولهه سنڌ جو به شهر ڪو نه بچي ها. انهن هزارن ماڻهن جي محنت جو ذڪر به ضروري آهي، جن اريگيشن جي عملدارن جي نگرانيءَ هيٺ ٽوڙيءَ کان سکر تائين ٻيا بند بچايا، انهن جو تفصيل بعد ۾ ڏجي ٿو:
2010ع جي ٻوڏ، جڏهن بي. ايس فيڊر سنڌ بيگاري فيڊر ڪئنال کي ٽوڙي پڪي علائقي ۾ داخل ٿي:
هي ٿورو پيچيده عرصو رهيو. ٻوڏ جو پاڻي جيئن ويجهو ٿي آيو ته ڳوٺ ۽ شهر خالي ٿيندا ويا. گهر خالي ڪرڻ وارا لکن جي حساب سان ماڻهو هئا، پاڻيءَ جي دهشت ڇا ٿيندي آهي، اهو فقط اهو ڄاڻي سگهي ٿو، جنهن ٻوڏ ڏٺي هوندي. بهرحال لکن جي حساب سان ماڻهن پنهنجا گهر ڇڏيا، هر سهولت واري شيءِ اتي ڇڏي، خالي هٿين نڪتا، ڪي پنهنجن مٽن مائٽن وٽ رهيا، ڪي اچي روڊ ڪناري ڪئمپن ۾ لاچار، ٻئي هنڌ وڃي رهيا. مجموعي طور ٽوڙيءَ کان وٺي شاهه بندر تائين سڄيءَ سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو دربدر ٿيا، نقصان ٿيا، تن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
تاريخي طور 1924ع، 1929ع، 1956ع، 1976ع ۽ 2010ع ۾ سنڌونديءَ جي ڀارتو علائقن (Catchment area) ۾، خاص ڪري ڪابل نديءَ ۾ تمام وڏيون برساتون پيون.
2010ع ۾ جولاءِ جي مهيني تائين سوڪهڙي واري ڪيفيت هئي ۽ بعد ۾ 22 جولاءِ کان غير متوقع مينهن شروع ٿيا.
سنڌ ۾ ماڻهو ۽ سندن گهر جيڪي سرڪاري طور اثر هيٺ آيا، انهن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي:
(انهن ۾ سجاول طرف آيل ٻوڏ، ٽوڙيءَ جي ڪري آيل ٻوڏ ۽ منڇر جي ڪري آيل ٻوڏ شامل آهن. هي انگ اکر سرڪاري ذريعي ڪئبينيٽ ڊويزن جا آهن)
آدمشماري 6.77 ملين
گهر 1.11 ملين
اهي گهر جيڪي ڪل تباهه ٿيا 0.87 ملين
سنڌ ۾ سڄي پاڪستان کان وڌيڪ نقصان ٿيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ سڄي پاڪستان ۾ سطح جي حساب سان وڌيڪ هيٺ آهي. سماجي طور ماڻهن کي اين. جي. اوز ۽ سرڪار جي ڪمزور پاليسين سبب محتاجيءَ جا ڏينهن ڏسڻا پيا.
2010ع واري ٻوڏ جو تجزياتي تفصيل هن ريت آهي:
تاريخ ٻوڏ هيٺ آيل ڳوٺ، علائقا ۽ حالتون
7 آگسٽ 2010ع ان ڏينهن تي ٽوڙي بند ٽٽو، پاڻي بند مٿان وهي هليو.
(1) ڳوٺاڻا ذاتي جهيڙن جي ڪري اتي ڪنهن کي به اچڻ نه ڏيندا هئا.
(2) پاڻيءَ ۾ واڌ اريگيشن کاتي جي اندازي کان گهڻي هئي، ان جو سبب ڪوهه سليمان کان ايندڙ پاڻيءَ جو صحيح اندازو نه لڳائڻ هو، ٻئي طرف گڊو بئراج ۽ سڄي اريگيشن کاتي ۾ بئراج تي موجود نااهل آفيسر موجود هئا، جن درياهه ۾ ايندڙ وهڪري جو صحيح اندازو نه لڳايو هو، ڇو ته سندن مقرريون سياسي طور تي ٿيل هيون.
(3) ٻوڏ کان اڳ درياهه ۾ گهٽ پاڻي هئڻ سبب ۽ درياهه جي پيٽ ۾ گهڻي لٽ هئڻ ڪري درياهه جو پيٽ لٽجي چڪو هو، جڏهن ته هن ٻوڏ دوران پاڻيءَ جي سطح ۾ غير معمولي واڌ آئي هئي.
(4) ملڪي سطح تي مٿين ڊسچارج ٻڌائڻ جو انداز اهو نه رهيو هو، جو متاثر ٿيندڙن کي صحيح خبر پوي. سنڌ جيئن ته پڇاڙيءَ ۾ آهي ته ان کي وڌيڪ نقصان ٿيو ٿي.
(5) بندن اندر وڌيڪ حددخليون ٿينديون رهيون ۽ زمينداري بند ٺهندا رهيا هئا ۽ درياهه جي وهڪري کي گذارڻ لاءِ مناسب رستو، جيڪو
10 ميلن کان 12 ميلن تائين آهي، سو گهٽ ٿيندو ٿي ويو. توڙي جو آمهون سامهون گئس ڪمپنيءَ جي ڏنل بند جي ڪري اهو رستو ٻارهن ميلن مان گهٽجي 4.5 ميل وڃي رهيو هو. ان ڪري ٽوڙيءَ کان مٿي ٻنهي پاسن تي بند ڪٿي به ٽٽي سگهيو ٿي. اولهه طرف يا اوڀر طرف ۽ تاريخ شاهد آهي ته اها صورتحال ٻنهي طرفن ڏانهن رهي هئي. بند اولهه طرف يا اوڀر طرف ٽٽي سگهيو پئي.
9 آگسٽ 2010ع ٻوڏ جو پاڻي جيڪب آباد شهر جي چوڌاري اچي ويو. ان وقت جيڪب آباد ۾ پاڪستان ايئر فورس جو هوائي اڏو شهباز ايئربيس به هو. بدقسمتيءَ سان ان کي ٺاهڻ مهل به ان جي سطح اها نه رکي وئي هئي، جو اهو ٻوڏ کان بچي سگهي تاريخ جي روشني ۾ ڏسبو ته جڏهن به ٽوڙي بند ٽُٽو آهي ته پاڻي جيڪب آباد ضرور پهتو هو.
14 آگسٽ 2010ع جيڪب آباد باءِ پاس روڊ کي گهارا (cutts) ڏنا ويا، جيئن جيڪب آباد شهر بچي سگهي. ان دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي نمائندن وچ ۾ تمام گهڻي تلخي ٿي. اصل ۾ اتان کان وٺي منڇر ۽ وري سنڌو نديءَ تائين هر ضلعي جي ماڻهن ۽ سندن نمائندن وچ ۾ سخت ڏي وٺ ٿي، هر جڳهه تي هٿياربند ماڻهو ويهاريا ويا، جيئن ته سمورن متاثر ٿيندڙ علائقن جي ماڻهن کي اها خبر نه هئي، ته پاڻي ڪٿان ڪٿان ٽپندو ۽ درياهه جا اصلي پراڻا وهڪرا ڪٿي ڪٿي آهن، پاڻيءَ کي هيٺاهين کپندي هئي. جيڪڏهن روڊ، رستا، بند ۽ سم نالين جون رڪاوتون نه هجن ها ته پاڻي پنهنجو فطري رستو پاڻ ئي وٺي ها، پر رڪاوٽن جي ڪري پاڻي اڳ ۾ اتي پهتو ۽ ان علائقي کي ٻوڙيو ۽ سموريون رڪاوٽون ٽپي اڳتي وڌيو.
16 آگسٽ 2010ع پاڻي کيرٿر بئراج سان اچي لڳو، کيرٿر بئراج جيئن ته ٻوڏ جي وهڪري کي هڪ هٿ سان ٺهيل رڪاوٽ آهي، 1932ع ۾ بئراج ٺاهيو ويو. اُن ڪري اُن پاڻيءَ کيرٿر کي ٽوڙيو ۽ ان جي مٿان پاڻي وري آيو، نتيجي ۾ RD-102 وٽ گڙنگ ريگيوليٽر به لڙهي ويو ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ پنهنجو پراڻو رستو ورتو.
کيرٿر بئراج ۾ 30 کان مٿي گهارا پيا. انهن ۾ RD-108, RD-87, RD-52 وٽ پيل گهارا شامل آهن، جڏهن پاڻي بند ٿيو ته به اتي 70 کان 80 فوٽ پاڻيءَ جي گهرائي هئي. سيف بئراج ۾ RD-165 وٽ پيل گهارو به ايڏو گهرو هو.
مها برساتي ٻوڏ 2011ع: آگسٽ 2011ع ۾ ٺيڪ هڪ سال کانپوءِ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏيءَ آفت کي منهن ڏنو، هن ڀيري سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي گهوٽڪي ضلعي کان وٺي ساحلي پٽيءَ وارن ضلعن بدين ۽ ٺٽي سميت توڙي ٿرپارڪر ۾ زوردار برساتن تباهي مچائي ڇڏي، ان ڪري هوبهو ساڳيا ٻوڏ وارا منظر ڏسڻ ۾ آيا. تيز برساتن سبب ايل.بي.او.ڊي سم نالو ۽ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي موجود سمورن ضلعن ۾ برساتن جي گهڻي پاڻي جمع ٿيڻ سبب مناسب نيڪال يا پاڻيءَ کي رستو نه ملڻ سبب رات پيٽ ۾ خيرپورميرس، نوشهري فيروز، نوابشاهه (شهيد بينظيرآباد)، مٽياري، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص، سانگهڙ، بدين، ٺٽي ۽ ٻين هنڌن تي لکين ماڻهو مٿانهين ۽ خشڪيءَ وارن هنڌن تي پهتا، جتي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جون سوين ڪئمپون قائم ڪري کين رهايو ويو، جڏهن ته ڪيترا ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل رهيا.
2010ع واري ٻوڏ ۾ سنڌو درياهه جو ساڄو پاسو، جڏهن ته 2011ع ۾ سنڌو درياهه جو کاٻو پاسو سخت متاثر ٿيو. انهيءَ ٻوڏ ۾ سنڌ جو تمام وڏو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو، جڏهن ته سڄيءَ سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائون پڻ متاثر ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو