
موهن جو دڙو

450 ق-م پهريون دنيا جو نقشو جنهن ۾ هيروڊوٽس سنڌ ڏيکاري
سنڌو تھذيب جي مختصر پچار:
دنيا ۾ قديم تهذيبي مرڪزن ۽ اتي جي تهذيبي اوسر ۾ خود سنڌو ماٿري بہ شامل آهي. هتي مختصر طرح سنڌو تھذيب جي مکيہ ڳالهين جي اپٽار ڪجي ٿي.
يورپ جا محقق ۽ ’علم الآثار‘ جا ماهر اوڻيهين صديءَ جي خاتمي ڌاري، اڃا ايران، مصر ۽ عراق جي ندين جي ڪناري، قديم انساني بستين ۽ شھري ماڳن ۽ قديم تهذيبي مرڪزن جي ڳولا ۾ مصروف هئا. ان وقت تائين اڃا هندستان ۾ ’علم الآثار‘ يا ’قديم آثارن وارو کاتو‘ قائم نہ ٿيو هو. توڙي جو 1857ع تائين سمورو هندستان انگريزن جي قبضي ۾ اچي چڪو هو، پر پوءِ بہ هنن جو سمورو ڌيان قديم ڪتبن، سڪندراعظم جي حملن جي احوال، ٻاهرين سياحن جهڙوڪر فاهيان ۽ هوان چانگ جي سفرنامن ۽ مقدس ويدن جي مبهم تشبيهن ۽ استعارن سان ڀريل ڪهاڻين جي اڀياس هيٺ رهيو. ان ڪري هي خيال عام هو تہ هند ۽ سنڌ ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ، ’اڻ سڌريل انسان‘ رهندا هئا، جن جو ڪو دين ڌرم نہ هو. سندن نڪ بينا هئا ۽ هو شڪل صورت ۾ ڪارا هئا، ان ڪري کين نفرت مان ’داس‘ يعني غلام سڏيو ويندو هو. ’آثار قديمہ هندستان‘ جو بنياد 1902ع ۾ پيو. ان کانپوءِ قديم آثارن ۽ اهڃاڻن جي تحقيق ۽ ڳولا شروع ٿي. ابتدا ۾ مٿي ذڪر ڪيل ذريعن جي بنياد تي، ٻڌ ڌرم جي آثارن ۽ عبادتگاهن جي تلاش ٿيندي رهي. ان پسمنظر ۾ ٽيڪسيلا، پاتلي پتر، نالندا ۽ سارناٿ، جهڙن اهم ماڳن کي ڳولڻ ۾ ڪاميابي ٿي.
سن 1922ع ۾ لاڙڪاڻي کان ڪجهہ ميل پري، هڪ دڙي تي موجود اسٽوپا (ٺُلھہ) جي ڀرسان ڪشان گهراڻي جي راجا واسديو جا ڪجهہ سڪا (Coins) مليا. پوءِ ان ماڳ تان هڪ اهڙي مھر پڻ ملي، جا هوبهو انهيءَ ’تصويري رسم الخط‘ سان ملي ٿي، جيڪا 1856ع ۾ سر اليگزينڊر ڪَنگهم لڌي هئي. ان دَور (1923ع) ۾ هڙاپا ۾ بہ کوٽاين جو ڪم جاري هو. اتي بہ ساڳيون مهرون، مٽيءَ جا چٽيل ٿانو، مٽيءَ جا پڪل ٿانو ۽ ڪي ٻيون اهڙيون چيزون مليون، جي هندستان جي ٻين علائقن مان لڌل باقيات کان بنھہ مختلف هيون. ’سر جان مارشل‘ ان دور ۾ ’قديم آثارن جي کاتي‘ جو ڊائريڪٽر جنرل هو. هڙاپا مان لڌل شين جو اڀياس ڪيو ويو تہ خبر پئي تہ محقق حضرات جنهن دور کي ’اُونداهو زمانو‘ سڏين ٿا، اهو ’ننڍي کنڊ جي تاريخ‘ جو هڪ شروع وارو ’روشن ترين عرصو‘ ٿي گذريو آهي. ان پسمنظر ۾ ’سر جان مارشل‘، موهن جي دڙي جي کوٽاين ۽ مطالعي جو فيصلو ڪيو. اتان گڏ ڪيل ابتدائي معلومات کي مختلف ضلعن جي ڪليڪٽرن ڏانهن موڪليو ويو. انهن کي تاڪيد ڪيو ويو تہ قديم ماڳن، دڙن ۽ ڀڙن جو آثار قديمہ کاتي کي اطلاع ڏنو وڃي. کاتي جي هڪ ٻئي عملدار ’اين. جي. مجمدار‘ سن 1927ع- 1931ع جي وچ ۾، چانهوءَ جو دڙو، غازي شاھہ، لوهري، علي مراد، آمري، جهڪر ۽ جهانگرا وغيرہ ۾، ڪُٽ واري زماني جي وڏين آبادين جا نشان ڳولي لڌا.
سن 1929ع ۾ اوڀر پنجاب جي ضلعي انباله ۾ ڪوٽله نهنگ ۽ سن 1935ع ۾ ڪاٺياواڙ ۾ رنگ پور ۾ ان نوعيت جي تهذيبن جا مرڪز دريافت ڪيا ويا. ان دور کان وٺي اڄ تائين کوجنائن ۽ اڀياسن جو هي سلسلو، پوري کنڊ ۾ جاري آهي.
سر جان مارشل کي 1922ع کان 1927ع تائين موهن جي دڙي جي کوٽاين مان جيڪا معلومات ملي، ان کي گڏ ڪري هن موضوع تي هڪ ڪتاب تيار ڪيو. هي ڪتاب ’موهن جو دڙو ۽ سنڌو تھذيب‘ (انگريزي)، ٽن جلدن ۾، لنڊن مان، 1931ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان ريت هند ۽ سنڌ کان سواءِ سموري دنيا قديم دور ۾ هتي جي عاليشان تھذيب کان واقف ٿي.
سنڌو تھذيب جون مکيہ ڳالهيون هن ريت آهن: شھري اڏاوت جي رٿابندي، هنرمندي، واپار ۽ واپاري رستا، معاشرتي حالتون، مذهب، تدفين، باشندا ڪير هئا، منفرد رسم الخط، تھذيب جو خاتمو وغيرہ.
ذڪر هيٺ دور جي انسانن وٽ ڪمال درجي جي شھري رٿابندي ڏسجي ٿي. دنيا عجب ۾ آهي تہ پنجن کان ست هزار سال اڳ سنڌو ماٿريءَ ۾ ڪيتري نہ اعليٰ درجي جي ’شھري تنظيم سازي‘ موجود هئي. هڙاپا ۾ سرن جي چورن جي هٿ جي صفائي ڏيکارڻ سبب، اتي اڏاوتي آثار تمام گهٽ ملن ٿا. پر موهن جو دڙو جڏهن اڀياس هيٺ آيو (1922ع- 1927ع)، تڏهن ان جا آثار وڏيءَ حد تائين محفوظ هئا. ان ڪري ان جي رستن، گهٽين، گهرن، پاڻيءَ جي نيڪال ڪرڻ وارن نالن، کوهن ۽ غسل خانن کي ڏسي، شھري اڏاوت جي رٿابندي، شھر وسائڻ جي نظام ۽ صحت جي مروج اصولن جي پابنديءَ جو درست اندازو ڪري سگهجي ٿو. اعليٰ رٿابنديءَ سان آباد ٿيل شھر جو پهريون بنيادي اصول هي آهي ته، اهو جنهن هنڌ تي اڏيل هجي، اهو ٻاهرين ۽ اندرين بندشن کان آزاد هجي. ٻي خاص ضرورت ان لاءِ هڪ اهڙي مرڪزي منظم انتظام جي آهي، جنهن ۾ رستن ۽ گهٽين جي سنڀال، عوام لاءِ پاڻيءَ (کوھہ) جو بندوبست، گندي پاڻيءَ جي نيڪال، صحت صفائيءَ جي اصولن جي پائبندي ۽ گهرن جي بيهڪ جي رٿابندي آسانيءَ سان ٿي سگهي. موهن جي دڙي واري بستيءَ ۾ اهي سڀ شيون مليون آهن. هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي تعميرات ۾، پڪيون سرون استعمال ٿيون. موهن جي دڙي جا گهر سادا ۽ آرامدھہ آهن. اڏاوت وقت انهن جي زيبائش کان وڌيڪ، انهن جي مضبوطيءَ ۽ پائداريءَ جو خيال رکيو ويو. مصر، سمير ۽ ٻين قديم تهذيبن جي ڀيٽ ۾، هتي سينگاريل عمارتون نہ ٿيون ملن . هتي اڏاوت ڪندي ڪجهہ خاص ڳالهين کي پيش نظر رکيو ويو آهي. عمارتن جو بنياد اونهو ۽ مضبوط، ٻوڏ کان بچاءَ واسطي اپاءَ ۽ اڪثر ڀتين ۾ ترتيب سان اُڀين ۽ وڇايل سرن جي اوساري ڏسڻ ۾ ايندي.
ماهرن هتان جي عمارتن کي ٽن قسمن ۾ تقسيم ڪيو آهي: (1) رهائشي گهر، (2) وڏيون عمارتون، جن جي اڏاوت جو مقصد پوري طرح چٽو نہ ٿو ٿئي، (3) غسلخانا ۽ حمام.
موهن جي دڙي جا رستا ۽ گهٽيون اتر ڏکڻ ۽ اوڀر اولھہ تي ٺهيل آهن. رستن جي تعمير هوا جي رخ کي سامهون رکي ڪئي وئي آهي. هتان جا رستا ڪافي ويڪرا آهن.
سنڌو ماٿر جي تهذيبي دور ۾، هتي جا رهاڪو صفائيءَ جو خاص خيال رکندا هئا. ان دور جي ٻين همعصر تهذيبن جي ڀيٽ ۾، فقط موهن جي دڙي ۾ ئي رستن، کوهن ۽ گهٽين مان گندي يا برساتي پاڻيءَ جي نيڪال جو عمدو نظام موجود هو.
موهن جي دڙي جي اصل آثارن جي مٿان، زمين جي سطح کان ستر فوٽ مٿي، ٻُڌ وارن جو خاص اهڃاڻ ٺلھہ يا اسٽوپا دريافت ٿيو. ماهرن جو اصل ڌيان اُن اسٽوپا ڇڪرايو. ان پسمنظر ۾ جاچ، کوجنا ۽ کوٽاين جو ڪم شروع ٿيو، ۽ ائين عظيم الشان تھذيب جي دريافت ٿي. هتي ٻڌمت جي ٻين علامتن کان سواءِ تاريخ جي حوالي کان ڪشان دور جي راجا واسديو (156-173) جا ڪجهہ سڪا بہ مليا.
ڪاريگريءَ ۽ هنر ۾ سنڌو ماٿر جا ماڻهو نمايان ڏسجن ٿا. موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان مٽيءَ جا ٺهيل ٿانو جهجي تعداد ۾ مليا آهن.
ٽامي ۽ ڪُٽ جا ٿانو بہ سنڌو ماٿر ۾ استعمال ٿيندا هئا. ان کان سواءِ قلعي، چاندي ۽ سون جو استعمال بہ ٿيندو هو. ٽامي ۽ ڪٽ جون ٺهيل بي انداز شيون مليون آهن، جيڪي گهريلو استعمال ۾ هيون.
موهن جي دڙي مان مليل اوزارن جي هڪ خاصيت هيءَ بہ آهي تہ انهن مان گهڻن تي اکر لکيل آهن. شايد اهي اکر ڳڻپ جا انگ هجن يا ڪنهن ٻي لکيت جي نشاندهي ڪندا هجن. سنڌو ماٿر جي تھذيب جو انسان ’سنگ تراشيءَ‘ جي استعمال مان پوريءَ طرح واقف هو. موهن جي دڙي مان پٿر جا ٺهيل يارهن (11) پُتلا مليا آهن، انهن مان ٽي جانورن جا ۽ چار ماڻهن جا آهن. پتلن ۾ هڪ خاص اهميت وارو پُتلو، ’پروهت‘ يا پوڄاريءَ جو پتلو سڏيو ويو آهي. هي ست انچ ڊگهو آهي. ان جو هيٺيون ڌڙ چادر سان ويڙهيل آهي، جنهن تي ٽڦلي ’اجرڪ وارو پور‘ نظر اچي ٿو. هي مجسمو لڌل مورتين مان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هتان ڪٽ جو ٺهيل ناچڻيءَ جو مجسمو بہ مليو آهي. پروهت يا پوڄاريءَ جو پتلو ۽ ڪُٽ مان ٺهيل ناچڻيءَ جو مجسمو، جيڪي پنھنجي نفاست ۽ نزاڪت جي اعتبار کان، ’ماتا ديويءَ‘ جي اڪثر مورتين کان گهڻو مٿانهان آهن. اهي هنن مهرن جي دز کي بہ پهچي نہ ٿا سگهن.
سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جي اهم ترين تخليق لکت واريون مهرون (seals) آهن. اهي صرف موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان ئي مليون آهن. انهن جو تعداد چار هزار کن آهي. (سنڌو ماٿر جي سڀيتا، هنر ۽ ڪاريگري [باب]، مختلف صفحا)
سنڌو تھذيب جي مطالعي ۽ مليل باقيات جي بنياد تي عالمن جي راءِ آهي ته، زراعت، خوراڪ، پوشاڪ، وارن جي ٺاھہ ٺوھہ، زيور جو استعمال، هار سينگار، ناچ ۽ راڳ، حڪمت ۽ جدا جدا ڌنڌا وغيره، مطلب تہ زندگي آسان ۽ سريکي انداز سان گهارڻ جا سڀ وسيلا ۽ طريقا موجود هئا. گهريلو جانورن کانسواءِ جهنگ جي جانورن سان، انسان جي باهمي تعلق جا آثار پڻ مليا آهن.
موهن جو دڙو هڪ مکيہ واپاري مرڪز هو. ان ريت هڙاپا جي بہ ساڳي اهميت هئي. واپاري چرپر جو مکيہ ذريعو بيل گاڏي هئي. بيل گاڏيءَ جا رانديڪا ڌيان ڇڪائين ٿا تہ اصل بيل گاڏيون پنهنجو وجود رکنديون هيون. ساڳئي قسم جون ٻن ڦيٿن واريون گاڏيون اڄ بہ موهن جي دڙي طرف موجود آهن. چانهونءَ جي دڙي مان ٽامي جون ٺهيل بيل گاڏيون بہ مليون آهن. هتان مٽيءَ جون ٺهيل اهڙيون گاڏيون بہ مليون آهن، جن کي چار ڦيٿا هئا. خچر ۽ گڏھہ جا گهٽ باقيات مليا آهن. البت گهوڙي ۽ هاٿيءَ جون نشانيون مليون آهن. ننڍي ٻيڙيءَ کانسواءِ وڏن بحري ٻيڙن جي وجود بابت بہ اسان کي ڄاڻ ملي آهي. ماهرن جو خيال آهي تہ سون، چاندي، ٽامو، قلعي، سنگ جراحت، ياقوت، سليٽ جو پٿر، عقيق، سنگ سليماني، سائو پٿر، گگر ۽ سنگ مرمر وغيره، ٻاهرين دنيا مان سنڌ ۾ ايندو هو. سنڌ جو مختلف ملڪن ۽ علائقن: هندستان، ايران، راجپوتانه، سمير، خراسان، ڪاٺياواڙ، ڪشمير ۽ دکن سان واپاري، سماجي ۽ ڏيتي ليتيءَ وارو تعلق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (سنڌو ماٿر جي سڀيتا، ص: 99- 105)
سنڌو ماٿر جي مذهب بابت باقيات مان خبر پوي ٿي تہ بت پرستي، وڻن جي پوڄا ۽ جانورن جي پوڄا کان سواءِ ڪي ٻيا عقيدا بہ رائج هئا. موهن جي دڙي مان اڪثر جاين تان ديويءَ جو بت لڌو آهي. اُن کي رڳو چيلھہ مٿان ڪپڙي جي پٽي ٻَڌل آهي، باقي سڄي عريان آهي. انهن جي ڳچي توڙي ڪنن ۾ ڪافي زيور پاتل آهن. انهن مجسمن کي ’ڌرتي ماتا‘ يا ’ماتا ديوي‘ سڏيو ويو آهي. لڌل باقيات جي آڌار تي سر جان مارشل جو پختو رايو آهي ته، ان دور ۾ جانورن جي پوڄا بہ ڪئي ويندي هئي. انهن جا ٽي قسم هئا: (1) خيالي يا ڏندڪٿائي جانور،
(2) اهي جانور جن جي ڏندڪٿائي حيثيت شڪي آهي، (3) قدرتي جانور. ڍڳو، شينهن، هاٿي، گهيٽو، سوئر، ڪتو، ڀولڙو، رڇ، سيهڙ وغيره، جن جون شڪليون بہ سنڌو ماٿر جي تهذيبي ماڳن تان مليون آهن. انهن ۾ ڪجهہ جي پوڄا ٿيندي هئي. (سنڌو ماٿر جي سڀيتا، ص: 133- 147)
قديم دور ۾ پاڻيءَ کي مقدس سمجهي، ان جي بہ پوڄا ڪئي ويندي هئي. اڄ بہ سنڌ ۾ ’جل پوڄا‘ جو رواج آهي. اڏيرو لال ۽ خواجہ خضر (سکر) ان جا اهم نشان آهن. شاھہ سُر سامونڊي ۽ سريراڳ ۾ ان عقيدي ’جل ۾ اکا وجهڻ‘ وغيرہ جو ذڪر ڪيو آهي. هي هڪ عالمگير عقيدو سمجهيو وڃي ٿو. اڄ بہ هندستان ۾ گنگا ۽ جمنا، ديويءَ جي حيثيت رکندڙ آهن. ٻنهي درياهن جي پوڄا مذهبي فرض سمجهي ويندي آهي. خاطري آهي تہ ان دور ۾ سنڌو درياھہ جي پوڄا پڻ ٿيندي هئي. تازو ڪجهہ سال ٿيندا لداخ ليھ وٽ ’سنڌو درشن‘ حوالي سان، هند جي سنڌين جو ميلو لڳو هو، جيڪو هر سال لڳندو آهي.
سنڌو ماٿريءَ ۾ ڪفن دفن بابت ڏس ۾ ٽي طريقا رائج هئا:
(1) مڪمل تدفين، (2) جزوي تدفين، (3) خاڪستري تدفين. (سنڌو ماٿر جي سڀيتا، ص: 154) پهريون طريقو اڄ بہ جاري آهي. ٻيو طريقو لاش کي کليل ميدان تي رکجي، تہ پکي ماس کائي وڃن ۽ رهيل هڏين کي دفنائي ڇڏجي (هي طريقو اڄ بہ پارسين وٽ مروج آهي). ٽئين طريقي ۾ لاش کي ساڙي، باقي بچيل مواد کي ٺِڪر جي ٿانو ۾ رکي دفن ڪيو ويندو هو.
هڪ مکيہ سوال جو جواب اڃا حل طلب آهي. هڙاپا، موهن جي دڙي ۽ ٻين همعصر ماڳن مان لڌل مهرن ۽ انهن تي ملندڙ، لکيتن کي درست پڙهڻ هڪ ڏکيو مسئلو آهي. ابتدائي طور مسٽر وِڊيل، پروفيسر لينگڊن، مسٽر گيڊ، ڊاڪٽر پران ناٿ، جي. آر. هنٽر ۽ ابو جلال ندويءَ جا نالا گهڻي اهميت رکن ٿا، جن سنڌو ماٿر جي مهرن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي سنجيدہ ڪوشش ڪئي. پر انهن جا نظريا هڪ ٻئي کان مختلف ۽ متضاد هئا.
قيام پاڪستان (1947ع) کانپوءِ، هن ڏس ۾ وڌيڪ عالمن دلچسپي ورتي. هندستان، يورپ ۽ سنڌ (پاڪستان) جي اسڪالرن سنڌو لکت جي ڀاڃ طرف توجھہ ڏنو. يورپ ۾ ذڪر جوڳو ڪم آسڪو پارپولا ڪيو آهي. مختلف مقالن ۽ ڪتابن کان سواءِ سنڌو لکتن (لکت) بابت هن جو ٽن جلدن ۾ سهيڙيل ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو. پارپولا مختلف عالمن جي مدد سان، موهن جي دڙي، هڙاپا، هندستان ۽ ٻين ماڳن تان لڌل مهرن کي مرتب ڪري، The Corpus of Indus Seals and Inscriptions (CISI) نالي سان ڪتاب ڇپرايو. جلد پهريون 1987ع، جلد ٻيو 1991ع ۽ جلد ٽيون 2010ع ۾ نروار ٿيو. هي يادگار ڪم فن لينڊ جي اداري Academy of Sciences and Letters پاران ڇپيو آهي. هن سڄي علمي ڪم لاءِ (رِٿا) اقوام متحدہ جي اداري يونيسڪو مالي مدد فراهم ڪئي. سنڌو تهذيبن جي مطالعي ۽ خاص ڪري هتان مليل مهرن کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ واري ڪم ۾، پاڪستان کان وڌيڪ هندستان جي علمي مرڪزن دلچسپي ڏيکاري آهي. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا 1977ع ۾ The Indus Seals: Texts, Concordance & Tablets هڪ ضخيم ڪتاب ڇپيو آهي. هي تحقيقي ڪم ارواٿم مهاديون جو آهي. ڪرشنا رائو، Indus Script Deciphered نالي ڪتاب دهليءَ مان 1982ع ۾ ڇپرايو. ايس. آر. رائو بہ هن عنوان تي ڪم ڪيو آهي.
سنڌ ۾ اسڪالرن ۽ ادارن سنڌو تھذيب يا سنڌو لکت کي سمجهڻ ۽ پرکڻ واري ڪم ۾ تمام گهٽ دلچسپي ڏيکاري آهي. ابتدا ۾ سراج الحق ميمڻ هن ڏس ۾ دلچسپي ورتي. ان ڏس ۾ هن جو ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ (1964ع) ۽ History of Sindhi Language (2015) خاص ذڪر جوڳا آهن. هن معاملي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نالو بہ کڻي سگهجي ٿو. ليڪن سنڌ جي هن قديم ترين اتهاس واري دور ۾، عطا محمد ڀنڀري جي غير معمولي دلچسپي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سنڌو لکتن جي متعلق هن جهوني اسڪالر، جان اي. مچيز، جي. آر. هنٽر ۽ ايس. آر. رائو جي ڪتابن جا سنڌي ترجما ڪيا، جي جدا جدا ادارن ڇپرايا آهن. ان کانسواءِ ڀنڀري صاحب سنڌو لکتن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي پنھنجي جستجو بہ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سندس ٻہ ڪتاب (هڪ سنڌي، ٻيو انگريزي) بہ ڇپيا آهن. تازو ڊاڪٽر فھميدہ حسين جو هڪ ڪتاب ’سنڌو لکت: ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق‘ (2012ع) ڇپيو آهي.
هي سوال بہ اهم آهي ته، دنيا جي هي عاليشان تھذيب ڪيئن ختم ٿي؟ ان متعلق بہ جدا جدا جواب پيش ڪيا ويا آهن. هڪ راءِ موجب شديد زلزلي سبب هتي زبردست بربادي آئي. ٻي راءِ آهي تہ موسمي تبديلين، شديد بارشن ۽ سيلابن سڀ ڪجهہ ختم ڪري ڇڏيو. ٽين راءِ موجب بيروني حملي آورن جي ڪاهن ۾ سنڌو تھذيب جا ماڳ اجڙي ويا. ليڪن سنڌو تهذيبن جي پڄاڻي ۽ خاتمي بابت به، سنڌو لکت وانگر قطعي راءِ نہ ٿي ڏئي سگهجي. سنڌو ماٿر جي عظيم تھذيب واري عرصي ۾ ڪير حاڪم هو يا بادشاھہ، ان متعلق بہ اڃا ڪجهہ معلوم ڪونهي. البت هي يقين آهي تہ ايڏي شاندار تهذيب، منظم شھري رٿابندي ۽ سنڌو ماٿر جا بين الاقوامي تجارتي ۽ واپاري مرڪزن سان لاڳاپا، ڪنهن بہ پختي سياسي نظام کان سواءِ ممڪن نہ ٿا ٿي سگهن. ليمبرڪ ان پسمنظر ۾ ان دور جي جوڙجڪ کي ’سنڌو سلطنت‘ (Indus Empire) جي تناظر ۾ ڏسي ٿو. ان جي تائيد ايس. آر. رائو بہ پنھنجي مطالعن ۾ ڪئي آهي.
(2) قديم سنڌ جي تاريخ وارو دور:
هي زمانو 1500 ق. م ڌاري، سنڌو ماٿر جي تهذيبن جي زماني جي خاتمي تي شروع ٿيو. راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي دور جي خاتمي سان قديم دور جو خاتمو 712ع ۾ تڏهن ٿيو، جڏهن عرب ڪمانڊر محمد بن قاسم، سنڌ کي فتح ڪري باقي اسلامي دنيا سان ملائي ڇڏيو. قديم سنڌ جي تاريخ وارو زمانو 22 (ٻاويهن) صدين تي مشتمل آهي. ان عرصي ۾ سنڌ جي سرزمين ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا. هتي سناتن ڌرم (هندو ڌرم)، جين مت ۽ ٻڌمت جي واڌ ويجهہ ٿي ۽ ڌرمي ڪتاب ويد، پراڻ وغيرہ پڻ هن علائقي ۾ لکيا ويا. ٻاويهن صدين ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي خاندانن، سنڌ تي حڪومتون ڪيون. هن عرصي جي تحريري تاريخ گهٽ ملي ٿي، اُن ڪري ماهرن مختلف ذريعن، جھڙوڪ: ايران ۽ هندستان جي تاريخ بابت قديم ماخذن: ويدن جي مطالعي، مهاڀارت جي نسخن، پراڻين روايتن، قديم آثارن توڙي جدا جدا ماڳن تان مليل سڪن جي آڌار تي، ’قديم سنڌ جي تاريخ‘ جو خاڪو جوڙيو آهي. البت آخري ٻن دورن: راءِ خاندان ۽ برهمڻ دورن جي تاريخ لاءِ، واحد تحريري رڪارڊ فتح نامہ سنڌ عرف ’چچ نامہ‘ جي صورت ۾ ملي ٿو. جيتوڻيڪ هي ڪتاب پوءِ جي دورن ۾ لکيو ويو ۽ بعد ۾ ان جا ترجما ٿيا. ان ڪري ڪي مؤرخ ان ۾ ڏنل مواد کي مشڪوڪ قرار ڏين ٿا. تڏهن بہ سنڌ جي آخري ٻن سنڌي خاندانن جي دور جي اڀياس ۾ ’چچ نامہ‘ جي گهڻي اهميت آهي. هن وضاحت کانپوءِ ’قديم سنڌ جي تاريخ‘ جو سلسليوار مطالعو پيش ڪجي ٿو.
سنڌ جي قديم روايتي تاريخ:
هي دور اٽڪل روءِ هڪ هزار سالن تي محيط آهي. ڪجهہ عالمن هن دور کي ’سنڌ جي اتهاس جو اونداهو دور‘ بہ سڏيو آهي، ڇو تہ ان بابت تمام گهٽ ڄاڻ ملي ٿي. سنڌو تھذيب جي خاتمي يعني 1500 ق. م کان هي دور شروع ٿيو. ان جو خاتمو تڏهن ٿيو، جڏهن 519 ق. م ۾، ايران جي هخامنشي بادشاهن حملو ڪري سنڌو ماٿر کي پنهنجو پرڳڻو بنايو. هڪ هزار سالن ۾ گهڻو ڪجهہ ٿيو هوندو، ليڪن اسان وٽ ان جي گهٽ ڄاڻ آهي.
مليل مختصر معلومات موجب، سنڌو ماٿر ۾ ٻہ طاقتور قبيلا جت ۽ مَيد رهندا هئا، جيڪي پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا. آخرڪار ٻنهي قبيلن امن لاءِ راجا داجوشن (دريوڌن) پٽ ڌرت (ڌرتراشٽر) ڏانهن واجهايو. دريوڌن پنھنجي ڀيڻ داسل (دهشلا) کي، جيڪا هڪ طاقتور بادشاھہ راجا جئدرٿ جي زال هئي، هن ڪم لاءِ نامزد ڪيو. دهشلا هونئن تہ سنڌ ملڪ جي واکاڻ ڪئي آهي، پر ڀاءُ کي ڊگهو خط موڪليائين ته، هتي ڌرمي علم ۽ ڄاڻ وارا ماڻهو ڪي ورلي آهن، ان ڏس ۾ اوهان منهنجي مدد ڪريو. دريوڌن هندستان جي سنڌ سان ملندڙ علائقن مان ٽيھہ هزار عالم سنڌ موڪلي ڏنا. ان ريت اندازو ٿئي ٿو تہ سنڌ ڪجهہ دير سان برهمڻڪي مذهب سان آشنا ٿي. راڻيءَ جو تختگاھہ اسڪلنده هو. جتن ۽ ميدن کي پنهنجن علائقن ۾، گورنرن جي ماتحت رهڻ جو پائبند ڪيو ويو. روايتن موجب ڪي ويھہ سال جئدرٿ ۽ دهشلا سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ پوءِ ملڪ سندن هٿن مان نڪري ويو.
راجا جئدرٿ سان هڪ واقعو بہ منسوب آهي، پر ان ۾ داستان گوئيءَ جو رنگ ڀريل آهي. سنڌو لوڪن جو بادشاھہ جئدرٿ، جنهن کي ’سنڌو ۽ سؤوير جو راجا‘ پڻ سڏيو ويو آهي. ان راڻي دروپديءَ کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي ڀڄايو هو. ڪتابن ۾ دروپديءَ جي سونهن جي ڏاڍي تعريف ٿي آهي. پانڊون کي اطلاع مليو ۽ هو جئدرٿ کي هٿ ڪرڻ ۽ دروپديءَ جي بازيابيءَ لاءِ سرگرم ٿي ويا. سخت جنگ ٿي، جنهن ۾ جئدرٿ هارايو. مهاڀارت جي جنگ ۾ جئدرٿ ۽ دريوڌن گڏ هئا. جڏهن دروپدي اغوا ٿي هئي، تڏهن هن جئدرٿ کي پانڊون جي پلاند کان ڊيڄاريو هو. هنن جي وچ ۾ ٿيل ڳالھہ ٻولھہ ۾ ڪيئي دلچسپ نڪتا نروار ٿين ٿا. جئدرٿ کيس چيو تہ ’او ڪرشنا‘ (دروپديءَ جو ٻيو نالو)، اسان بہ پيدائشي طور اعليٰ ذات جي سترهن قبيلن مان آهيون. ان کان سواءِ اسان ڇھن شاهي خوبين سان بہ نوازيل آهيون، ان ڪري اسان پانڊون کي نيچ سمجهي، انهن کان نفرت ڪريون ٿا. ’سيوي، سووير ۽ سنڌو‘ قبيلن جي جوڌن کي، جئدرٿ جي فوج ۾ ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي، ان لڙائيءَ ۾ وڙهندي بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا تڏهن شروع ٿي، جڏهن پانڊون ان کي رستي ۾ اچي روڪيو. ان مھل جئدرٿ جي رَٿ جي چوڌاري پنج سؤ جابلو بهادرن جو محافظ دستو موجود هو. ان ريت ڏسجي ٿو تہ جئدرٿ هڪ طاقتور بادشاھہ هو، جنهن فتوحات ذريعي پنهنجن ملڪي حدن کي وڌايو هو.
سنڌ جي قديم تاريخ جو سائنسي انداز سان، پهريون خاڪو تيار ڪندڙ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، مهاڀارت جي عظيم جنگ ۾ ’جئدرٿ‘ جي ڪردار کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. (حوالو: سنڌ- مسلمانن جي فتح کان اڳ) هو لکي ٿو تہ هن هڪ هزار سالن جي اونداهي دور ۾، جو ڪجهہ مواد، اسان کي ملي ٿو، ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ ان ۾ ڪي قدر افسانوي رنگ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪي تاريخدان موهن جي دڙي جي زوال کانپوءِ واري عرصي کي ’ويدڪ يا آريائي دور‘ سڏين ٿا. ان زماني ۾ سنڌوءَ ڪناري ڌرمي ڪتاب تيار ٿيا، جن کي ’ويد‘ سڏيو وڃي ٿو: رگ ويد، يجر ويد، سام ويد ۽ اٿر ويد. ويدن کي الهامي ڪتاب طور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ڌرمي ڪتابن جي ٻئي طبقي کي ’سمرتي‘ سڏيو وڃي ٿو. هن طبقي ۾ لکيل ڪتاب: مهاڀارت، رامائڻ، منو سمرتي ۽ ڀاڳوت گيتا شمار ٿين ٿا. ان کان سواءِ آريائي ادبيات جي ٽئين حصي کي ’سوتر‘ سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ شروت سوتر، ڌرم سوتر ۽ پراڻ شامل آهن. هنن ڪتابن ذريعي نہ رڳو قديم هند ۽ سنڌ جي تاريخ بابت ڪي اهڃاڻ ملن ٿا، پر انهن جي مطالعي سان ان دور جي ڌرمي ۽ معاشرتي صورتحال سمجهڻ بہ مشڪل آهي. هندن جي مذهبي ڪتابن جي تشريح ’منو شاستر‘ 900 ق. م ڌاري ڪئي. منو سمرتيءَ جي سخت گير قاعدن جي ڪري، ننڍي کنڊ ۾ بي آرامي ۽ عوامي زندگيءَ ۾ ابتري پيدا ٿي. ان پسمنظر ۾ ’مهاوير ورڌمان‘ (600 - 528 ق. م) پيدا ٿيو. مهاوير، هندو يا آريائي ڌرم جي اصلاح ڪندي، ’منو شاستر‘ جي تشريحي قانونن خلاف بغاوت ڪئي. بعد ۾ مهاوير جي نظرين ۽ عقيدن ’جين ڌرم‘ جو روپ ورتو. سنڌ جي پارڪر ۽ ٿر واري خطي تي جين ڌرم جا وڏا اثر پيا، جتي اڄ بہ جين مندر موجود آهي. ان کانپوءِ مهاتما گوتم ٻڌ (560 ق. م- 480 ق. م)، مذهبي سڌارن جو پرچار ڪيو ۽ منو شاستر جي قاعدن کي رد ڪيو. گوتم جي مت اڳتي هلي ٻڌ ڌرم جي صورت اختيار ڪئي. هن ڌرم جو ورثو ۽ تعليمات پالي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، جڏهن تہ آريائي ادب ’سنسڪرت‘ ۾ تيار ٿيو. اهڙي ادب کي 1757ع ۾ بنگال تي قبضي کانپوءِ، انگريز عالمن اڀياس هيٺ آندو ۽ ان جا انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا. سنڌ تي ٻڌمت جو تمام گهڻو اثر رهيو ۽ اهو صدين تائين هلندو رهيو. (تاريخ تمدن سنڌ، باب ٻيو، باب ٽيون)
سنڌ جي قديم روايتي تاريخ جي دور جي آخر ڌاري (ق. م چار صديون اڳ)، اسان کي سنڌ ۾ ’ايراني مداخلت‘ جو پڻ ڏس پوي ٿو. ڪياني بادشاھہ گستاسپ جي زندگيءَ ۾ ئي، هن جي پوٽي بھمن حملو ڪري، سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو، اتي هڪ شھر ’بھمن آباد‘ جو بنياد رکيائين ۽ پڻ زردتشت جي دين کي متعارف ڪرايو. اُن جا آثار رنيڪوٽ، برهمڻ آباد ۽ ڀنڀور ۾ ملن ٿا. ڪجهہ وقت پوءِ اتر اولھہ هندستان جي حاڪم ڪفند بادشاھہ، سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ايراني فتوحات کي پنھنجي قبضي ۾ آندو. هن زردتشتي دين جي آتشڪدن کي ختم ڪري، بتن جي پوڄا لاءِ مندر جوڙايا. ان طرح سنڌ تي ٿيل اوائلي ايراني قبضن ۽ اثرن کي ختم ڪرڻ ۾ پوري مدد ملي (واقعات لاءِ ڏسو: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ)، پوءِ جي دور ۾ جڏهن برهمڻ سنڌ تي ڇانئجي ويا، تڏهن ’بھمن آباد‘ شھر جو نالو تبديل ڪري، ’برهمڻ آباد‘ رکيو ويو. عرب فتوحات وقت (712ع) هتي هڪ زبردست قلعو پڻ موجود هو.
ايران جي هخامنشي بادشاهن جو حملو:
ايران جي قديم تاريخ بہ سنڌ وانگر روايتي ۽ نيم تاريخي واقعن سان شروع ٿئي ٿي. ليڪن هخامنشي دور کان ايران جي مستند تاريخ جي ابتدا ٿئي ٿي. قديم ڪتبن جي دريافت، ايراني ڪٿائن ۽ يوناني لکتن جي آڌار تي پرسي سائڪس، هخامنشي بادشاهن جي تاريخ کي سڦلتا سان پيش ڪيو آهي. (’هسٽري آف پرشيا‘، لنڊن، 1951ع، جلد اول) هن شاهي خاندان هڪ اندازي مطابق 500 ق. م کان 330 ق. م تائين، ايران، عراق ۽ مرڪزي ايشيا جي ڪجهہ حصن کان وٺي سنڌو ماٿر جي وسيع علائقن تائين حڪومت ڪئي. هخامنش نالي هڪ شخص هن بادشاهت جو بنياد رکيو، ان ڪري اهي هخامنشي خاندان جي نالي سان مشھور ٿيا. سائيڪس نالي مؤرخ هن گهراڻي جي ڏهن بادشاهن جي زماني جو تعين ڪندي، انهن جي حاصلات کي بيان ڪيو آهي. مقبول بيگ بدخشانيءَ پڻ ان جي تحقيق کي قبول ڪندي پنهنجو ڪتاب تيار ڪيو. (تاريخ ايران، ٻہ جلد، اردو)
دارا اول (اعظم) جو دور ايراني تاريخ ۾ خاص اهميت رکي ٿو. هو ايران جو هڪ نامور بادشاھہ ٿي گذريو آهي. ان دور ۾ پهريون ڀيرو اهل ايران سنڌ کي فتح ڪري پنھنجي شهنشاهت جو هڪ پرڳڻو بنايو. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ جو هي پهريون واقعو آهي، جيڪو اسان کي تحريري صورت ۾ مليو آهي. دارا اول جي دور ۾ ’اسڪائيلئڪس‘ نالي سندس يوناني اميرالبحر کي سنڌو ماٿري فتح ڪرڻ جو حڪم مليو هو. هي واقعو 518 ق. م يا 519 ق. م ڌاري پيش آيو. خاطريءَ سان لکي سگهجي ٿو تہ هن مھم لاءِ، ’اسڪائيلئڪس‘ خيبرلڪ لنگهي، سنڌو ماٿريءَ ۾ قدم رکيو.
هيروڊوٽس جي آڌار تي ڊاڪٽر لئمبرڪ، هن فتح لاءِ لکيو آهي ته، ’سنڌين‘ (هندستانين) کي ’اسڪائيلئڪس‘ جي انهيءَ مشھور درياهي سفر کانپوءِ تسلط هيٺ آندو ويو هو، جنهن ۾ هو سنڌونديءَ رستي سمنڊ تائين پهچي، ايران ۽ عربستان جي ڪنارن کان مصر وڃي پهتو هو. پر هن ڳالھہ جو وڌيڪ امڪان آهي تہ اهو سفر گهڻو ڪري سنڌوءَ جي هيٺئين علائقي جي فتح سان گڏوگڏ يا ان کانپوءِ اختيار ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اهو بيان درست آهي تہ اسڪائيلئڪس کي سنڌونديءَ رستي سمنڊ تائين پهچڻ ۾ تيرهن مهينا لڳي ويا هئا، تہ پوءِ اهو قياس ڪري سگهجي ٿو تہ هن کي زمين تي گڏوگڏ پيش قدمي ڪندڙ بري فوجي دستن جي مدد ۽ پناھہ بلڪل انهيءَ نموني ميسر هوندي، جهڙيءَ طرح بعد ۾ سڪندر جي فتح وقت ٿيو هو.“ (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص: 132)
اسڪائيلئڪس جي هن مھم جي نتيجي ۾، سنڌو ماٿر جو هيٺيون علائقو يا ائين چئجي تہ موجودہ سنڌ ۽ پنجاب جا اڪثر علائقا ايراني حڪومت جي ماتحت اچي ويا. اهڙو ذڪر هڪ ڪتبي ۾ پڻ موجود آهي، جو 515 ق. م کان ڪجهہ وقت اڳ ۾ لکيو ويو هو. ايراني ۽ يوناني لکتن جي آڌار تي اهو معلوم ٿئي ٿو ته، فاتحن کي اوڀر ۾ ٿر ۽ ڀٽن جي حالتن جي پروڙ هئي. ان علائقي کي پوءِ هندستان سڏيو ويو. معاصر ذريعن موجب ان وقت جي ايراني ماتحت علائقن جي ڀيٽ ۾ هند (سنڌ) جي آمدني ۽ آدمشماري ڪافي حد تائين وڌيڪ هئي.
ليمبرڪ يوناني لکتن جي آڌار تي ثابت ڪيو آهي ته، هندستاني (سنڌي) سون جي ٻُوري جا 360 ’ٽئلينٽ‘ ڏن طور موڪليندا هئا، جيڪي لڳ ڀڳ ڏهن لکن پائونڊن (ان وقت موجب ٻن ڪروڙ روپين) جي برابر ٿين ٿا. ايراني شهنشاهت پاران پرڳڻن کان ملندڙ ڍل جو سنڌ ملڪ مان ٽيون حصو وصول ڪيو ويندو هو.
ان ريت هن خطي (سنڌو ماٿر) جي وسيع ڦهليل زراعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ان وقت ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ هتي عوامي آبادي بہ ڪثرت سان هئي. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص: 133- 134)
دارا 481 ق. م ۾ فوت ٿيو. هن جي قبر ’نقش رستم‘ تي ٽن هندستاني قومن جا نمائندا نظر اچن ٿا. سندن جسم تي پوشاڪ طور ڌوتي، پٽڪو ۽ تلوار لٽڪيل ڏسجي ٿي. خسرو جي دور ۾ جڏهن ايراني لشڪر يونان تي حملو ڪيو هو، تڏهن ان ۾ سنڌي سپاهي بہ شامل هئا. هيروڊوٽس موجب انهيءَ دستي ۾ موجود پيادل سپاهين کي سوٽي ڪپڙا پهريل هئا. وٽن بيد جا تير ۽ ڪمانون هيون، جن مان تيرن جي مُنهن ۾ لوھہ جون چهنبدار نوڪون لڳل هيون. گهوڙي سوار فوج کان سواءِ وٽن رَٿ بہ هئا، جن کي گهوڙا ۽ جهنگلي گڏھہ ڇِڪي رهيا هئا.“ (ليمبرڪ، ص: 134)
جيتوڻيڪ ليمبرڪ، ايراني ڪَتبن ۽ يوناني تحريرن جي آڌار تي، سنڌ تي دارا جي حملي جي حوالي سان ڪارائتو مواد ڇڏيو آهي. پر پوءِ بہ هخامنشي دور جي پڄاڻيءَ تائين، سنڌ جو ملڪ ايران سان مڪمل وفادار رهيو هجي، ان متعلق سندس راءِ ڪافي تحقيق طلب ڏسجي ٿي.
وڌيڪ ڏِسو:
سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاھہ