سنڌو (ذات): هي اصل ۾ سنڌ والا سڏجن ٿا، جيڪي مڱڻهار آهن ۽ دهل وڄائين. هن ذات وارا هندستان ۾ آباد آهن. رامائڻ ۽ مهاڀارت جي بيانن کي عام ماڻهن جي ميڙ ۾ اداڪاري ڏيکاريندا آهن، جيڪو سندن پيشو آهي. هن ذات وارن کي گهٽ رتبي واري ذات ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هنديءَ ۾ دهل وڄائڻ کي سنڌو چون، جنهن تان هن ذات وارن تي اهو نالو پيو. هنن جي اڪثريت پورهيو ڪري ٿي. ٽرائيبس ۽ ڪاسٽس جي ليکڪ ايس.اي چنا ذڪر آندو آهي ته هنن مان اڪثر ماڻهو پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪن ٿا. پوليس آفيسرن ۽ مئجسٽريٽس وٽ هنن جو گهڻو تعداد گهريلو ڪم ڪار ڪندي ڏٺو ويو. هيٺين ذات مان هجڻ سبب کين سماج اندر ڪو خاص رتبو مليل ڪو نه آهي. وڏي ذات وارن توڙي آفيسرن پاران ساڻن روا رکيل روين کي روڪڻ جو وٽن ڪو اختيار ڪونه آهي. هيءُ قبيلو هندستان جي شهر امرتسر ۽ پاڪستان جي لاهور ۾ رهائش پذير آهي. هي اصل ۾ جت قبيلي منجهان آهن. امرتسر ۽ لاهور سميت ستلج ندي ۽ امبالا جي پهاڙي سلسلن کان اوڀر ۾ سيالڪوٽ ۽ گجرانوالا طرف اوڀر تائين به هن قبيلي وارا آباد آهن. هنن موجب ته هي اصل ۾ راجپوت نسل جي رگهوبنسي شاخ مان رام چندر جو اولاد آهن ۽ سندن اصلوڪو مسڪن ايوڌيا هو. هنن موجب ته سندن ابا ڏاڏا محمود غزنويءَ سان 13 صدي عيسويءَ ڌاري افغانستان مان هندستان ۾ اچي آباد ٿيا. فيروز شاهه جي زماني ۾ هي لاهور جي ويجهو منجها ۾ آباد ٿيا. جالندر ۾ رهندڙ سنڌو قبيلي وارن جو چوڻ آهي ته هي ڏکڻ جي طرف کان ٽي صديون اڳ ۾ اچي منجها ۾ رهيا. جڏهن پٺاڻن منجها جي راجپوتن تي ڪاهيو ته ان کان ٿورو پوءِ ئي هنن پهرين امرتسر ۽ بعد ۾ جالندر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. هن قبيلي بابت انگريز ليکڪ سر ليپل گرفن ڄاڻايو آهي ته هنن جي اصلوڪي رهائش اتر اولهندو راجپوتانا وارو هنڌ آهي. هنن جون ريتون رسمون ۽ ساٺ سنؤڻ سنڌي جتن سان ملندڙ آهي. هي ڪالا مهر ۽ ڪالا پير جا مڃندڙ آهن. هنن جي اهم ۽ وڏي بزرگ جو مقبرو، درگاهه ٿاڻي سترا سيالڪوٽ ۾ آهي. اي. ڊي ميڪلئيگن ’انسائيڪلو پيڊيا آف ڪاسٽس‘ ۾ لکيو آهي ته هي سورج ونشي راجپوتن جي رگهو ونشي شاخ مان آهن. سندن چوڻ موجب محمود غزنوي سندن ڪنهن وڏي کي پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ فيروز شاهه جي وقت هتي تيرهين صدي عيسوي ۾ هو افغانستان کان واپس آيا ۽ لاهور جي قريب مانجها نالي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا.