سنڌو ساهتيه منڊل، جيڪب آباد: سنڌو ساهتيه منڊل جو قيام 1938ع ۾ پيو، ماڌو داس شوالي مل (ايڊيٽر ماهوار سنڌو) ان جو بنياد وڌو. هن منڊليءَ طرفان ماڌو داس ۽ بولچند وسومل راجپال گڏجي ڪجهه ڪتاب اداري طرفان شايع ڪيا. 1940ع ۾ هڪ ڪتاب ‘ڪانگريس وزارتن جون خدمتون’ عنوان سان ماڌو داس لکيو، جنهن کي بولچند وسومل ڀارت پرنٽنگ پريس جيڪب آباد مان ڇپرائي سنڌو ساهت منڊل مان پڌرو ڪيو.