سنڌو ساهتيہ منڊل جيڪب آباد

سنڌو ساهتيہ منڊل، جيڪب آباد: سنڌو ساهتيہ منڊل جو قيام 1938ع ۾ پيو، ماڌو داس شوالي مل (ايڊيٽر ماهوار سنڌو) ان جو بنياد وڌو. هن منڊليءَ طرفان ماڌو داس ۽ بولچند وسومل راجپال گڏجي ڪجهہ ڪتاب اداري طرفان شايع ڪيا. 1940ع ۾ هڪ ڪتاب ‘ڪانگريس وزارتن جون خدمتون’ عنوان سان ماڌو داس لکيو، جنهن کي بولچند وسومل ڀارت پرنٽنگ پريس جيڪب آباد مان ڇپرائي سنڌو ساهت منڊل مان پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو