سنڌو لکت (Indus Script) :
سنڌو لکت ۽ ان جي ڀاڃ (decipheriment) جا پيرا کڻبا ته معلوم ٿيندو ته سڀ کان پهرين سر اليگزينڊر ڪننگهام(Sir Alexander Cunningham 1814-1893)، هڙاپا جي دڙي تان ميجر جنرل ڪلارڪ (Clarke) کي 73-1872ع ڌاري لڌل هڪ مهر جو ذڪر، ڪلڪتي مان ڇپيل ‘آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا’ جي رپورٽ ۾ ڪيو ۽ راءِ ڏني ته ان مهر تي ڇهن مختلف نمونن جا اکر اُڪريل آهن، جيڪي ڪنهن هندستاني ٻوليءَ جا نه ٿا لڳن. ڇاڪاڻ ته انهن اکرن سان جنهن ڍڳي جي تصوير اُڪريل آهي، اها هندستان بدران ڪنهن ٻئي ملڪ جي نسبت ڏيکاري ٿي. وري 1884ع ۾ هڪ ٻي مهر لڌي وئي، جيڪا پڻ ساڳئي قسم جي هئي، جنهن ۾ پنج نشانيون اُڪريل هيون. ان مهر جو احوال لانگ ورٿ ڊيلز (Long Wroth Dales)، ڪننگهام واريءَ اڳينءَ مهر سان گڏي ‘انڊين ائنٽيڪئيري’ (Indian Antiquary) جي مخزن ۾ شايع ڪيو، جنهن جو عنوان ‘هڙاپا مان لڌل قديم مهرون’ (Old Seals Found at Harappa) هو. شروع ۾ اهو سمجهيو ويو ته اهي مهرون ڪٿان ٻاهران، شايد ‘باختر/ بئڪٽريا’ (Bacteria) مان آيل آهن. 1886ع ۾ هڪ ٽين مهر لڌي وئي، جيڪا پوءِ ‘لانگ ورٿ برٽش ميوزيم’ ۾ رکرائي وئي. انهن ٽن مهرن جي باري ۾ جَي. ايف. فليٽ (J. F Fleet)، رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي 1912ع واري شماري ۾ هڪ مقالو لکيو، جنهن انهن مهرن جي لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي.
ان وقت ماهرن جو خيال هو ته انهن مهرن ۽ انهن مٿان اڪريل لکت جو دور، چوٿين صدي ق. م جو هوندو. 21-1920ع ۾ راءِ بهادر ديارام ساهنيءَ، هڙاپا واري ماڳ جي کوٽائي شروع ڪئي ۽ ائين هڪ ٻئي پٺيان مهرون ملنديون رهيون، جن جي رپورٽ هن پنهنجي اداري جي سربراهه سر جان مارشل کي ڏني، جنهن 1922ع ۾ ‘ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا’ جي پهرئين جلد ۾ هندستان جي قديم يادگارن بابت هڪ باب لکيو، جنهن ۾ هن انهن مهرن جي اصليت ۽ دور بابت ذڪر ڪيو، پر ان کي ڪا گهڻي اهميت ڪا نه ملي. راءِ بهادر ديارام ساهنيءَ جي هڙاپا واري کوٽائيءَ کانپوءِ 22-1921ع ڌاري آر. ڊي. بئنرجيءَ، موهن جي دڙي مان به ساڳئي قسم جون مهرون ۽ گڏوگڏ ٻيون ڪيتريون قديم شيون لڌيون. 1924ع ۾ سر جان مارشل انهن مهرن تي ڌيان ڏنو ۽ انهن کي ‘السٽريٽيڊ لنڊن نيوز’ ۾ تصويرن سان ڇپرايو ته جيئن دنيا جو ڌيان حاصل ڪري سگهي. ساڳئي جرنل جي ٻئي پرچي ۾ پروفيسر سيس (Sayce) ان جي جواب ۾ هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ هن سنڌو ماٿريءَ مان مليل مهرن کي ڏکڻ ميسوپوٽيميا جي سميري قديم آثارن مان مليل ساڳئي قسم جي لکت وارين مهرن سان ڀيٽي منجهن هڪجهڙائيءَ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي هڪ مهر حمورابيءَ جي مندر جي کنڊرن مان پڻ لڌي وئي هئي، ان ڪري انهن جو تعلق ثابت ٿيو. انهيءَ کانپوءِ سي. جي. گئڊ (C. J. Gadd) ۽ سڊني سمٿ (Sydney Smith) انهن ٻنهي تصويري لکتن جو تقابلي جائزو وٺي نتيجو ڪڍيو ته سنڌو ۽ سمير جون تهذيبون نه صرف همعصر آهن، پر انهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو به آهي ۽ انهن لکتن جو دور 3000-4000 ق. م هو. انهن مهرن کي سميري مهرن سان ڀيٽڻ جو اهو سلسلو جاري رهيو. هڪ ٻئي ماهر ايل. اي. ويڊل (L.A Waddle) سال 1925ع ۾ پنهنجي هڪ تحقيقي مضمون ‘سنڌو سميري مهرون’ (Indo Sumerian Seals) ۾ ٻنهي لکتن کي ڀيٽي منجهن هڪجهڙائيءَ جي نشاندهي ڪرائي، پر ان سان گڏ هن سنڌو لکت وارين نشانين ۾ ويدڪ دور جي ديوتائن، مهاپرشن ۽ سورمن جي نالن جا اهڃاڻ به تلاش ڪيا. ان دور ۾ اهو خيال به عام هو ته موهن جي دڙي جي دور ۽ ويدڪ آرين جي دور ۾ 2000 سالن جي وٿي آهي، ان ڪري موهن جي دڙي جي تهذيب غير آريائي هئڻ جو وڌيڪ امڪان آهي. ميڪس مُلر (Max Muller) سميت ٻيا به ڪيترا عالم آرين جي وجود ۽ بيان ڪيل سندن لڏپلاڻ وغيره کان انڪاري هئا. 1922ع کان 1927ع تائين سر جان مارشل (1958-1876) موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان هٿ آيل وٿن کي محفوظ ڪيو ۽ پوءِ 1931ع ۾ پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب ‘مُهين جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا’ (Mohen jo Daro and Indus Civilization) ٽن جلدن ۾ ڇپرايو، جنهن جي جلد ٻئي ۾ هن سنڌو لکت بابت اڳ ۾ لکيل مضمون به ڏنا، جن مان سي. جي. گئڊ جي مضمون جو عنوان: ‘آڳاٽي سنڌو رسم الخط جي نشانيءَ جي فهرست’ (Sign List of Early Indus Script) هو. جڏهن ته ٻيو مضمون سڊني سمٿ جو ‘سنڌي لکڻين جو ميڪانيڪي انداز’ (Mechanical Nature of Indus Writings) هو. هنن آرڪيالاجيءَ جي ٻنهي ماهرن جي راءِ ۾ فرق هو. گئڊ سنڌو لکت کي هڪ پدي (Monosyllabic) انوماني يا تصوراتي (Ideogram) لکت قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سڊني سمٿ 1924ع ڌاري مهرن تي اُڪريل نشانين کي پدن تي مشتمل نه، پر لفظن تي مشتمل قرار ڏنو ۽ ڄاڻايو ته ڪن صورتن ۾ اهي انوماني نشانيون مفرد لفظ آهن ۽ انهن مهرن تي ماڻهن جا نالا ۽ ڪي خصوصي سڃاڻپ جون نشانيون اڪريل هيون. ان دوران ڊاڪٽر اي. مئڪي (E.Mackey) پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ته اهي مهرون گهٽ ۾ گهٽ عيسوي سن کان ٽي هزار سال آڳاٽيون آهن.
سر جان مارشل جيڪي پنهنجون رپورٽون شايع ڪرايون، تن جو اڀياس جاري رکيائين ۽ گئڊ، سمٿ ۽ پروفيسر لئنگڊن (Langdon) انهن بابت پنهنجيءَ راءِ جو اظهار ڪندا رهيا. لئنگڊن 1928ع ۾ پنهنجو مقالو ‘سنڌو ماٿريءَ جو رسم الخط’ (Indus Valley Scrip) ڇپرايو، جنهن ۾ هن سنڌو ماٿريءَ جي ڪجهه مهرن جو ڪِش (Kish) جي ماڳ تان ملڻ جو ذڪر ڪيو. هن سنڌو نشانين کي مصر جي هيروگلافي لکت ۽ ميسوپوٽيميا جي لکت سان ڀيٽي منجهن هڪجهڙاين ۽ فرقن تي روشني وڌي ۽ چيو ته سنڌو رسم الخط مان هندستان جي ‘برهمي’ لِپي نڪتل آهي. هن ڪجهه اهڙا مثال به ڏنا ۽ انهن کي صوتي صورتون سڏيو. لئنگڊن به سنڌو لکت کي پدن تي مشتمل قرار ڏنو ۽ برهميءَ وانگر هر هڪ پد ۾ هڪ وينجن ۽ هڪ سُر جي هئڻ جي ڳالهه ڪئي. البت هن اهو به چيو ته سنڌو لکت ۽ سميري يا پروٽو ايلمائيٽ نشانين جو پاڻ ۾ لاڳاپو ثابت نه ٿو ٿئي. هوڏانهن وري سنڌو لکت بابت هڪ ٻئي ماهر جي. آر. هنٽر (G.R. Hunter) راءِ ڏني ته موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ ساڳي ٻولي ملي ٿي، جيڪا هڪ پدي آهي ۽ ڪٿي ساڄي کان کاٻي ته ڪٿي کاٻي کان ساڄي پاسي ڏانهن لکيل آهي. هن انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي ته سامي ۽ فنيقي يا فونيشين لکتون به سنڌو لکت تان ٺاهيل يا ورتل آهن.
جي. آر. هنٽر آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان انهيءَ موضوع تي پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز لکي. اهو دؤر 29-1926ع جو هو. هن لڳ ڀڳ 750 مهرن جي تقابلي جائزي ذريعي انهن تي اڪريل لکتن جي رسم الخط کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس خيال هو ته اهو رسم الخط صوتياتي (Phonetic) هو، حالانڪ ان جو بنياد تصويري يا انوماني هئڻ جو امڪان به ڏيکاريائين.
اڃا سنڌو لکت بابت انهن ماهرن جا اندازا هليا پئي ته هڪ هندستاني اسڪالر ‘پراڻناٿ’ انهيءَ لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نتيجو ڪڍيو ته سنڌو ماٿريءَ جو رسم الخط دراصل برهمي لپيءَ جو بنياد آهي ۽ ان ۾ جيڪي تصويري يا انوماني شڪليون آهن، سي درحقيقت اکر (اڪشر) ئي آهن، جن جو تعلق برهمي اکرن سان آهي. هن ڪن سنڌو اکرن کي پڙهڻ جي دعويٰ به ڪئي ۽ چيو ته انهن نشانين مٿان ٺهيل اڙين ۽ ليڪُن وغيره جي مشابهت برهميءَ جي ماترائن سان آهي. برهميءَ جي سنڌو رسم الخط مان نڪرڻ واري مفروضي بابت لئنگڊن ۽ پراڻناٿ ۾ هم خيالي نظر اچي ٿي، ائين ٿو لڳي ته لئنگڊن اهو خيال پراڻناٿ کان اڌارو ورتو هو.
هنٽر جي ٿيسز ڇپجڻ کانپوءِ انهيءَ تي بحث جو سلسلو شروع ٿيو. اها ٿيسز 1995ع ۾ عطا محمد ڀنڀري سنڌيءَ ۾ ‘بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو '>سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو ’ نالي سان ترجمو ڪئي، جيڪو ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هڪ عالم پي. ميريگي (P.Meriggi) پڻ ان تي ڪم ڪيو ۽ پنهنجي اڀياس ۾ راءِ ڏني ته سنڌو رسم الخط انوماني صوتياتي (Idephonographic) آهي. هن اهو به چيو ته اهي نشانيون گهڻو ڪري انتظامي مقصدن لاءِ ڪتب اينديون هيون، پوءِ واري دور ۾ ڪيترن هندو عالمن ان کي سنسڪرت طور پڙهڻ جي به ڪوشش ڪئي. سوامي سنڪرنندا، جيڪو تانترڪ علم جو ڄاڻو هو، تنهن سنڌو رسم الخط کي انهيءَ بنياد تي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي پوءِ بي. ايم. بروئا (B. M. Brua) اڳتي وڌايو.
1953ع ۾ فادر هيرس (Father Heras) پنهنجي پڙهڻين جو اڀياس شايع ڪرايو، جنهن ۾ اڳـوڻيـن سمـورين ڪـوششن جو تفصيلي جائزو وٺي نشانين جا گروهه مقرر ڪيائين، جن ۾ تصويري (Pictographic)، صوتياتي نشانيون (Phonetic Signs) مرڪب نشانيون ۽ نشانين جا صوتي جوڙ وغيره الڳ ڪيائين. هن انهيءَ رسم الخط جي خصوصيتن تي تفصيل سان لکيو ۽ ڪيترائي چارٽ ۽ جدولون ٺاهي، نشانين کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ڪاميابيءَ جي دعويٰ ڪئي.
انهيءَ دوران احمد حسن دانيءَ پڻ پنهنجو هڪ طريقو اختيار ڪيو، جنهن سان اهو رسم الخط پڙهجي. هن نشانين جي گروهن کي خاص ترتيب سان رکيو، جنهن ۾ ساهوارن، سڃاڻپ ۾ ايندڙ شين ۽ جاميٽريءَ جي شڪلين واريون علامتون ڌار ڪري رکيائين، جن ۾ ٽڪُنڊين، چوڪنڊين، بيضوي، ڪنڊائين ۽ منڌيئڙي جي شڪل جهڙين توڙي پيچيده نشانين کي الڳ الڳ ڪري رکيائين. ان کان سواءِ عمودي، اُفقي يا ابتدائي ليڪون ۽ اڙيون به شامل ڪيائين، جنهن کانپوءِ اُنهن تي تفصيل سان بحث ڪري 1963ع ۾ نتيجو ڪڍيائين ته: “سنڌو رسم الخط جيتوڻيڪ گهڻو منجهيل ناهي، پر موجوده صورت ۾ ان لاءِ يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي.” ان کانپوءِ S.K Ray پڻ اُنهيءَ موضوع تي 1963ع ۾ ٿيسز لکي ۽ چيو ته “سنڌو لکيت وارين نشانين ۾ ٻه اصول نظر اچن ٿا، هڪ اهو ته اصلوڪين نشانين تي زور ۽ ٻيو ته ٻن يا وڌيڪ نشانين جو پاڻ ۾ جڙڻ موجود آهي.”
سر مارٽيمر ويلر (Sir Mortimer Wheeler) پڻ ان ڏس ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هن رسم الخط کي پڙهڻ لاءِ هن وقت ڪابه ٻه- ٻوليائي لکت موجود ڪانهي، جنهن ۾ هڪ ٻولي ڄاتل سڃاتل هجي، ٻيو ته اڪثر ڪري ميسر لکتون تمام ننڍڙيون آهن، جن ۾ سراسري طور ڇهه نشانيون ملن ٿيون ۽ وڏي ۾ وڏي لکت ۾ سترهن نشانيون آهن ۽ مهرن ۾ اُهي محدود نموني ۾ آهن، ان ڪري ممڪن آهي ته انهن ۾ اسم خاص هجن، جن ۾ ڪٿي ڪٿي اباڻو نالو، لقب القاب يا ڌنڌي پيشي جو ڪو لفظ شامل ٿي سگهي ٿو:
(First International Symposium on Moen jo Daro, Edited by: Ahmed Nabi Khan, 1973: National Book Foundation- Karachi, Lahore, Peshawar, Quetta.)
1964ع ڌاري سنڌ جي مشهور اديب سراج الحق ميمڻ جو ڪتاب ‘سنڌي ٻولي’ ڇپيو. هن ڪتاب لکڻ کان اڳ سراج الحق ميمڻ جا ڪيترا مقالا ٽماهي ‘مهراڻ’ رسالي ۾ ڇپيا هئا. سنڌي ٻوليءَ بابت سندس نظريو اِهو هو ته اها سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪي (Indigenous) ٻولي آهي ۽ ڪٿان ٻاهران ڪا نه آئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان نڪتي آهي. ڪن عالمن اُن کي هند- آريائي ۽ سنسڪرت مان نڪتل پئي ڄاڻايو ته ڪن اُن کي ‘سامي صفت’ ٻولي پئي قرار ڏنو ته ڪي وري ان کي دراوڙي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سراج الحق ميمڻ جو خيال هو ته جيئن ته موهن جو دڙو (۽ هڙاپا) يعني سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا، تمام قديم آهي، اُن ڪري ان جي ٻولي به سڀني کان قديم هوندي، جنهن مان پوءِ ٻيون ٻوليون ڦٽي نڪتيون هونديون. هن پروٽو- دراوڙي، پروٽو- آريائي ۽ هن خطي جي ٻين قديم ٻولين جي ساڳي ماءُ (Parent) هئڻ جي ڳالهه ڪئي، جيڪا هن ماٿريءَ جي ٻولي ئي هئي. سراج الحق ميمڻ سنڌو رسم الخط مان برهميءَ جي نڪرڻ واري ڳالهه ڪئي ۽ مصري عالم نوح ڪريمر جي ان ڳالهه جي به تائيد ڪئي ته سميري تهذيب ۽ ٻوليءَ جو واسطو سنڌو تهذيب ۽ ٻوليءَ سان ضرور ثابت ٿئي ٿو، پر هن اهو قبول نه ڪيو ته ڪو سنڌي انهيءَ سَٿ جي ٻولي آهي، بلڪ هن راءِ ڏني ته خود سنڌيءَ، سميري ٻولين تي اثر وڌو هوندو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ‘Sindhi Language’ پڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، 2009ع ۾ شايع ڪيو آهي.
سٺ جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا، ‘سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ’ نالي ڪتاب لکيو. بعد ۾ هن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا. سنڌي ٻوليءَ کي هو به هتان جي اصلوڪي ٻولي قرار ڏيندي، ‘سنڌو ئي’ نالو ڏئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ بابت اها راءِ ٿو رکي ته ڇاڪاڻ ته 5000 سال پراڻي سنڌي ڪلچر ۽ سڀيتا جو تسلسل اڄ به موجود آهي ته ٻوليءَ ۾ به ضرور ساڳيو تسلسل هوندو. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي لکت کي ان پس منظر ۾ پڙهجي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف شعبن ۾ مروج ڪيترن ئي لفظن جون لڙيون ڏنيون آهن، جن کي آريائي، دراوڙي ۽ ٻين لفظن سان ڀيٽي، پنهنجي راءِ قائم ڪئي اٿس. ان حوالي سان نامور محقق ۽ اديب ايم. ايڇ پنهور به هڪ مقالو ‘Sindh Through Centuries’ لکيو ۽ 1981ع ۾ ‘سنڌي ادبي ڪانفرنس’ ۾ تقرير به ڪيائين. سندس مؤقف هو ته سنڌ ۾ هن وقت جيڪا ٻولي ڳالهائجي ٿي، اها ‘پروٽو انڊين’ يعني آڳاٽي هند جي ٻولي هئي ۽ دراوڙن سان ان جو تعلق گهڻو آڳاٽو ڇِڄي چڪو هو ۽ هيءَ ٻولي ڪنهن به صورت ۾ دراوڙي نٿي ٿي سگهي. ان ڪري ان بنياد تي رسم الخط جي ڀاڃ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
هندستاني عالم ڪرشن راؤ جو ڪتاب ‘Indus Script Deciphered’ 1982ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ هن مهرن تي اڪريل نشانين جا صوتي ملهه مقرر ڪري پڙهڻيون ترتيب ڏنيون. هن دعويٰ ڪئي ته هن ‘سنڌو لکت’ کي پڙهي ورتو آهي. سميري، مصري ۽ فنيقي نشانين جا اهڃاڻ سنڌو لکت ۾ نظر اچن ٿا، جنهن مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته قديم سنڌ جي ماڻهن جا انهن لوڪن سان واپاري ۽ سماجي ناتا هوندا، ان ڪري اتان سنڌو مهرون به مليون آهن. هندستان جي سنڌي عالمن مان مرليڌر جيٽلي ۽ لڇمڻ خوبچنداڻيءَ به سنڌي ٻوليءَ بابت قابل قدر ڪم ڪيو آهي ۽ هنن جو نظريو به ساڳيو ئي هند- آريائي ٻولي هئڻ وارو آهي، پر هنن سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ گهڻو نه لکيو آهي. مغربي عالمن مان جي. وي ڪنائر ۽ فيئر سروس به ان موضوع تي گهڻو ڪم ڪيو آهي.
سنڌو لکت جي ڀاڃ (decipherment) جي حوالي سان بيان ڪيل هن سموري اڀياس ۽ اتهاس ۾ جن ٻين ماڻهن قابل قدر ڪم ڪيو آهي، تن مان روس ۾ ڪمپيوٽر تي مايا لپي پڙهندڙ يوري ڪنوروزوف (Knorozov)، فنلئنڊ جو آسڪو پرپولا ۽ ڏکڻ هندستان جو اروٿم مهاديوان اهم آهن. پويان ٻئي صاحب سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ انهيءَ مفروضي کي بنياد بڻائي ڪري رهيا آهن ته اها سنڌو ماٿريءَ جي ٻولي ’پروٽو دراوڙي‘ آهي ۽ انهيءَ حوالي سان نه صرف نظرياتي طور، پر ڪمپيوٽر جي اڀياس ذريعي به هنن انهيءَ مفروضي کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هنن ٻنهي صاحبن سنڌو مهرن تي مليل لکت ۾ موجود نشانين جي فهرستن ۽ ڏسڻين (Corpus and Concordances) تي قابل قدر ڪم ڪيو آهي. آسڪو پرپولا جو ڪتاب ‘Deciphering The Indus Script’ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ، 1994ع ۾ ڇپايو آهي. ٻيو ڪتاب ‘Corpus of Indus Seals and Inscriptions’ مارڪ ڪنائر سان گڏ مرتب ڪيل آهي، جڏهن ته ‘مهاديوان (Iravatham Mahadevan) جي ڏسڻي’ The Indus Script, Texts, Concordance and Tables 1977ع ۾ ڇپيو، اهو هڪ اهم حوالاجاتي ڪتاب آهي. هنن ٻنهي محققن جو 21 صديءَ تائين سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ لاءِ اختيار ڪيل سائنٽفڪ ۽ ڪمپيوٽرائزڊ طريقو ۽ ان سڄي تحقيق ۾ ادا ڪيل ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي.
سنڌو لکت جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ هڪ اهم نالو ايس. آر. راؤ جو به آهي، جنهن ‘سنڌو لکت جي ڀاڃ’ Decipherment of Indus Script‘ لکيو آهي. ان کان سواءِ سندس هڪ ٻئي ڪتاب ‘Dawn and Devolution of Civilization (1991)’ ۾ هڪ باب سنڌو لکت بابت آهي، جنهن ۾ هن اها راءِ ڏني آهي ته سنڌو لکت، برهمي ۽ سامي لکت کان گهڻي آڳاٽي آهي. ان ڪري اهو چوڻ درست ٿيندو ته برهمي ۽ سامي لپين واريون نشانيون، سنڌو رسم الخط کان ورتل آهن. هن جي تحقيق موجب سامي لکت ۽ سنڌو لکت ۾ 17 نشانيون بنهه هڪ جهڙيون آهن ۽ برهمي لکت ۽ سنڌو لکت ۾ 16 نشانيون ساڳيون آهن. [ايس. آر. رائو جي انهيءَ ڪتاب جو سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀري ‘سنڌو لکت ۽ ٻولي’ عنوان سان ڪيو، جنهن کي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ 1994ع ۾ شايع ڪرايو.] عطا محمد ڀنڀري پاڻ به سنڌو لکت جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪئي آهي ۽ هڪ ڪتاب Indus Script لکيو آهي.
هندستان جي هڪ ٻئي ماهر سيد ابو جلال ندويءَ، قديم آثارن ۽ ڪتبن وغيره جي باري ۾ گهڻي تحقيق ڪئي آهي ۽ هو اهڙي تحقيق لاءِ پاڪستان لڏي آيو. ‘سنڌو لکت’ بابت سندس ويچار بلڪل مختلف ۽ منفرد آهن. هن جو چوڻ آهي ته عبراني، عربي ۽ سنسڪرت لاءِ ڪم ايندڙ لکتون [رسم الخط] موهن جي دڙي جي رسم الخط واري بنياد مان نڪتل آهن. هو لکي ٿو ته موهن جي دڙي جي رسم الخط جو تعلق قديم عبراني ۽ عربي زبانن سان آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي ان قديم تهذيب جو ٻين نبين جي امتن ۽ مسلم تهذيبن سان گهرو تعلق هو، سنڌو رسم الخط، عرب سر زمين تائين سفر ڪيو، جتي قرآن شريف کان اڳ واري رسم الخط کي چوندا ئي ’مسند‘ هئا، جنهن مان سنڌ جي رسم الخط جي پهچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ابو جلال ندوي، ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته سنڌو لکت ئي انهن تهذيبن جي لکتن جو بنياد بڻي، پر آخر ۾ وري اهو ٿو چوي ته اِهو اُن ڪري ٿيو، جو سنڌ جا ماڻهو عربي نسل جا هئا ۽ سندن ٻولي سامي گروهه جي ٻولي هئي. قديم سنڌو ٻولي، قديم عربي ۽ قديم عبراني سڀئي ساڳئي سٿ جون ٻوليون هيون. اِتي ندويءَ جي تحقيق ۾ مذهبي جذبو شامل نظر اچي ٿو، جيڪا ڳالهه تحقيق جي غير جانبداريءَ کي متاثر ڪري ٿي.
ويهين صديءَ ۾ سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ (Decipherment) لاءِ ٿيندڙ ايڏين ڪوششن جي باوجود، جڏهن اُن ۾ خاطر خواهه ۽ قابل قبول ڪاميابي نه ٿي ته پوءِ ايڪيهين صديءَ ۾ ماڳهين اهو سوال اٿاريو ويو ته ڪٿي ائين ته ناهي ته انهن لکتن ۾ ڪا ڳالهائجندڙ ٻولي هجي ئي نه ۽ اهو ڪو غير لساني (غير ٻوليائي) نشانين جو نظام هجي.
گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ سنڌو رسم الخط تي ڪيترائي ڪتاب، مضمون ۽ مقالا ڇپيا آهن، تن ۾ سنڌو لکتن جون ڏسڻيون ۽ فهرستون به شامل آهن ته ڪمپيوٽر تي ‘حسابي لسانيات’ ذريعي حاصل ڪيل نتيجا به ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ فنلينڊ، روس، آمريڪا ۽ هندستان ۾ ڪيل تحقيق شامل آهي.
انٽرنيٽ تي سنڌو سڀيتا، سنڌو رسم الخط، سنڌو لکت، سنڌو علامتون- موضوعن تي لکيل ڪيترا مقالا، مضمون ۽ ڪتاب موجود آهن، جن مان ايڪيهين صديءَ ۾ سنڌو رسم الخط بابت ٿيل تحقيق بابت اهم معلومات ملي ٿي.
آمريڪا جي واشنگٽن يونيورسٽيءَ جي هڪ هندستاني ايسوسيئيٽ پروفيسر ’راجيش رائو‘ پنهنجي ڪيل تحقيق بابت ’پريزنٽيشن‘ ڏني آهي، جنهن جو عنوان: ’A Rosetta Stone For The Indus Script‘ آهي. روزيٽا اسٽون ٻيءَ صدي ق. م جي هڪ سِر يا ڪتبي کي چئبو آهي، جيڪا روزيٽا (رشديه) نالي مقام تان لڌي هئي، جنهن تي هڪ کان وڌيڪ لکتون هئڻ ڪري، ان ڳجهي خزاني جي ڪُنجيءَ جو ڪم ڏنو ۽ ان ڪري قديم مصري رسم الخط پڙهڻ ۾ مدد ملي هئي. سنڌو رسم الخط کي اهڙو ٻه- ٻوليائي پٿر يا ڪتبو ته ڪو نه مليو آهي، جنهن جي مدد سان ان کي پڙهي سگهجي، پر ڪمپيوٽر اهڙا ملهه ڏئي سگهن ٿا، جن جي مدد سان شايد اهو معمو ڪڏهن نه ڪڏهن حل ٿي سگهي. پروفيسر راجيش راؤ ‘ڪمپيوٽر ذريعي دماغ جي اڀياس جو ماهر’ (Computational Neurosurgeon) آهي ۽ کيس Robotics سان به دلچسپي آهي. سندس مهارت ان ۾ آهي ته هو ڪمپيوٽر ذريعي ماڊل (Computational Modeling) ٺاهي، انساني ذهن جو اڀياس ڪري ٿو. هو انساني ذهن جا ڪمپيوٽرائيزڊ ماڊل تيار ڪري، انهن کي قديم لکتن، خاص ڪري سنڌو لکت سان لاڳو ٿو ڪري، ان ريت هن کي خبر پوي ٿي ته انساني ذهن قدرتي يا فطري ماحول ۾ ٿيندڙ نون عملن، واقعن ۽ موجود شين جي ڪهڙيءَ ريت نمائندگي ڪري ٿو. اهڙا ڪهڙا حسابي نتيجا (Algorithms) آهن، جن سان انساني ذهن جي طور طريقن ۽ روين کي سمجهي سگهجي ٿو. ان نموني هن ڪمپيوٽر جي مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) ذريعي اهڙا اڀياس ڪرڻ کانپوءِ چار پنج هزار سال قديم نشانين پويان ڪم ڪندڙ ذهنن جي مخصوص طريقي (Pattern) کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ وري لکت ۾ ان کي موجود نمونن ۽ ترتيب جي طريقي (Pattern) سان لاڳو ڪيو. ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکندڙن لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته راجيش راؤ ۽ سندس ٽيم، جنهن ۾ سنڌو لکت جو هڪ اڳوڻو مڃيل ماهر اروٿم مهاديوان به شامل هو، جنهن هڪڙو سافٽ ويئر (Pattern Analyzing Software) ٺاهيو آهي، جنهن ذريعي مارڪوف ماڊل (Markof Model) نالي سسٽم جي حرڪي قوت (System, Dynamics) جو خاڪو ٺاهيندڙ هڪ ڪمپيوٽر ٽول (Tool) کي استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ چئن ڳالهايل ٻولين جي ترتيب (Sequence) واري ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪئي وئي، جن ۾ قديم سميري، سنسڪرت، قديم تامل ۽ جديد انگريزي ٻوليون شامل ڪيون ويون. شايد انهن ۾ ڪو سنڌي هجي ها ته ان ڊيٽا ۾ سنڌي به شامل ٿئي ها ته نتيجا مختلف نڪرن ها. ان کان پوءِ ان ۾ چار غير لساني يا غير ٻوليائي رابطي جا نظام (Non Spoken Communication Systems) کڻي، انهن جي ترتيب شامل ڪئي وئي، جن ۾ پهرين انساني ڊي. اين. اي (DNA) جي ترتيب هئي. ٻي ڪمپيوٽر پروگرامنگ جي فورٽران ٻوليءَ/ ڪوڊ (Fortran Code) جي ترتيب هئي، ٽين جيوڙن يا بئڪٽيريا واري پروٽين جي ترتيب ۽ چوٿين هڪ مصنوعي ٻولي وڌي وئي. ان ريت انهيءَ پروگرام ذريعي هر هڪ رابطي جي نظام (Communication System) (لساني ۽ غير لساني) ۾ ترتيبن جي بنا رٿابنديءَ (Random) جي اچڻ جي سطح جاچي، نتيجا ڪڍيا ويا.
انهيءَ سموري عمل کانپوءِ کوجنائي ٽيم کي جيڪا ترتيب انساني ٻولين واري معلوم ٿي، ان سان گڏ ڪمپيوٽر ۾ سنڌو لکت جا نمونا مهيا ڪيا، ته انهن کي نشانين جي ترتيب ۾ هڪ قسم جي تنظيم محسوس ٿي، جيڪا انساني ٻولين جي ‘وياڪرڻي تنظيم’ وانگر هئي. ان طريقي سان پهرين ته اها ڳالهه طئه ٿي ته مهرن تي اُڪريل نشان محض ڪي اهڃاڻ يا علامتون نه آهن، پر منجهن انساني ٻولي آهي. گرامر جي ترتيب معلوم ٿي وڃي ته دنيا ۾ موجود مختلف خاندانن جي ٻولين جي وياڪرڻي جوڙجڪ سان ڀيٽي گهٽ ۾ گهٽ سنڌو لکتن ۾ موجود ٻوليءَ جو خاندان ته طئي ٿي سگهي ٿو، ان ڏس ۾ نتيجو اهو نڪتو ته:
When they seeded the program with fragments of Indus Script, it returned with grammatical rules based on pattern of symbol arrangement. These proved to moderately ordered, just like spoken languages.
انهيءَ نتيجي باوجود ڪمپيوٽر ‘سنڌو لکت’ ۾ موجود نشانين جي معنيٰ يا مطلب جي باري ۾ خاموش رهيو. هن ڪوشش کي سنڌو رسم الخط جي ڀاڃ جي سلسلي جي ڄاتل سڃاتل ماهر آسڪو پارپولا پسند ڪيو، پر اسڪرپٽ يا رسم الخط کي نه سمجهي سگهڻ وارو ڦورو ڦولي نه سگهيا. راجيش رائو جو چوڻ آهي ته “هاڻي اسان کي گرامر جي ترتيب وارو نمونو (Pattern) حاصل ٿي ويو آهي ته پوءِ اڳيون قدم ان ترتيب واري نموني کي ٻين ٻولين جي ساڳين نمونن سان ڀيٽڻ هوندو، جن ۾ سنسڪرت ۽ ٻيون هند يورپي يا وري دراوڙي ٻوليون اچي وڃن ٿيون.” (جيڪي سنڌو ماٿريءَ کان هزارين ڪلوميٽر پري جون آهن) ان ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن ماهر شخص کي شامل ڪري قديم توڙي جديد سنڌيءَ اندر ساڳئي قسم جي ترتيب واري نموني کي آڻي سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر الانا پنهنجي تحقيق ۾ سنڌو ثقافت جي تسلسل سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جي هزارين لفظن جي تسلسل سان اڄ تائين استعمال جي ڳالهه ڪندي، پنهنجن ڪتابن ۾ اهڙا ڪيترائي عام طرح ڪتب ايندڙ لفظ ڏنا آهن، جن کي ڪمپيوٽر جي ڊيٽا ۾ وجهڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو سنڌو لکت سان واسطو يا لاڳاپو ظاهر ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي سنڌ جي ٻئي عالم سراج ميمڻ پڻ هن خطي جي پنهنجي ‘اصلوڪي (Indigenous) ٻولي’ مڃي، جيڪا نه هند آريائي آهي ۽ نه ئي دراوڙي، بلڪ اصلوڪي سنڌي ئي آهي، جنهن جو پنج هزار سال اڳ ۾ ممڪن آهي ته ڪو ٻيو روپ هجي. پر موجوده سنڌي ان جي ارتقائي صورت آهي ۽ جيڪڏهن موهن جي دڙي سان گڏ هڙاپا جي ٻوليءَ بابت راءِ ڏجي ته اها به ساڳي ٻوليءَ جو لهجو يا ٻيو روپ ٿي سگهي ٿو ۽ انهن جي ماءُ ٻولي (Parent) هڪ ئي ٻولي آهي. سراج پنهنجي مشهور ڪتاب ‘سنڌي ٻولي’ ۾ پنهنجو اهو نظريو ڏيڻ سان گڏ سنڌو مهرن جي لکت، جنهن رسم الخط ۾ آهي، ان کي پڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. بهرحال سنڌو لکت، جنهن رسم الخط ۾ لکي وئي آهي، ان کي ڪمپيوٽر تي پڙهڻ لاءِ يا ان جي ڀاڃ لاءِ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي شامل نه ڪندڙ سائنسدان شايد ئي ڪامياب ٿي سگهن. سنڌي ته ٺهيو، پر هن سموري خطي جي ڪا به ٻولي انهيءَ تجربي ۾ شامل نه ڪئي وئي آهي. تامل ۽ تيلگو ٻوليون سنڌو ماٿريءَ کان هزارين ڪلوميٽر پري جون ٻوليون آهن، انهن کي شامل ڪندڙن کي سنڌو ماٿريءَ جي سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، هندڪو وغيره ٻولين بابت به سوچڻ گهرجي، جن جي گرامر جي ترتيب جو نمونو (Pattern) ڪميپوٽر ۾ وجهڻ يا فيڊ ڪرڻ سان اهو شايد ڪو نتيجو ڏئي وجهي.
راجيش راؤ جي اها تحقيق ‘سائنس’ جرنل ۾ 2009ع ۾ ڇپي ۽ ‘ڪمپيوٽيشنل لنگئسٽڪس’ جي پرچن ۾ پڻ شايع ٿي ته ڪن کيس ساراهيو ته ڪن مٿس سخت تنقيد ڪئي، تنقيد ڪرڻ وارن ۾ رچرڊ اسپروٽ، وٽزل ۽ فارمر نالي سائنسدانن اها دعويٰ ڪئي ته سنڌو لکتن ۾ دراصل ڪا ٻولي لکڻ يا تحرير (Writing) جو رسم الخط نه آهي، پر انهن ۾ موجود نشانيون غير لساني آهن (ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جون علامتون ناهن) ۽ اهي محض ڪي سياسي يا مذهبي اهڃاڻ (Symbols) آهن.
اُن کان اڳ به 2004ع ۾ هنن ساڳين ماهرن جي ٽيم ’اليڪٽرانڪ جرنل آف ويدڪ اسٽڊيز‘ ۾ هڪ مقالو ڇپايو هو، جنهن ۾ هنن سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن کي اڻ پڙهيل ۽ سنڌو رسم الخط کي ٻولي سمجهڻ واري ڳالهه کي غير حقيقي مفروضو ڪوٺيو هو. سندن مقالي جو عنوان هو: ”The Collapse of Indus Script Thesis: The Myth of a Literate Harappan Civilization“ معنيٰ ته سنڌو رسم الخط وارو مفروضو ڊهي چڪو آهي ۽ هڙپائي تهذيب جي پڙهيل لکيل هئڻ جو افسانو يا ڏندڪٿا وائکي ٿي چڪي آهي، پوءِ انٽرويو وغيره ۾ هنن تمام سخت لفظ به استعمال ڪيا هئا ۽ سنڌو لکت کي تحرير جو رسم الخط مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. سندن نقطه نظر سيهل، ڪنائر ۽ مهاديوان طرفان 2004ع ۾ ئي سختيءَ سان رد ڪيو ويو هو، جڏهن ته آسڪو پرپولا طرفان 2005ع ۽ 2009ع ۾ ٻيهر تنقيدي جواب ۾ وڌيڪ دليلن سان رد ڪيو ويو، وڊال طرفان 2007ع ۾ ۽ ميڪنتاش طرفان 2008ع ۾ مقالا لکي، ڪيترائي دليل ڏنا ويا ته سنڌو رسم الخط هڪ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.
انهيءَ سلسلي ۾ آسڪو پارپولا دليلن سان پنهنجو جواب 2005ع ۾ ڇپرايو هو، جنهن مقالي جو عنوان ’Is the Indus Script Indeed not a Writing System ‘ هو يعني ته ’ڇا سنڌو رسم الخط واقعي تحرير جو نظام ناهي؟‘، جنهن کانپوءِ 2009ع ۾ هن اُن کي سنواري سُڌاري ڇپرايو. هن دليل ڏنا ته جيئن ته سنڌو لکت جي ڀاڃ (Decipherment) جي ڪوشش کي ڪافي سال ٿي ويا آهن ۽ ماهر ان کي پڙهڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ان ڪري انهن مان ڪن جي ذهنن ۾ اهڙو سوال اٿيو آهي ته ماڳهين اهو غير لساني (بنا ٻوليءَ جي) علامتن جو نظام ته ڪونهي!
ڊگهي بحث مباحثي ۽ دليلن سان هن، فارمر، اسپروٽ ۽ وٽزل کي غلط ثابت ڪيو ۽ چيو ته سنڌو رسم الخط اصل ۾ پدن تي ٻڌل (Logosyllabic) لکت آهي. ان ۾ 400 نشانيون دراصل اکر (Graphemes) آهن، جيڪي پدن جي ترجماني ڪن ٿا. ان کانپوءِ هن اهو به چيو ته هن رسم الخط ۾ ڊگهيون عبارتون فنا ٿيندڙ وٿن (ڇوڏن، پنن ڪپڙي وغيره) تي هئڻ ڪري محفوظ رهي نه سگهيون آهن، ان ڪري پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، پر انهن نشانين جي ترتيب ۽ ورجاءُ، ٻوليائي رسم الخطن سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هن اهو به چيو ته سنڌو لکتون پري پري تائين مختلف ماڳن تان مليون آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته انهن نشانين ۾ ڪو مفهوم ۽ معنيٰ آهي، تڏهن ته انهن نشانين کي استعمال ڪري پري پري جا ماڻهو واپار يا ملڪي انتظام ۾ استعمال ڪندا هئا. 2010ع ۾ هڪ ڀيرو وري به رچرڊ اسپروٽ ۽ وٽزل واري ساڳي ’ٽيم‘ ڪجهه ٻيا پهلو کڻي تنقيد ڪئي، جنهن جي جواب ۾ 2010ع ۾ راجيش رائو ۽ سندس ٽيم هڪ ڀرپور تجربو ڪري، ڪمپيوٽر ذريعي نتيجا ڪڍي پيش ڪيا. سندن مقالي جو عنوان هو:
Entropy, the Indus Script and Language: A Reply to Richard Sprout.
هن مقالي ۾ سنڌو لکت جي نشانين ۾ پيغام رسانيءَ جي صلاحيت کي شمارياتي حوالي سان توري تڪي، ان ۾ ٻوليءَ جي موجودگيءَ کي ثابت ڪيو ويو آهي. انهن سمورن سائنسدانن جو تعلق هندستان ۽ ڏکڻ ۾ دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ خطي سان آهي ۽ هي سنڌو ماٿريءَ جي ٻوليءَ کي قديم دراوڙي ٻولي مڃين ٿا. ڪمپيوٽر تي ڪيل سندن تجربا ۽ انهن جي تصويرن، خاڪن، جدولن ۽ علامتن اندر موجود ترتيبن وغيره بابت پريزينٽيشن جي وڊيو ‘يو ٽيوب’ تي ۽ واشنگٽن يونيورسٽيءَ جي ‘ويب سائيٽ’ تي ڏسي سگهجي ٿي. انهيءَ کانسواءِ مٿن جيڪي تنقيدون ٿيون آهن، اهي پڻ انٽرنيٽ تي موجود آهن.
سنڌو ماٿريءَ جي ٻوليءَ ۽ رسم الخط جي باري ۾ ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيندڙ تحقيق جو اهو رخ سامهون اچڻ کانپوءِ اهو سلسلو هلي پيو ته ٻيا به ڪيترائي نوجوان ۽ تجربيڪار محقق ان ميدان ۾ ٽپي پيا آهن. هندستان ۾ قائم ‘ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف فنڊامينٽل ريسرچ’ جي هڪ ٽيم، جنهن ۾ نِشا يادَو ۽ ايم. اين. وهيا وغيره شامل آهن، سنڌو رسم الخط ۾ موجود نشانين جي ڊزائين بابت ڪمپيوٽر تي اڀياس ڪري نتيجا ڪڍي، 2011ع ۾ هڪ مقالو ڇپرايو، جنهن جو عنوان آهي:
Indus Script: A Study of it’s Sign Designa، جنهن ۾ هنن سنڌو نشانين جي ترتيب (Sequence) جو تجزيو ڪري، انهن جي بناوٽ يا جوڙجڪ ۾ موجود ڊزائين جو ڇيد ڪيو آهي ۽ انهن کي ٽن قسمن جي نشانين ۾ ورهائي، ‘بنيادي’، ‘عارضي’ ۽ ‘ترميمي’ نشانيون ڌار ڪيون آهن. ان کان سواءِ سادين ۽ مخلوط (مرڪب ۽ گڏيل) نشانين کي ٽوڙي انهن جي متنن ۾ اچڻ جا ڀيرا يا ورجاءَ جاچيا ۽ ائين ڪمپيوٽر ذريعي ترتيبن جي ڳولا ڪري، انهن ۾ ٻوليءَ واري تنظيم/ نحوي ۽ منطقي اصول ڳولي، ان جي ٻولي هجڻ بابت دليل تيار ڪيا.
ايڪيهين صديءَ ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت تائين بيان ڪيل سمورا ماهر سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ٻوليءَ کي دراوڙي سمجهي ڪم ڪندا رهيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ماهر سنڌو سڀيتا ۽ ٻوليءَ کي ويدڪ سڀيتا ۽ ٻولي قرار ڏيندي، اهڙيون ثابتيون پيش ڪندا رهيا آهن، انهن مان وڏو تعداد انهن ماهرن جو آهي، جيڪي ‘هندو توا’ جي اثر ۾ آهن. يا سنڌو ماٿريءَ جي تاريخ کي هندستان جي قديم تاريخ جو ماخذ ڄاڻائي، ويد، مهاڀارت ۽ ٻيا مذهبي اهڃاڻ توڙي ٻولي ۽ لپي (برهمي) قديم سنڌو تهذيب سان لاڳاپين ٿا. انهن مان 21 صديءَ ۾ نٽور سنگهه جها، اين. ايس. راجارام ۽ راجوٽ اين پال جا نالا وٺي سگهجن ٿا.
اين. ايس. راجارام جو مقالو: ‘Looking Beyond the Indus Script Story of Vedic Harappans’ پڻ نيٽ تي موجود آهي. هي ليکڪ آرين جي ٻاهران اچڻ واري مفروضي کي رد ڪري ٿو ۽ هندستان جي اصلوڪن رهاڪن کي ئي ويدن جو خالق ڄاڻائي ٿو. هن ڳالهه مان هن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ به آهي ته ويد محض 1000 يا 1500 ق. م جا نه، پر هزارين سال قديم آهن، جيڪي ويدڪ ٻوليءَ ۾ لکيا ويا هئا، جيڪا سنڌو ماٿر سميت سڄي هندستان ۾ رائج هئي. هو ويدن ۾ سرسوتي نديءَ جو گهڻو ذڪر ڏسي لکي ٿو ته اها تهذيب دراصل 2000 ق. م ۾ سُڪي ويل سرسوتي نديءَ جي تهذيب هئي.
ٻاهران آيل آرين واري مفروضي کي انگريزن طرفان سياسي مقصدن لاءِ گهڙيل سمجهندي، هو هندستان جي ماڻهن کي مظلوم دراوڙن ۽ ظالم آرين جي ٻن گروهن ۾ ورهائي ويڙهائڻ جي سازش ڪوٺي ٿو، جنهن ۾ سندس چواڻي ڪيترا هندستاني به شامل آهن،
جن ان کي پنهنجي تحقيق ۽ نظرين ۾ هٿي ڏني. سنڌو سڀيتا مان ’گهوڙي‘ جي ڪا علامت نه ملڻ کي ان جي غير آريائي هئڻ جو جواز بڻايو [ڇاڪاڻ جو گهوڙو آريائي تهذيبن ۾ ملي ٿو] ۽ انهيءَ جهيڙي کي سياسي طبقاتي جهيڙو ثابت ڪيو. هو لکي ٿو ته انگريزن پاران آرين جي سڃاڻپ جا معيار متڀيد تي ٻڌل هئا، جنهن ۾ چيو ويو ته Longer the nose, higher the caste يعني جيترو نڪ ڊگهو هوندو، اوترو اوچي ذات هوندي. ان ڪري سموري هندستان ۾ نڪ اوچو رکڻ عزت داريءَ ۽ شرافت جو معيار سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته گهٽ ذات وارو بي نڪو ۽ اڻاسو سڏيو ويو. آريا سڌريل ۽ اڻ آريا ‘اناڙي’. اهڙيءَ طرح دراوڙ سڏايل طبقن ۾ آريا سڏجندڙ گروهن لاءِ نفرت ۽ ڪروڌ پيدا ٿيو، بهرحال هي محض انهيءَ سموري نظريي جي پسمنظر ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان سنڌو ٻوليءَ کي ئي سڀني هندستاني ٻولين جو سرچشمو ڪوٺي ٿو، جيڪا ويدڪ سنسڪرت جو آڳاٽو روپ هئي، جنهن جي رسم الخط مان برهمي ۽ ديوناگري لپيون اُسريون. [گهڻائي سال اڳ سنڌي اسڪالر سراج، آرين جي اهڙي مفروضي گهڙڻ بابت يورپي عالمن جي سازش کي وائکو ڪيو هو. سنڌيءَ کي سنسڪرت مان نه، پر سنسڪرت کي سنڌيءَ مان نڪتل چيو هو، پر سندس مقصد هرگز اهو نه هو ته ڪو سنڌي ويدڪ سنسڪرت جي خاندان مان هئي، بلڪ اها اصلوڪي بُڻائتي ٻولي هئي، جنهن دنيا جي اڪثر ٻولين کي جنم ڏنو هو، جن مان هڪ سنسڪرت به هئي.]
اُن سـاڳـي بحث ۾ ڪجهه قدر علمي حوالي سان هڪ مقالو راجوٽ اين. پال جو پڻ لکيل آهي، جيڪو 2011ع جو ڇپيل آهي:
‘A New Light on the Decipherment of Indus Saraswati Script’ يعني ‘سنڌو- سرسوتيءَ جي رسم الخط جي ڀاڃ تي نئين روشني’- انهيءَ مقالي ۾ ليکڪ، منو سمرتيءَ ۾ ڄاڻايل ‘مليڇ واڪ’ (مليڇا واڪا) ۽ پتنجليءَ واري ‘اپباسدن’ کي انهيءَ سلسلي سان جوڙيو آهي. هي به دراوڙن ۽ آرين جي ورهاست کي قبول نه ٿو ڪري ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻوليءَ کي هندستان جي قديم ويدڪ ٻولي قرار ڏي ٿو، جنهن جي رسم الخط مان برهمي ۽ کروشتي لپيون ٺهيون. هو هندو ڌرمي ڪتابن مان مثال ڏئي ثابت ڪري ٿو ته اهي ٻه قديم طبقا شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي ورهاست سبب ٺهيا، پر هئا ساڳئي نسل مان ۽ پاڻ ۾ شاديون ڪندا هئا. بهرحال سنڌو رسم الخط جي معاملي ۾ اهو رخ به ضرور سامهون رکڻ گهرجي، پوءِ ان کي قبول يا رد ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر جا اڀياس پاڻ ئي بهتر نتيجا ڏيندا.
سنڌو لکت جا آثار سڀ کان پهرين هندستان ۾ قائم آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي پهرئين ڊائريڪٽر جنرل اليگزينڊر ڪننگهام (1853ع کان 1856ع ڌاري) هندستان ۾ موجود سنڌو تهذيب جي تسلسل ۽ قديم ماڳن جي کوٽائيءَ دوران ڳولي لڌا. سنڌو تهذيب جي ماڳن جي کوٽائيءَ مان مليل ٺڪر جي ٿانون، اوزارن، عاج ۽ مڻين مان ٺهيل روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ شين کان علاوه تحريري مهرون پڻ هٿ آيون. اليگزينڊر ڪننگهام کان سواءِ چارلس ميسن ۽ لفٽينينٽ اليگزينڊر برنس، جنهن سنڌو درياهه جي تاريخي سفر وسيلي پهريون ڀيرو آمريءَ جي دڙي کي ڳولي لڌو، ته انهن کي به ڪجهه مهرون هٿ آيون. 1872ع ۾ هڙاپا جي ماڳن تي وڌيڪ کوجنا ۽ کوٽائيءَ جي نتيجي ۾ ميجر ڪلارڪ هڙاپا جي دڙي تان هڪ مهر دريافت ڪئي، جيڪا ڪننگهام پنهنجي حفاظت ۾ رکي. ٻي مهر 1884ع ۾ اُن وقت هندستان ۾ تعليمي آفيسر جي. هاروي (J.Harvey) کي ملي ۽ ٽين مهر 1886ع ۾ انگريز پوليس عملدار ٽي. اي. او ڪونر (T.A O’Connor) هڙاپا جي دڙن مان ڳولي لڌي. اهي ٽئي مهرون 1886ع ۾ برٽش ميوزيم ۾ رکيون ويون. 1875ع ۾ اليگزينڊر ڪننگهام، هڪ تحقيقي رپورٽ شايع ڪرائي، جنهن ۾ هن هڙاپا جي ماڳن تان مليل مهرن جي تصويرن/ خاڪن کي پڻ شايع ڪرايو. ڪننگهام، ابتدائي رپورٽ ۾ مهرن تي اُڪريل علامتي نشانين کي برهمي لکت سڏيو. ڪننگهام جي ان راءِ کي قديم آثارن جي ناميارن ماهرن: جي. آر هنٽر، ايف- ريمنڊ آلچن ۽ ٻين تائيد ڪندي چيو ته سنڌو لکت اصل ۾ برهمڻي ٻوليءَ جي خاندان مان اُسري آهي. جڏهن ته آسڪو پرپولا، اراواٿم مهاديوان ۽ ٻين ماهرن ڪننگهام جي راءِ کي رد ڪندي سنڌو لکت کي آرامي لکت (Aramaic Script) ڄاڻايو آهي.
سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ هڪ مشهور ماهر اسٽيوفارمر پنهنجي هڪ مقالي ۾ ٽيرن دي ليڪوپيري (Terrien de Lacouperie) جي ڪيل دعويٰ ‘سنڌو لکت جون مهرون قديم قبائلي چيني لکت لولو يا يي Lolo (or Yi) آهي’. ليڪوپيري جي تحقيقي مخزن
‘The Journal of Asiatic Society of Great Britain, Ireland’ جي 1980ع ۾ شايع ٿيندڙ شماري ۾ سنڌو لکت بابت سندس لکيل مضمون جو مڪمل جائزو وٺندي، اسٽيو فارمر سائنسي دليلن سان سندس راءِ کي رد ڪيو. اسٽيو فارمر پنهنجي ڪالم The First Harappan Forgery: Indus Inscription in the 19th Century ۾ ليڪوپيريءَ بابت لکي ٿو ته، “ليڪوپيري، سائنسي بيان ڪيل مفروضي نظرين ۽ تشريحن کي سگهارو استعمال ڪري، پنهنجي مضمون جي آخر ۾ قديم تهذيبي لکتن کي ڇڪي ميسوپوٽيميائي ۽ چيني لکتن وچ ۾ لاڳاپا ظاهر ڪيا آهن. ليڪوپيريءَ جي راءِ موجب سنڌو لکت جو اصل بڻ بڻياد
هند- چيني (Indo-Chinese) لکت آهي. هن پنهنجي مٿينءَ راءِ کي ڪننگهام جي لڌل مهرن ذريعي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ ليڪوپيريءَ جي راين ۾ علمي ۽ تحقيقي کوٽ هئي، تنهن هوندي به سندس راين کي اهميت حاصل رهي. هي ماهر پنهنجي وفات جي وقت 1894ع تائين سنڌو لکت جي تحقيقي ڪم ۾ مصروف رهيو. ايندڙ پنجاهه سالن 1872ع کان 1922ع تائين هڙاپا تهذيب جي اُڪريل عبارتن تي ڪي قدر تحقيقي ڪم ٿيندو رهيو. هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ڪرزن جي انتظامي حڪومت هيٺ جان مارشل کي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو دائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. 1906ع ۾ جان مارشل، سرڪاري موڪلن تي برطانيا ويو، جتي هن ڪننگهام طرفان شايع ڪرايل مهرن جو تفصيلي مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو ۽ هندستان واپس اچي قديم ماڳن جي کوٽائي ۽ کوجنا جي رٿائن تحت باقاعده ڪم جو آغاز ڪيو. 1920ع کان 1922ع تائين ديارام ساهني، جان مارشل جي نگرانيءَ ۾ هڙاپا تهذيب جي ماڳن جي کوٽائي ڪئي.
1911ع کان 1912ع ڌاري سنڌ ۾ موجود هڪ ٻئي قديم ماڳ موهن جي دڙي کي پهريون ڀيرو ڊي.آر.ڀنڊارڪر ڳولي لڌو. جديد دور جي سرن جو ڏيک ڏيندڙ سرن جي بناوٽ کي ڏسي سندس خيال هو ته اها ڪا قديم تهذيب نه ٿي ٿي سگهي. ڀندارڪر کانپوءِ رکل داس بينرجي هن ماڳ جو دورو ڪيو.
1919ع- 1920ع دوران موهن جي دڙي جي باقاعده کوٽائيءَ بابت ڄاڻايو ويو ته اها ٻڌ دور جي قديم تهذيب آهي، جنهن جو تعلق 500 سال کان 150 سال ق.م سان آهي. 1922ع-1923ع ۾ جان مارشل جي نگرانيءَ ۾ وڏي پيماني تي کوٽائي ٿي، ان کوٽائيءَ دوران موهن جي دڙي تي ڄميل ڌوڙ کي ماهرن جي نگرانيءَ هيٺ صاف ڪري دڙي جي اصلوڪي ڍانچي کي منظرعام تي آندو ويو. ٻنهي ماڳن هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران ڪيترائي نوادرات، اهم ڪوائف ۽ انوکي/ غير معمولي لکت پڻ هٿ آئي. قديم ماڳن جي کوجنا متعلق لنڊن جي اخبارن ۾ مضمون شايع ڪرايا، جنهن سان سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي تحقيقي بنيادن تي ترجيح ڏني وئي. انهن قديم ماڳن تان مليل عبارتن جي مڪمل تعداد بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪونهي. هندستاني ماهر اراواٿم مهاديوان (Iravatham Mahadevan) 1977ع تائين 2906 لکت جون علامتون ڄاڻايون، جيڪي 2002ع تائين وڌي 4000 ٿي ويون آهن. قديم ۽ تاريخي ماڳن تان لڌل ٺڪراٺي مان ان ڳالهه جي واضح ثابتي ملي آهي ته اهي ٺڪر ۽ مهرون سنڌو تهذيب جي مکيه ۽ وڏن شهرن ۾ استعمال ٿيندا هئا، جن جو مثال موهن جي دڙي مان 1540، هڙاپا 985، لوٿل 165، ڪالي بينگن 99 ۽ چانهونءَ جي دڙي مان لڳ ڀڳ 66 جي تعداد ۾ تصويري علامتن ۽ سنڌو لکت جي نشانين سان ٺپيل ٺڪر هٿ آيو، جن تي مختلف وقتن ۾ عالمي سطح تي آثارِ قديمه ۽ لسانيات جا ماهر تحقيق ڪندا پئي رهيا آهن.
مغربي ماهرين مان سنڌو لکت جي تاريخ ۽ ڀاڃ تي گهڻو ڪم آسڪوپارپولا جو ڪيل آهي. آسڪو پرپولا، پنهنجي قابليت جي آڌار تي 30 سالن جي طويل عرصي تائين سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ جي ڪم ۾ سرگرم پئي رهيو آهي. ان ڏس ۾ سندس هڪ ڪتاب ‘Deciphering the Indus Script’ 1994ع ۾ ۽ ٻن جلدن تي مشتمل ٻيو ڪتاب ‘Corpus of Indus Seals and Inscriptions’ يونيسڪو طرفان شايع ٿيو، ٻنهي ۾ سنڌو لکت جي ڀاڃ ۽ تحقيقي مواد شامل آهي.
آسڪو پارپولا جي تحقيق مطابق: 3600 کان 2600 ق.م تائين هڙاپائي دور ۾ ٺهندڙ ۽ استعمال ٿيندڙ ٺڪر جا هزارين ڀڳل ٺڪر جا ٽڪرا مختلف ماڳن تان ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ مليا آهن. سنڌو لکت ۽ علامتن سان چٽيل ۽ اڪريل ٺڪر گهڻي ڀاڱي سنڌ جي قديم مختلف ماڳن ۽ هند- ايراني (Indo-Iranian) سرحدن تان هٿ آيا آهن، جن ۾ آخري، ڪوٽڏيجي، بالاڪوٽ، مهر ڳڙهه، دمب سادات، ڪڙي گل هر، ڪوئيٽا، منڊيگاڪ، رحمان ڊيري، سرائي کولا II ۽ جليل پور شامل آهن. لڳ ڀڳ 50 کان 150 مختلف مهرون ٻين ماڳن ۽ علائقن مان پڻ هٿ آيون آهن.
سنڌو لکت سان هڪ جهڙائي رکندڙ ساڳئي وقت جون ڪي ٺڪر جون علامتون ايران ۾ سيوستان ۾ موجود قديم ماڳ شهر سوخته ۽ ٻين هنڌن تان پڻ مليون. هڙاپا جي ابتدائي ٺڪراٺي تي چٽيل علامتون انگن جهڙو ڏيک ڏين ٿيون، خاص ڪري ٺڪر تي هڪ ٻئي مٿان موجود عمودي ليڪا، قديم دور جي عددي قدرن ۽ حسابي طور طريقن کي ظاهر ڪن ٿا.
هڙاپا جي وچئين دور مان مليل ٺڪراٺي تي، چٽيل لکت گهڻو ڪري حسابي عددن تي مشتمل ٿا ڏسجن. انهن علامتن کي ڏسڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته پهريان ڏهن جو عدد سنڌو لکت ۾ ملي ٿو، جنهن کي ٻنهي طرفان کان اڌ گول ۽ مٿئين حصي کي کُليل رکيو ويندو هو. ڪجهه ٺڪرن تي اهو عدد هڪ ٻئي پٺيان بار بار دهرايل آهي. پارپولا جي اندازي مطابق سنڌو لکت جي تخليق کان اڳ سنڌو تهذيب ۾ ڪجهه صدين تائين ٺڪراٺي علامتن ۽ نشانين جي موجود هجڻ جا آثار ملن ٿا. شايد اهو ئي سبب تي آهي ته سنڌو لکت واريون خصوصيتون آڳاٽي هڙپائي دور جي تحريري نشانين ۾ موجود ناهن. ابتدائي ۽ وچئين هڙاپائي دور سان تعلق رکندڙ قديم ماڳن جي ارضياتي تهن مان ثابت شڪل ۾ ڪجهه اهڙا ٺڪر هٿ آيا آهن.
موجوده ثابتين مان اها ڳالهه واضح ٿي ٿئي ته سنڌو لکت سڌيءَ ريت ڪنهن ٻيءَ لکت مان ناهي اُسري. ارضياتي طور تمام گهڻي ويجهڙائيءَ سبب پوئين المائيٽ (Proto-Elamite) لکت کي سنڌو لکت سان ڪا ٿوري ويجهڙائي آهي. 2600 ق.م جي سنڌو لکت جڏهن منظرعام تي آئي ته هڪ عام راءِ اها جوڙي وئي ته سنڌو لکت، ويجهڙائي ۾ اُسريل هڪ اوڀر واري لکت مان متاثر ٿيل آهي ۽ ان اثر جو ذريعو ميخي خط (Confirm) ڄاڻايو ويو.
ڪورزوف، پارپولا ۽ مهاديوان ڪمپيوٽر جي مدد سان سنڌو لکت جي جيڪا ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، ان مان فقط اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته علامتي نشانيون انفرادي طور لکت ۾ ڪيترا ڀيرا ڪتب آيون ۽ لکت اندر سندن مقرر بيهڪ ڪهڙي هئي. مثلاً: تحقيقي ماهرن کي اکري بيهڪ جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ پڇاڙيءَ وارين علامتي نشانين جو پتو ۽ اها ڳالهه پڻ واضح ٿي ته اهي بنيادي يا عام قسم جون ثانوي درجي سان واسطو رکندڙ علامتي نشانيون آهن. انهن انفرادي مرڪب علامتي نشانين جي ڇنڊڇاڻ ڪانه ٿي سگهي. سنڌو لکت ۾ ٻيون به اهڙيون ڪيتريون ئي مرڪب نشانيون آهن، جن جي شڪل صورت تصويري نظر اچي ٿي. انهن علامتي نشانين بابت اچارن جي ڪا معلومات ناهي ملي سگهي.
هندستاني ماهر ايس.آر راؤ 1960ع کان 1972ع تائين هن لکت جي مرڪب نشانين جي بناوت جي لحاظ سان ڇنڊڇاڻ ڪندو رهيو. هن سنڌو لکت بابت، پنهنجي تحقيق وسيلي هن نقطي ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته پوئين دور ۾ سنڌو لکت جي نشانين کي وڌيڪ سولي ۽ سادي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اهو ڪم نشانين جي مٿان ڏنل اعرابن ۽ ڳنڍيل حرفن کان ورتو ويو. اهي ساڳيون خاصيتون ۽ خوبيون برهمي- سنڌو لکت ۾ به هيون.
سنڌ سڀيتا جي اوج واري دؤر ۽ سنڌ سڀيتا جي پوئين زماني ۾ سنڌو لکت مان، پپر جو پن، وڇون، زمين جون علامتي نشانيون ۽ جانورن جون مورتيون جهجهي انداز ۾ مليل ٿيون ڏسجن ۽ انهن بدران رڳو گڏيل لکت وارا (روان) نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ حقيقت جي پٺڀرائي جهاجهر (Jhajhar) مان لڌل مهر، هڙاپا ۽ روجڙيءَ جي هڪ ٿانوَ جي لکتن مان ٿئي ٿي. اهي ٻئي ماڳ هڙاپا جي پوئين دور سان واسطو رکن ٿا.
آثار قديمه جي هڪ ٻئي ماهر مسٽر ڊيلس (Mr. Dales) موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران، دڙي جي پوئين تهه مان چوويهه مهرون لڌيون، جن مان کيتيءَ جي ميدان (Field) جي ٻن علامتي نشانين کانسواءِ ٻيون سڀ نشانيون گڏيل لکت جي نشانين جي شڪل ۾ هيون. انهن مهرن جون لکتون ماهرن طرفان جوڙيل ان راءِ جي تصديق ٿيون ڪن ته سنڌو لکت کي خود موهن جي دڙي جي ڪنهن پوئين دور ۾ ترميم ڪري سولو ڪيو ويو هو.
مٿينءَ ڳالهه بابت ثابتي ملي ٿي ته سنڌو لکت ۾ وقت سان گڏ ترميم ڪري ان ۾ تبديلي آندي وئي. سنڌو لکت جي مجموعي تحقيق ۽ ڀاڃ جي سلسلي ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ ٻين قديم ماڳن مان، سنڌو تهذيب جي اوج ۽ پوئين دور سان واسطو رکندڙ مهرون ۽ لکت وارا ٺڪر جا ٿانو هٿ ڪيا ويا، تن جي نشانين کي هڪ جائزو ڪري سموري لکت جي پنوتري تيار ڪري اچارن جي نمائندگي ڪندڙ گڏيل علامتي نشانين (اعرابن) کي انهن بنيادي نشانين کان الڳ ڪيو ويو.
هن قسم جي تحقيق ذريعي سنڌو تهذيب جي پوئين دور سان واسطو رکندڙ اهڙيون 24 بنيادي نشانيون مليون، جيڪي گڏيل صورت ۾ هيون، جن مان ڏهن (10) جو تعلق صوتي نشانين سان هو ۽ انهن جي شڪل سامي لکت جي نشانين جهڙي هئي. ان کانسواءِ ڪجهه
اهڙيون نشانيون به مليون، جن ۾ مورتي ۽ تصوري (لفظي) نشانيون پڻ شامل هيون. انهن مان ڪن جو قطعي پڇاڙيءَ وارين نشانين سان
واسطو هو.
سنڌو لکت جي ماهرن، ان دور واري لکت کي سنڌو تهذيب جي اوج واري دور سان منسوب ڪيو آهي. سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ هندستاني ماهر ايس. آر. رائو (S. R. Rao) پنهنجي ضخيم ڪتاب ‘Dawn and Devolutions of the Indus Civilization’ جي هڪ باب ۾ سنڌو لکت بابت پنهنجي تحقيقي راءِ هن ريت ڄاڻائي آهي ته: ”سنڌو لکت برهمي ۽ سامي لکت کان گهڻي پراڻي آهي، تنهنڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته برهمي ۽ سامي لکت سنڌو تهذيب واري لکت تان ورتيون ويون آهن. سندس کوجنا موجب سترنهن نشانيون اهڙيون آهن، جيڪي سامي ۽ سنڌو لکت ۾ هڪ جهڙيون آهن ۽ سورنهن نشانيون وري اهڙيون آهن، جيڪي سنڌو ۽ برهمي لکت سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون.”
سنڌو لکت بابت سندس هڪ ٻي راءِ اها به آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو قديم ايرانيءَ سان پڻ لاڳاپو هو، پر لغوي ۽ معنوي لحاظ سان
سنڌي ٻوليءَ جو وڌيڪ لاڳاپو هند آريائي ٻوليءَ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن سنڌو لکت ۾ هيٺين خوبين کي پنهنجي تحقيق وسيلي واضح ڪيو: (1) سنڌو لکت ۾ هيءَ خوبي ڏسجي ٿي، جيڪا هن شڪل (“-‘) ۽ (‘) ۾ آهي، جنهن وسيلي مختلف لفظن/ علامتن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري بيهاري سگهجي ٿو.
(2) سنڌو لکت جو ٻيو گڻ هي آهي ته هن ۾ اڪيلي علامتي نشانين يا علامتي نشانين جي ٻولي کي ٻاهران گول يا ڏنگيون ڏنل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن مان شايد اهو پڌرو ڪرڻ مراد هو ته ڏنگين اندر ڏنل لفظ اسم خاص آهي.
(3) سنڌو لکت جي ٽين اهم ۽ خاص خوبي هي ڄاڻائي وئي آهي ته وينجنن جي علامتي نشانيءَ ۾ هڪ يا وڌيڪ چنهنبون (اعرابون، ليڪون) ڏئي سر (Vowel)آواز هجڻ جو اشارو ڏنو ويو. برهمي ۾ به اهو گڻ قائم رهيو، جيڪو هن سنڌو لکت کان ورتو هو.
سنڌو لکت جي حوالي سان هڪ مغربي ماهر ۽ محقق جي. آر هنٽر جي راءِ هن ريت آهي ته: “سنڌو لکت سمير واري لکت کان وڌيڪ ايلام واري لکت سان ويجهي آهي، ڇو ته ٻنهي لکتن ۾ ڪافي ويجهڙائي نظر اچي ٿي. بلوچستان ۽ ايلام جي جاگرافيائي ويجهڙائيءَ سبب اها راءِ وڌيڪ وزندار نظر اچي ٿي. جڏهن ته جمروت نصر واري دور وٽ پهچڻ تائين سنڌو لکت ۽ سمير لکت جي وچ ۾ هڪجهڙائي جو پتو ڪو نه ٿو پوي.”
مسٽر جي. آر. هنٽر جي ان راءِ جي تائيد ڪندي پروفيسر لئنگڊن جو خيال هو ته: 3500 ق. م واري سنڌو لکت، ايلامي لکت جي ايتري ويجهي آهي جو شڪ پوي ٿو ته شايد ٻنهي جو بڻ بڻياد ساڳيو هجي. خود سنڌو لکت جي تحرير مان به ان ڳالهه جي تائيد ملي ٿي.
هنٽر، پنهنجي تحقيق ۾ سنڌو لکت متعلق هن نقطي تي زور ڏيندي لکي ٿو ته: سنڌو لکت جيڪي علامتي نشانيون ميسوپوٽيميا تان ورتيون سي ان دور ۾ ورتيون جڏهن سميري ۽ ايلامي لکت اڃا جدا ڪونه ٿيون هيون. ممڪن آهي ته هنن ٽنهي لکتن جو بڻ بڻياد ساڳيو هجي ۽ سنڌو لکت ۾ جيڪي مصري علامتي نشانيون آهن، سي سنڌو لکت، مصري لکت تان اڌاريون ورتيون هجن. اهو به امڪان آهي ته هنن چئني قديم لکتن جو هڪ ئي بڻ بڻياد هجي.
هنٽر 1934ع ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب ‘The Scripts of Harappa and Mohen jo Daro and Its Connection With Other Scripts’ ۾ ڄاڻايو آهي ته “برهمي، سامي، قبرصي ۽ فونيقي لکتن وارن علائقن جي هڪ حصي جي لکت قديم سنڌو لکت تان ورتل آهي. پوين ٽنهي علائقن جي لکت قديم سنڌو لکت تان ورتل آهي. انهن ٽنهي علائقن ۾ سنڌو لکت جو رواج واپاري اچ وڃ ڪري پيو. ڇو ته ان زماني ۾ موهن جي دڙي جا واپاري عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ مان هاڪاري ميڊيٽرين سمنڊ ۾وڃي پهچندا هئا.”
هنٽر، سنڌو لکت بابت تحقيق وسيلي ان نتيجي تي پهتو ته سنڌو لکت جو هڪ پاسي مصر، ته ٻئي پاسي سمير ۽ ايلام جي لکتن سان تعلق هو.
هن لکيو آهي ته هن لکت ۾ هيءَ ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته الف- ب جا کليل ۽ بند پد (Open and Closed Syllabus) ڳڻڻ ۾ اٽڪل اڍائي سو کن ٿيندا. انهن مان گهڻا اهڙا به آهن، جيڪي گڏجي مڪمل لفظ بڻجي پون ٿا. هن لکت جي کليل پدن (Open Syllabus) مان برهمي لکت جي وڏي ڀاڱي جو بڻ بڻياد به سنڌو لکت جا هي کليل پد بڻيا. ان ڳالهه جو به امڪان ٿو ڏسجي ته فونيقي ۽ قبرصي لکت به سنڌو لکت جي سڌريل صورت آهي. ڇاڪاڻ ته سيناءِ واري سمنڊ ۽ سويز واري ڳچ ڌرتي اهڙي هئي، جتي سنڌي، فونيقي ۽ قبرصي ماڻهو اچي پاڻ ۾ ملندا هئا. هنٽر ان ڳالهه جي واضح مخالفت ڪئي آهي ته سنڌو لکت جا سرجڻهار ڪي آريا هئا. هن جي راءِ موجب ته هيءَ لکت آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ موجود هئي ۽ آرين کان اڳ هتي (سنڌو تهذيب جي خطي) ۾ دراوڙ موجود هئا.
هنٽر، موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي دڙن تي ۽ لکت وارين لڌل شين تي تحقيق ڪرڻ کانپوءِ ڄاڻايو ته سنڌو سڀيتا هڪ نجي آجي سڀيتا آهي، جنهن تي ٻيءَ ڪنهن به سڀيتا جو ڪو اثر ڪو نه آهي. هن ڳالهه جو چٽو ۽ پڪو ثبوت اهو آهي ته هزارين سال پراڻي سنڌو تهذيب جي ماڻهن وٽ علم ۽ پنهنجي ٻولي هئي ۽ کين لکڻ جي ڄاڻ پڻ هئي.
سنڌو لکت بابت هنٽر جا بيان ڪيل اهم نقطا هيٺينءَ ريت آهن:
(1) سنڌو لکت صوتي (Phonetic) آهي.
(2) هن جو بڻ بڻياد تصويري ۽ تصوري آهي.
(3) هيءَ لکت 3000 ق. م کان به گهڻو آڳاٽي آهي. ڇاڪاڻ ته ان قديم زماني واري لکت جون گهڻيون علامتي نشانيون ڪنهن پراڻي/ آڳاٽي رسم ۽ رواج ڏانهن اشارو ڪن ٿيون.
(4) انهن علامتي نشانين جي سمير ۽ قديم ايلام جي علامتي نشانين سان ويجهڙائي ڏسجي ٿي.
هنٽر جي راين مان اهو چٽيءَ ريت ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو لکت هڪ پدي (Mono syllabus) آهي، تنهنڪري اها نه ته سنسڪرت مان نڪتل آهي ۽ نه وري سامي ٻوليءَ سان ان جو ڪو لاڳاپو آهي، پر هن لکت جو سمير، مصر، سافا، اٿوپيا ۽ قديم ايلامي لکت سان ڳانڍاپو رهيو آهي. مجموعي طور جي. آر هنٽر سنڌو لکت کي پروٽو انڊين (Proto-Indian) ڪري ڄاڻايو آهي.
قبرصي (Cypriatic) ۽ سنڌو لکت جي ڀيٽ مان پتو پوي ٿو ته قبرصي لکت ۾ ڪي اهڙيون علامتي نشانيون آهن، جيڪي سنڌو- لکت جي علامتي نشانين سان هڪجهڙائي رکن ٿيون، پر سنڌو لکت جي علامتي نشانين جو صوتي مُلهه، جيڪو برهمي ۽ سامي ٻولين جي لکت جي ناتي سان معلوم ٿيو آهي، اهو قبرصي لکت جي علامتي نشانين جي ملهه سان ميل ڪونه ٿو کائي. جيڪڏهن انهن ٻنهي لکتن وچ ۾ ڪو لاڳاپو رهيو هوندو ته اهو فقط سنڌو لکت جي صوتي- لکت (Phonetic Script) بڻجڻ کان اڳ ٿيو هوندو.
هن لکت کي ساڄي کان کاٻي پاسي پڙهي سگهجي ٿو، پر ڪڏهن کاٻي کان ساڄي طرف به، ڪجهه ٺڪرن تي وري اهڙي لکت به ملي آهي، جيڪا هڪ پاسي ساڄي کان کاٻي طرف ۽ ٻئي پاسي کاٻي کان ساڄي طرف لکيل ٿي ڏسجي.
پوئين دور مان مليل مثالن ۾ ٻوليءَ بابت علامتي نشانيون ڪن جاين تي ابتيون به لکيل ڏسڻ ۾ آيون آهن، پر اهو طريقو عام نظر ڪونه ٿو اچي.
سنڌو لکت جي اهميت تي ابتين علامتي نشانين جو ڪو به اثر ڪو نه ٿو پوي. اهڙي لکت جانورن جي اُڪريل شڪلين جي ٻئي پاسي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جهڙي ريت قبرصي ٻوليءَ جي لکت ۾ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ اُڪريل انساني شڪلين جو منهن، لکت جي علامتي نشانين ڏانهن آهي.
خاص بيهڪن جي حوالي سان سنڌو لکت جي علامتي نشانين ۾ لکت ۾ قاعدو، ضابطو ۽ پابندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، خاص طور تي نشانيون هي آهن:
(الف) سنڌو لکت ۾ انگن واريون نشانيون (Numeral Signs) ڏسجن ٿيون.
(ب) هن لکت ۾ توصيفي پڇاڙيون (Ordinal Suffix) موجود آهن.
(ٻ) ٻانهي (Slave) لاءِ ڪتب آيل لفظ ۽ ان جي قطعي پڇاڙيءَ بابت ڪي علامتون ملن ٿيون ۽ ’ٻانهي‘ ڏانهن اشارو ڪندڙ لفظ موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
(ٽ) اسم مفعول يا اسم جون پڇاڙيون (Abladine Suffixes) ڏسجن ٿيون.
(ث) اسم جي ظرفي حالت جون پڇاڙيون (Dative Suffixes) پڻ موجود ٿيون ڏسجن.
اهڙيءَ ريت سڪن تي به اهي ساڳيا نالا موجود آهن، جيڪي قديم مهرن (Seals)، مڃتا يا باس جي ٽڪين ۽ رسيدن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر جيئن مهرن ۽ باس وارين ٽڪين تي منسوب ڪرڻ واري تمهيدي لکت ملي ٿي، تيئن هنن تي اسم مفعول يا اسم جون پڇاڙيون ڪونه ٿيون ڏسجن.