سنڌو ماٿريءَ جي لکت جو اڀياس
سنڌو ماٿريءَ جي لکت جو اڀياس (ڪتاب): سنڌو ماٿريءَ جي لکت بابت جان. اي مچينر جي ڪتاب Study of Indus Valley Script جو سنڌي ترجمو، نامور مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ صوبائي وزير انفرميشن ۽ آرڪائيوز انجنيئر محمد رفيق مغل، سيڪريٽري انفرميشن آرڪائيوز قاضي شاهد پرويز ۽ جنرل ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ جا نوٽ ڏنا ويا آهن. مهاڳ عطا محمد ڀنڀري جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته سنڌو لکت (Indus Script) اٽڪل 4000 ق. م قديم آهي. مصر جي هيرو گلافي لکت 4000 ق. م ۽ 3000 جي وچ واري عرصي سان تعلق رکي ٿي، جڏهن ته ميسوپوٽيما جي سميري ’ڪيونيفارم‘ لکت جو 3200 ق. م ۽ 3000 ق. م جي وچ واري زماني سان واسطو آهي. مصر جي ’هيرو گلافي‘ ۽ سمير جي ’ڪيونيفارم‘ لکتون، آخري وقت تائين تصويري (Pictographic) رهيون آهن، پر سنڌو لکت 4000 ق. م کان وٺي تصويري (Ideographic) لکت آهي. امڪان آهي ته ان جي تصويري (Pictographic) مرحلي وارو تهه، موهن جي دڙي هيٺان جر جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل هجي. هيءَ لکت قديم آثارن جي روسي ماهر ڪئسل (Cassal) کي سنڌ جي قديم ماڳ آمريءَ جي تهه مان هٿ لڳي هئي، جنهن جي قدامت اٽڪل 4000 ق. م هئي. ان کان اٽڪل 30,32 سال اڳ، ان لکت جون مهرون قديم آثارن جي ماهرن ڊڪشت ۽ جان مارشل کي موهن جي دڙي مان مليون هيون. ان جي هڪ مهر سر اليگزينڊر ڪننگهام کي (1887) هڙاپا مان به ملي هئي. هن اهو به ڄاڻايو آهي ته سنڌو لکت جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ سڀ کان پهريون مڪمل ڪتاب اي. واڊيل (1925ع) لکيو هو، جيڪو ان زماني ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ ٻولين جو استاد هو، وٽس فقط 19 مهرون هيون، جن جي آڌار تي هن پنهنجو تحقيقي ڪم پورو ڪري ورتو هو، ان کان پوءِ جي. آر هنٽر سنڌو لکت جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. سندس خيال هو ته سمير وارن سنڌو لکت تان گهڻو استفادو ڪيو آهي. ايڇ. اي مچينر، آسڪو پريولا ۽ ٻين وانگر هن خيال جو قائل آهي ته سنڌو لکت تصويري آهي ۽ هن انهيءَ نظرئي کي آڏو رکي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو. سندس انداز بيان ڏاڍو سولو، سهنجو ۽ عام فهم آهي.
هي ڪتاب اٺن بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ سنڌو لکت جي اڀياس، ستن مٿانهن ماڳن، مختلف نشانين جي مچلن، دلمون، ماگان، سيلوها، لکتن جي گرامر موجب شڪل وغيره تي بحث ڪندي باب اٺين ۾ نتيجو ڪڍيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 136 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هي ڪتاب سنڌ آرڪائيوز کاتي ڪراچيءَ، 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 200 رپيا آهي.