
سنڌو ماٿريءَ وارن جون ايجادون

سنڌو ماٿريءَ وارن جون ايجادون
سنڌو ماٿريءَ وارن جون ايجادون: سنڌو ماٿريءَ جي پنج هزار پراڻي سڀيتا ۾ جتي شھري رٿابندي، گهرن جي اڏاوت، پاڻيءَ جي نيڪال، مختلف هنرن ۽ فنن بابت آثار قديمہ جي ماهرن گهڻو لکيو آهي، اتي اها ڳالھہ بہ معلوم ٿيڻ گهرجي تہ قديم سنڌ جي ماڻهن ڪهڙيون نيون شيون ڳولي هٿ ڪيون يا پاڻ ايجاد ڪيون. ان ڏس ۾ اڀياس ڪرڻ سان هيٺين شين جو ڏس ملي ٿو: بٽڻ يا ٻيڙا: ڪپڙن، ٿيلهن ۽ ٻين شين ۾ ٻيڙا يا بٽڻ لڳايا ويندا آهن، جن جو هڪ عملي ڪارج هوندو آهي تہ اهي ڪنهن کليل منهن کي بند ڪرڻ يا خوبصورتيءَ لاءِ هنيا ويندا آهن. ماهرن جو خيال آهي تہ 2000 ق. م ۾ سنڌ جي ماڻهن بٽڻن جو استعمال شروع ڪيو، جيڪي ڪوڏن ۽ موتين مان ٺاهيا ويندا هئا. انهن بٽڻن ۾ مختلف جاميٽريءَ واريون شڪليون (گول، چورس، مستطيل) ملن ٿيون. هنن بٽڻن جي وچان سوراخ ٺهيل آهي، جنهن مان ڌاڳو لنگهائي ڪپڙي وغيرہ تي انهن کي ٽانڪي سگهجي ٿو. آئن ميڪينل (Ian Mc Neil) نالي ماهر جو چوڻ آهي تہ اها بٽڻ جي پراڻي ۾ پراڻي موجودگي موهن جي دڙي مان ثابت ٿئي ٿي. رولر يا فٽ پٽي: سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو وقت، ڊيگهہ ۽ حجم ماپڻ ۾ پڻ اڳڀرا رهيا آهن. هڪ آثار قديمہ جي ماهر کي ميسوپوٽيميا مان 2650 قبل مسيح جي هڪ ٽامي جي پٽي ملي هئي، جنهن کي هن ماپ جي پٽي سڏيو هو. سنڌو تھذيب مان عاج جون ٺهيل ماپ ڪرڻ جون پٽيون لڌيون آهن، جيڪي 1500 ق. م کان اڳ جون آهن. البت لوٿل مان (2400 ق. م) هڪ رولر 1/16 انچ برابر (2 ملي ميٽرن کان ٿورو گهٽ) لڌو ويو آهي. موهن جي دڙي مان لڌل ماپ پٽيءَ 1.32 انچن جي ايڪن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ ڏهائيءَ جي حساب سان وڌيڪ ورهاست ٿيل آهي، جنهن ۾ ننڍي ۾ ننڍو ايڪو انچ جو 0.005 حصو آهي. اڏاوت ۾ استعمال ٿيل سرن ۾ بہ ماپ جو حساب ڪتاب اهڙيءَ ريت پورو آهي. ڏاڪن وارا کوھہ (Step wells): موهن جي دڙي ۽ لوٿل ۾ ڏاڪڻين وارا اهڙا کوھہ ۽ پاڻيءَ جا تلاءَ ملن ٿا، جھڙا دنيا ۾ ٻيو ڪٿي بہ ڪونهن. بعد ۾ ڀارت جي ٻوڌي ۽ جين ڌرم وارن اهڙا ساڳيا ڏاڪڻن وارا کوھہ ٺهرايا، جن جي ڌرمي اهميت هئي. ڏندن جي کوٽائيءَ واري سيراهي (Dental Drill): ڏندن جي کوٽائي، صفائي ۽ ڀرائيءَ (filling) لاءِ ڊرل جي ايجاد سڀ کان اول سنڌو تھذيب جي مهرڳڙھہ ماڳ (7000 سال اڳ) تي ثابت ٿئي ٿي، جتان ماڻهن جا اهڙا ڍانچا مليا آهن، جن جي ڏندن ۾ کوٽائي ٿيل آهي ۽ ڏند/ ڏاٺ ۾ 3.5 ملي ميٽر گهرو سوراخ ڪيل آهي، جيڪو ضرور ڪنهن اهڙي اوزار سان ٿيو هوندو، جهڙو بٽڻن ۽ موتين ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ ڪم آندو هوندائون. ڪمانيءَ واري ڊرل (Bowdrill) يا سيراهيءَ جو مهرڳڙھہ ۾ استعمال 5 کان 4 هزار ق. م ۾ ثابت ٿئي ٿو. اهڙيون سيراهيون بعد ۾ سنڌو ماٿريءَ جي ٻين هنڌن تان بہ لڌيون آهن. بچاءَ بند/ پشتا (Levees): دنيا ۾ سڀ کان آڳاٽا بچاءَ بند يا مصنوعي پشتا سنڌوءَ تي 5000 سال اڳ سنڌو سڀيتا ۾ ٺهيل ملن ٿا، جنهن جو دارومدار زراعت تي هو، ان کانپوءِ 3000 سال اڳ مصر ۾ پڻ اهڙا بچاءَ بند مليا آهن. ميسوپوٽيميا ۽ چين ۾ بہ اهي ملن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي تہ قديم تهذيبن ۾ انهن جو ملڻ ثابت ڪري ٿو تہ انهن جو انتظام باقاعدي ڪنهن طريقي ڪار موجب اختيارين طرفان ڪيو ويو هوندو ۽ انهن لاءِ انجنيئرنگ جي ڄاڻ بيحد ضروري هوندي آهي. ان لحاظ کان انهيءَ سائنس جو بنياد بہ سنڌو ماٿريءَ ۾ پيل ٿو ڀانئجي. هر (Plough): جانورن ذريعي هر هلائڻ جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو لڌل اهڃاڻ سنڌو ماٿريءَ مان مليو آهي. لکڻ جو هنر: سنڌو تھذيب دنيا جي انهن آڳاٽين تهذيبن مان آهي، جنهن لکڻ جو يا تحرير جو فن ايجاد ڪيو ۽ باقاعدي رسم الخط جوڙي لکڻ جي ابتدا ڪئي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ هتي ڪاتب يا خوشخطي ڪندڙ (scribes) پڻ هوندا، جيڪي ان فن ۾ مهارت رکندا هوندا. جهازراني: ميسوپوٽيميا جي دور دراز بندرن تائين سنڌو ماٿريءَ جي واپاري وٿن جو وڃڻ ۽ سامونڊي سفر ثابت ڪري ٿو تہ هتان جا ماڻهو جهازرانيءَ جا بہ آڳاٽا موجد هئا. سنڌو تھذيب جي مکيہ شهرن (موهن جي دڙي ۽ هڙپا) جي پلاننگ ۽ اڏاوت، پاڻيءَ جو نيڪال (drainage)، گهرن ۾ هوا جو رخ (ventilation)، هڪ ماڙ يا ٻہ ماڙ جايون، ٽائون پلاننگ ۽ سول انجنيئرنگ جا مثال آهن، هنرمندن جا هنر ۽ فنڪارن جا فن سندن تخليقي صلاحيتن جا امين آهن، جن لاءِ سنڌو لوڪ پنھنجي ذهني صلاحيتن ۽ ڏات جو استعمال ڪري دنيا جي سڀ کان آڳاٽن سڌريل لوڪن ۾ شامل ٿيا.