
سنڌو ماٿر جي سڀيتا
سنڌو ماٿر جي سڀيتا (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري آثارِ قديمہ جي ماهر محمد ادريس صديقي جو تحرير ڪيل آهي، جنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب تمدن جي موضوع تي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو شمس سرڪيءَ ڪيو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي قديم آثارن، کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل قديم تمدن ۽ ثقافتي علامتن ۽ اهڃاڻن جي مد ۾ تحقيق ۽ تصنيف جو عملي ۽ ادبي خزانو آهي، جنهن ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، چانهون جي دڙي، ست ڪاجن جي دڙي، علي مراد، ڪوٽ آمري، دبر ڪوٽ ۽ مختلف ماڳ مڪانن جي کوٽائيءَ مان حاصل ڪيل شين، اوزارن، هٿيارن، رانديڪن، ٺڪرن، ڌاتن مان ٺهيل مختلف شين، زيورن ۽ مڻين، مورتين ۽ بتن، سنگتراشيءَ جي سامان، عمارتسازي وغيرہ جي ڪيترين ئي حڪمت عملين مان انومان ڪڍي، تحقيق ذريعي اها ڳالھہ پڌري ڪئي وئي آهي تہ سنڌو ماٿري 5000 سال پراڻي شاهڪار تھذيب رهي آهي، جيڪا زندگيءَ جي هر شعبي، هنر ۽ حڪمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي ۽ سندس تعلقات همعصر تهذيبن جھڙوڪ: ميسوپوٽيميا جي تهذيب، بابلين تهذيب، اسيرين ۽ سميرين تهذيب، مصر، ايران ۽ عراق جي تهذيبن سان گهڻا ۽ گهاٽا هئا. هتي جا رهواسي علم ادب، فن، هنر، تجارت، مذهب، زراعت، عمارت سازي، سنگتراشي ۽ ڪيترن ئي اعلى قسم جي ثقافتي ۽ نظرياتي خيالن ۽ ڪارنامن کان چڱي طرح واقف هئا.
هن ڪتاب جو تعارف ان وقت جي ڊاڪٽر فضل احمد خان ڊائريڪٽر محڪمه آثار قديمہ پاڪستان جو لکيل آهي، جنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تھذيب ۽ ان جي مختلف ماڳن مڪانن جي کوٽائيءَ کانپوءِ ظاهر ٿيل تمدن جي عظمت بابت انڪشاف آهي. ’پيش لفظ‘ محمد ادريس صديقيءَ خود لکيو آهي، جنهن ۾ سندس تحقيقات بابت ويچار ظاهر ڪيل آهن. ڪتاب ۾ نقشا، خاڪا ۽ تصويرون بہ شامل آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشوري طرفان شايع ڪيو ويو. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 208 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو شمارو 1995ع ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.