سنڌيءَ جا نثري داستان

سنڌيءَ جا نثري داستان

سنڌيءَ جا نثري داستان

سنڌيءَ جا نثري داستان (ڪتاب): هي ڊاڪٽر قاضي خادم جي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ پيش ڪيل تحقيقي ۽ تنقيدي مقالي تي مشتمل ڪتاب آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر صاحب پنهنجن پيارن دوستن- قاضي غلام حيدر مرحوم ۽ قاضي شوڪت مرحوم جي نالي منسوب ڪيو آهي، جن هن ٿيسز جي سلسلي ۾ سندس وڏي مدد ڪئي هئي. ڪتاب جي ابتدا ۾ قاضي صاحب اهي سڀ ماخذ ۽ ذريعا بيان ڪيا آهن، جن مان هن تحقيقي ڪتاب جي تياريءَ لاءِ مدد ورتي هئي. ان کانپوءِ پيش لفظ ۾ ڊاڪٽر صاحب داستان گوئيءَ جي فن تي روشني وڌي آهي ۽ ٻُڌايو آهي ته داستان گوئي دنيا جي تهذيب يافته قومن جو عظيم ورثو آهي. چيني، فرينچ، انگريزي، جرمني، عربي، فارسي ۽ هندي ادب ۾ هن صنف تي تحقيق ٿي رهي آهي. ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪافي وقت کان وٺي اهڙا داستان مروج رهيا آهن، جيڪي يا ته عربي، فارسي ۽ هنديءَ تان ترجمو ٿي سنڌي ٻوليءَ جي زينت بڻيا، يا وري انهن جا بنياد سنڌ جي تاريخ ۾ کُتل آهن. انهن ٻنهي قسم جي داستانن ۾ انسان لاءِ اخلاق، جدوجهد، انسانيت ۽ شرافت جا درس ڏنل آهن. ليڪن گذريل اڌ صديءَ کان اهي داستان آهستي آهستي گم ٿيندا پيا وڃن. صرف لوڪ ادب اسڪيم هيٺ لوڪ ڪهاڻين سان گڏ سنڌ جي نيم تاريخي قصن جي روايتن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته مون هڪ شاگرد ۽ استاد جي حيثيت سان محسوس ڪيو ته هن اهم ادبي صنف تي ڪنهن قلم کڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته مستقبل ۾ هي صنف مورڳو ختم ٿي نه وڃي. ان کانسواءِ مون کي اهو به پختو يقين آهي ته داستان ئي واحد صنف آهي، جيڪا اسان جي ادب توڙي سماج جو ماضيءَ سان ڳانڍاپي جو هڪ نهايت اهم ذريعو آهي.
اهي ڳالهيون محسوس ڪري ڊاڪٽر قاضي خادم، ’سنڌ جي نثري داستانن جو تنقيدي مطالعو‘ عنوان هيٺ سنڌ جي عظيم اسڪالر ۽ عالم پروفيسر علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ هيٺ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ٿيسز مڪمل ڪئي.
هن ڪتاب کي پنجن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين باب ۾ داستانن جي قدامت بيان ڪئي وئي آهي، جنهن جا ذيلي عنوان: قديم دور ۾ انسان، لوڪ ڪهاڻين جو ارتقائي جائزو، داستان جي ارتقا، حڪايتون (بي جان جانورن ۽ پکين جا ڪردار)، جاتڪ، پنج تنتر ۽ سنڌي داستان آهن. باب ٻيو، ’داستان جي فن‘ بابت آهي، جنهن ۾ حڪايتون، پلاٽ، ضمني ڪهاڻيون، مافوق الفطرت، قصه در قصه ڪردار، اخلاقي پهلو، منظرنگاري ۽ ٻولي عنوان شامل ڪيا ويا آهن. باب ٽيون سنڌي داستان عنوان سان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ سسئي پنهون کان پوءِ مورڙي ۽ مانگر مڇ، ڍول مارو، عمر مارئي، دودي چنيسر، ليلان چنيسر، مومل راڻي، موکي متارن، سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي، سهڻي ميهار، دولهه دريا خان ۽ همون راٺوڙ، مري ۽ مڱٿر، اوڍي ڪيهر ۽ گل پري نڱامري، ڦل وڌئي ۽ ڀوري، لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻي، بوبنا ۽ ڄام جراڙ ۽ مير باگي ۽ سنڌ راڻيءَ بابت تفصيل ڏنا ويا آهن. باب چوٿون ’سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل اهم داستانن‘ تي مشتمل آهي، جن ۾ امير حمزو، الف ليليٰ، سيف الملوڪ، گل شاهه گلاب پري، جهاندار شاهه آرامدل، بهرام گور، طوطو مينا، ممتاز دمساز، گلشن بهار، حاتم طائي، گل خندان، گل بڪاولي، طوطينامو، گل صنوبر، شهزادو گل منير ۽ چار درويش جا داستان شامل آهن. باب پنجين جو عنوان ’ڪي ٻاهريان عشقيه داستان‘ آهي، جنهن هيٺ يوسف زليخا، شيرين فرهاد، مل محمود ۽ مهرنگار، ليليٰ مجنون، ڪامين ۽ ڪامروپ، هير رانجهي، جمجما سلطان، سڪندر بادشاهه، خدا دوست جي قصي، حضرت سليمان ۽ بيبي بلقيس جو ذڪر آهي. هن کانپوءِ حوالا، داستانن جي زوال جا سبب، نقشا ۽ چارٽ، نتيجا ۽ ببليوگرافي ڏني وئي آهي.
ڊيمي سائيز جي 313 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب انڊس پبليڪيشنز ڪراچيءَ جي صفدر مهديءَ، 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 240 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو